AAON SINDHI AAHIYAN















































هيءُ سمورو ڪتابُ سنڌ جي سڀيتا، لوڪ ڪٿا ۽ اِتهاسُ جو هڪ دلپذير داستان آهي، جنهن کي دادا جَي. پي. واسواڻيءَ ڪمال َ مهارت سان مختصر انداز ۾ ائين ته بيان ڪيو آهي، جو ڄڻ ته ساگر کي ڪُوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو اٿن. ساڳئي وقت پاڻ، دادا ساڌو واسواڻيءَ جي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪيل سيوا، ۽ نئينءَ، روشن خيال ۽ ترقي پسند سنڌ جا جيڪي بنيادَ رکيا، تن جو روح کي راحت ڏيندڙ احوال جنهن سِڪَ، سَنيههُ ۽ شرڌا سان بيان ڪيو اٿن، تنهن کي پڙهڻ سان ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو ته سنڌ جا سچا سيوَڪ، سچا اڏيندڙ ۽ پَراُپڪارِي پُرش ڪهڙي نه اُدم، اُتساههَ ۽ غيرتعصبي ۽ انسان دوست، غريب پروَر ۽ خدمتَ خلق واريءَ سوچ سان سنڌ کي عظمتن جي بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششن ۾ جُنبيل هئا. 
هن ڪتاب بابت لائق پڙهندڙ ئي پنهنجي ڪا قيمتي راءِ ڏيئي سگهندا، ڇو ته اُهي ئي ان جا سچا قدردان ۽ پارکو آهن. آءٌ هن ڪتاب جو وڌيڪ اُپٽار ڪرڻ ضروري نٿو سمجهان۔
ڪتاب کي اصل انگريزيءَ مان پنهنجي مٺڙي ۽ سُرِيلي سنڌي ٻوليءَ جو رُوپُ ڏيڻ ۽ لائق پڙهندڙن جي سيوا ۾ پيش ڪرڻ تي آءٌ سچ پچ ته سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. اڄ آءٌ محسوس ڪري رهيو آهيان ته سنڌ جي مهان آتمائن __ دادا ساڌو واسواڻي ۽ دادا جَي. پي. واسواڻيءَ __ جو پيغام پنهنجن ڀائرن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي حصي طور آءٌ جيڪو ڪجهه ڪري سگهيو آهيان، تنهن تي مطئمن آهيان.
آخر ۾ آءٌ سنڌ، سنڌين ۽ اسان جِي جيءَ جيئار سنڌي ٻوليءَ جي مُحسنَ عظيم، مانَ واري سائين محمد ابراهيم جويي ۽ سانئڻ ريٽا شَهاڻيءَ جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان جن جي مُهابي هيءُ ڪتاب مون کي مليو ۽ اُن سنڌيءَ جو روپ ڌاريو. آءٌ پنهنجي نهايت ئي مهربان ۽ ڪامل استاد، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جي مَنَ جي آسَ کي حقيقت جو رُوپُ ڏيڻ تي اڄ سچ پچ ته دلي سَرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.
ساڳيءَ ريت، دادا جشن واسواڻي جن جڏهن هيءُ ڪتاب پنهنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ، ۽ پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيههُ، سنڌ مان ڇپيل ڏسندا ته سندن مَنَ جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي، تنهن جو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي. منهنجي خيال ۾، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ مان ڇپيل سندن هيءُ پهريون ڪتاب هوندو. ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اِها سندن دلي آسَ هوندي ته سندن هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي، ڇپجي پڌرو ٿئي!

سنگرام

https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 840
Kitab Jo Nalo : Aaon Sindhi Aahiyan

By : Dada J.P. Vasvani
Compilation and Translation by : Sangram

First Edition © 2017
Pages : 159 
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG