BURE HIN BHANBHOR MAIN (Novel)









































هر ليکڪ انتهائي حساس دل هوندو آهي. هو پنهنجي چوگرد جيڪو ماحول ڏسندو آهي، اهو هن جي مزاج مطابق نه هوندو آهي، ان ڪري ليکڪ پنهنجي معاشري ۾ مِس فِٽ هوندو آهي ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود پنهنجي اڪيلائين سان گڏ پنهنجي ماضيءَ ۾ جيئندو آهي ۽ اهي ڪردار جيڪي هن جي زندگيءَ مان ٻاهر هليا ويندا آهن، انهن کي هو ڪڏهن به وساري نه سگهندو آهي، ان ڪري هُن جي لِکڻين ۾ اِن احساس جو عڪس اسان کي نظر ايندو آهي، بلڪل اهڙو ئي عڪس اسانکي منير چانڊيي جي ٽِرائِلاجي ناولن ۾ نظر اچي ٿو.
دنيا جي هر ليکڪ ڪامياب ۽ ناڪام عشق ڪيا آهن، پر گھڻن ليکڪن جا عشق ناڪام رهيا آهن. ضروري ناهي ته جيڪا شيءِ انسان حاصل ڪرڻ چاهي اُها کيس حاصل ٿي وڃي.مونکي ياد اچي ٿو ته دنيا جي مشهور ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ جو نوبل لاريٽ ناول نويس بورس پاستر ناڪ جڏهن ميٽرڪ ۾ پڙهندو هو ،ته هڪ خوبصورت  ۽ شاهوڪار ڇوڪري به ساڻس گڏ پڙهندي هئي. هو هن جي عشق ۾ ايترو ته مگن ٿي ويو هو ،جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني هليو ويو هو ۽ واپس اچي ان ڇوڪري جي والدين کان هن جو رشتو گھريو هئائين پر جيئن ته هو هڪ غريب شخص هو، ان ڪري ان شاهوڪار ڇوڪري جي مالڪن هن کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. بورس پاسترناڪ هُن ڇوڪري جي جدائي کي سڳي زندگي محسوس ڪندو رهيو. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾ ناول جي هيرو يُوري ۽ هِيروئِن لارا جي ڪردارن کي وڏيءَ محنت سان ناول ۾ آڻي ڏيکاريو. وڏي ڳالهه ته گھڻي محبت هوندي به لارا ۽ يُوري پاڻ ۾ ملي نه سگھندا آهن، شايد بورس پاسترناڪ کي لارا ۾ سندس پهريون پيار نظر آيو هوندو. منير چانڊيي جي هن ناول  ٽِرائلا جي ۾ به ٽِرائلا جي جا هيرو ۽ هيروئِن منصور ۽ سنڌيا  هڪٻئي سان گھڻي محبت ڪرڻ جي باوجود به پاڻ ۾ ملي نٿا سگھن. ٽِرائلاجي جو هيرو منصور پنهنجي يونيورسٽي واري محبوبه جي جدائي کي هر وقت محسوس ڪندو رهي ٿو، ۽ کيس هُن جي ڪميءَ جو شدت سان احساس ٿيندو رهي ٿو. شايد منير چانڊيي کي منصور جي ڪردار ۾ پنهنجو پاڻ ۽ سنڌيا جي ڪردار ۾ سندس پهريون پيار نظر آيو هوندو، ان ڪري هن ٽِرائلا جي جي ٽنهي ناولن ۾ اُنهن ڪردار کي وڏي محنت سان آڻي ڏيکاريو آهي. 
ناول جي صنف ڏکي ضرور آهي پر يورپ ۾ ناول گھڻو لِکيو وڃي ٿو، ان ڪري يورپ ۾ لکيل ناول اسانکان گھڻو اڳتي آهي. سنڌي ۾ به ناول جيترا گھڻا لِکيا ويندا، ان سان ناول اڳتي وڌندو ۽ وڌيڪ نِکرجندو. مُنير چانڊيي جو اِن ڏَس ۾ ناول ٽِرائلا جي لکڻ هڪ خُوش آينده عَمل آهي. اميد ته هو وڌيڪ ناول لکي سنڌي ناول جو مان مٿانهون ڪندو رهندو. 

مدد علي سنڌي

https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 840
Kitab Jo Nalo : BURE HIN BHANBHOR MAIN (Novel)

By: Munir Chandio

First Edition © 2017
Pages : 239
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG