AYAZ JA SANGEET NATAK




































اياز شاعرن جي اهڙي گروهه سان تعلق رکي ٿو، جن لاءِ هو پاڻ ”پيدائشي شاعر“ جو اصطلاح ڪتب آڻيندو هو. شاعري هن لاءِ مذهب سميت هر مقدس شيءِ کان مٿانهين ۽ محترم ئي نه هئي، جيئڻ جو لازوال ڍنگ به هئي. اياز جو عقيدو، مسلڪ، نظريو ۽ طرز زندگي سڀ شاعريءَ وانگر رنگين، دلفريب ۽ گهڻ طرفا هئا. جيتوڻيڪ هو هڪ ڪامياب ۽ پيشيور زندگي گذارڻ وارو انسان هو، جنهن کي پنهنجي ڪٽنب کان وٺي سماج تائين، هر تعلق جي ذميدارين جو مڪمل ادراڪ ۽ احساس هو. هو اردوءَ جي روايتي شاعرن وانگر لاابالو، لاپرواهه، غير ذميوار ۽ هر وقت مدهوش رهندڙ شخص نه هو، پر منجهس شاعرانه بي پرواهي ۽ فنڪارانه سرمستي ڀرپور نموني موجود هئي. هو بنيادي طرح باغي فطرت جو مالڪ هو. هن ڪڏهن به ڪنهن خيال، رويي، ازم ۽ نظام جي حاڪميت ۽ غلبي کي سدائين لاءِ قبول نه ڪيو. اسان هن جي شروعاتي شاعريءَ منجهان، جيڪا ئي هن جي بعد وارن فني، فڪري ۽ ذهني لاڙن جو بنياد ثابت ٿي، هن جي باغيانه ذهن ۽ انقلابي سوچن جو پيرو آسانيءَ سان کڻي سگهون ٿا، جنهن ۾ هڪ غير رواجي فنڪار جي سموري تلخي ۽ بي چيني گوليءَ ۾ بارود وانگر ڀري پئي آهي. اها شاعري ٻڌائي ٿي ته فرسودگي، بيهي رهڻ ۽ جمود اياز جي تخليق ۽ طبيعت، ٻنهي جي برخلاف هو. اياز جو پهريون شعر ساڍن 15 سالن جي عمر ۾ ڇپيو آهي، پر تڏهن به ان جي اڻت ۽ موضوع روايتي عروضي شاعرن کان الڳ ٿيو بيٺو آهي. 
اياز شاعريءَ جي شروعات لڳ ڀڳ ان ئي زماني ۾ ڪئي، جڏهن هو نيو ايرا اسڪول شڪارپور ۾ پڙهندو هو، ۽ کيس کيئلداس فانيءَ جهڙي نهايت قابل استاد ۽ پنهنجي دور جي نامور شاعر جي رهنمائي نصيب ٿي هئي. ’فاني‘ ان زماني ۾ ايترو ته مقبول شاعر هو، جو ’سنڌوءَ‘ جهڙي اهم رسالي ۾ سندس شعر اڪثر شروعاتي صفحن تي شايع ٿيندا هئا. ان زماني ۾ شڪارپور جي اسڪولن جو ماحول به قابلِ رشڪ ٿو ڏسجي، جنهن ۾ نه فقط ”ٻالڪ ساهت منڊل“ ۽ ”آپ سڌارڪ منڊل“ قائم ٿيل هئا، پر انهن پاران ٻارڙن لاءِ رسالا به جاري ٿيندا هئا. نيو ايرا اسڪول جي شاگردن منجهان ئي مس دياونتي هولارام ٺڪر ۽ هوندراج داس گڏجي، ’ٻالڪ‘ نالي رسالو شروع ڪيو، ته ان جي ردعمل ۾ اياز جي ڪلاس فيلو بهاري لال هريرام ڇاٻڙيا ’سدرشن‘
رسالو ڪڍيو. 
اياز جو پهريون شعر ”مردِ خدا“ ان ئي پرچي جي جنوري- فيبروري 1938ع جي شماري ۾ شايع ٿيو، جنهن لاءِ اياز لکيو آهي ته اهو هن اسڪولي ڏينهن ۾ سوامي رام تيرٿ جي اردوءَ ۾ ڇپيل ڊائرين ۾، نظيراڪبر آباديءَ جي پڙهيل ڪجهه غزلن کان متاثر ٿي لکيو هو، ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي تحقيق موجب: ”شيخ اياز جو اهو شعر حقيقت ۾ سنئون سڌو ترجمو آهي، جو اصل سوامي هيمراج جو آهي.“
(هڪڙو، 2009: 319)
اهو اردو نظم سيپٽمبر 1936ع جي ’سنڌو‘ مخزن ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ ”سوامي رام تيرٿ“ تي لکيل پنهنجي مضمون ۾ به ڪم آندو آهي.
نه غم دنيا ڪا هي مجهڪو، نه دنيا سي ڪنارا هي
نه لينا هي نه دينا هي، نه حيله هي نه چارا هي.
نه اپني سي محبت هي، نه نفرت غير سي مجهڪو،
سَڀون ڪو ذات حق ديکهون، يهي ميرا نظارا هي.
نه شاهي مين ۾ شيدا هون، گدائي ۾ نه غم مجهڪو،
جو مِلجاوي سو ئي اڇا، وهي ميرا گذارا هي.
نه ڪفر اسلام سي فارغ، نه ملت سي غرض مجهڪو،
نه هندو گبرو مسلم هون، سَڀون سي پنٿ نيارا هي.
(سنڌو، 1936: 9)
اياز جو پهريون شعر هي آهي:
نه غم دنيا جو آ هن کي، نه دنيا کان ڪنارو آه،
نه ڏيڻو آه، نه وٺڻو آه، نه حِيلو آ، نه چارو آه.
نه پنهنجن سان محبت آ، نه نفرت غير سان ان کي،
سڀن ۾ ذات حق ڏسڻو، اهو ان جو نظارو آه.
نه آهي شاد شاهيءَ ۾، گدائيءَ ۾ نه غم ان کي،
جو آهي، سو ئي آ بهتر، اهو ان جو نظارو آه.
ڪفر اسلام کان فارغ، نه ملت غرض سان انکي،
نه هندو آ، نه ڪي مسلم، سڀن کان پنٿ نيارو آه.
جيتوڻيڪ اصل اردو شعر جي ٻولي اهو نٿي ٻڌائي ته ڪو شاعر ايڏو قادرالڪلام ۽ پختو آهي، پر اياز ان جو ترجمو اهڙو سهڻو ڪيو آهي، جو لڳي ٿو ته ڄڻ هيءُ ڪلام سنڌيءَ ۾ ئي لکيو ويو آهي. ايئن اياز جي شايع ٿيل شاعريءَ جي شروعات دراصل هڪ ترجمي سان ٿي، جيڪو هيئت ۾ ته بلاشڪ غزل آهي، پر پنهنجي خيال جي وحدت، ٻوليءَ، لغت ۽ اندازِ بيان ۾ هڪ مڪمل نظم آهي. 
هن غزل نما نظم کان پوءِ، اياز جو جيڪو ٻيو شعر شايع ٿيو، سو به نظم ئي آهي. هن مان سمجهجي ٿو، ته هو اٿندي ئي نظم طرف مائل ٿيو. غزل جي اوج واري دور ۾ هڪ الهڙ شاعر جو اٿندي ئي نظم کي اختيار ڪرڻ، اياز پاران روايت سان پهرين بغاوت هئي. اهو شعر ’سنڌوءَ‘ جهڙي وڏي رسالي ۾ ڇپيو، جيڪو بنا ڪنهن شڪ جي سنڌي ادبي رسالن جي تاريخ جو پهريون مڪمل، ڀرپور ۽ غيرمعمولي پرچو آهي. ’سنڌو‘ ئي اهو پرچو آهي، جنهن نه فقط ”نئين سنڌ“ جو نعرو ڏنو، پر ان نئين سنڌي ادب، نئين سنڌي شاعري ۽ نئين سنڌي شعور جي به حقيقي معنيٰ ۾ آبياري ڪئي. هن ئي رسالي ۾  اياز جي استادن جا شعر به شايع ٿيندا هئا، ۽ نومبر 1938ع جي شماري ۾ اياز جو هيٺيون نظم به ڇپيو:
سفيدي سبز پوشي اڄ ڪڪر ڪيئن نا ڪري آيا،
گوالن جئن مٿي تي موڙ مان مٽڪي ڌري آيا،
برهمن ڪعبي لئه ڪُوزو، گنگا جل مان ڀري آيا،
پئي هڪ بُوند باراني، صدف جي وات، وه وه وا.
اڙي! بَرسي آ برسن کان وري برسات، وه وه وا.
اها ڇا گاهه گلزاريءَ تي گلڪاري چمن ۾ آ،
چڱي چوکي ٿي چِٽسالي رنگين پوپٽ پَرن ۾ آ،
سچي سرمائيداري اڄ صفا سوسن سمن ۾ آ،
هوا ڏي هيج هيڪاري، پکين جي لات، وه وه وا.
اڙي! بَرسي آ برسن کان وري برسات، وه وه وا.
الاهي عشق جو ئي چوطرف جوش و جُنون آهي،
چيو هر خون جي قطره پڪاري لونءَ لون آهي،
جتي جانب وڃان ٿو اُتِ ترانو ’تون ئي تون‘ آهي،
’مبارڪ‘ جي زبان تي پڻ سندس ئي تات، وه وه وا.
اڙي! بَرسي آ برسن کان وري برسات، وه وه وا.
هيءُ نظم پڙهڻ بعد ڪو به اهو نٿو چئي سگهي، ته هيءُ ڪنهن الهڙ ۽ نوخيز شاعر جو شعر آهي. مسمطي گهاڙيٽن جي گروهه ۾ شامل هن فارم کي مخمس سڏجي ٿو. اياز هن مخمس جي هرهڪ بند جي آخري سٽ ساڳي رکي آهي، جنهن ۾ وري ”وه وه وا“ جهڙا اضافي لفظ ڪتب آڻي، ان ۾ هڪ فطري آهنگ ۽ ردم پيدا ڪيو اٿس. هيءُ نظم پنهنجي موضوع ۾ گيت جون سڪون ٿو لاهي، ۽ شاعر جي خوشي ۽ مسرت کي نهايت فطري رواني، سرلتا ۽ حسن سان چٽڻ ۾ ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. هن نظم ۾ خود ’برهمن‘، ’گوالا‘، ’گنگا جل‘ جهڙن هندي لفظن سان گڏ ’گلزاري‘، ’صدف‘، ’سوسن سمن‘، ’جوش و جنون‘ جهڙا فارسي لفظ ڪم آڻي، هن ٻن مختلف شعري روايتن کي ڳنڍڻ جو به ڪم ڪيو آهي، جنهن کي اياز آخر تائين قائم رکيو. ٻئي طرف فني سطح تي هيءُ شعر گيت ۽ نظم جو به حسين امتزاج آهي. ”هتي ڏانءُ ۽ ان جو ڇوهه ڇڪيندڙ آهن. نه نظم جو لهجو اجنبي آهي ۽ نه ماحول. نه دقيق لفظن جو استعمال، نه زبان ۾ ثقالت. صورت نظم جي ته رواني ۽ سيرت ڄڻ گيت جي.“ ( انور فگار، 2007ع: 41 ) ٻئي طرف ههڙي انوکي رنگ جي شعر ۾، جنهن ۾ قدرتي منظرن ۽ موسم جي جادوئي اثرن کي بيان ڪيو ويو آهي، تنهن ۾ ’سرمائيداري‘ جهڙي لفظ جو استعمال اياز جي وسيع الذهني ۽ فنڪارانه صلاحيت لاءِ داد جو طلبگار آهي. پهرين ته سرمائيداري لفظ ئي اهڙو آهي، جنهن کي تنقيد جي ٻوليءَ ۾ ”غير شاعراڻو“ سڏبو آهي. ٻئي طرف اهو لفظ ٻڌڻ سان ماڻهوءَ جي ذهن ۾ جنهن قسم جا تصور ۽ خيال پيدا ٿي سگهن ٿا، سي سڀ غير رومانوي ۽ غير جمالياتي ئي هوندا، جو اهو لفظ هڪ استحصالي ڌر لاءِ ڪتب ايندو آهي. اياز ان کي ”سچي سرمائيداري اڄ صفا سوسن سمن ۾ آ“، طور استعمال ڪري، منجهس نئون معنوي روح ڦوڪيو آهي. فطرت تي آيل جوڀن کي هن ’سرمائيداريءَ‘ جهڙي لفظ سان ظاهر ڪري، خود لفظ ڏانهن پڙهندڙ جي روش کي به بدلجڻ تي مجبور ڪيو آهي. عظيم ۽ وڏا شاعر لفظن کي انهن جي روايتي معنائن جي قالب مان ٻاهر ڪڍي ايندا آهن. خاص طور غير شاعراڻن لفظن کي شاعراڻو حُسن ۽ نئون معنوي مقام بخشيندا آهن. ”غير شاعراڻا خيال، تشبيهون، استعارا يا ڪنايا شاعريءَ ۾ نفاست سان بيان ڪري، شاعر لفظن، اصطلاحن، شين ۽ ڪردارن جون معنائون ئي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. جيئن فيض صاحب ’ڪاروبار‘ لفظ کي تخليقي انداز سان استعمال ڪري، ان جو رنگ ۽ اثر ئي تبديل ڪري ڇڏيو“. (جامي، 2010: 14) ايئن ئي اياز هڪ ٻئي غير شاعراڻي لفظ جو اهڙو شاعراڻو استعمال پنهنجي پهرئين منظوم ناٽڪ ”مُندن جو منڊل“ ۾ به ڪيو آهي، جيڪو هن ٻارن لاءِ لکيو هو، ۽ 1947ع جي مارچ ڌاري ٻارن جي رسالي ’گلستان‘ ۾ ڇپيو هو:
رُتيون سهاوڻيون، ٻه چار سانوڻيون، ڪٿي هُيئه
سکيون، ڪٿي ڪٿي هُيئه؟
نه کوهه تي ڪڏهن ملو، نه گهاگهريون کڻي ڏيو،
نه انتظار ۾ ٽلو، نه کڏ مٿان ڦڻي ڏيو،
جڏهن ڪڪر هنيون هيون، نه ڇانوڻيون، ڪٿي هيئه؟
سکيون، ڪٿي ڪٿي هيئه؟
هي شعر پڙهڻ کان اڳ ۾ ڪير تصور به ڪري سگهندو، ته ’ڇانوڻيون‘ لفظ کي ان نموني به ڪم آڻي ٿو سگهجي! اسان وٽ ته اهو لفظ ”فوجي ڇانوڻيءَ“ لاءِ مخصوص ٿي چڪو آهي. ”ڪڪرن جو ڇانوڻي هڻڻ“ ڪهڙو نه خوبصورت ۽ جماليات سان ڀرپور تصور آهي.
اياز عام عروضي شاعرن جي ابتڙ پهرئين شعر کان هڪدم پوءِ، جيڪو پڻ هن هڪ اردو غزل جي تتبع ۾ لکيو هو، گيتن جهڙي منفرد، مترنم ۽ اصلوڪي صنف ڏانهن راغب ٿيو. اياز جا ديهاتي گيت نه فقط هن جي منفرد فني ڪاوش جو بي مثال نمونو آهن، پر سندس ابتدائي سوچ جي عڪاسيءَ سان گڏگڏ هن جي ذهني لاڙن ۽ روين جو به ڏس پتو ڏين ٿا. هن جا گيت پنهنجن عنوانن منجهان ئي، هن جي پنهنجي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ زرعي سماج سان وابستگيءَ کان علاوه فطرت پسنديءَ جي به ثابتي پيش ڪن ٿا. ڇو ته ڳوٺ ئي اهي علائقا ۽ هنڌ آهن، جتي فطرت کي پنهنجي ڀرپور رعنائين ۽ حُسناڪين سان جلوه گر ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. اُتي ئي صبح جا ڪرڻا سَرنهن جي فصلن تي رقص ڪندي ماڻي سگهن ٿا، ته نارَ جا ڦيرا، واهين ۾ وهندڙ ميرانجهڙي پاڻيءَ جي زندگي بخش وهڪ، نار جي لوٽين جا دلڪش آواز، هارين جي جهُونگار ۽ جهار هڪلڻ لاءِ پَيهي تي بيٺل نارِ جا من موهڻا آواز ٻُڌي سگهجن ٿا. توهان کي مٽيءَ جو طلسم ۽ ان طلسم جي سحرانگيزي ڏسڻي آهي، جانورن ۽ پکين سان انسان جي محبت ۽ دوستيءَ کي سمجهڻو آهي، فطرت جي سمورن مظهرن جي هڪ ٻئي سان رشتي ۽ وحدت کي سمجهڻو آهي، ته ٻهراڙيون ۽ ڳوٺ ئي ان جي تجربي يا مشاهدي لاءِ بهترين ليبارٽري جو ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا. اياز جا ديهاتي گيت، جن جو عنوان شايد هُن اردوءَ جي اثر ۾ اچي رکيو آهي، سي هن جي زندگيءَ ۽ فطرت سان وابستگيءَ ۽ والهانه محبت جو اهڙو ئي ثبوت آهن. 
رات انڌيري، هير ٿڌيري،
اڀ تي تارا ڇايا
هاءِ، پرين ياد آيا!
جهرمر وارا، پيارا پيارا،
نيري گهرائيءَ ۾ تارا،
مون جئن اک به نه لاتائون ٿي،
پل پل جهاتيون پاتائون ٿي،
آهي نينهن به ننڊ جو ويري
جاڳي مون جاڳايا،
هاءِ پرين ياد آيا.
اياز جي اهڙي گيت نگاريءَ متعلق عبدالحق عظيم، مارچ 1963ع جي ماهوار نئين زندگيءَ ۾ لکي ٿو: ”اياز گيت جو شهنشاهه آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙا پُردرد، پُرسوز ۽ حسين گيت نهايت گهٽ لکيا ويا آهن، ۽ اها به هڪ حقيقت آهي ته جهڙيءَ طرح ٻين ڪيترين صنفن ۾ اياز سنڌي شاعرن جي رهبري ڪئي آهي، تهڙيءَ طرح گيت ۾ پڻ هڪ انوکي ۽ پياري روايت اياز قائم ڪئي آهي، جنهن کي سامهون رکي، بردي، تنوير ۽ نياز بهترين گيت خلقيا آهن. ’ٻاٻيهو ٻولي‘، ’تنهنجي ياد پئي آئي‘، ’تون مان آهيون يار، او چنڊ‘، ’سڀڪا مومل سڀڪو راڻو‘، ’ساري رات ستارا جاڳيا‘ وغيره اهڙا گيت آهن، جيڪي ڪيتري ئي وقت گذرڻ کان پوءِ به سنڌي شاعريءَ جي روشن ستارن وانگر چمڪندا رهندا.“ (عظيم، 1963: 26-27)
اياز جي گيتن جا موضوع توڙي ٻولي ايترا رچيل، رسيل نوان ۽ ڇُهندڙ آهن، جو انهن کي روايتي گيتن سان ڀيٽي ئي نٿو سگهجي. هُن نه فقط گيتن ۾ پر پنهنجين باقي صنفن ۾ پڻ اهائي ريت روا رکي آهي. “ڀونر ڀري آڪاس” ۾ پنهنجن اهڙن گيتن لاءِ اياز لکي ٿو: “هن مجموعي ۾ دوهي ۽ گيت جو موضوع به ڪلاسيڪي دوهي ۽ گيت کان زياده وسيع آهي. ڪوئي به دوهو يا گيت ڪنهن به هندي يا اردو گيت جي تقليد نه آهي. جيتوڻيڪ مون انهن جي مخصوص مزاج برقرار رکڻ ۽ هندي آميز زبان سان انهن جي مخصوص ڪيفيت پيدا ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي آهي.” (اياز،1995 :3)
اياز گيت کان هڪدم پوءِ منظوم ناٽڪ ڏانهن هليو ويو. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي چوڻ موجب: ”شيخ اياز جو جڏهن ’مندن جو منڊل‘ ناٽڪ ڇپيو، تڏهن هو چوويهن ورهين جو نوجوان هو ۽ کيس شاعريءَ ۾ نون سالن جو تجربو هو“. (انور فگار، 2007: 44 ) اها هڪڙي عجيب ڳالهه چئبي ته هڪ نوخيز شاعر، جنهن اڃا شعر جي رَند تي ڪو گهڻو پنڌ به نه ڪيو هو، سو ’اوپيرا‘ جهڙي ڏکي، محنت طلب ۽ فني پختگيءَ جي گهُرجائو صنف تي طبع آزمائي ڪرڻ لڳي. اياز کي ان معاملي ۾ اهو لاڳيتو رياض ڪم آيو، جيڪو هُن سنڌي، اردو، فارسي ۽ بعد ۾ انگريزيءَ جي اڪثر عظيم ۽ وڏن شاعرن جي اڀياس وسيلي ڪيو هو. اها تپسيا هن جي فنڪارانه جوهر کي وڌ کان وڌ نکاريندي رهي. جيتوڻيڪ اياز جو پهريون منظوم ناٽڪ ٻارن لاءِ لکيل آهي، پر اُهو ناٽڪ اياز جي شاعرانه ڪمال ۽ فنڪار طور اُٿڪ ۾ هڪ وڏي ڇال جو درجو رکي ٿو. هيءُ ناٽڪ معصوميت ۽ تخليقيت جو حسين امتزاج آهي، جنهن ۾ ويچار ته ٻارن وارا آهن، پر پيشڪش نهايت شاهڪار۽ خيال گهرا ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. 
گهمي جهان ڏٺو مگر، وطن وري به آ وطن-
وطن وري به آ وطن.
اسين ڪڏهن ’سري نگر‘، ڪڏهن ’مها بليشور‘،
ڪٿي اها فضا نه هئي، اُڪير ئي اها نه هئي،
سَنهي سُئيءَ سبيو اياز، سنڌ سان مُدام من!
وطن وري به آ وطن.
هيءُ ”سنگيت ناٽڪ“ ٻارن لاءِ لکيل آهي، هن جو نالو ”مندن جو منڊل“ به ان پس منظر ۾ ئي آهي، ڇو ته منجهس مندن جي رنگا رنگيءَ سان گڏ ٻارن خاص طور ڇوڪرين جي زندگيءَ، روين ۽ سرگرمين کي چٽيو ويو آهي. اياز هن ناٽڪ کي ايترو ته رسيلو ۽ مترنم رکيو آهي، جو ان جي هدايتي نثري جملن کي ڇڏي، هر سٽ ڳائي سگهجي ٿي. هر سٽ ۾ غضب جي رواني ۽ نغمگي موجود آهي. پر جيڪڏهن رڳو مٿئين بند جي موضوع تي غور ڪجي ٿو، ته اياز جي بعد واري شاعريءَ ۾ وطن سان محبت جي جيڪا اونچي عمارت ڪَر کنيو بيٺي آهي، تنهن جا بنياد سمجهه ۾ اچي ٿا وڃن. ”سنهي سُئيءَ سِبيو اياز، سنڌ سان مُدام من“ ڀٽائيءَ جي شعر ”سَنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين من“ جو ئي ورجاءُ يا پڙاڏو آهي، پر ان ۾ اياز جي شخصي جذبات جي گهرائيءَ کي به ڏسي سگهجي ٿو. هن ’ماروءَ‘ جو لفظ ڪڍي، منجهس
’سنڌ‘ وڌو آهي- ايئن ’سنڌ‘ لفظ سان پنهنجي ازلي وابستگي ۽ ’قالو بليٰ‘ واري رشتي جي تجديد هن تڏهن ئي ڪري ڇڏي هئي. وطن سان محبت هن جي شاعريءَ جي لاءِ هڪ قدر جي حيثيت اختيار ڪري وئي، ۽ هو آخر تائين ”سنڌ سنڌ“ جي تسبيح سوريندو نظر آيو.
اياز پنهنجي ابتدائي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري ته پنهنجين لوڪ ۽ ڇند وديا تي آڌاريل صنفن دوهي ۽ بيت طرف دلي ۽ شعوري طور ڌيان ڏنو. هن نه فقط انهن صنفن ۾ نڀايل روايتي موضوع، ڪردار ۽ علامتون بدلايون، پر انهن جي ٻوليءَ کي به اصلوڪي روايت سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اهو سڀ هن جي شعوري عمل جو نتيجو هو. هو ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ابتدا ۾ لکي ٿو: ”منهنجي بيت جي هيئت قديم شاعريءَ جي بيت جهڙي آهي، باقي ان جي موضوع ۾ جدت آهي. بيتن ۾ ڪم آندل ٻولي ٺيٺ سنڌي آهي. ڇو ته بيت جي ٻوليءَ ۾ فارسي آميزيءَ جي گنجائش بلڪل نه آهي ۽ هندي آميزيءَ جي گنجائش به گهٽ آهي.“ (اياز، 1995: 1) 
بيت سان گڏوگڏ هن جيڪي روايتي يا جديد هيئتون اختيار ڪيون، تن ۾ به هن جي تجربي ۽ انفرادي رنگ کيس هڪ نمائنده ۽ اڳواڻ شاعر جي حيثيت عطا ڪئي ته اياز وٽ روايت کان سکيو ضرور آهي، پر ان جي فرسودگيءَ ورجائڻ مخصوص اصطلاحن، بار بار استعمال ٿيڻ ڪري بي رنگ ٿي ويل تشبيهن، استعارن ۽ ترڪيبن سان ترڪِ تعلق ڪيو آهي. هن اجنبيت کان پنهنجائپ طرف سفر طئي ڪيو آهي. اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته ”نظم، آزاد نظم ۽ غزل ۾ اياز جو رنگ ئي پنهنجو آهي. عروض جي حد بندين اندر رهي، هن پاروٿين صنعتي بندشن کان نظم ۽ غزل کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهي روايت کي رهبر بنائيندي، سنڌ جي نون شاعرن جي نظم ۽ غزل کي فارسي مجهوليت، اردو ترڪتال مان ڪڍي، خالص سنڌي رنگ ڏنو آهي.“ (عظيم، 1963: 27) 
ورهاڱي جي ٿيندي ٿيندي، شيخ اياز هڪ شاعر طور مڪمل تعارف حاصل ڪري چُڪو هو. 1954ع ۾ هن جو شايع ٿيل پهريون مجموعو ”بُوءِ گل، نالئه دل“ هن جي شاعرانه صلاحيت  جو مثال پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، جنهن ۾ ٻولي، لغت، موضوع ۽ بندش اردوءَ جي ڪنهن به سقه بند ۽ استاد شاعر کي به متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، پر سنڌيءَ ۾ به هُن جي تخليقي روش گهٽ غير روايتي نه آهي. 1946ع واري اليڪشن دوران اياز جو هڪ مثالي انقلابي گيت ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“ سامهون آيو، جيڪو پهرين جهازي مزدورن جي احتجاجن ۾ ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي گونجندي ٻڌو ويو، ۽ اُن ئي سال ٿيل اليڪشن دوران عمرڪوٽ جي آس پاس، ٿر جي ڀٽن ۽ ڏهرن ۾ ٻُڌو ويو، جڏهن اياز ايم اين راءِ جي ريڊيڪل پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن طور، محمد ابراهيم جويي، ولاس ۽ شيلا سان گڏجي، پنهنجي پارٽيءَ جي اُميدوار عبدالغفور سرهنديءَ جي ورڪ لاءِ هڪ مهيني تائين ٿر ۾ وڃي ترسيو هو ۽ بقول محمد ابراهيم جويي جي، ايئن اياز پنهنجي ابتدائي فني ۽ فڪري لاڙن ۾ ئي هڪ مختلف ۽ جُدا واس ۽ ورن جو شاعر ٿي اڀريو هو، جنهن ٻوليءَ ۽ گهاڙيٽن جي سطح تي روايتي عروضي شاعريءَ جي جمود ۽ يڪ رنگيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ فني سطح تي ڪشنچند بيوس، دلگير ۽ فانيءَ جي روايت کي اپنايو، ته موضوع ۽ فڪري حوالي سان حيدر بخش جتوئيءَ جي روايت کي اختيار ڪيو. ائين هُو هڪ يگانو، ڌياڪ ڇڪائيندڙ، تيزيءَ سان اڀري آيل ۽ پنهنجي دؤر جي روش ۽ چلن جي ابتڙ هلندڙ شاعر ٿيڻ جون تقاضائون پوريون ڪرڻ جي اهل بڻجي سگهيو.
دراصل اياز جي شخصيت ۽ شعر جي اولين خوبي ۽ انفراديت هر قسم جي روايت ۽ فرسوده گهاڙيٽن ۽ تصورن کان بغاوت هئي. هونئن ته اها بغاوت گهڻ رخي ۽ گهڻ طرفي آهي، پر هن جيڪا سڀ کان پهرين بغاوت ڪئي، سا شاعريءَ جي روايتي ٻوليءَ سان هئي. هن جو پهريون شعري مجموعو ”ڀونر ڀري آڪاس“ ته گهڻو پوءِ 1962ع ڌاري آيو، ان کان اڳ ۾ ئي هن ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ جيڪي سهڻا، سجيلا، نفيس احساسن تي ٻڌل، رسيلي ٻوليءَ وارا گيت لکيا هئا، سي هن جي پنهنجي ٻوليءَ سان اٿاهه محبت ۽ پنهنجي لوڪ ۽ اساسي شعري روايت سان ڳنڍجڻ جي سلسلي ۾ پهرينءَ ڳنڍ مثل هئا. 
آءُ سرنهن گل ڪيا، مينهن پيا آءُ
آءُ پرين آءُ!
پنڌ پيو آنهه ڇا؟ چنڊ هنئين ڇو پِڙي؟
آءُ سٻاجها سڄڻ! آءُ گهڙيءَ لئه گهڙي،
چنڊ جيان ڪر چٽاء
آءُ پرين آءُ!.

شيخ اياز ۽ سنگيت ناٽڪ
سنگيت ناٽڪ طرف رجحان ۽ لاڙو اياز جو اوائلي تخليقي لاڙو آهي، جنهن جو وڏو مثال ”مندن جو منڊل“ آهي، جيڪو 1947ع ۾ شايع ٿيو. هي ٻارن لاءِ لکيل هڪ مختصر ناٽڪ آهي، پر ان جي ٻولي، اندازِ بيان، تخيل، فڪر توڙي بندش جي سُونهن ان کي شعر ۽ سنگيت جي حوالي سان هن نئين روايت جو پيش خيمو ٿي بڻائي. قليچ جي ناٽڪ ”ليليٰ مجنون“ (1888ع) کان پوءِ هي ٻيو منظوم ناٽڪ آهي- ۽ جهڙيءَ ريت ڪيترين ئي اهم صنفن جي ابتدا يا انهن جي نئين سر بحالي اياز جو ڪارنامو شمار ٿئي ٿو، اهڙيءَ ريت نئون سنگيت ناٽڪ پڻ اياز جي ئي تخليقي مزاج ۽ رجحان ساز طبيعت جو ڪرشمو قرار ڏئي سگهجي ٿو. ڇو ته ارجن شاد جو ناٽڪ ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ 1966ع ۾ لکيو ويو هو، جنهن کي هن مهل تائين ٻيو سنگيت ناٽڪ شمار ڪيو ٿي ويو، ائين ئي آغا عبدالنبيءَ جو ناٽڪ ”دنيا دورنگي“ جيتوڻيڪ 1914ع ۾ شايع ٿيو آهي، پر اهو نثر ۽ نظم جي گڏيل امتزاج تي بيٺل آهي. جيتوڻيڪ هن ڊرامي جي خاص خوبي اُن جو اسلوب، عبارت ۽ اڃا به مقفيٰ نثر ۾ بيان آهي. تڏهن به هن ڊرامي ۾ گيت، رباعيون، قطعه ۽ نظم جا ٻيا گهاڙيٽا چڱي تعداد ۾ ڪتب آيا آهن. اها ئي طرز مرزاقليچ بيگ جي ڊرامن شاهه ايليا، حسنا دلدار، شڪنتلا ۽ خورشيد وغيره ۾ به هئي. بهرحال ”دنيا دورنگي“ کي مڪمل منظوم ڊرامو نٿو چئي سگهجي، ان ڪري ليليٰ مجنون (1888ع) کان پوءِ 1947ع تائين، لڳ ڀڳ 60 سالن دوران ڪوبه مڪمل سنگيت ناٽڪ يا منظوم ڊرامو موجود نٿو ملي.
اياز جو ”مُندن جو منڊل“ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ منظوم ناٽڪ جي حوالي سان ٻيو سنگ ميل آهي. ”مندن جو منڊل“ هڪ دلچسپ، سادو سلوڻو، مٺاس سان ڀريل ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ غير روايتي ٻال ناٽڪ آهي، جنهن ۾ ڪجهه ساهيڙيون کُوهه تي گڏجن ٿيون، ۽ اُتي انهن وچ ۾ موسمن جي بدل سدل، فطرت جي رنگارنگي، بادلن ۽ انڊلٺن، ننڍڙين دلين جي دهڪڻ سميت سانتيڪن جذبن جي اڀرڻ جو به احوال ملي ٿو: 
پهرين ٻن مان هڪ: وسڪارو وڄ پاڻي جل ٿل، ساوڻ جون راتيون،
ٻي: دل جي دنيا ۾ هل چل سان آيون برساتيون،
ٽين: سانتيڪا سانتيڪا جذبا، ڇو تن ڀڙڪيا؟
سڀ گڏجي: ڪارا ڪارا، بادل اُڀ تي، جهوليندا آيا،
عالم تي ڇايا.
.....
ٽين: ڪوڪ وڌي ٿي ڪويل جي ڄڻ، ڪاتي ساوڻ ۾،
پيهو پيهو هاءِ پپيهي، لاتي ساوڻ ۾،
مور نچي، پر ڦهلائي، ٿي بادل ريجهايا!
سڀ گڏجي: ڪارا ڪارا، بادل اُڀ تي، جهوليندا آيا،
  عالم تي ڇايا.
اُها گفتگو بظاهر سادي سُودي، عام فهم ۽ سَرل آهي، پر اُن ۾ جيڪا گهرائي ۽ فطري اُپج آهي، اُها ڪنهن ٻال ناٽڪ کان مٿي جي ڳالهه آهي. اياز ٻارن جي ڳالهه ٻولهه ۾، نهايت حسين، متنوع، انوکيون ۽ گهريون ڳالهيون ڀري، انهن جو وزن وڌائي ٿو ڇڏي . ٻوليءَ جي جماليات ۽ منظرنگاري هن ناٽڪ جون انفرادي خاصيتون آهن. ڊرامو بيحد مختصر ۽ ڪُل چئن ننڍڙن منظرن ۽ 18 بندن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ به هر بند ۾ سٽن ۽ ماترائن جو تعداد تبديل ٿئي ٿو. 
اياز جي منظوم ڊرامن ۾ نظم، غزل، آزاد نظم، مُقفيٰ توڙي بي قافيه نظم جا گهاڙيٽا گڏ گڏ سفر ڪندي ڏسجن ٿا، ۽ هُو هڪ ئي وقت بيشمار هيئتون ڪتب آڻي، دراصل پنهنجي موضوع کي وڌ ۾ وڌ وسعت، گهرائي ۽ دلڪشي بخشڻ چاهي ٿو. ڪٿي ڪٿي هُو هڪ ئي منظر ۾، هلندي هلندي بحر پڻ بدلائي ٿو وٺي، ۽ اها ڳالهه کُکندي به پڙهندڙ ناٽڪ جي ان حصي ۾ موجود ٻين خوبين جهڙوڪ بندش، صنعتن، موضوع جي همه گيري ۽ بيان جي دلڪشيءَ ۾ گهيرجي ان ڳالهه کي وساري ٿو ويهي.
شيخ اياز جو ٻيو منظوم ناٽڪ ”دودي سومري جو موت“ ماهوار سهڻي حيدرآباد جي فيبروري – مارچ 1970ع جي شماري ۾ شايع ٿيو. هن ڊرامي ۾ اياز دودي سومري ۽ سندس ڀاءُ چنيسر وچ ۾، اقتدار تان لڳل جنگ واري واقعي کي ڪتب آڻيندي، دودي جي ڪردار کي هڪ شاندار قومي هيرو طور اڀاريو آهي ۽ ڌرتي ۽ ان جي دنگن جي حفاظت لاءِ وڙهي مرندڙ سُورمي طور پيش ڪيو آهي. توڙي جو ڪهاڻيءَ کي هڪ تاريخي پس منظر به آهي، پر اياز ان کي سُگهڙن واري ڳايل دودي سومري جي عام قصي کان گهڻو مختلف، تخليقي ۽ فنڪارانه ڪمال عطا ڪيو آهي. هن قصي ۾ رزميه داستانن وارو جوش ۽ لولو ته آهي ئي، پر جديد دور جي مزاحمتي شاعريءَ جو ڳر ۽ عرق به موجود آهي. اياز جڏهن لکي ٿو:
جي تون وڙهندين ماريو ويندين،
هن وستيءَ تان واريو ويندين،
دودا تنهنجو ساهُه ته ويندو،
ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو -
تڏهن هو هڪ شخص سان نه، هڪ دؤر سان نه، بلڪه ايندڙ ڪيئي دؤرن سان ڳالهائي رهيو آهي. هن ناٽڪ ۾ ابتدا ۾ ئي هڪ گيت ڏنو ويو آهي، ۽ ڇاته سنگيت لئه، مڌرتا، سُريلائي ۽ موسيقيءَ سان ٽمٽار گيت آهي.
جيئو جيئو، پيئو پيئو،
ڇنن ڇنن، ڇن ڇن!
ڪاري رات، اُٻهرو ليئو،
ڇنن ڇنن، ڇن ڇن!
محمد ابراهيم جويي ”دودي سومري جو موت“ کي هڪ علامتي ڊرامو سڏيو آهي. جنهن ۾ جيئڻ لاءِ جنگ جو فلسفو سمايل آهي.
اياز جو ٽيون ڊرامو ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ اپريل - مئي - جون 1970ع جي سهڻي رسالي ۾ شايع ٿيو. هي اياز جي ڊرامن ۾ موضوع جي اعتبار کان ڪافي مختلف ناٽڪ آهي. هڪ سماجي لقاءُ ۽ پنهنجي آس پاس موجود حالتن جي عڪاسي ڪندي موسيقيءَ سان لبريز مڪالمن ۾ فڪر انگيز معاملا اٿاريا ويا آهن. تاريخي واقعن ۽ ڪردارن بجاءِ هن ڊرامي ۾ تاريخي شعور جو علامتي اظهار ٿيل ملي ٿو ۽ پنهنجي دؤر جي ظلم، بربريت ۽ ڌاڙا گرديءَ خلاف هڪ مزاحمتي ويڙهه جي ڪهاڻي خلقي وئي آهي. اياز جي سموري شاعري ٿلهي ليکي هر قسم جي ظلم خلاف بغاوت جو آواز آهي، تنهن ڪري رني ڪوٽ جا ڌاڙيل پڻ بزدلي، خوف، هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ خاموشيءَ سان ظلم سهڻ بجاءِ ان سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿو. 
اياز جو چوٿون منظوم يا سنگيت ناٽڪ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“
آهي، جيڪو 1987ع ۾ الڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو هو. هن ناٽڪ بابت اياز جي اهم نقاد رشيد ڀٽي صاحب ايترو ته مفصل، گهرو، مؤلل ۽ وزنائتو لکيو آهي، جو ان بابت وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي گنجائش ئي نٿي بچي. اهو ئي سبب آهي جو پوءِ وارن اڪثر نقادن ۽ ليکڪن ساڳيون ڳالهيون ۽ نُڪتا ئي ورجايا آهن. البته اياز جي ڊرامن ۾ به هيءُ ڊرامو باقي سڀني کان منفرد، فني سطح تي ڪيترن ئي تجربن جو نرالو مثال ۽ بيان جي سطح تي انتهائي اثر انگيز آهي. اياز جو اهو ڊرامو هن جي تحريرن ۾ ڪنهن ڪلاسڪ کان گهٽ نه آهي، جنهن ۾ هن ان دؤر جي سياسي سماجي حالتن، انقلابي تحريڪن، سازشن، تاريخي واقعن، فڪري لاڙن ۽ ڀڳ سنگهه ۽ ان جي ساٿين جي فڪر، جدوجهد، بهادري ۽ قربانيءَ کي اختصار ۽ گهرائيءَ سان سمورن تخليقي گڻن کي ڪتب آڻيندي، شاندار فني انداز ۾ محفوظ ڪيو آهي. هيءَ ڊرامو اياز جو اهڙو شاهڪار آهي، جيڪو ادبي تاريخ ۾ ڪڏهن به نظرانداز ٿي نه سگهندو.
اياز جي چئني سنگيت ناٽڪن ۽ انهن جي اڀياس تي مشتمل هيءُ ڪتاب دراصل اياز کي وري وري پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي خواهش جو نتيجو آهي. جيئن هر رخ کان اياز جي تخليقي دنيا کي ماڻي ۽ ڄاڻي سگهجي.

اسحاق سميجو
ڄام شورو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 870
Kitab Jo Nalo : AYAZ  JA  SANGEET  NATAK

Poet : Shaikh Ayaz 
Compiled by : Ishaq Samejo 

First Edition © Roshni 2017
Pages : 232
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG