KALAM QUTUB SAIN JAHANIA













































فقير قطب علي شاهه جهانيان
(21 رمضان 1229هه- 16 ذوالحج 1328هه)

سُونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي، صُوفي- اُفق جي هِن ”قطب نما“ تاري، هڪ باڪمال صوفي بُزرگ، ولي الله ۽ صوفي شاعر، حضرت سيد مخدوم، فقير قطب علي شاهه جهانيان بن سيد مخدوم فقير فتح الدين شاهه جهانيان جن جو حسب نسب حضرت امام علي نقي عليھ السلام بن حضرت امام تقي عليھ السلام سان ملي ٿو!
سندن بُزرگ سيد جلال الدين، سُرخ پوش بخاريءَ جي شهر مُلتان جي ويجهو واقع ”اُچ شريف“ ۾ صوفي درويش ۽ اهل الله بزرگ حضرت مخدوم سيد ويڌل شاهه جهانيان (اول) المعروف ويڌل امام جن حيدرآباد (سنڌ) جي ٽنڊي ولي محمد واري ماڳ وٽ اچي سڪونت پذير ٿيا! کانئن پوءِ سندن فرزند، حضرت سيد مخدوم فتح الدين شاهه جهانيان جن وري حيدرآباد (سنڌ) جي ڪينٽونمينٽ جي علائقي (هاڻ ڊفينس ڪالوني، فيز-I) ۾ فوجي بيرڪُن جي اولهه طرف اچي رهائش اختيار ڪئي، جيڪو علائقو ”ٽنڊو جهانيان“ جي نالي سان مشهور آهي. جتي فقير سائين قطب شاهه جهانيان جن جي آخري آرامگاهه، عاليشان ۽ پُروقار درگاهه شريف پڻ واقع آهي. (درگاهه جي تصوير/ فوٽو هن ڪتاب ۾ شامل آهي)
جيتوڻيڪ موجوده دور (يعني 2016-2015ع) ۾ ”درگاهه شريف“ 
جي چؤطرف کوڙ سارا عاليشان نوان بنگلا تعمير ٿي چُڪا آهن، پر اڄ به درگاهه ”قطب شاهه جهانيان“ تي ”مُحبت ۽ عشق“ جا ميڙاڪا ۽ صوفي رنگ جون رهاڻيون/ڪچهريون قائم آهن! جتي، اڄ به ”سَهائي سومار“ جون محفلون (سائين اطهر شاهه جهانيان جي سرواڻيءَ ۾) ٿينديون ٿيون رهن. سالانه ”عُرس مبارڪ“ پڻ حسبِ دستور تاريخ 16،15 ۽ 17 ذوالحج مهيني تي ملهائبو رهندو آهي. جتي فقير سائين (قطب شاهه جهانيان) کان علاوه ٻين ڪيترن ئي صوفياءَ ڪرام جي الهامي ۽ لافاني ڪلام جون محفلون ٿينديون  ٿيون رهن، جنهن ۾ دنيا جي مختلف مُلڪن، مثلاً هندستان، سنگاپور، جاپان، برطانيه ۽ الاءِ ڪٿان ڪٿان کان جهانيان جا مُريد ۽طالب پڻ خاص طور اچي شريڪ ٿيندا ٿا رهن.
صوفيانه شاعري (توحيد-ڪلام) اڄ به هِن ماديت پسنديءَ جي جديد دور ۾ ڏاڍي ذوق ۽ شوق توڙي عشق سان ٻُڌي ٿي وڃي. جنهن کي ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ وارا اڄ به سرور ۽ سُڪون ماڻيندا ٿا رهن. وحدت جي اِنهن وائين ۽ ڪافي ڪلامن جي ٻُڌڻ (۽ سمجهڻ سان) مَن کي شانتي ۽ سُڪون ملي ٿو ۽ خيال، رَبّ تعاليٰ ۽ عشقِ الاهيءَ طرف رُجوع ٿئي ٿو، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي ۽ حاصلات آهي.
جيئن ته راقم جا (ايام زندگي) ننڍپڻ کان ئي قطب سائين جهانيان جي درگاهه جي پسگردائيءَ ۾ گذريا آهن، تنهن ڪري درگاهه تي ٿيندڙ صوفيانه رنگ راز جو لطف ۽ مشاهدو قريب کان ڪرڻ نصيب ٿيندو رهيو آهي. ايام شاگرديءَ کان وٺي، مرحوم اُستاد محمد جمن، ماستر چندر، ماستر محمد ابراهيم، ڀڳت نارو مل، ڀڳت ٽيؤمل، ڍول فقير ۽ ٻين ڪيترن ئي ويراڳين ۽ ڳائڻن کان قطب سائين جهانيان جون (هي چند هيٺ ڏِنل) ڪافيون ٻُڌندا پيا اچون.
لڳي لاهوتين کي لاڳ، مَن ۾ مَچُ مچائين ٿا،
من ۾ مچ مچائين  ٿا، صوفي حق جو پنڌ پڇائين ٿا.
--*--
رانجهي يار سِوا جڳ سُور سَڀو،
آهي ماضي ٻيو مذڪور سَڀو!
--*--
رکين ٿو طلب جي دعويٰ
وتين وَحدت وساريو تون!
هُونئن ته سڄو جهانيان ساداتن جو هيءُ لائقِ عزت خاندان، ناميارن اَهلُ الله، باڪرامت ۽ صاحبِ دل فقير صورت ۽ فقير سِيرت هستين سان ڀريل رهندو آيو آهي. شروع کان ئي وٺي، يعني حضرت مخدوم سيد جلال الدين شاهه سرخ پوش بخاريءَ کان وٺي مخدوم حامد شاهه ٻڍو عرف شاهه مريد جهانيان، مخدوم شاهه محمود اول جهانيان، مخدوم حامد شاهه بن مخدوم شاهه محمود اول جهانيان، مخدوم شاهه حسن جهانيان بن مخدوم حامد شاهه جهانيان، مخدوم شاهه محمود (دوئم) بن مخدوم حامدشاهه جهانيان کان ويندي هِن دور تائين، يعني مخدوم ويڌل شاهه (اول)، مخدوم سيد فتح الدين، مخدوم سيد روشن علي شاهه سائين جهانيان ۽ مسڪين سائين جهانيان، فقير سائين حضرت غلام مهدي شاهه جهانيانؒ تائين ڏسبو ته مردِ مولا، مردِ ڪامل پشت به پشت ٿيندا ٿا اچن، پر قطب علي سائين جهانيان جن جي ڳالهه ئي نياري آهي! پاڻ پنهنجي دؤر جا عظيم صوفي بُزرگ، ولي الله ۽ بلند پايه صوفي شاعر هئا، پنهنجي دور جي صوفي اُفق جا قطب نما تارا هئا. سندن عارفانه ڪلامن ۾ سندن تخلص گهڻو ڪري ”قُطب“ آهي، پر ڪٿي ڪٿي ”دلشاد“ تخلص پڻ اپنايو اَٿن.
هڪ نالي واري مصرع ۾ ڏسندا:
”قطب“ ڪوڙ دنيا هيءَ بازي،
رکِي تن طلب اَندر نِت تقازي،
وتين برهين بهاريو تون!
اڳئين دور ۾ اِها روايت مُروج هوندي هئي ته دستِ بيعت، اڪثر ڪري پنهنجي ئي بُزرگن جو ٿبو هيو. جيئن حضرت سچل سرمستؒ پنهنجي چاچي ۽ سُهري ميان عبدالحق فاروقي وٽان اِهو فيض حاصل ڪيو هيو، ته چيزل سائينءَ کي پنهنجي والد بُزرگوار، سائين رکيل شاهه وٽان اِهو وَنڊُ مليو، اهڙيءَ طرح روهڙي واسي فقير بيڪس سائين پڻ پنهنجي والد محترم فقير بيدل سائينءَ جا طالب ٿيا هئا، ته تيئن قطب سائين جهانيان پڻ پنهنجي ڪامل بُزرگ، با- خدا ۽ اهلُ الله، والد محترم سيد فتح الدين شاهه جهانيان رحمت قدس سره کان روحاني طور فيضياب ٿيا، يعني ”دين دريا“ سائين (فتح الدين سائين) جا دست- بعيت طالب ٿيا هئا.

سيف علي راجن (المعروف مظفرالحق)

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 851
Kitab Jo Nalo : KALAM QUTUB SAIN JAHANIA

Compiled by : Saif Ali Rajan

First Edition © Roshni 2017
Pages : 120
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG