GONDAR MUHINJY GOAD MAIN









































اَلا تو آهر!

”لنڊن ڏانهن اُڏام ٿئي ها، ڪنهن تعليمي رِسرچ جي واسطي سان، ڪنهن تاريخي، آرڪيالاجي، معلومات جي باري ۾، سير تفريح جي سلسلي ۾ ته (ڪيا بات!) ڇا چئجي!“
پر ائين هو ڪونه، اهي ڏينهن، اها صحت، سفر جو اهو سلسلو زندگيءَ جي معمولَ ۽ مزي وارن ڏينهن مان نه هو، تنهن ڪري، استاد جي لفظن ۾ سندس ذهني ڪيفيت، ڪاٽيل لغڙ وانگر هئي- ليڪن بخاري صاحب وٽ، جنهن ڳالهه جي اهميت هئي، سا هيءَ ته:
”ڊُڪندي، ڊوڙندي، لُڇندي پُڇندي، جيڪو سامهون آيو ۽ جيئن ۽ جيترو ٿورو به، اکرن ۾ اَٽڪائيندو وڃان- ڇو ته اهي به پياري کان پياري، سُهڻي کان سُهڻي، پهريون ۽ آخري دفعو مليل زندگيءَ جون نِشانيون آهن...!“
صحت ۽ سَرير کي نظر ۾ رکِي، بخاري صاحب چوندو هو ته، ”هنن حالتن ۾ پاڻ کان جيترو ڪڍي سگهان ٿو، ڪڍان! ٻُڏِي ٻيڙيءَ جون هريڙيونبه چڱيون.!“
اُستاد کي، عُمر جي اختصار ۽ تنگ دِلي کان شڪايت اڳي ئي هئي، ويتر اهڙي بيماريءَ، زندگيءَ جي لڪير ڇِڪي ڏني هئي.
تنگ دِل عُمرِ، ڪيو هو ڪَڪِ نه ته،
ڪيترو وقت هو اڳيان منهنجي!
ڪنهن به ڪَلاوانَ کي ڌُوڙ ڌوئيو ٿي ڏسڻ گهرجي- سچ به، آءٌ دل ۽ اکين تي چاههَ جا چقمق چاڙهي، اُستاد جي ڏات جون گهِٽيون ٻُهاريندو رهيو آهيان. ۽ ائين هن جا سونا روپا احساس، ويندا هِن منهنجي چاههَ جي چقمق سان چُنبڙندا!
استاد بخاريءَ جي ڏات ۽ ذات، ڪنهن هڪ فرد لاءِ نه، پر سڄِي سنڌ لاءِ تمام گهڻي اهميت ۽ اعتبار واري رهي آهي. بقول سائين سراج جي ته، ”شيخ اياز کانپوءِ هُو، استاد بخاريءَ کي شاعريءَ جي حوالي سان پيار ڪري ٿو ۽ اعتبار ڀريو سمجهي ٿو.“ سندس آخري دؤر جي شاعري، جيڪا اسان وٽ
”جُستجُوا لاتَقنَطُوا“ جي صُورت ۾ آهي، احساساتي لحاظ کان گهڻي گهري ته آهي ئي، پر اهو به ڏَسي ٿي ته، استاد موت سان ڪيئن ٿو هٿ ملائي! ۽ زندگيءَ جي شان کي ڪيئن ٿو برقرار رکي! تنهن ڪري، اهو ڏسڻ لاءِ، هي ڊائري حادثي جو شڪار ٿيل جهاز جي ”بلئڪ باڪس“ جيتري اهم بنجيو ٿي وڃي. 
استاد جو، هي تحريري بيان به ايترو ئي سچو ۽ اهم آهي، جيترو، ڪنهن آخري پساهن واري ماڻهو جو سمجهيو ويندو آهي.
لنڊن جي هي ڊائري، ڪنهن نظاري باز جي اکين جو اولڙو نه، پر حُسن کي الله جو مظهر ۽ زندگيءَ جي آخري هڏڪيءَ کي به ڀيروي سمجهندڙ شاعر جي احساسن جي ترجمان آهي، جنهن ڏٺو پئي ته، سندس سِجّ، ڪيئن نه ڪارن ڪڪرن جي اوٽَ ۾ ايندو ٿي ويو!
”1981ع ۾، منهنجي هڪڙي طبعي، جذباتي زندگيءَ جو سج لهي چُڪو هو، پر چنڊ اُڀ تي اڃا هو. آڪٽوبر 1989ع ۾ اهو چنڊ به لهي ويو. پوءِ آسمان ۾ جُهڙ ئي جُهڙ نظر آيو. اهو تارو به ڪڏهن ٻُڏو ٿي ويو، ڪڏهن اُڀريو ٿي. ڪلهه لنڊن ڪرام ويل هاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر ايوب ايوبي سان ملڻ بعد ان تاري تي به ڪڪري اچي وئي آهي.“  (20.05.1990) 
ته پوءِ باقي ڇا ٿي بچيو!؟ موڪلاڻيون؟ وصيتون؟ ڪنهن اهم ڪم جو اُلڪو!؟
زندگيءَ کان، ڌرتيءَ کان، دلپرتيءَ کان، ڪوئي ڪيئن موڪلائي!؟ اهو ڏَسُ هُو ڏانهن کان اڳ ئي پُڇندو ٿي رهيو-
اهو ڪير ڏاهو ڏَسي، جان جِند کان،
ڪئين موڪلائي، ڪٿان موڪلائي؟

ٽُٽي پوندي اُستاد، دادوءَ جي دل،
بخاريءَ کان مورو متان موڪلائي!
هاڻي سندس نظر ۾ اهم ڪم هو، شاعريءَ جي ڪتابن جي سهيڙ ۽ سُٺي نموني سان ڇپائي، جنهن لاءِ اچڻ سان ئي سندس حڪم ٿيو ته:
”جيترو جلد هت اچي ويندا اوترو بهتر. ان لاءِ ته ڪتابن ڇاپرائڻ جي سلسلي ۾ اوهان سان ڪي صلاحون ڪرڻيون آهن. وقت نهايت قيمتي آهي. آءٌ انتظار ۾ هوندس!“
لنڊن جي هي ڊائري، ان سفر ۽ سُورن جو حصو آهي، جن مان سائين پئي گذريو. قربدارن جي ڪرمنوازين جا قصا ۽ ٿورا به ڳاتا  اٿائين، جن، جنهن به قسم جو هٿ ونڊايو ۽ وڌايو. شاعريءَ واري حصي ۾ اسان کي چِيري وَرنن چپن جون جهلڪيون به نظر اچن ٿيون، ته اوقيانوس جي آگميل آسمان جهڙين اکين جون ڳالهيون به، ته جاڳ جا سپنا به!
هن ڊائري، توڙي شاعريءَ ۾، استاد جي انهن ڏينهن جي احساسن ۽ ارمانن کي چڱيءَ طرح پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو.
سڏيو ٿا ته، جُهومي جمالو چوان ٿو،
ڏسو ها ته، انگ انگ ۾ گهاءُ هوندو!

علي دوست عاجز

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 853
Kitab Jo Nalo : GONDAR MUHINJY GOAD MAIN

Wirten by : Ustad Bukhari
Compiled by : Ali Dost Aajiz

First Edition © Roshni 2017
Pages : 232
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG