NIGAH-E-SHOAQ (Travelogue)








































ڪتاب جي باري ۾ ٻه اکر

ادب جون ڪيتريون ئي صنفون آهن، جن تي سنڌيءَ ۾ وڏو ذخيرو موجود آهي. ڪيترائي ليکڪ پنهنجي وت ۽ وس آهر ان ۾ اضافو ڪندا رهن ٿا ۽ اهو سلسلو خاطريءَ واري حد تائين جاري آهي ۽ جاري رهندو، تنهن هوندي به ڪيترائي موضوع اهڙا آهن، جن تي اڃا لکڻ جي ضرورت آهي، انهن ۾ ”سير ۽ سياحت“ به شامل آهي. اسان جي دوست انجنيئر علي اڪبر ميتلو جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ پنهنجي سير ۽ سياحت دوران ملڪ جي مختلف ماڳن جو مشاهدو ڪيو آهي، جتي هن ان مشاهدي دوران جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ پَسيو آهي، ان جو سچائيءَ سان ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪٿي به وڌاءَ کان ڪم نه ورتو آهي، اتي خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته هن اُتي جي سماجي ۽ ثقافتي ڳالهين ۽ سماجي ريتن ۽ رسمن تي تنقيدي نظر به وڌي آهي. جيئن ته پاڻ انجنيئر آهن، ان ڪري سندن اکين رستن ۽ عمارتن جي اڏاوتن وغيره کي به انهيءَ نظر سان ڏٺو آهي ۽ نهايت بي باڪيءَ سان انهن جي ڪوتاهين ۽ خامين جو ذڪر به ڪيو اٿس. مختلف علائقن جي ثقافتن جي ڀيٽ به ڪئي اٿس ۽ انهن ماڳن جي تاريخ ۽ جاگرافي به بيان ڪئي اٿس، ته مختلف بزرگن ۽ درويشن جي مزارن تي ٿيندڙ مجاورن، گادي نشينن، سجاده نشين ۽ فقيرن جي ڦرلٽ ۽ ڍونگ جو به دليريءَ سان ذڪر ڪيو اٿس. ان کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي سماجي براين جي نشاندهي به ڪئي اٿس، جنهن ڪري ڪتاب ۾ پڙهندڙ جي دلچسپي وڌيو وڃي.
سنڌ ۾ ڪريل تعليمي معيار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ته ”ملتان ۾ هڪ هوٽل جي مئنيجر ٻڌايو، ته هتان جا (ملتان جا) جڏا، ناڪارا ۽ نه پڙهڻ وارا ڇوڪرا سکر بورڊ مان امتحان پاس ڪري ڊگريون ته وٺي ايندا آهن، پر جڏهن نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪندا آهن، ته انهن کي ”سکر بورد“ چئي، رجيڪٽ ڪيو ويندو آهي.“ انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سنڌ جو تعليمي معيار ڪيترو ڪريل ۽ پوئتي پيل آهي، جو ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به هتان جي ڊگرين کي ڪابه اهميت نٿي ڏني وڃي.
نوڪرين ۾ ميرٽ جي لتاڙ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ته ”سنڌ ۾ سياسي رشوت ۽ اقربا پروري ۽ ميرٽ جي لتاڙ جي جيڪا شروعات ضياءَ دؤر کان ٿي هئي، اها اڄ انتهائي عروج کي پهچي چڪي آهي. اڄ نوڪريون ”پنهنجي واٺن، چمچن ۽ دلالن کي ڏنيون وڃن ٿيون، جن مان گهڻيون پئسن تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون.“ اها حقيقت آهي، ۽ ڪجهه سالن کان هتي برابر ايئن ئي ٿي رهيو آهي ۽ نوڪريون ڏيڻ لاءِ کلئي عام پئسا ورتا وڃن ٿا، بلڪ مختلف ملازمتن لاءِ مختلف اگهه به مقرر آهن. ايتري تائين، جو پٽيوالي، چوڪيدار ۽ ڊرائيور جي آساميءَ لاءِ به پئسا ورتا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ به حد اها آهي، ته ڪي وزير اهڙا به آهن، جيڪي اهي ملازمتون رڳو پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ڏين ٿا ۽ ٻين کي بنان هٻڪ جي ائين چون ٿا، ته اسين ته پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ملازمتون ڏينداسين. شايد کين اها خبر ڪانهي، ته هو رڳو پنهنجي تڪ لاءِ وزير ناهن، بلڪ سڄي سنڌ جا وزير آهن! حيرت اها آهي، ته چيو وڃي ٿو ته حيدرآباد سان تعلق رکندڙ هڪ وزير ته ڪو ڪم ڪرڻ کان اڳ درخواست ڏيندڙ جو سڃاڻپ ڪارڊ به ڏسي ٿو،ت ه هو سندس تڪ جو ماڻهو آهي يا نه.
ملتان جي مزارن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو، ته ”اُتي سڄو زور پئسن ڪمائڻ تي آهي، ائين چئجي ته ماڻهن کان پئسا ڦرڻ تي آهي.“
اتان جي گادي نشينن ۽ مجاورن طرفان ڪهڙا ڪهڙا ڍونگ ڪيا وڃن ٿا ۽ زيارتين کي ڪيئن ڦريو لٽيو وڃي ٿو، ان جو ذڪر ڪندي هن گادي نشينن ۽ نام نهاد مرشدن جي ٺٺ ٺانگر ۽ شاهاڻي زندگي ۽ مريدن سان سندن رويي جي نندا به ڪئي آهي.
اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي، ته اها هلت ۽ روش هتي سنڌ ۾ به نام نهاد مرشدن ۽ درگاهن جي گادي نشينن جي به آهي. جيڪڏهن هتان جي رڳو ٻن وڏين درگاهن جو ذڪر ڪريون، ته اتي زائرين کان مختلف طريقن ۽ ڍونگن سان جيڪا ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي، ان تي حيراني ٿئي ٿي، مثلاً: حضرت لعل شهباز قلندرؒ ۽ سيوهڻ جي ٻين درگاهن تي زيارتين سان جيڪي جُٺيون ڪيون وڃن ٿيون، اهي ان کان وڌيڪ آهن. درگاهه جي اڱڻ ۾ پهچڻ کان اڳيئي پهرين پينو فقيرن کان پاڻ ڇڏائڻ مشڪل ٿيو پوي. وري درگاهه اندر ته اهي قل پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ به نٿا ڏين، وري فقير به اهڙا جيڪي معاف ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. مزار جي ويجهو پهچڻ تي ته مجاور هڪدم مزار تان ڪو سادو پَڙ ڇڪيو هڪدم کنيو ڪاٽن جا ڪپڙا پاتل زيارتيءَ جي ڳچين ۾ وجهن، نتيجي طور کين ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻو پوي ٿو. انهن پئسن ۾ ڪنهن جو ڪيترو حصو پتي آهي، اها خبر ڪانهي، پر ضرور ڪا مافيا آهي. اوقاف طرفان رکيل نذراني جي پيتين ۾ ان جو ڪو نالي ماتر حصو پوندو هوندو، ٻيو وچان ئي کاڄيو وڃي. ساڳي حالت سنڌ جي سداحيات شاعر، بزرگ ۽ ولي الله حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي به آهي، جتي ته اوقاف کاتي جي پيتين ۾ پئسا وجهڻ کان اڳ ئي بيهاريل ماڻهو هٿن مان ڦريو وڃن. اهي ماڻهو ڪنهن جا بيهاريل آهن، هرڪنهن کي خبر آهي ۽ اهو سڀڪجهه اوقاف کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح روزانو درگاهه تي زائرين طرفان ملندڙ نذراني ۾ ڪيتريون گهوٻيون هنيون وڃن ٿيون، ان جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي، وري مرشدن جو ڏن پٽ ڌار آهي، پينو فقيرن جي ته لوڌ لٿل هوندي آهي.
ليکڪ جتي پنهنجي مشاهدن ۾ انهن ۽ ٻين ڪيترين برائين جو ذڪر ڪيو آهي، اتي اهڙن عملدارن ۽ شخصن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي نهايت خلوص ۽ سچائيءَ سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، جيئن گورک جي چوٽيءَ تي، ماڻهن جي خدمت ڪندڙ شخص رحمت علي جانوريءَ جي مهمان نوازي، جيڪو صاحب هر ايندڙ ويندڙ کي هنڌ کٽولو ۽ ماني به مفت ڏئي ٿو.
وري ليکڪ اهڙن موقعن تي مسلمانن کي مسلمان بنائيندڙ نام نهاد مُلن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي هاڻي ڪٿي مهمان ٿي وڃبو، ته اوچتو ڪٿان اچيو نڪرن ۽ بنان سوچي سمجهي ته مهمان جو تعلق ڪهڙي مسلڪ، فرقي يا مذهب سان آهي، هڪدم تبليغ شروع ڪريو ڏين، حيرت جي ڳالهه اها آهي،ته انهن مان اڪثريت اهڙن ملن جي هوندي آهي، جن کي خود مذهب جي باري ۾ پوري معلومات نه هوندي آهي ۽ جڏهن کانئن مذهب جي باري ۾ ڪو سوال ڪيو ويندو آهي، ته هو ان جو ڪو جواب نه ڏئي سگهندا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اها وبا رڳو سنڌ جي اندرئين ۽ ڏورانهن علائقن ۾ ئي آهي. تفريحي ماڳن تي انهن مُلن جو اچي نڪرڻ ۽ تفريح لاءِ آيلن کي پريشان ڪرڻ ته ڪنهن به حالت ۾ چڱو نه چئبو. اهڙن نام نهاد ملن جي ته روڪٿام ٿيڻ گهرجي، جيڪي ڪنهن وڏي فساد جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.
 بهرحال، ادي علي اڪبر ميتلو جو هيءُ ڪتاب سنڌي علم ۽ ادب ۾ هڪ سٺو واڌارو آهي، ۽ پڙهندڙن کي وڏي معلومات فراهم ڪندو.

مشتاق ”مسرور“ باريچو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/38209193-nigah-e-shoaq

Book No . 839
Kitab Jo Nalo : NIGAH-E-SHOAQ (Travelogue)

By : Eng. Ali Akbar Metlo

First Edition © Roshni 2017
Pages : 128
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج  ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG