AGWAN ( Leaders )
































































ليکڪ پاران

هيءَ ڪتاب منهنجي سڄي ڄمار جي مطالعي ۽ تجربي جو نتيجو آهي. مون اڳواڻن ۽ اڳواڻيءَ بابت جيڪي ڪجهه سکيو آهي، اهو منهنجي مطالعي، مشاهدي، ماهرن جي تجزين ۽ منهنجي تجربي جو نچوڙ آهي.
آئون جڏهن آمريڪا جو صدر هئس، تڏهن مون ڄاتو ته ڪائي اهم تقرير تيار ڪرڻ هڪڙو مؤثر ڪم آهي. ان جو ڪارڻ فقط اهو ناهي ته اهڙي ريت توهان پنهنجن فيصلن کي ٻين جي ذهنن ۾ سموئي سگهو ٿا، پر ان جو هڪڙو ڪارڻ هيءَ به آهي ته اهڙي ريت توهان کي خود پنهنجي سوچ کي ترتيبڻ ۽ تهذيبائڻ جو موقعو ملي ٿو. هيءَ ڪتاب لکڻ جي حوالي سان به اهائي ڳالهه ٺهڪي اچي ٿي. مون کي جن اڳواڻن کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ جو موقعو مليو، جڏهن انهن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڄاتم ته اهو تجربو خود منهنجي شخصيت ۾ هڪڙي نئين ذخيري جوسبب بڻيو ۽ اندازو ٿيم ته انهن اڳواڻن کي ڪهڙا مسئلا سامهان هئا ۽ ڪهڙي نموني اهي ان قسم جي شخصيت بڻجي سگهيا. مون انهيءَ تجربي مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته حيراني جي بحر ۾ ٽٻيون هڻندو رهيس. مون کي هيءَ ڄاڻڻ ۾ به مدد ملي ته ڪنهن خاص موقعي تي انهن جي مخصوص ردعمل جو خاص ڪارڻ ڪهڙو هيو. گڏوگڏ مون کي انهن ماڻهن، جن اسان جي دؤر جي دنيا جي جوڙجڪ ڪئي، جي فطرت کي سمجهڻ جو بُل مليو.
ٻين انيڪ سياسي اڳواڻن وانگر آئون به تاريخي سوانح عمرين جو شؤنقين ۽ چيڙهو پاٺڪ رهيو آهيان. وائيٽ هائوس جي ڏينهنَ ۾ به آئون اهڙا ڪتاب پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍي وٺندو هئس. جن اڳواڻن جو مون هن ڪتاب ۾ تذڪرو ڪيو آهي، تن کي آئون ذاتي طور تي سڃاڻان ٿو ۽ سندن باري ۾ ذاتي تاثراتن جو سرچشمو خود منهنجو مشاهدو ۽ تجربو آهي. البت ان سان گڏ گڏ مون سندن ڪيترين ئي سوانح عمرين مان پڻ اِلهائي سارو سکيو ۽ ڄاتو آهي. جيڪي پڙهندڙ انهن اڳواڻن جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ جو شؤنق رکن ٿا، انهن کي آئون هيٺ ڄاڻايل ٿورا ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏيان ٿو:
 گهڻن جُڙدن واري ڪتاب Winston S. Churchill جو اهو حصو، جيڪو رينڊولف ايس چرچل کان شروع ٿي مارٽن گلبرٽ تائين وڃي ٿو. وائلٽ بونهم ڪارٽر جو ڪتاب Winston Churchill ۽ لارڊ موران جو Churchill، فرانڪوئس ڪيرساڏيءَ جو ڪتاب Churchill and de Gaulle، آندري مالرو جو Felled Oaks، برائن ڪروزيئر جو ڪتاب De Gaulle، ڊيوڊ شوئنبرون جو The Three Lives of Charles de Gaulle، وليم مانچسٽر جي لکيل ميڪ آرٿر جي جِيوني، ٽيرينس پريٽي جو ڪتاب Konrad Adenauer ۽ انهيءَ ساڳوڻي نالي سان لکيل پال ويمر جي مستند جيون ڪهاڻي، ايڊورڊ ڪرينڪشا جو ڪتاب Khurush chev، ڪي يوزو جو ڪتاب Chou Enlai: China’s Gray Eminence، راس ٽيرل جو ڪتاب Mao  ۽ آخر ۾ برائن ڪروزيئر جو ڪتاب The Man who lost China ضرور پڙهڻ گهرجن.
مون کي خاص طور تي اڳواڻي جي باري ۾ ڊوائٽ ڊي آئزن هاور جي خيال کان تمام گهڻي مدد ملي. جڏهن ته آئون جپان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر تاروتا ڪيمي جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان، جنهن يوشيدا جي باري ۾ ڪيترن ئي اڻ ڄاتل تفصيلن کان آگاهي ڏني.
آئون ڦوٽوئن جي چونڊ ۽ حافظي ۾ مدد ڏيڻ لاءِ منهنجي گهرواريءَ پاٽ ريان نڪسن جو ٿورو مڃيان ٿو. اڳوڻي رِڪاڊ کي اٿلائڻ پٿلائڻ لاءِ پنهنجي ساٿي لوئي ڪانٽ جو مشڪور آهيان، گڏوگڏ ڪيرن مسيا، ڪيٿلين اوڪونر ۽ سوزن مارون جو پڻ، جن هن ڪتاب جي مسودي جي نگراني سان گڏوگڏ تحقيق ۾ پڻ هٿ ونڊايو.
ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان پڙهائي پوري ڪري واندي ٿيندڙ ٻن نوجوانن جان ايڇ ٽيلر ۽ مارٽن اسٽريمڪي تحقيق ۽ مسودي جي سُوڌ سنوار لاءِ تمام گهڻي مدد ڏني ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان گڏ ڪم ڪندا رهيا. چرچل واري باب جي تياري ۾ فرينڪلن آرگانون گهڻو سارو مددگار ثابت ٿيو. منهنجي اڳئين ڪتاب The Real war وانگر هن ڀيري به وائيٽ هائوس ۾ تقرير نويسي جي سربراهه ريمنڊ پرائس انتظامن ۽ نظرثاني وارن ڪمن کي سرانجام ڏنو. آئون انهن سڀني جو بيحد ٿورائتو آهيان.

رچرڊ نڪسن
21- جون 1982ع

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 763
Kitab Jo Nalo : AGWAN ( Leaders )

by: Richard Nixon
Translated by: Nawaz Khan Zaor

First Edition © Roshni 2017
Pages : 416
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 500.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين،
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG