INQLAB, AZADI AIN SOCIALISM




































هوچي منهه: جيڪو روشني پکيڙي ٿو

”اسين پنهنجو ملڪ وڃائڻ ۽ غلام بنجڻ جي بدران سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينداسين. مزدورن، عورتن، پوڙهن ۽ جوانن کي مذهب، عقيدي، سياسي پارٽي يا قوميت جي وابستگيءَ کان مٿانهون ٿي سڀني ويٽنامين کي پنهنجي مادر وطن جي حفاظت لاءِ فرانسي ڌارين جي خلاف جنگ ڪرڻ جي لاءِ اُٿي کڙو ٿيڻ گهرجي.  جن وٽ بندوقون آهن، سي پنهنجون بندوقون استعمال ڪن، جن وٽ تلوارون آهن، اهي تلوارون استعمال ڪن.  جن وٽ تلوارون به ڪونهن ته پوءِ هو بڻڇيون، ڀالا، بيلچا، پاهوڙا يا لٺيون، بانٺا استعمال ڪن.“
مٿان لفظ ان عظيم شخص هوچي منهه جا آهن، جيڪي هن ويٽنامي عوام کي فرانس جي خلاف مادر وطن ويٽنام جي آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽڻ جي اپيل ڪندي چيا ۽ تاريخ شاهد آهي ته  ويٽنامين پنهنجي ان محبوب اڳواڻ جي هڪ هڪ لفظ تي عمل ڪيو.
ويٽنامي هڪ بهادر قوم آهي، جنهن پنهنجي آزادي وڙهي، رت جو درياءُ اُڪري ورتي. هو پهرين فرانس سان وڙهيا، پوءِ جاپان سان، پوءِ وري فرانس سان ۽ پوءِ آمريڪا سان. هڪ ننڍي ويٽنامي قوم اڌ صديءَ کان به مٿي عرصو سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪايو. جنهن ۾ سندن لکين ڪونڌر ڪسجي ويا. لکين ماڻهو زخمي ٿيا. ويٽنام جي ڌرتيءَ تي لکين ٽن بارود وسايو ويو. ويٽنام جي سرزمين جو وڏو حصو بارودي سرنگن سان ڍڪيو ويو. سامراجين ڳوٺن جا ڳوٺ، آبادين جون آباديون صفحه هستيءَ تان مٽائي ڇڏيون. وسنديون ويران ڪري ڇڏيون.
ٻي پاسي ويٽنامي عوام لکين ماڻهو مارائڻ جي باوجود به پنهنجي آزاديءَ جي حق تان هٿ نه کنيو ۽ انهن سان وڙهڻ جا اهڙا ته نوان ۽ ديسي طريقا آزمايا جو ڏندين آڱريون اچيو وڃن. ويٽنامين جي اها آزاديءَ جي جنگ ڪا معمولي جنگ ڪانه هئي. ان جنگ ۾ آمريڪا جهڙي فيل مست کي خوار ۽  خراب ٿي ويٽنام مان  ڀڄڻون پيو.
”ويٽنام مان آمريڪين جي واپسي تباهه ڪندڙ هئي. هن جي تربيت يافته ۽ هٿيارن سان ليس پنج لک فوج ويٽنامي محب وطنن جي اٽل ارادن جي اڳيان بيهي نه سگهي. سامراجي قابضن پنهنجي گادي جي هنڌ سائيگان کي شرمناڪ انداز ۾ ڇڏيو. ڪجهه ته هيلي ڪاپٽرن سان لڙڪي ڀڳا، آمريڪا پنهنجون 50000 هزار جانيون وڃايون. زخمين جو ته ڪو انت شمار ئي نه هو. 30 اپريل 1975ع تي آخري آمريڪي سپاهي به ويٽنام مان روانو ٿيو ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي ڀوائتي سلطنت جي آخري نمائندي کي پنهنجي سفارت خاني جي ڇت تان هيلي ڪاپٽر جي ذريعي ڀڄڻون پيو.“ 
آمريڪا جي ڀاڄ اتر ويٽنام ۽ ڏکڻ ويٽنام کي متحد ڪري ڇڏيو.
جڏهن آمريڪا سان جنگ هلي رهي هئي ته هوچي منهه جولاءِ 1966ع ۾ پنهنجي عوام جي نالي پيغام چيو ”ويٽنامين جي دلين ۾ آزاديءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابه شئي پياري ڪونهي.“ ۽ آمريڪا جي شڪست هوچي منهه جي انهن لفظن کي صحيح ڪري ڏيکاريو ۽  ”ويٽنام جي جنگ اها واحد جنگ هئي، جنهن ۾ آمريڪا کي شڪست ملي.“

ويٽنام کي آها آزادي تڏهن ملي، جڏهن وٽن هڪ سگهاري پورهيت پارٽي هئي، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ هوچي منهه جي هٿ ۾ هئي. هوچي منهه جي جنهن کي ويٽنامي ”چاچا هو“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن.
”هوچي منهه پنهنجي ملڪ ۾ ٻن انقلابن جي رهنمائي ڪئي، عوامي قومي جمهوري انقلاب جي ۽ سوشلسٽ انقلاب جي. هن پرڏيهي جارحيت پسندن  جي خلاف ٽن ڊگهين جنگين جي اڳواڻي ڪئي. پهرين فرانسيسي سامراجين جي خلاف، پوءِ جاپاني فاشسٽن جي خلاف ۽ پوءِ آمريڪي سامراج جي خلاف. هن اتر ويٽنام ۾ سوشلزم قائم ڪيو ۽ دنيا جي عوام کي امن، قومي آزادي، جمهوريت ۽ سوشلزم جي جدوجهد جو باوقار رستو ڏيکاريو. 
هوچي منهه اتر ويٽنام ۾ فتح کانپوءِ پنهنجي جدوجهد جو رخ ملڪ جي ٻنهي حصن کي هڪ ڪرڻ ڏانهن ڪيو. 
پنهنجي هڪ نظم ۾ هن اُن جو اظهار هيئن ڪيو آهي:
اسانجي پارٽي جو مقصد نيڪي ۽ تمدن آهي
اتحاد ۽ آزادي،
امن ۽ ڀلائي!
”هوچي من گوريلا اخلاقيات جي به سختي سان پابنديءَ جو حڪم جاري ڪيو. خاص طور تي ان ڳالهه جو خيال رکيو ته جڏهن اين ايل ايف (نيشنل فرنٽ فار لبريشن آف سائوٿ ويٽنام) ڪنهن ڳوٺ تي قبضو ڪندي هئي ته مقرر اصولن تي سختيءَ سان عمل ڪندي هئي. ان اخلاقيات جا وڏا اصول هن ريت هئا:
1. اهڙو ڪوبه ڪم ناهي ڪرڻون، جنهن سان عوام جا گهر، مال ۽ ملڪيت ۽ شين کي نقصان رسي يا سندن زمينون ۽ فصل تباهه ٿي وڃن.
2. ڪابه اهڙي شئي خريد ڪرڻي نه آهي، جيڪا عوام وڪڻڻ نه گهرندو هجي.
3. ڪڏهن به وعدي کي ٽوڙڻ نه گهرجي.
4. ڪابه اهڙي ڳالهه چوڻي يا ڪرڻي ڪونهي، جنهن سان عوام اهو سمجهي ته اسين سندن گهٽتائي ڪري رهيا آهيون.
5. فصلن جي لاباري، ٻارڻ جي لاءِ ڪاٺين وڍڻ، پاڻي ڀرڻ، سلائي وغيره جي روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي.  
هوچي من ڄڻ ڄائو ئي ان ڪري هو ته هو غلام ويٽنام جي آزاديءَ جي جنگ جي اڳواڻي ڪري کين غلامي جي چنبي مان آزادي ڏياري. پندرهن سالن جي عمر کان ئي هي فرانسي بيٺڪي راڄ جي خلاف وڙهندڙ جمهوريت پسند محب وطنن لاءِ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو. پوءِ هن پنهنجي وطن جي غلام ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جي راهه ڳولڻ واسطي ٻاهرينءَ ملڪ سفر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هو فرانس ويو ۽ پوءِ جتي به ويو هن ويٽنام کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هر حال ۾ ڪم ڪيو ۽ ان ڪٺن مهم ۾ ڪيترا نه ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺائين.
”منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي لاهيون چاڙهيون آيون. بکون ڪاٽيم، رولڙا  سٺم، هوٽل جي بيراگيري ڪيم، بورچي ٿيس. رستي تان برف ڍوئڻ وارو ٿيس، ۽ ريل جي انجڻ ۾ ڪوئلن وجهڻ جو ڪم ڪيم. فوٽوگرافري سکيم. اهڙي ريت  مون زندگيءَ جي ڏکن سان مُرڪندي، اکيون اکين ۾ ملايون آهن. آءٌ سچ جي ڳولا ۾ ڳوٺ ڳوٺ رُليس ۽ ملڪن جا ملڪ پيرن هيٺان لتاڙيم. آءٌ خالي صاف شفاف دل ۾ ٻن سکڻن هٿن سان ازلي سچ ۽ ابدي حقيقتن جي ڳولا ۾ روانو ٿيس.“ 
انهيءَ رولڙي ۾ هوچي منهه جيل به ويو.
آگسٽ 1942ع ۾ هو چين روانو ٿيو ته  جيئن جاپان جي خلاف چيانگ ڪائي شيڪ جي حمايت حاصل ڪري سگهجي ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي  سان رابطو قائم ڪجي. پر کيس سرحد تي گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل ۾ وڌو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس موت جون خبرون آيون. جيڪي پوءِ ڪوڙيون ثابت ٿيون. هوچي منهه ڪومنتانگ جي اذيت وارين ڪوٺڙين ۾ ٻه سال گذاريا ۽ ٽيهارو کن جيلن ۾ رهيو. ڪومنتانگ جي جيل ۾ رهندي هوچي منهه جي لکيل ”جيل ڊائري“ ڏاڍي مشهوري ماڻي... هوچي منهه شاعر ته اڳي ئي هو ۽ ان جيل ڊائري ۾ سندس لکيل شعر ۽ شاعراڻا خيال ڇا ته دل تي اثر ڇڏين ٿا:

شعر چوڻ  منهنجي عادت ته ڪونهي.
پر هتي جيل ۾،
ان کانسواءِ ٻيو ڪريان به ته ڇا؟
پر غلامي جي هنن ڏينهن ۾ آءٌ
شاعري ڪندس
۽ ان شاعريءَ کي سُر مان ڳائيندو
آزاديءَ جي ڏينهن کي ويجهو آڻيندس.
*
ٻي بجي ڪوٺيءَ جو دروازو کلي ٿو.
ته تازي هوا اندر اچي ٿي
هر قيدي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏي نهاري ٿو
آزاد آسمان تي گهمندڙ ڦرندڙ آزاد روحو!
اوهانکي ڪا خبر آهي ته توهان جا ساٿي
هنن بند ڪوٺڙين ۾ سڙي رهيا آهن.
*
اُڀرندي جي هئڊاڻ، ڳاڙهي رنگ ۾ بدلجي چڪي آهي،
رات جا پاڇا ختم ٿي رهيا آهن.
ڪائنات ۾ گرمي پکڙجي رهي آهي
مسافر جي اندر جو شاعر  سُجاڳ ٿي ويو آهي.
*
غلامي کان موت ڪيترا درجا بهتر آهي
منهنجي ملڪ ۾ هر هنڌ آزاديءَ جا جهنڊا
جهولي رهيا آهن
آهه! اهڙي وقت ۾ قيدي هئڻ به بدقسمتي آهي،
آءٌ ڪڏهن آزاد ٿيندس، جو
آزاديءَ جي جنگ ۾ پنهنجو ڪم ڪري سگهندس.
*
دنيا ۾ انسان جون برايون
هزارين ٿي سگهن ٿيون
پر سندن آزادي ڦرجڻ  کان وڌيڪ،
بُري ٻي ڪابه ڳالهه ڪونهي،
انسان کي اهو حق به نه ٿو ملي
ته هو ڪو ٻول وات مان ٻولي سگهي
يا ڪو هلڪو اشارو ڪري سگهي
اسانکي گهوڙن ۽ جانورن وانگر هڪليو وڃي ٿو.

هوچي منهه جي اها جيل ڊائري، ان عظيم عالمي ادب جو حصو آهي، جيڪو جيل ۾ سرجيو ويو. ان ڊائري جي لفظ لفظ مان آزاديءَ جو هڳاءُ ۽ ان لاءِ تڙپ ٿي نظر اچي. دل چوي ٿي ته سڄي ڊائريءَ جو هڪ هڪ لفظ هتي اتاري ڇڏيان.
جيل مان کيس 1943ع ۾ آزادي ملي.
*
ٻي جنگ عظيم ۾ جاپان جي شڪست ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان ترت پوءِ 19 آگسٽ 1945ع تي ويٽنامي انقلابي فوج ”هنوئيءَ“ ۾ داخل ٿي ويئي ۽ ويٽ ڪانگ گوريلن وڏي ڦڙتيءَ سان اتر ويٽنام تي قبضو ڪري ورتو.
آگسٽ انقلاب ڪامياب ٿيو، فرانس جي اسي سالن جي بيٺڪي راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ عوامي جمهوريه ويٽنام جو بنياد رکيو ويو ۽ 22 آگسٽ 1945ع تي هوچي منهه اتر ويٽنام جي صدارت سنڀالي. صدارت سنڀاليندي هن عظيم انسان پنهنجي خطاب ۾ چيو،
”مونکي صدر ان ڪري بنايو ويو آهي ته منهنجو ڪوبه گهر ڪونهي، نه زال اٿم، نه ٻار، نه ئي وري ڪا ملڪيت. منهنجي دولت اهو ڪوٽ ۽ پاجامون آهي، جڪي مونکي  پاتل آهن. انهن کانسواءِ مون وٽ نه ڪو ٻيو ڪوٽ آهي نه ڪو پاجامون.  
آهي ڪو اهڙو سورمو جنهن وطن جي عشق ۾، ان جي آزاديءَ جي ويڙهه ۾ سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو هجي.

ڪڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن سين
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
ٿي تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

ان ئي موقعي تي هن اهو تاريخي اعلان نامو پڙهيو، جنهن ۾ ’ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ويٽنام‘ جي قيام جو اعلان هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ”ويٽنام جي اعلان آزادي“ ۾ آمريڪي اعلان آزادي جا حصا به شامل آهن... سڀ انسان برابر پيدا ٿيا آهن. خالق کين نه کسجندڙ حق ڏنا آهن، جن ۾ زندگي، آزادي ۽ خوشي شامل آهن. ڌرتي جي هن گولي تي سڀ ماڻهو پئدا ٿيڻ وقت برابر آهن. سڀني انسانن کي جيئري رهڻ، خوش رهڻ ۽ آزاد رهڻ جو حق حاصل آهي.“
ان ۾ بيٺڪيت ۽ فيوڊل انتظاميه کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو. صدر هوچي منهه اعلان ڪيو، ”هي ويٽنام جي عوام جي عظيم سوڀ آهي، هڪ بيٺڪي ملڪ جي اندر مارڪسزم-ليننزم جي پهرين فتح به آهي. ويٽنام کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ هئڻ جو حق آهي. سڀئي ويٽنامي رهاڪو پنهنجي سڄي جسماني ۽ دماغي قوت کي متحرڪ ڪرڻ جو پڪو پهه رکن ٿا. پنهنجون زندگيون، مال ۽ ملڪيت قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن ته جيئن پنهنجي آزاديءَ جي حفاظت ڪري سگهن. 
هوچي منهه جو اصل نالو ”نگوين ٽيٽ ٿانهه“ هو، جنهن 19 مئي 1890ع ۾ جنم ورتو ۽ 3 سيپٽمبر 1969ع تي هي جهان ڇڏيو. هوچي منهه سندس ڪيترن ئي فرضي نالن مان ٰآخري نالو هو، جيڪي هن ويٽنام جي آزادي جي جدوجهد ۾ اختيار ڪيا، هوچي منهه، جنهن جي معنيٰ آهي ”جيڪو روشني پکيڙي ٿو“. هن 1942ع ۾ اختيار ڪيو. هاڻ کيس دنيا ان ئي نالي سان سڃاڻي ٿي.

مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي، جُڙندا ڪئين جام
نوان نوان متوالا ايندا، هڻندا تن جي هام.

آزادي جي ان ويڙهه ۽ سوشلزم جي اڏاوت ۾ هوچي منهه جا ساٿي به سندس جهڙا بهادر ۽ سچار سورما هئا. انهن ۾ هڪ ’لي دئان‘ هو، جنهن سندس چالاڻي کانپوءِ پارٽي ۽ اتر ويٽنام جي قيادت سنڀالي ۽ ’چاچي هو‘ جي وفات جي پنجن سالن کانپوءِ جڏهن ”سائيگان“ فتح ٿيو ته سڄي ويٽنام جي قيادت سنڀاليائين ۽ 10 جولاءِ 1986ع تائين ملڪ جي قيادت ڪندو رهيو.
سندس ٻيو ساٿي ننڍي قد جو جنرل گياپ هو. جنهن 1954ع ’ڊين بين ڦو‘ جي جنگ ۾ فرانس جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ جنگ ۾ فرانس جي  يارهن هزار سپاهين کي قيدي بنايو ۽ ستن هزار فوجين کي ماريو ۽ ’ڊين بين ڦو‘ فرانس جو قبرستان بنجي ويو. جڏهن ڊين بين ڦو جي جنگ ۾ فرانسي فوج جنرل گياپ جي گهيري ۾ هئي ته ان وقت جي نائب صدر نڪسن پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو ته اها صلاح  ٿي ته ٽي ائٽم بم اڇلائي گهيري ۾ آيل فرانسسين کي ڪڍيو وڃي. پر کين فوري طور تي اندازو ٿي ويو ته ان صورت ۾ سندن پنهنجا فرانسي ساٿي به سڙي خاڪ ٿي ويندا.•
*
”هن وقت ويٽنام تي ’ڪميونسٽ پارٽي آف ويٽنام‘ جي حڪومت آهي ۽ ملڪ قومي ترقي ۽ سوشلزم جي واٽ تي هلي رهيو آهي. ويٽنامي قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته پارٽي جي رهنمائي، صلاحيت ۽ رهنمائيءَ جي صلاحيت کي لڳاتار واڌئڻون آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري سڄي قوم جي سگهه کي وڌائڻون آهي ۽ ويٽنام کي 2020ع تائين بنيادي طور تي هڪ صنعتي ملڪ بنائڻ جي لاءِ بنياد مهيا ڪرڻا آهن. ملڪ کي جديد، خوشحال، مضبوط، جمهوري ۽ مساوات تي ٻڌل بنائڻ ۽ کيس مستقل مزاجيءَ سان سوشلزم ڏانهن وٺي وڃڻ حدف مقرر ڪيل آهن.“ 
ويٽنامين جي جدوجهد ۽ قربانين کي ياد ڪندي مونکي منهنجي هڪ ڳوٺائي شاعر دوست مرحوم محمد خان ”ملهار سنڌيءَ“ جو هي نظم ياد اچي رهيو آهي.

آزادي ڪو انعام ته ڪونهي.
ڪو پرين جو پيغام ته ڪونهي.
ڪنهن سُهڻي هٿ جو جام ته ڪونهي.
وير وڏي ويڙهاند کانپوءِ
ريٽي رت جي راند کانپوءِ
هيءُ مومل راڻا ماڻيندا آهن
۽ آزادي آڻيندا آهن.
*
هوچي منهه جي چونڊ مضمونن ۽ تقريرن جو هي ننڍڙو ڳٽڪو سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو 1973ع ۾ ”هوچي منهه جون لکڻيون“ جي نالي سان ڇپيو هو. ان کانپوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو به ڇپيو هو، پر ان تي سن لکيل ڪونهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ ”منير احمد“ آهي، جيڪو ادبي دنيا ۾ ”ماڻڪ“ جي نالي سان مشهور آهي. ماڻڪ جو ناول ”ساهه مٺ ۾“، ”لڙهندڙ نسل“ ۽ سندس ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والارين ٿيون.
مون هن ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ ڪجهه ترجمي جي ٻولي کي درست ڪيو آهي، جيئن پڙهندڙ  ساٿين کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. هن ڪتاب جو نئون نالو ”انقلاب، آزادي ۽ سوشلزم“ رکيو اٿم.

يوسف سنڌي

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 809
Kitab Jo Nalo : INQLAB, AZADI AIN SOCIALISM

by: Hochi Munh
Transleted by: Muneer Ahmed
Compiled by: Yousif Sindhi

First Edition © Roshni 2017
Pages : 118
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGharddress: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG