GARHI BAKH’A PHUTTI (Poetry)










































سُونهَن ۽ سنڌ جو عاشق

راشد سائينءَ جي اڳوڻي سموري شاعريءَ جيان، سندس هيءُ ڪتاب به رومانويت، حُسن پرستي، وطن دوستي، ظلم ۽ ڏاڍَ جي هر صورت کان نفرت، سنڌ جي آجپي ۽ سُکَ جي سوچ سان سلهاڙيل، جدوجهد ۽ اُتساهه جا آبشار وهائيندڙ آهي. سندس شاعري پڙهي. هن جي اندر جو سمورو جهانُ پَسي سگهجي ٿو. هن جي شاعري هن مٿان شاهدي پئي ڏيندي ته هن وٽ محبت، نفرت، خواهشن، حسرتن، ارمانن ۽ ڪيفيتن جا محور ۽ محرڪ ڇا ۽ ڪهڙا هئا؟ جهڙو شخصيت ۾ سادو هو، تهڙو پنهنجي شاعريءَ ۽ اظهار جي اسلوب ۾ به سِڌو ۽ سادو آهي:
تنهنجي ٻولي آ عوامي، يارَ راشدَ رَسُ ڀري 
شعر تنهنجي ۾ سدائين سادگي باقي رهي.
دراصل شاعري هن جي اندر جي سڄي جهان جي اظهار جو ذريعو هئي؛ ان ڪري ڪٿي هو عاشق ٿو ڏسجي ته ڪٿي ڪارڪن؛ ڪٿي هو آرٽسٽ ٿو نظر اچي ته ڪٿي شعرن کي ڀالا بڻائي ويرين تي وارُ ڪندڙ؛ ڪٿي هن جي مَنَ مان اُتساهه جا مِٺا آبشار ٿا ڦُٽن ته ڪٿي هن تي هڪ عام ماڻهوءَ واريون ڪيفيتون پڻ طاري ٿين ٿيون؛ جن کي لِڪائي نه ٿو. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ سندس ذات توڙي قوم جي ڪيفيتن جون سرحدون ملي ٿيون وڃن ۽ اِهو سَنڌو ڪرڻ ڏکيو ٿي ٿو پوي ته هن جي انفرادي ۽ اجتماعي ڏک، خوشين ۽ حسرتن ۾ ڪيئن فرق ڪجي؟ رڳو پنهنجيءَ ذات لاءِ نه جيئندڙ ماڻهن سان ايئن ٿيندو آهي، سو راشد سائينءَ سان به اِها وارتا هئي. چوي ٿو:
هر جنگ جوٽڻي آ، گڏيل نفعي جي ڪارڻ،
ذاتي مفاد خاطر سوچڻ به ٺيڪ ناهي!
هن سڄي ڪتاب ۾ جنهن ۾ سندس غزل ۽ وايون آهن، عاشقيءَ ۽ وطنيت جا جذبا گڏوگڏ سفر ڪندي نظر اچن ٿا. عاشقيءَ ۽ سُونهنَ پروريءَ جو اظهار هن جي هر غزل ۾ آهي، ۽ هونئن به غزل جي صنف جو مزاج ئي اِهو آهي، پر جديد سنڌي شاعريءَ ۾ غزل ۾ انفرادي رومانويت سان وطنيت، قوميت، پورهيت دوستي، آزاديءَ ۽ انصاف پسنديءَ جا خيال گڏ گڏ هلن ٿا. راشد سائينءَ جي قوميت، وطن دوستي ۽ عاشقيءَ سان گڏ سماجي باغيانه سوچ جا عڪس به هر جاءِ تي چِٽا نظر ايندا. چوي ٿو:
عمر ساري ڪئي مون آهه راشد! سُونهن جي پُوڄا،
پڇاڻو ڪير ۽ ڪهڙو ڪندا، مون کان قيامت ۾!
*
گم چاههَ چنڊ جي ۾، اُڏندي مران ته بهتر،
عاشق سڏائي گهر ۾، ترسڻ به ٺيڪ ناهي.
راشد جيئن ته رڳو پورَ پچائيندڙ ڪو روايتي شاعر ناهي، پر هو هڪ پختو نظرياتي سياسي ڪارڪن به هو، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ جتي قوميت ۽ وطنيت جا جذبا ۽ آدرش آهن، اُتي جدوجهد، قربانين تي فخر ڪرڻ، ٿڪجي نه پوڻ ۽ ورچي نه ويهڻ جا ويچار به ڏاڍا چِٽا آهن. مثال طور سندس هيءُ شعر ڏسو؛
ڪري تيل رَتَ کي به ٻاري سگهون ٿا،
اسان هوندي آخر ڏيئا ڇو اُجهامن؟
-
ڪندو رَهُه تيار ورڪر يارَ، تون ٺُلَ کان ٺٽي تائين،
ٿجان خاموش راشد ڪينَ، سنڌ جي آجپي تائين!
-
حق گهرڻ آهي پنڻ جي برابر،
ڇِني حق وٺڻ جو مزو ئي ٻيو آ.
-
لکن جي ساٿَ سان گڏ بيههُ، تون ڪَکُ پن نه ٿي پيارا!
صفائي ٿيندي صحنن جي، ٻُهرَ  ٿي ٻارجِي ويندين!
قومي ۽ عوامي ٻڌيءَ بابت ڪيڏو نه سُهڻو تصور پيش ڪيل آهي مٿين شعر ۾! اظهار جي نفاست شاعريءَ جي سونهن هوندي آهي ۽ راشد وٽ به اِهو نفيس ڏانءُ وڻندڙ آهي. سندس شاعراڻي اظهار جي نفاست جا ڪجهه مثال ڏسو:
خوشيءَ جا خزانا کڻي آئي آهي،
هوا هن جا نياپا کڻي آئي آهي.
*
ڪبابي! خوب هر ٻُوٽي پڪل آ،
مگر منهنجي جگر جهڙي ڪٿي آ.
*
ڪُهڻ جي لاءِ هر اک آ ڪٽاري،
تِکي تنهنجي نظر جهڙي آ.
*
محبوب جي فطرت منجهان ماڻو ڪڍي ڇڏيو،
تسبيح مان ڄڻ ٿا اوهان داڻو ڪڍي ڇڏيو.
*
ٻيڙيءَ کي پار ڪير پُڄائيندو وائڙا!
ڪشتيءَ مان جيڪڏهن ٿا مهاڻو ڪڍي ڇڏيو!
*

خوب اندر ئي اندر ۾ دُکندو پيو،
چُوچڙي ڏئي ڇڏي ٿئون ڀُتي ڀاڻ کي.
راشد مورائيءَ هڪ پختي شاعر طور فني تجربا به سُٺا ۽ دلچسپ ڪيا آهن، اسلوب ۽ ٻولي سادي، پر ترڪيبون ڪجهه نيون، مثال طور:
پڙهي پئي ٿي ’استاد‘ جي شاعريءَ کي،
’سوچون، ڀُڻڪا، واڪا‘ کڻي آئي آهي.
هتي راشد سائين استادَ (بخاري) ۽ سندس ڪتاب ’سوچون، ڀُڻڪا ۽ واڪا‘ کي استعاري طور استعمال ڪيو آهي. هڪ شاعر ۽ سندس ڪتاب کي استعاري طور استعمال ڪرڻ هڪ نئين ڳالهه آهي. يا وري هيءُ شعر ڏسو:
جي ڌاڙيل ڄاڻائي ماريا ويا ها،
’مَڙهِي‘ تِن جا لاشا کڻي آئي آهي!
هن شعر ۾ ٽنڊي بهاول جي واقعي ڏانهن اشارو ۽ ’مڙهيءَ‘ جو استعارو هن ’مائي جندوءَ‘ سان منسوب ڪيو آهي. هونئن عام طور جايون، ماڳ، شهر، ڳوٺ ته استعاري طور ڪتب ايندا آهن، پر هڪ واقعي ۽ سماجي وارتا کي استعاري طور استعمال ڪرڻ نواڻ آهي.
هن ڪتاب جو پويون اڌ سڄو واين تي مشتمل آهي، ۽ اُنهن واين ۾ به راشد سائين ڪافي فني، ترڪيبي ۽ خيالن جي نواڻ جا تجربا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. موضوع ۽ جذبا ته هن جا واين ۾ به ساڳيا آهن، پر واين ۾ عام طور نفيس ۽ احساساتي موضوع کڻبا آهن، هنن واين ۾ سندس سماجي ۽ سياسي شعور وڌيڪ حاوي ٿو ڏسجي، ۽ ٻيو ته هن بنهه غيرشاعراڻن ٻولن کي نئين شاعراڻي معنيٰ بخشي آهي. سندس واين جا وَراڻا عجيب آهن، مثال طور: ’جاڳو ڙي جاڳو‘، ’ڪانه قبولي مون، غلاميءَ جي زندگي!‘، ’ڳالهه جو وٺجي ڳاٽو!‘، ’اَبُلَ هاڻ اُٿي، لڏيون ڪنهن ٻيءَ لوءِ ڏي!‘،، ’ڪُتو به نه کاڌُئي، ڪُکِ به نه ڀريئي!‘، ’ڪُتو آ ڪڙم جو ويري!‘، ’هئاسون غلطيءَ منجهه غلام!‘، ’سيوهڻ کي گِهلِ ڇا ڪندي!‘، وغيره. انهن مان جيڪر ڪجهه وايون ڪنهن ڀلي راڳيءَ پاران ڳايون وڃن ته وڏو عوامي اثر ڇڏينديون. 
مجموعي طور راشد سائينءَ جي شاعريءَ ۾ احساساتي پاسو وڌيڪ حاوي آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ فڪرانگيز خيال ته ضرور آهن، پر سندس ڪيفيتون وڌيڪ نمايان نظر اچن ٿيون. ٻيو منهنجي خيال ۾ سائين راشد وٽ موضوعن ۽ اسلوب جي نواڻ ته آهي، پر موضوعن جي وُسعت هڪ حد تائين آهي. جي سندس شاعريءَ ۾ تفڪر اڃا اُونهون ۽ موضوع اڃا وسيع هجن ها ته سندس شاعريءَ کي وڌيڪ چار چنڊَ لڳن ها. پر سندس شاعري دل کي ڇُهندڙ، لطيف احساس اُڀاريندڙ، قومي شعور جاڳائيندڙ ۽ رومانويت توڙي مزاحمت جو اُتساهه ڏيندڙ آهي. اِها ئي خوبي هئي، جنهن راشد مورائيءَ کي پنهنجي همعصرن ۾ خاص جاءِ ڏني. 
مون کي اِهو ارمان هميشه دل ۾ رهندو ته جڏهن سائين راشد مورائيءَ جي شاعريءَ تي مون هيءُ ليک لکي ڇڏيو ته سائين هن دنيا ۾ نه رهيو. هن وڏيءَ اُڪير مان مون کي پنهنجي شاعريءَ جي هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيو هو، ۽ هن کي اُن جو ايترو انتظار هو، جو اسپتال ۾ داخل هوندي، سخت علالت جي حالت ۾ نياپو موڪليائين ته کيس دوائن کان وڌيڪ هن مهاڳ پڙهڻ جي طلب آهي. نه ڄاڻ ته حيدرآباد ڏانهن هن جو اِهو پنڌ آخري هو. شاعر ۽ آرٽسٽ نه مرندا آهن، اُن ڪري، مان هن ڪتاب جي اشاعت تي راشد سائينءَ ۽ سنڌي ادب کي واڌايون ڏيان ٿو.

جامي چانڊيو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 824
Kitab Jo Nalo : GARHI BAKH’A PHUTTI (Poetry)

Poet : Rashid Morai

First Edition © Roshni 2017
Pages : 224
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG