TAREEKH MOON KHE BE DOHI QARAR DENDI ( statement to the court )









































سنڌيڪار جو نوٽ

هن ڪتاب ۾ جيڪي ڪُجهه لکيل آهي، ان جو اندازو ڪتاب کي چڱيءَ طرح پڙهڻ سان ٿي ويندو، البته هن ڪتاب پڙهڻ سان هڪڙي حقيقت حيرتناڪ حد تائين محسوس ٿيڻ لڳي ٿي ته، اُسرندڙ ملڪن جي ارتقائي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن ۾ ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي. 1953ع واري ڪيوبا، 1940ع واري ڪيوبائي آئين جو بحران، عدالتن جو ڪردار، سماج جي مختلف طبقن جي ماڻهن جو آمريت ۽ جمهويت ڏانهن رويو، طبقاتي اتحاد جا مسئلا، ڪيوبائي فوج جو ان وقت جي ڊڪٽيٽرشپ سان لاڳاپو ۽ ان منجهان ڪن حصن جو جمهوريت ۽ انقلاب ڏانهن لاڙو، ڪيوبائي انقلابين جو آمر حڪمرانن، اقتصادي ڦرلٽ ۽ انهن جي محافظ فوج سان ورتاءُ، جمهوري ۽ انقلابي هلچل دوران اڳواڻن جو سياسي پروگرام ۽ جدوجهد ڪامياب ٿيڻ وقت تجربي حاصل ٿيڻ کان پوءِ، ان ۾ وڌيڪ کاٻي ڌر واريون تبديليون، هي اهڙا موضوع، مسئلا ۽ بحث آهن، جيڪي  جيترو ڪيوبا لاءِ ضروري ۽ اهم هُئا، اوترو ئي اُسرندڙ ملڪن ۽ اسان جي ملڪ لاءِ ضروري آهن. هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ڪافي حد تائين، اسان هن وقت پنهنجي ارتقائي مرحلن کي ڪيوبا جي تجربي جي روشنيءَ ۾ پروڙي سگهون ٿا ۽ باوجود ان جي ته هي ٻه ملڪ، ٻن مختلف کنڊن سان تعلق رکن ٿا ۽ انقلاب هر هنڌ قائم ٿيل معاشري جي مخصوص حالتن پٽاندڙ ڪافي ڦير گهير سان ايندو آهي، تنهن هوندي به اسان گهڻي قدر پنهنجي سياسي آئيندي بابت، اڳواٽ تجربا حاصل ڪري سگهون ٿا،  1953ع کان 1961ع تائين ڪيوبا ۾ جيڪي به ٺوس ۽ اهم مسئلا پئي اٿيا آهن، گهڻو ڪري، اهي سڀ مسئلا يا ته اسان اڳواٽ ئي ڏسي ڇڏيا آهن، يا انهن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون يا ڪنداسون، ان ڪري هن ڪتاب جي اسان لاءِ ايتري ئي اهميت آهي، جيتري ڪيوبا، لاطيني آمريڪا ۽ ٽين دنيا جي اسرندڙ ملڪن لاءِ.
فيڊل ڪاسترو جي هن تقرير مان، هڪ آدرشي سياسي اڳواڻ جي چٽي تصوير ڏسي سگهجي ٿي ۽ انقلاب کان اڳ ۽ انقلاب کان پوءِ، فيڊل ڪاسترو جي نظرياتي ذهني ڍانچي ۾ وڏيون تبديليون ڏسي، اهو نتيجو به ڪڍي سگهجي ٿو ته هڪ ته عوامي هلچل نه رڳو عوام کي سياسي تعليم ڏئي ذهني طور باشعور بڻائيندي آهي، پر خود سياستدانن ۽ انقلابي اڳواڻن جي پڻ سائنسي بنيادن تي رهنمائي ڪندي آهي.
هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڪئرول لکيو آهي ته، جڏهن فيڊل ڪاسترو پهريون ڀيرو ڪيوبا جي تقدير مٽائڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو هو، اُن وقت ملڪ جون ٻه ’روايتي‘ پارٽيون هيون ۽ انهن ۾ ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي به موجود هُئي، ٿي سگهي ٿو ته 1953ع ۾ خود فيڊل ڪاسترو پڻ ان خيال جو هوندو ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ کي پاڻ کان ۽ پنهنجي ويڙهاڪ ساٿين کان گهٽ تصور ڪندو هوندو، ان ڪري، جو جيڪڏهن هو ائين محسوس نه ڪري ها ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ هُجي ها، پر پوءِ به تاريخ ثابت ڪيو آهي ته اها ئي پارٽي ڪيوبا جي تقدير بدلائڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ فيڊل ڪاسترو انهيءَ ئي پارٽيءَ جي قيادت قبول ڪري، ان جو اڳواڻ بڻيو.
هتي اهو بحث به نڪري سگهي ٿو ته ڇا ڪيوبا جي انقلاب لاءِ اهو ضروري هو ته ابتدا ڪميونسٽ پارٽي نه ڪري ۽ فيڊل ڪاسترو ڪري، جيڪو ان وقت آرٿوڊاڪس پارٽيءَ جي صفن مان نڪري چڪو هو؟ ان سوال جي جواب لاءِ پڻ فيڊل ڪاسترو جي هن تاريخي تقرير ۾ ڪيترائي چٽا اڻ چٽا اشارا موجود آهن. بهرحال، هڪڙي حقيقت هن ڪتاب پڙهڻ سان ظاهر ٿيو وڃي ٿي ته جنهن وقت فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جي فوجي ڊڪٽيٽرشپ خلاف جدوجهد شروع ڪئي هُئي، ان وقت هو ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو غير ميمبر ڪارڪن هو. هن وٽ اڻ چٽو ئي سهي، ساڳيو پروگرام ۽ نظريو هو، جنهن کي ڪيوبا جي پورهيت عوام ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ رت ست ڏئي مشهور ڪيو هو.
فيڊل ڪاسترو جي هن تاريخي تقرير ۾ سمجهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ انيڪ مسئلا ۽ ڳالهيون آهن، ان مان هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته ڪيوبا جي اها ظالم فوج، جنهن بئتستا جهڙي بدترين ڊڪٽيٽر جو ساٿ ڏئي، ڪيوبا جي عظيم فرزندن ۽ فيڊل ڪاسترو جي ستر (70) انقلابي ساٿين کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻين هزارين محب وطن ماڻهن کي ايذاءَ ڏنا هُئا، ان فوج ڏانهن فيڊل ڪاسترو جو هڪ ئي وقت دشمنيءَ ۽ انساني همدرديءَ وارو رويو، هر سياسي ڪارڪن جي اڀياس لاءِ ضروري آهي. هن جذباتي مسئلي کي فيڊل ڪاسترو ڏاڍي مانائتي انداز ۾ حل ڪيو آهي ۽ لکيو اٿس ته، ”مان اهو به چوان ٿو ته جڏهن فوج رعيتي راڄ جي خدمت ڪرڻ جو وچن ڪري، قوم جي تحفظ جي ساک کڻي، عوام جي احترام ڪرڻ جو واعدو ڪري، ۽ هر شهريءَ جي حفاظت ڪري ته ان حالت ۾ هرفوجيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ڊالر ماهوار پگهار ملڻ گهرجي، پر جيڪڏهن فوج جا سپاهي عوام کي چيڀاٽين ۽ مارين، قوم کي دوکو ڏين ۽ هڪ ٽولي جا مفاد پورا ڪن ته ان حالت ۾ فوج رعيتي راڄ جي خزاني مان سينٽ (پئسو) به نه لهڻي، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ ڪئمپ ڪولمبيا جي فوجي اڏي کي ڏهه هزار يتيمن جي اهڙي اسڪول ۾ تبديل ڪيو وڃي، جتي فوجين بدران ڇورا ٻار پڙهندا ۽ پلجندا هُجن.“

انور پيرزادو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 813
Kitab Jo Nalo : TAREEKH MOON KHE BE DOHI
QARAR DENDI ( statement to the court )

by: Fidel Castro
Transleted by: Anwer

First Edition © Roshni 2017
Pages : 191
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG