JUGAN MANJH JHATI (Mazi Key Mazar)






































پهرئين ڇاپي جو مهاڳ

هن ڪتاب جو ذهني ڍانچو، مون سترهن ورهيه اڳ لاهور جي قلعي جي قيد وارن ڏينهن ۾ جوڙيو هو. اُتي لکڻ پڙهڻ جون سهولتون مليل نه هيون، تنهنڪري هيڪلائپ جي گهڙين ۾ سوچن جا گهوڙا چڱا ڊوڙائيندو هوس. مون پنهنجي انهيءَ ويچاريل منصوبي جو نالو ”اوڀر جا آثار ۽ فڪرَ“ رکيو هو ۽ سڄي ڪتاب کي ٽن جُلدن ۾ ورهايو هوم. پهرئين جُلد جو مقصد، آڳاٽين سڀيتائن جي تاريخ، اَدب ۽ فڪرَ توڙي عقيدن جو (ابتدا کان وٺي حضرت عيسيٰعه جي ڄم تائين) جائزو وٺڻ هو. ٻيو جُلد عيسائي دؤر کي اَرپيل هو، ۽ ٽئين جُلد ۾ اسلام جي پڌري ٿيڻ کان اُلهندي جي ملڪن جي اثر توڙي ڦهلاءُ جي ابتدا تائين (1757ع) جو ذڪر ڪرڻ پئي گهُريم.
اوڀر جي آڳاٽين سڀيتائن بابت، اُلهندي ملڪن جي ٻولين ۾ انيڪ لکيل ڪتاب موجود آهن. علم جي چاهيندڙن آڳاٽن ڪتابن ۽ پٿر تي لکيل ۽ اُڪريل لکيتن جي مدد سان سُوميري، عَڪادي، مصري، آڳاٽي ايراني ۽ اوڀر جي ٻين مُئل ٻولين جون لکيتون پڙهي ورتيون آهن ۽ سندن گرامر ۽ لغتون به جوڙي ورتيون آهن. اُنهن دانشورن جي ڳولها ۽ کوجنا سبب، اوڀر جي آڳاٽين سڀيتائن جون گهڻيون لکيتون، جيڪي ڀَنجوءَ ۽ مِٽيءَ توڙي پٿرن جي ڍيرن هيٺان دفنايل هيون، اُلهندي جي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. اُنهن سڀيتائن جي اؤج توڙي زوال جون پَڪيون پُختيون تاريخون به لکجي، عوام جي اڳيان اچي چُڪيون آهن.
پر ڏُک هيءُ آهي، ته مقامي ٻولين جو خزانو، اِنهن قيمتي ۽ اَملهه خزاني کان هيستائين خالي آهي. نتيجو اِهو نڪتو آهي، جو اسان پنهنجن وڏڙن جي زندگيءَ جي قَدرن، سماجي ڍَنگ ۽ سوچن توڙي فِڪر جي انداز کان گهڻي حد تائين اَڻڄاڻ آهيون. اسان جي اَڻڄاڻائيءَ جي حالت اِها آهي، جو عام ماڻهن جو ذڪر ته ٺهيو، پر مذهبي عالم پڻ نِمرود، شَداد ۽ فرعون وغيره جي اصل سچائيءَ کان اڻڄاڻ آهن. گهڻن ماڻهن کي اِهو به پتو ناهي، ته فرعون، مصر جي آڳاٽن حڪمرانن جو لقب هو، نه ڪي ڪنهن خاص بادشاهه جو نالو.
اسان جي اسڪولن ۾ پڻ اُڀرندي مُلڪن جي سڀيتائن جي تعليم جو ڪو انتظام نه آهي ۽ نه ئي اُڀرندي جي آڳاٽين ٻولين جي ڪنهن لفظ کي ڪو لفظ پڙهندڙ ملي ٿو. جيتوڻيڪ اُلهندي ملڪن جي سمورن مشهور ادارن/ يونيورسٽين ۾ اُڀرندي وارن مُلڪن جي سڀيتائن جا باقاعدي شعبا جُڙيل آهن ۽ اُتي اُڀرندي مُلڪن جي مُئل ٻولين جا انيڪ عالم به موجود آهن. اسان ماڻهو، اُڀرندي مُلڪن جي سڀيتائن جي ساراهه توڙي واکاڻ ۾ تقريرون ته ڏاڍيون سُٺيون ڪريون ٿا، پر انهيءَ سڀيتا جي مختلف دؤرن جي ارتقا ۽ سندن رنگارنگي مَظهرن کان بلڪل اڻڄاڻ آهيون.
اِها ئي خاص ڳالهه هن ڪتاب جي لکڻ جو اصل مُحرڪ هئي، پر مون تُرت ئي ڄاڻي ورتو، ته ايتري وڏي ڪم جي صلاحيت مون ۾ نه آهي، ڇوته انهيءَ ڪم لاءِ جنهن گهڻي اڀياس ۽ گَهريءَ سوچ جي گهُرج آهي، تنهن کان آءٌ وانجهيل آهيان. بدقسمتيءَ سان ڪو مُرشد توڙي رهبر پڻ موجود نه هو، جيڪو مون کي صحيح دَڳ تي لائي ها، يا منهنجي اَڻڄاڻائيءَ جو پُورائو ڪري سگهي ها. رهي ڪتابن جي موجودگيءَ واري ڳالهه، سو اُها به شينهن جي وات مان گِرهه کسڻ کان گهٽ نه هئي. هِتي ڪنهن موضوع تي کوجنا کان اڳ اِها کوجنا ڪرڻي پوي ٿي، ته لاڳاپيل ڪتابَ ڪٿان ۽ ڪيئن ملندا. اُهي ڳالهيون، غلطيءَ جي بهاني طور نه پيون ٻُڌايون وڃن، پر اصل مقصد اُنهن ڏُکيائين جو ڄاڻائڻ آهي، جيڪي اُڀرندي مُلڪن جي سڀيتائن جي اڀياس جي راهه ۾ رُڪاوٽ بڻيل آهن.
بهرحال، ”اوڀر جا آثار ۽ فڪرَ“ جو پهريون جُلد توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. مون چاهيو ٿي، ته هن جُلد ۾ دجلا ۽ فرات ماٿريءَ سميت سنڌو ماٿريءَ، مصر، تُرڪي، شام توڙي فلسطين ۽ ايران توڙي عرب جي سڀيتائن جو جائزو به وٺان، پر بابلي سڀيتا جو ذڪر ايترو پکڙجي ويو، جو ڪتاب ٻين سڀيتائن جي ذڪر سان گهڻو وڏو ۽ ٿُلهو ٿي وڃي ها. تنهنڪري اُنهن سڀيتائن جو داستان هاڻي ٻئي جُلد ۾ ڄاڻائيندس.
هِن ڪتاب جا اُهي حصا پڙهندڙن جي خاص ڌيان جا حقدار آهن، جن ۾ ڪائنات جي تخليق، مُقدر ۽ زندگيءَ کانپوءِ موت جهڙن عقيدن سان بحث ڪيو ويو آهي. اُهي عقيدا اڄ به اوڀر توڙي اولهه جي ڪروڙين انسانن جي ايمان جو جُزو آهن.  اُنهن جي دُرستگي ۽ اَڻ دُرستگي اسان جي موضوع کان ٻاهر آهي، پر اسان اُنهن آڳاٽين قومن جي اُنهن رسمن توڙي رواج تي روشني وڌي آهي، جيڪا اسان جي ڪجهه رواج ۾ آيل عقيدن جو هينئر به بنياد آهن، ته جيئن اُهو تاريخي پس منظر چِٽو ٿي وڃي، جن ۾ اُنهن عقيدن جي پرورش ٿي آهي ۽ سندن معاشي، سماجي ۽ سڀيتا جا مُحرڪ به کُلي سامهون اچي وڃن.
آءٌ ڪراچي يونيوسٽيءَ جي انگريزي شعبي جي ريڊر سانئڻ مايا جميل، قديم آثارن جي کاتي واريءَ لائبرريءَ جي لائبررين محمود بيگ، پنجاب يونيورسٽيءَ جي لائبررين عبدالوهاب ۽ لياقت نيشنل لائبرريءَ جي لائبررين ابنِِ حَسن قيصر جو ٿورائتو آهيان، جن ڪتاب مُهيا ڪرڻ ۾ منهنجي گهڻي مدد ڪئي آهي. سچائي اِها آهي، ته اُنهن جي سَهڪار ۽ پُٺڀرائيءَ بغير، هيءُ ڪتاب هوند ڪڏهن به پُورو نه ٿي سگهي ها. اِيسٽرن فيڊرل يونين ڪمپني لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، پنهنجي پياري دوست روشن علي ڀيمجيءَ جو به ٿورائتو آهيان، جو هُن جي معرفت مون کي ويجهو- اُڀرندي مُلڪن جي قديم آثارن ۽ يورپ جي عجائب گهرن جي سير جو وجهه مليو. ’نقوش‘ جي ايڊيٽر محمد طفيل جو پڻ ٿورائتو آهيان، جو هُن مون کي گِل گامش جي داستان کي، جيڪا نقوش ۾ ڇپي هئي، هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏني.

سبطِ حسن
ڪراچي
21 آگسٽ 1969ع


ٻئين ڇاپي جو مهاڳ

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو گهڻي وقت کان اَڻلڀ هو. مڪتبه دانيال ڪراچيءَ جو ڇپائيندڙ مَلڪ نُوراني لڳاتار گهُر ڪندو ٿي رهيو، پر آءٌ ٻين ڪمن ۾ ايترو ڦاٿل هوس، جو نظرثانيءَ جي نوبت نه پئي ٿي. هونئن به مون کان پنهنجو ڇپيل ڪتاب ٻيهر نٿو پڙهيو ٿئي. پڙهان ٿو، ته هروڀرو ترميم ۽ واڌري لاءِ دل هُرکي ٿي. هن ڪتاب تي نظرثاني ڪرڻ وقت به اِها صورتحال سامهون آئي، تنهنڪري اُهي حصا، جيڪي مون ڀَرتيءَ جا ڀانئيا هئا، تن کي ڪڍي ڇڏيم ۽ ٽي نوان بابُ وڌايم، جن ۾ آريائن جو تخليقي عقيدو، چينين جو تخليقي عقيدو ۽ اِرتقا جو نظريو شامل آهن. انهيءَ ڏس ۾ خدا جي جسماني تصور سان به بحث ڪري پيو سگهجي، جيڪو صدين تائين يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن ۾ رواج هيٺ رهيو آهي، پر هاڻوڪي دؤر ۾ شايد ئي ڪو سمجهدار ماڻهو اِهو سمجهڻ تي تيار ٿئي، ته خدا جا هٿَ، پيرَ، اَکيون ڪَن آهن يا اِهو ته هو قيامت جي ڏينهن فرشتن جي ساٿَ ۾ ايندو ۽ اَٺ فرشتا سندس سنگهاسن کنيل هوندا ۽ دوزخ/ نَرڳ جي ماٺارلاءِ خدا پنهنجي رانَ دوزخ/ نَرڳ ۾ وجهندو. (الغزالي، ليکڪ علامه شبلي نعماني، ص 149) جيتوڻيڪ شاعر ۽ عالم امام ابن تيميه (1263ع- 1228ع) تائين جو اِهو ئي عقيدو هو.
اسان جو ويچار اِهو آهي، ته ارتقائي نظريي جي چِٽائيءَ بغير هيءُ ڪتاب اڻپورو هو. اِرتقائي نظريي پڙهڻ سان پڙهندڙن کي اِنهيءَ فيصلي ۾ سولائي ٿيندي، ته سائنسي علمن، ڪائنات ۽ انسان جي سچائيءَ بابت جيڪي شاهديون ڏنيون آهن، تن جي موجودگيءَ ۾ تخليق، آتما، موت کانپوءِ زندگي ۽ مُقدر وغيره جا روايتي عقيدا، ڪيستائين وِسهڻ جوڳا ٿي سگهن ٿا.
اسان جي مُلڪ ۾ ٻاروتڻ ۾ موت جيان ڪتابن جي زندگي به گهڻي ننڍڙي هوندي آهي. ڪو ڪتاب چار پنج ورهيه جيئرو رهي، ته وڏي ڳالهه سمجهو، پر اِهو ڄاڻي گهڻي خوشي ٿي، ته ماضيءَ جي هن داستان ۾ زندگيءَ جو تِرورو اڃا باقي آهي ۽ پڙهندڙَ اڃا تائين انهيءَ جي جاکوڙ ڪن ٿا.

سبطِ حسن
ڪراچي
12 جولاءِ 1976ع

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 820
Kitab Jo Nalo : JUGAN MANJH JHATI (Mazi Key Mazar)

by : Sabt-e-Hassan
Translated by : Hussain Badshah

First Edition © Roshni 2017
Pages : 352
Size : Royal
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 450.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG