ORAN UHOAI THIYO





































پليجو صاحب ڪنهن ڏاهي جي اها ڳالهه هميشه حوالي طور ڪندو آهي ته ”ڪامريڊ لينن 1917ع وارو عظيم پورهيت انقلاب نه آڻي ها ۽ بند ڪمري ۾ ويهي رڳو سندس تحريرن تي مشتمل اهي چونجها جلد لکي ها تڏهن به هن جو شمار دنيا جي چند عظيم ترين هستين ۾ ٿئي ها. پر جيڪڏهن هو هڪڙو اکر به نه لکي ها ۽ رڳو 1917ع وارو عظيم پورهيت انقلاب آڻي ها تڏهن به هو انساني تاريخ جي چند عظيم ترين هستين مان هڪ هجي ها.“
مون اڄ جڏهن ادي زاهده شيخ جي ڪتاب ”اورڻ اهو ئي ٿيو“ جا پورا ساڌا پنج سئو کان وڌيڪ صفحا پڙهي پورا ڪيا آهن تڏهن مٿئين ساڳي ڳالهه منهنجي ذهن تي هينئن تري آئي آهي ته ، ادي زاهده شيخ ساه جي سڳي ٽٽڻ تائين جيڪي جدوجهدون ڪيون، لانگ مارچن ۾ پير پٿون ڪيا، مظاهرن ۾ پر جوش نعرا هنيا، جلسن کي سقراط جي لهجي ۾ خطاب ڪيا، سڄي سنڌ يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ”فڪر پليجو“ جو پيغام ڦهلائڻ لاءِ اڙانگا پنڌ ڪيا، سنڌياڻين جي تعليم ۽ تربيت ڪئي، انقلابي ساٿين جي مرڪزي اجهي ( ڊي ٽين پليجو هائوس) جا انتظام سنڀاليا ۽ جيئن پنهنجي وڙائتي ورجي صحت ۽ سرگرمين کي سنڀالي پورهيت سنڌي عوام تي عظيم احسان ڪيو انهن مان ڪجهه به نه ڪري ها پر رڳو ”اورڻ اهو ئي ٿيو“ جهڙو گهڻ موضوعاتي ۽ ضخيم ڪتاب لکي ڇڏي ها تڏهن به ادي زاهده جو نالو سنڌ جي تمام ٿورڙين بهادر، وفادار، نظرياتي ۽ سڄاڻ سورمين ۾ لکيو وڃي ها، بلڪل ساڳي ريت ادي هڪڙو اکر به نه لکي ها ۽ هن سڄي ڄمار جدوجهدن جي ميدان ۾ جيڪا ثابت قدمي ڏيکاري رڳو اها ئي ڏيکاري ها تڏهن به سنڌ جي سورمين ۾ سندس نالو سرِفهرست لکيو وڃي ها. پر اسانجي هن ادي ته پنهنجي متحرڪ قومي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ قلمي پورهيو به ايڏي ذميواري سان سرانجام ڏنو، جو اڄ سندس نهايت ئي ڪارائتو ۽ هنئين سان هنڊائڻ جهڙو هي ڪتاب ”اورڻ اهو ئي ٿيو“ اسانجي اکين اڳيان آهي. هن ڪتاب جي ڪٿا ڪجهه هن طرح آهي جو ادي زاهده مختلف وقتن تي ڇپيل پنهنجن مضمونن، ڪهاڻين، ترجمن، سوانحي خاڪن، يادگيرين ۽ سفرنامن کي سهيڙي انهن کي پاڻ ڪمپوز ڪرايو، پاڻ پروف ڏٺا ۽ پاڻ ئي پيج سيٽنگ ڪرائي. سندس زندگي جي آخري هفتي ۾ جڏهن منهنجي ساڻس آخري ملاقات ٿي تڏهن بيحد خوشي ۽ اطمينان واري ڪيفيت اندر پليجي صاحب جي ڪمري ۾ ڪچهري دوران مونکي چيائين ته ، ”منهنجو ڪتاب اشاعت ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي. انجا جيڪي ٻه ڪم مون اوهان تي ڇڏيا آهن انهن ۾ ڪتاب جو نالو تجويز ڪرڻ لاءِ مشورو ڏيڻ ۽ ڪتاب جو مهاڳ لکڻ شامل آهن، اهي ٻئي ڪم جلدي ڪري ڏيو.“
مون کانئس ڪتاب جي ڪاپي گهري ته ، چيائين، ”ڪتاب جو پرنٽ ڪڍائي ڪتاب جي هارڊ ڪاپي اوهانکي جلدي موڪلينديس.“
گذريل هفتي پياري راحيل ڀُٽي جي هٿان موڪليل اهو ڪتاب جڏهن مونکي مليو تڏهن مون لڙڪن هاڻين اکين سان اهو ڪتاب ڏسندي چپن ئي چپن ۾ چيو ته ، اي منهنجي سورمي ڀيڻ !! توکي اسانکان وڇڙي وڃڻ جي اهڙي تڪڙ ڇو هئي؟ جو پنهنجو هي ڪتاب اکين سان ڏسڻ ته پري جي ڳالهه پر رڳو مونکي موڪلڻ ئي وساري وئين. 
اڙي موت ميار ! ايڏو ساڙ سڳنڌ سان.
ادي جي اوچتي ۽ ڪمهلي وڇوڙي جو درد اڃا جڏهن سڄي سنڌ ۾ تعذيتي تڏي وانگر وڇايل آهي، تڏهن سندس هن ڪتاب جو اکر اکر منهنجي اکين مان لڙڪ لڙڪ ٿي ڇڻڻ ٿو چاهي ۽ آئون آهيان، جيڪو لطيف جا شاعراڻا لفظ اچاريان ويٺو ته : 
وڌو مَ وڻان، اوچا ڏونگر مَ ٿيو
ٽمو مَ نيڻان، ته پير نهاريان پنهون جو.
ڪتاب جي نالي مان ئي واضح آهي ته هن لاءِ سڄي ڄمار ”اورڻ اهو ئي ٿيو“ جيڪو پهرين ڏينهن کيس نظرياتي سبق جي صورت ۾ پڙهايو ويو هو ۽ اها فڪري ڦرهي ” فڪر پليجو “ جي ان سبق تي مشتمل هئي. جيڪو پڙهڻ کانپوءِ هر سچي ۽ وفادار ماڻهو جي وجود ۾ لطيف سائين جو هي بيت زندگي جي آخري ساهه تائين دل سان گڏ ڌڙڪندو آهي ته : 
پاٻوهي هيڪار، مُنهان سڏيو سڄڻين
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
ان فڪري ۽ نظرياتي تربيت جو ئي ڪمال آهي، جو ادي زاهده جي هن ڪتاب ۾ شامل ”بابا“ ڪهاڻي ئي اها آهي جيڪا جرڳائي نظام جي نتيجي ۾ سڱ چٽي جي جهنم حوالي ٿيندڙ هڪڙي نياڻي جو اهڙو نوحو آهي. جيڪا پڙهڻ کانپوءِ ماڻهو جي دل ڀرجيو اچي:ـ 
دل هي تو هي نه سنگ وخشت، درد سي بهرنه آئي کيون
روئين گي هم هزار بار، کوئي همين رلائي کيون
سلوڻي ۽ سادي ٻولي ۾ اردو مان ترجمو ڪيل هن ڪهاڻي ” بابا “ سان گڏ سندس اصلوڪين ڪهاڻين ”ڪاري“، ”اهڙو ڏينهن ضرور ايندو“، ”ڪتي“ ۽ ”ڪاڻو“ تائين ”ادي زاهده جون سڀ ڪهاڻيون خيال، ٻولي ۽ مقصد جي لحاظ کان سندس تخليقي سگهه ۽ نظرياتي چٽائي جون گواهه آهن. 
افسانوي ادب جهڙي دلچسپ موضوع سان گڏ ادي زاهده جي تحريرن جو ڪميت انهن مشڪل موضوعن جي سر زمين تي به رَئي اڏائيندو ٿو وڃي جن ۾ عربي زبان جي هاڪاري شاعر ”ابو نراس حسن ابن هاني“ کان قديم دور جي يوناني ڊرامانويس ”ايسڪائيلس“ سميت دنيا جي جنگجو فاتحن ۽ شهنشاهن تائين ڪيترن ئي ماڻهن جا سوانحي خاڪا، محمد علي جناح کان چي گويرا ۽ ڪارل مارڪس کان جيني تائين ڪيترين ئي مثالي شخصيتن جو احوال، ملڪي ۽ عالمي صورتحال متعلق تجزياتي ڪالم ۽ مختلف تحريڪن جا تذڪرا شامل آهن. 
هن ڪتاب جي انفراديت اها آهي جو ان ۾ ڪابه اهڙي ڪهاڻي، سوانحي خاڪو، ڪالم يا مضمون شامل ناهي، جيڪو بي مقصد ۽ ادي زاهده شيخ جي نظرئي کان مختلف هجي، جيڪي ماڻهو ان خيال جا پرچارڪ آهن، ته ادب ۾ ڪو نظريو ناهي هوندو. انهن کي هي ڪتاب پڙهي معلوم ٿيندو، ته ڪنهن نظرئي کانسواءِ اهڙو اثرائتو ادب ڪيئن ٿو تخليق ڪري سگهجي؟ جهڙو ادي زاهده شيخ جي هن ڪتاب ۾ موجود آهي. 
مثال جي طور تي: 
”هاڻي ته جڏهن به واٽر تي ڪپڙا ڌوئڻ ويندي آهيان ته اتي لڪ ـ چپ ۾ اهي ڇو ڪريون مون سان به ملنديون آهن ۽ منهنجون ساهڙيون بڻجي ويون آهن انهن جي ڳالهين ٻڌڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ مونکي چاچي وارن ۽ وڏيري کان سخت نفرت ٿي وئي آهي.“ ڪهاڻي ” اهڙو ڏينهن ضرور ايندو “.
ضمير متڪلم ۾ لکيل هن ڪهاڻي ۾ طبقاتي ڦرلٽ واري گهاڻي جي مکيه ڪردار بڻيل ان وڏيري کان نفرت جو اظهار ٿيل آهي. جيڪو صدين کان سنڌي عوام لاءِ بک، بدحالي، بدامني، غلامي ۽ قومي ذلت جو باعث بڻيل آهي. اهڙي ڪوڙهيل وڏيرڪي نظام کان عوامي سطح تي اڳواٽ موجود نفرت ۾ شدت آڻڻ لاءِ هڪڙي وطن دوست ۽ عوام دوست اديب جو تخليقي اظهار اهڙو ئي اثرائتو هئڻ گهرجي جهڙو هن ڪهاڻي ۾ ادي زاهده شيخ ڪيو آهي. 
هن ڪتاب ۾ شامل ٻي ڪهاڻي ” ڪاڻو “ جي هيٺيئن اقتباس ۾ سنڌ اندر بدامني جي باهه ڀڙڪائيندڙ دهشتگردن جي ڪيل واضح نشاندهي ڏسو. 
”گهڻا ڏينهن گذري ويا، سنڌ ۾ نمڪ حرامن قتلام شروع ڪري ڇڏيو، روز اڄ هِن ڳوٺ ۾ اڄ هُن ڳوٺ ۾ ڇوڙيون لٿل ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڪونڌرن جا لاش اچڻ، قهرام مچڻ ۽ ٻاڪارون پئجڻ شروع ٿي ويون، سنڌي اخبارن جا صفحا نه هئا ڄڻ سنڌ جي بيگناهه ڪٺلن جا تڏا وڇايل هئا.“
هن ڪتاب جي لائق پڙهندڙن کي نسلي دهشتگردي جي وحشي ناچ وارو اهو زمانو جيڪڏهن وسري ويو هجي ته کين سنڌي ڪهاڻي جي خاتون اول مهتاب محبوب جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب
”ورهاڱي جو ورجاءُ“ ۽ ناليواري ڪهاڻيڪا نجم عباسي جو ڪتاب
”ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري“ پڙهڻ کانپوءِ ادي زاهده شيخ جي هي ڪهاڻي 
پڙهڻ گهرجي ته جيئن کين اهو معلوم ۽ محسوس ٿي سگهي ته، ادي زاهده شيخ پنهنجي سياسي شعور جو ادبي اظهار ڪيڏي نه ذميواري سان ٿي ڪري ۽ خونريزي واري ان خوفناڪ دور جو پردو ڪيڏي نه بهادري ۽ بيباڪي سان چاڪ ٿي ڪري. انکي چئبو آهي ڏاڍ ۽ ڏهڪاء سان ڏات جو مقابلو. 
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن ٿو آنء سندءِ ديوارن سان
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن تون هيڻو آن هٿيارن سان
نسلي دهشتگردي واري ان دور جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ ادي زاهده سنڌ جي قومي شعور کي بيدار ڪرڻ لاءِ ڪتاب ۾ ”حيدرآباد ۾ قيامت“ جي عنوان سان لکيل شهيد عبدالرحمان پنهور بابت ليک ۾ لکي ٿي ته ، زنده ۽ غيرتمند قومون ٻيو رستو ئي چونڊينديون آهن...
اڄ نه رڳو سنڌي مرد پر سنڌي عورتن کي به پنهنجن شهرن ۽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ پنهنجا فرض نباهڻا آهن ۽ زنده قوم جي فرد هجڻ جو ثبوت ڏيڻو آهي.،، 
جهڙي ريت هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي ”اهڙو ڏينهن ضرور ايندو“ 
واري ڏنل حوالي مان ادي زاهده جي طبقاتي شعور جي پختگي معلوم ٿئي ٿي، بلڪل تهڙي ريت سندس ٻي ڪهاڻي ”ڪاڻو“ مان ڏنل اقتباس ۽ ”حيدرآباد ۾ قيامت“ مان کنيل حوالي مان ادي زاهده جي قومي شعور جي بلندي ۽ استقامت جي پروڙ پوي ٿي.
جڏهن ته سندس جمهوري شعور جي وضاحت لاءِ سندس مضمون 
”ڀٽي خاندان جو عوام مٿان قرض؟“ مان هي حوالو پيش ٿو ڪجي ته جيئن ته، ”عوام کي چند خوبصورت ۽ دلفريب سياسي نعرن ۾ منجها ئي، کيس بيگانو ڪري عوام دشمن طبقن ۽ گروهن کي عوام تي مسلط ڪيو ويندو آهي.“
ڪجهه اختصار سان پيش ڪيل هن حوالي کي پهرين پيش ڪيل ٻن حوالن سان جڏهن جوڙ ڪري ڏسبو تڏهن معلوم ٿيندو ته ادي زاهده شيخ اديبه جي حيثيت ۾ نه رڳو قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سوالن جي سائنسي حل ٻڌائيندڙ نظرئي ” فڪر پليجو “ کان پوري طرح واقف هئي، پر هن پنهنجي پوري زندگي ۾ اهڙي ڪا به تحرير نه لکي جيڪا سندس نظرياتي واٽ کان ٿڙيل هجي. 
الست بربڪم جڏهن ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين تڏهن تت چيوم
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين
مون جيڪا شروع ۾ ڪامريڊ لينن جي علمي ۽ عملي عظمت جي نسبت سان ادي زاهده شيخ جي علمي ۽ عملي پورهئي جي ڳالهه ڪئي اها ساڳي ڳالهه ورجائيندي آئون واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته ، سنڌي ٻولي ۾ ادي زاهده کان ممڪن آهي ته وڌيڪ سٺو ۽ گهڻو لکندڙ اديبائون موجود هجن پر هن ڪتاب ۾ موجود تحريرن ۾ جيڪا فڪري ۽ عملي وابستگي ساهه کڻندي نظر ٿي اچي اها ئي ادي زاهده کي منفرد ۽ ممتاز ٿي بڻائي. هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي پنهنجي هي سورمي ڀيڻ ڪنهن روسي شاعر جو اهو نظم جهونگاريندي ڄڻ ته ڊي ـ ٽين جي هال ۾ جيئري  جاڳندي اسانجي وچان ويٺل ٿي محسوس ٿئي ته :
ميدان جنگ ۾
لڪي ڇپي خندقن ۽ کاهين ۾
ڪچين ڇتين هيٺيان
گسن پنڌن تي،
مينهن وسندي، پنڌ ڪندي،
سياري جي پارن ۾
برفاني واچوڙن ۾
مون اهي سٽون لکيون
جن مان هرڪا سٽ پنهنجي سر
پاڻ جيئري رهي حياتي ماڻي ٿي

مير حسن آريسر

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/38468954-orran-uhoee-thiyo

Book No . 905
Kitab Jo Nalo : ORAN UHOAI THIYO

by: Zahida Shaikh
Comiled by: Ismail Khaskheli & Raheel Bhutto

First Edition © Roshni 2018
Pages : 432
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 450.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG