SINDH PANI CASE 1859 KHAN WATHI KALABAGH DAM TAIN







































رسول بخش پليجي صاحب جي هن ڪتاب ”سنڌ پاڻي ڪيس: 1859ع کان وٺي ڪالاباغ ڊيم تائين“ ۾ سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي حصي پتيءَ جي پاڻيءَ تي پنجاب جي حڪمران طبقي طرفان گذريل ڏيڍ صديءَ کان غير قانوني، غير آئيني، زور زبردستي لڳندر ڌاڙن، ڪيل ويساهه گهاتين، اُرهه زوراين، ناانصافين، ڪيل سازشن، پاڻيءَ جي ورڇ ڪرڻ لاءِ انگريزن جي دؤر کان وٺي ٺهيل مختلف ڪميشنن ، ڪميٽين انهن طرفان ڪيل فيصلن ۽ ٺاهن، پنجاب جي حڪمران ٽولي طرفان انهن فيصلن ۽ ٺاهن جون بار بار ڀڃڪڙيون ڪرڻ ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جي حصي پتيءَ جي پاڻيءَ تي لڳندر ڌاڙن خلاف ڪيل سنڌ ۽ ملڪگير جدوجهدن جو تفصيلي مواد تاريخي حقيقتن ۽ حوالن سان شامل آهي.
پنجاب ۽ سنڌ، ٻئي سنڌو درياءَ ۽ ان جي سٿ جي مٿين پنجن ندين جي پاڻيءَ ۾ تاريخي طور ڀائيوار آهن. پنجاب منڍ وارو ڀائيوار آهي ۽ سنڌ پوڇڙ وارو ڀائيوار. دنيا ۾ جيئن ٻين شين زمينن، ملڪيتن، ڌنڌن ۽ ڪاروبار جي ڀائيواريءَ جا قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي  قائدا ۽ قانون آهن، تيئن درياهن جي پاڻيءَ جي ڀائيوارن جا به قائدا ۽ قانون آهن.
رسول بخش پليجي صاحب سنڌو درياءَ ۽ ان جي سٿ جي مٿين پنجن ندين جي پاڻيءَ جي ورهاست ۽ ڀائيواريءَ جي مسئلي تي بي انتها علمي ۽ تحقيقي ريسرچ ڪري دريا هن جي پاڻي ۾ منڍ ۽ پوڇڙ وارن ڀائيوارن جي حقن بابت هندوستاني، پاڪستاني، اسلامي توڙي بين الاقوامي قانونن ۽ قاعدن جي روشني ۾ مُستند دليلن ۽ تاريخي حوالن سان مختلف وقتن تي جيڪي مضمون ۽ مقالا لکيا هئا، پريس ڪانفرنسون ڪيون ۽ انٽرويوز ڏنا هئا، انهن کي سهيڙي گڏ ڪري جيئن جو تيئن ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي.
1995ع ۾ پليجي صاحب جو لکيل ڪتاب ”ڪالاباغ ڊيم خلاف ڏهن سالن جي جدوجهد جو تاريخي داستان“ به هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پليجي صاحب هڪ طرف ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿيندڙ پرامن عوامي جمهوري جدوجهدن، جنهن ۾ مظاهرن، بک هڙتالن، جلسن، جلوسن، ڪيل پيادل لانگ مارچن، پريس ڪانفرنسن، مختلف سياسي، سماجي تنطيمن، اديبن، شاعرن، صحافين، آبادگارن ۽ هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جي موقف ۽ انهن طرفان ڏنل اخباري بيانن سڄي سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڪيل دورن جا تفصيل ڏيڻ سان گڏ ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران ڪالاباغ ڊيم جو نالو بدلائي انڊس ڊيم رکڻ جو اعلان ڪيو ويو. 20 جنوري جي روزانه ”جنگ“ ڪراچي، جي پهرين صفحي تي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نالي سان خبر ڇپي:
’’کالاباغ ڈ یم کے منصوبے میں ردوبدل کردیا ہے٬ انڈس ڈ یم کو یکسر مسترد نہ کیا جائے-‘‘ بینظیر
بي نظير ڀٽو جي مٿئين اعلان تي فوراً پليجي صاحب ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ”ڪلالاباغ ڊيم جو نالو ڀلي شاهه ڀٽائي رکو، پر ته به اهو ٺهڻ نه ڏبو. زهر تي آب حيات جو ليبل لڳائڻ سان اهو امرت ٿي ڪونه پوندو. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي درياءُ شاهه کي ايئن گهٽو ڏئي مارجڻ نه ڏيندو، جن به سازش ۾ شرڪت ڪئي، سي ماڻهن جي نظرن ۾ مير جعفر، ايوب کهڙي ۽ راشدي کان به بڇڙا ٿيندا.“
پيپلز پارٽي جي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير غلام مصطفيٰ کر طرفان زور شور سان مهم هلائي وئي ته ”غازي ٿيندس يا شهيد پر ڪالاباغ/انڊس ڊيم ضرور ٺاهيندس.“ ڪالاباغ ڊيم انڊس ڊيم جي حق ۾ پيپلز پارتي طرفان هلايل مهم جو رڪارڊ پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
پيپلز پارٽي جي حڪومت طرفان ڪالاباغ/انڊس ڊيم ٺاهڻ لاءِ وفاق ۽ پنجاب جي چونڊيل ميمبرن طرفان زوردار مهم هلائڻ ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت، چونڊيل ميمبرن، وزيرن، مشيرن ۽ صلاحڪارن جي ڦرندڙ گهرندڙ سياسي موقف ۽ بيانن جو ٺوس ۽ تُز تجزيو ڪري سڄي صورتحال جي ڇنڊڇاڻ ۽ آپريشن ڪئي وئي آهي.
محترم رسول بخش پليجي صاحب جو هي ڪتاب سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن بابت هڪ اهڙو تاريخي، مَستند ۽ مدلل سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جي مڪمل بچاءُ ۽ تحفظ لاءِ علمي، تحقيقي ۽ فڪري پورهئي ۽ ڪيل جدوجهد تي مشتمل ناياب ۽ شاهڪار ڪتاب آهي، جيڪو سنڌي عوام جي بنيادي معلومات ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

اسماعيل خاصخيلي
لال جروار

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 851
Kitab Jo Nalo : SINDH PANI CASE
1859 KHAN WATHI KALABAGH DAM TAIN

by : Rasool Bux Palijo 

First Edition  © Roshni 2017
Pages : 392
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 550.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG