SINDH JEE SOOFYANI SHAERI (POETRY)





































ڪلاسيڪل/صوفياڻي شاعري

ڪلاسيڪل/ڪلاسيڪ جي وصف:
ڪلاسيڪ يا ڪلاسيڪل ادب کي هيٺين مختلف معنائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
1. اعليٰ درجي وارو ادب-هر اُها تخليق، جنهن ۾ ڪائي امتيازي خاصيت هُجي ته اُها ڪلاسيڪ يا ڪلاسيڪل سڏبي آهي.
2. اُهو ادب، اديب ۽ مفڪر، جيڪي ماضي سان تعلق رکن ٿا، اُهي بجاءِ ڪنهن امتيازي خاصيت، فني ۽ فڪري ڪمال يا ادبي حيثيت جي رُڳو قديم هُئڻ جي ڪري ڪلاسيڪل/ ڪلاسيڪ چورائيندا آهن.
3. روايت جي پيروي جي لاءِ به ڪلاسيڪل/ڪلاسيڪ جي اصطلاح کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. 
4. ڪلاسيڪل/ڪلاسيڪ کي عظيم ادب جي معنيٰ ۾ به ورتو ويندو آهي.
5. اُهو ادب، جيڪو ڪمال نُڪتي تي پُهتو هُجي.
ڪلاسيڪل ادب/شاعري جي وصف:
اُهو ادب/شاعري، جيڪا پنهنجي افاديت ۽ آفاقيت، گهرائي، حسن ۽ صداقت جي ڪري، زمانن جي طوفانن ۽ انقلابن تي حاوي هُجي. حالتون بدلجن، پر ادب جي عظمت ۾ ڪو فرق نه اچي. اهو ئي ڪلاسيڪي ادب/شاعري آهي، جنهن سان لطف اندوز ٿيڻ ۽ لاڀ پرائڻ لاءِ مزاج، ذوق، عمر ۽ ٻولي وغيره جا اختلاف حائل نه ٿا ٿين. ڪلاسيڪيت جي خصوصيتن جي لحاظ کان شاعريءَ ۾ قاعدا قانون، انسان جون سُٺايون بيان ڪرڻ، معاشرتي براين جي اپٽار ڪرڻ، شهري ۽ تهذيب يافته پسمنظر جي نمائندگي ڪرڻ، انفراديت کي ڇڏي اجتماعيت بيان ڪرڻ، جذبات نگاري، فطرت نگاريءَ کي نظر انداز نه ڪرڻ وغيره جهڙيون اهم خوبيون هونديون آهن.
رضي عابدي ڪلاسيڪل ادب بابت لکي ٿو ته:
”(الف) اهو ادب جيڪو ٻولي کي نئين شڪل ڏئي ۽ ان ۾ تازگي ۽ جدت جا احساس پيدا ڪري. هر دؤر ۾ ٻولي کي نئين سر زندهه ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
(ب) اهو ادب، جيڪو لهجي کي تبديل ڪري ۽ فڪر کي نين راهن کان آشنا ڪري ۽ نئين روايت جي بُنياد وجهي.
(ج) اهو ادب، جيڪو لفظن کي نئين معنيٰ بخشي. ڇو ته لفظن جون معنائون، زندگي جي تبديلين سان گڏ بدلبيون رهنديون آهن.
ٻي معنيٰ ۾ اهو ادب يا اُها شاعري، جنهن ۾ ڪائي امتيازي خاصيت هُجي. روايت جي پيروي هُجي، قدامت هُجي. شهرت جي بُلندين تي پُهتل هُجي يا ڪنهن قسم جي ڪائي جدت هُجي، اُن کي ڪلاسيڪل/ڪلاسيڪ چئبو آهي.“
سنڌي ڪلاسيڪل شاعري کي به انهيءَ نظر سان ڏسجي ته اِها خبر پوندي ته سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن، شاعري کي انساني سماج ۾ بهتر تبديلي جي لاءِ استعمال ڪيو. تصوف، ڪلاسيڪل شاعري جو هڪڙو پاسو آهي، ٻي پاسي ڏسجي ته فڪري طرح ڪلاسيڪل شاعرن انسانيت کي مرڪزي نُڪتو بڻايو.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعري، فڪري حوالي سان هيٺين اهم نُڪتن تي مشتمل آهي:
1. انسان دوستي
2. مذهبي رواداري
3. تصوف
4. پيڙهيل طبقي جي حمايت
(1) انسان دوستي:
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ مختلف دؤرن مان گذرندي آئي آهي. مختلف دؤرن ۾ مار ڌاڙ، ڦُرلُٽ نفرت، ڪروڌ، ڌارين جا حملا ٿيندا رهيا آهن. تنهنڪري ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اهم نُڪتن مان هڪڙو نُڪتو ”انسان دوستي“ وارو به آهي. انسان دوستي، هر قوم ۽ ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ اهم موضوع رهيو آهي. ڇو ته مختلف دؤرن ۾ انسان دوستي جي جذبي جي کوٽ محسوس ٿيندي هُئي ته سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر پنهنجن ماڻهن کي انسان دوستي جو دامن هٿان نه ڇڏڻ جي تلقين ڪندا پئي آيا آهن.
ڪلاسيڪل شاعرن پنهنجي قوم ۽ ماڻهن کي ڪاوڙ ۽ نفرت کان پري رکي، انهن ۾ ايڪي ۽ اتحاد، امن امان، پيار ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جي جذبن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
(2) مذهبي رواداري:
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ، مذهبي رواداري جهڙي اهم عنصر سان ڀري پئي آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
”هڪ طرف ڌارين جي حملن ۽ ڦرلٽ، سنڌ جي ماڻهن کي اقتصادي طور تباهه پئي ڪيو، ته ٻئي طرف مذهبي پيشوائن جي تنگ نظري، سنڌ جي ماڻهن ۾ نفرت ۽ نفاق جو ٻج پئي ڇٽيو، جڏهن ته اهڙي حالت ۾ سنڌ کي اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت هُئي. انهن حالتن ۾ سنڌ اندروني طرح ڪمزور پئي ٿيندي ويئي.
اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن مذهبي رواداري جو درس پئي ڏنو. ڪلاسيڪل شاعرن پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي هر قسم جي تنگ نظري کي رد ڪيو، نه رُڳو ايترو پر اُنهن شاعرن وقت بوقت مذهبي تنگ نظريي ۽ انتها پسندي جي خلاف بغاوت پئي ڪئي.“
سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ انتها پسندي ۽ تنگ نظريي جي خلاف جيڪا بغاوت ڪئي، اُن جا اثر صدين تائين سنڌي ماڻهن جي ذهنن تي رهيا. اهو ئي سبب آهي ته سنڌي ماڻهن تنگ نظريي، انتها پسندي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان سدائين نفرت پئي ڪئي آهي ۽ ڪڏهن به اُن کي ڦهلجڻ جو موقعو نه ڏنو آهي.
ڪلاسيڪل شاعرن وقت بوقت، ماڻهن جي مِٽيءَ نئين سر پئي ڳوهي ۽ انهن ۾ پيار ۽ محبت نياز ۽ نوڙت جو جذبو ڪوٽان ڪوٽ پئي ڀريو آهي.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ، شاهه لطيف وٽ اچي بُلنديءَ تي پُهتي ۽ شاهه لطيف وٽ مذهبي رواداري اختيار ڪرڻ وارا احساس، فڪري ۽ فني بُلندين تي بيٺل نظر ٿا اچن.
(3)  تصوف:
تصوف به ڪلاسيڪل شاعريءَ جو هڪ نُڪتو آهي. تصوف جي شاخ آهي. ”وحدت الوجود“. ڪلاسيڪل شاعريءَ وحدت الوجود جي فڪر سان ڀري پئي آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته:
”وحدت الوجود جو مطلب آهي وجودن (هُئڻ) جي هيڪڙائي (Unity of Existences)  پرين سڀ ۾ آهي. خُدا هن ڪائنات کان ٻاهر ۽ الڳ نه آهي. جيڪي فلسفي جا شاگرد آهن، انهن کي خبر هوندي ته فلسفي ۾ ٻه اسڪول (Monism) ۽ (Dualism) آهن. مونوازم موجب ڪائنات ۽ خُدا ٻئي هڪ آهن. خدا ڪائنات کان ٻاهر ڪونهي ۽ ڊئولزم جو مطلب آهي ته خُدا ۽ ڪائنات ٻه الڳ الڳ شيون آهن. ٻنهي جو وجود هڪ ٻئي کان ڌار آهي.
ته اهو تصور جيڪو مونو ازم آهي، جنهن کي وحدت الوجود ٿو چئجي، ان ۾ خُدا جو وجود هن ڪائنات کان ٻاهر آهي ئي ڪونه. اها ذري گهٽ وڃي مٽيريلزم ٿي. ته هن مئٽر ۾ ئي خُدا سمايل آهي. ان کان ٻاهر ڪُجهه به نه آهي.“
سنڌ جا ڪلاسيڪل شاعر وحدت الوجود جي نظريي کي ڦهلائيندا رهيا.
”جيڪو نظريو هِن ڌرتيءَ جي مظلوم طبقن، پرمار ٿيل پيڙهيل ۽ محڪوم طبقن جي لاءِ هو، اُن ۾ رواداري هُئي، مذهبي تعصب کي ختم ڪرڻ لاءِ هو، مختلف طبقن ۾ پيار محبت وڌائڻ لاءِ هو، نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ هو.“(4)
اهو ئي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو رول هو، جيڪو انهن پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ ادا ڪيو هو.
(4) پيڙهيل ۽ مظلوم طبقي  جي حمايت:
سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن هميشه پيڙهيل ۽ مظلوم طبقي جو ساٿ ڏنو ۽ ظالم طبقي خلاف بغاوت ڪئي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جا ڪردار، پورهيت، پيڙهيل ۽ مظلوم طبقي جا هُئا. اُهو ئي سبب آهي ته عام ماڻهن جي دردن جو دارون، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن وٽ هو.
هن ڪتاب ۾ شامل شاعرن جي شاعريءَ ۾ اِهي چار ئي اهم نُڪتا ڀرپور انداز سان پڙهندڙن کي پڙهڻ جي لاءِ ملي ويندا.
مؤجوده وقت ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ضرورت ۽ اهميت تهائين وڌي وئي آهي. ڇو ته مؤجوده دؤر ۾ تنگ نظري، تعصب پرستي، ڪاوڙ ۽ نفرت، مذهبي ڪٽرپڻو ۽ انتها پسندي زور وٺي وئي آهي، تڏهن ضرورت محسوس ٿئي پئي ته سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي پيار ڀري پيغام کي عام ڪجي.
هِن ڪتاب ۾ ڪيترائي صوفي شاعر رهجي ويا آهن، ان جو هڪڙو سبب اهو آهي ته هيءَ ڪا ائنٿالاجي ڪانهي، جو سڀني شاعرن کي شامل ڪجي ها، ٻيو اِهو ته هيءَ هڪڙي چونڊ آهي، ظاهر آهي ته چونڊ ۾ سڀني شاعرن کي شامل نٿو ڪري سگهجي.

مشتاق گبول-حيدرآباد

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 862
Kitab Jo Nalo : SINDH JEE SOOFYANI SHAERI

Compiled by: Mushtaq Gabol 

First Edition © Roshni 2017
Pages : 446
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 500.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG