ISHQ JA CHALIH USOOL (Novel)




















































سادگي ۽ ڏاهپ جو سنگم

سنڌي ادب جي وسعت ۽ زرخيزيءَ جو اندازو، ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هر صنف تي، مستقل ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا. سنڌ ۾، ڪتاب پڙهڻ وارو به هڪ وڏو حلقو موجود آهي.
ادب، ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جو مکيه ذريعو آهي. سنڌي ادب جي اوسر ۾ نوجوانن جو هر دور ۾، ڀرپور حصو رهيو آهي، جن ۾ ڄاڻ خزاني سان گڏ، نئين دور جو علم ۽ ساڃهه پڻ موجود آهي.
نون لکندڙن ۾ مهراڻ ايوب جو نالو تيزيءَ سان اُڀري سامهون آيو آهي. مهراڻ سان منهنجي ملاقات، حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ ٿي. ڪتاب جي مهورت جو سٽاءُ سهيڙيو ويو هو، جنهن ۾ منهنجي ناول ”مکي کان موڪلاڻي“ سان گڏ، سندس ناول ”سعي“ به شامل هو. هن باوقار انداز ۾ ڪتاب جو تعارف پيش ڪيو. سندس شخصيت جي سادگي ۽ لهجي جي سمجهداري ڌيان ڇڪائيندڙ هئا. ذهين ڇوڪريون ، سادگيءَ ۽ روين جي سڀاءُ ۾ متاثر ڪنديون آهن، جن جي لهجي ۽ لفظن مان خانداني تربيت جو اندازو ٿيندو آهي. 
مون کي مهراڻ کي ڏسي خوشي ٿي. سندس ناول ”سعي“ کي، سنڌي لينگوئج اٿارٽيءَ پاران، سال 2016ع جو بهترين ناول قرار ڏنو ويو آهي. مهراڻ، ڪجهه ڏينهن اڳي، لهجي ۾ خوشيءَ ۽ فخر جا جذبا پروئي ٻڌايو ته هن ايلف شفق جو جڳ مشهور ڪتاب ”The forty rules of love“ ترجمو ڪيو آهي. اهو ٻڌي بيحد خوشي ٿي. ايلف شفق، ترڪي جي مقبول ترين ليکڪا آهي، جنهن 1971ع ڌاري فرانس ۾ جنم ورتو. پاڻ مختلف ناول لکي ڪيترا اعزاز ۽ ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي. سندس ڪتاب چاليهه کن ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، خاص طور تي سندس ناول ”دي فارٽي رولز آف لَو“ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي آهي. محبت جھڙي لازوال موضوعن کي سهيڙيندي، ليکڪا ماضي، حال، دنياداري ۽ روحانيت جهڙن دلچسپ رخن تي بحث ڪيو آهي. هن ڪتاب ترڪيءَ جي سماجي زندگيءَ کي محبت، خاندان، انفرادي آزاديءَ، تصوف ۽ نجات جو آئينو ڏيکاري ڇرڪائي رکيو. مولانا جلال الدين رومي ۽ شمس تبريز جي حوالي سان لکيل هن ناول جو مشرق توڙي مغرب وڏو آڌرڀاءُ ڪيو آهي، جنهن وسيلي ترڪي جو قديم فڪر توڙي صوفي ورثي متعلق وڏي ڄاڻ ملي ٿي. مادي ضرورتن جي پورائيءَ کان پوءِ، مغرب روحاني خال ڀرڻ لاءِ تصوف جي موضوع ڏانهن موٽ کاڌي آهي. يورپ ۾ زيرِ بحث جديد موضوعن جو مرڪز وجود، محبت ۽ روحانيت آهن.
سنڌي ادب ۾ ترجمن جي وڏي اهميت رهي آهي. سٺ/ستر واري ڏهاڪن دوران روس، فرانس، جرمني، انگلينڊ ۽ آمريڪا تائين جا ڪهاڻيون ۽ ناول ترجمو ڪيا ويا، جن سنڌي اديبن کي سوچ جي وسعت ۽ موضوع جي نواڻ ڏني. انهن ترجمن، سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو ڪيو. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. ان سلسلي جي خوبصورت ڪڙي هن ڪتاب جو ترجمو به آهي، جيڪو هڪ محنت طلب مرحلو هو، جنهن کي مهراڻ مستقل مزاجيءَ سان توڙ نڀايو. هن لفظي طور تي ترجمو ڪرڻ بدران، احساس کي سمجهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪيو آهي. ڪٿي به خيال يا تسلسل ٽٽندي محسوس نه ٿو ٿئي. 
مهراڻ هي پيدائش، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ ٿي. پاڻ قنبر گرلس ڪاليج ۾ علمي سفر کي همٿائي رهي آهي. سندس والد ڪامريڊ محمد ايوب ٻرڙي جي حوصله افزائيءَ جو نتيجو آهي، جو اڄ هوءَ علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهي آهي. مهراڻ جي ويجھي سهيلي خديجه کيس ان ڪتاب جي ترجمي لاءِ اُتساهيو. مهراڻ ايوب سان گڏ، خديجه به مبارڪباد جي مستحق آهي، جنهن مهراڻ کي همٿايو ۽ سنڌي ادب ۾ احساساتي سگهه تي مشتمل هڪ منفرد ڪتاب جو اضافو ڪرايو.
هي ڪتاب سوچ کي لوچ عطا ڪندو، انساني زندگيءَ ۽ ڪائنات جا ڪيترا ئي اڻ دريافت ٿيل رخ به سامهون آڻيندو.

شبنم گل

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 855
Kitab Jo Nalo : ISHQ JA CHALIH USOOL (Novel)

By: Elif Shafk
Translated by: Mehran Ayoob

First Edition © Roshni 2017
Pages : 400
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 500.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو


Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG