SHAIRI’A JOON SINFOON









































شاعريءَ جي صنفن تي لکيل ڪتابن مان، مفصل ۽ جامع انداز ۾ ڪنهن به هڪ صنف تي، ڪا اهڙي تحرير منهنجي نظر مان نه گُذري آهي، جنهن کي پڙهندي، ڪنهن صنف کي سؤلائي سان سمجهي سگهجي! ڪيترائي سيکڙاٽ شاعر ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي مضمون ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري ڪندڙن کي شاعري جي مختلف صنفن کي سمجهڻ ۾ ڏاڍي ڏُکيائي پيش اچي رهي هئي. انهي ضرورت کي محسوس ڪندي، جڏهن ’روشني پبليڪيشن‘ وارن، مون کي شاعريءَ جي صنفن تي ڪتاب لکي ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، تڏهن مون اُن وقت تائين ر ُڳو ”وائي“ ۽ ”سانيٽ“ تي ئي مضمون لکيا هئا. مون حامي ڀري جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن مون کي تجربو ٿيو ته جنهن ڪم کي مون آسان ڪري ورتو هو، اهو ڪم ڪيتري قدر نه مُشڪل آهي!
هِن ڪتاب جي لکڻ دؤران، مواد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ مان هڪ مهينو ڏهه ڏينهن، حسرت موهاني لائبريري، سنڌالاجي جي ريسرچ لائبريري ۽ دائودپوٽو لائبريري ۾ بنا ڪنهن ناغي جي وڃي ڪم ڪندو هيس.
مون هِن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته هر صنف جي فني گهُرجن، ان جي موضوعن ۽ ان جي اهميت ۽ افاديت تي اهڙي نموني لکجي، جو هر صنف کي نه رُڳو سمجهڻ ۾ سؤلائي ٿئي، پر اُن صنف بابت جيڪا به بُنيادي ڄاڻ آهي، اُها ڏيڻ گهُرجي ته جيئن هر صنف جي شڪل صورت ۽ ان جو رنگ روپ، پڙهندڙ جي اڳيان واضح ٿي سگهي. ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهيان؟ اهو فيصلو، پڙهندڙ ئي بهتر نموني ڪري سگهن ٿا.
جيئن ته هِن ڪتاب جو مقصد، شاعريءَ جي صنفن بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي، سو انهي ڪري مون مختلف صنفن تي تفصيلي لکيو آهي، مختلف صنفن تي لکندي انهن صنفن جي ڪجهه شاعرن جا نالا به لکندو ويو آهيان، ظاهر آهي، کوڙ شاعرن جا نالا لکڻ کان رهجي ويا هوندا، ان لاءِ معذرت خواهه آهيان.
مون هي ڪم نج تحقيقي انداز ۾ ڪيو آهي، هن ڪم ڪندي مون کي ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي رهنمائي رهي، جنهن جي مفيد مشورن جي روشني ۾ هن ڪتاب کي سنواري بهتر نموني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ مان ڊاڪٽر اسحاق سميجي جو ٿورائتو آهيان.
هِن ڪتاب تي ڪم ڪندي سائين پارس حميد، آسي زميني، منصور سيتائي، پريم پتافي، امر کهاوڙ، دوست سومرو، امين لاکو، اياز لاکير، علي اظهار ۽ طالب حسين کوکر جو ساٿ ۽ سهڪار رهيو. انهي لاءِ مان انهن دوستن جو ٿورائتو آهيان. ٿورائتو ته مان روشني پبليڪيشن وارن جو به آهيان، جن مون تي اعتماد ڪري، مون کان هي ڪتاب لکرايو.
ڪتاب ڪيئن آهي؟ ان بابت اوهان بهتر نموني ٻُڌائي سگهو ٿا. مون کي اوهان جي راين جو انتظار رهندو.

مشتاق گبول

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 850
Kitab Jo Nalo : SHAIRI’A JOON SINFOON

by: Mushtaq Gabol

First Edition © Roshni 2017
Pages : 272
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG