JEKI BANGAL SAAN THIYO

















































مهاڳ

”اوڀر پاڪستان ۾ جي ڀيانڪ واقعا ٿيا ۽ جا قيامت ٿي گذري، سو سڀ ڪجهه هڪ خوفناڪ خواب پيو لڳي. اسين ان جو تصور ڪرڻ به نه ٿا چاهيون. مان وري ڪڏهن به اهو ساڳيو ماڻهو ٿي نه سگهندس، جيڪو انهن واقعن کان اڳ هوس. اڄ به اسين انهن ڳالهين جو سوچيون ٿا ته ننڊ ڦٽيو ٿي پوي. اسين ڪي جهنگلي ڪونه آهيون، اسين سڌريل انسان آهيون، پر اسين ڪن جهنگلين جي چنبي ۾ اچي وياسين..... مون اول ئي شيخ مجيب الرحمان کي ٻڌايو آهي ته جو ڪجهه ٿيو آهي، ان تي اسان کي سخت افسوس آهي..... انهن واقعن تي رڳو ويچار ڪرڻ سان به منهنجا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن، جو ڪجهه ٿيو آهي، ان تي مون کي ۽ اسان سڀني کي ڏک رسيو آهي.“ (صدر ڀٽو، ڪئناڊا جي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن سان انٽرويو، 23 جنوري 1972ع)
اڄ پاڪستان ۾ نئون ورق اٿلائڻ، نئون پاڪستان اڏڻ، ماضيءَ جي غلطين مان سبق سکڻ ۽ پنهنجي گريبان ۾ منهن وجهي ڏسڻ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چيو ٿو وڃي.... پر اهو ڏسي ڏک ٿو ٿئي ته خيالن جي اظهار جي ٿوري گهڻي آزادي بحال ٿيڻ جي باوجود، اسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ ۽ حقيقت تائين پهچڻ جي حاجت محسوس ڪانه ڪئي آهي. انهيءَ لاءِ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته اسان کي پورو پتو پوي ته مارچ ۽ ڊسمبر 1971ع جي وچ ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ڇا وهيو واپريو؟ جيستائين اسان کي اوڀر پاڪستان جي باري ۾ حقيقت جي پروڙ نه پوندي، تيستائين اسان جو قومي ضمير جاڳي ڪين سگهندو، پر اسان جي پريس پنهنجي عادت موجب اڄ به ان ڏکوئيندڙ، پر اهم معاملي تي توجهه ڏيڻ کان نٽائي رهي آهي.
هن سڄيءَ دنيا ۽ ڪن ٿورن پاڪستانين کي خبر آهي ته اوڀر پاڪستان ۾ فوجي ڪارروائي، نسل ڪشيءَ لاءِ هڪڙي سڄي قوم جو ڪوس هو...
هن ڀوائتي ڪارروائيءَ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ نازين، ويٽنام ۾ آمريڪين ۽ انڊونيشيا ۾ سهارتو ٽوليءَ جي ظلمن کي به مات ڪري ڇڏيو...
قتلِ عام ٿيو ۽ اسين ان ڏوهه ۾ خاموش شريڪ هئاسين. قوم پاڻ کي ان ڏوهه کان ڪيئن ٿي آجو ڪري سگهي، جڏهن ان کي ان ڏوهه جي پوري حقيقت به معلوم آهي؟
اڄ پاڪستان ۾ اها گهر ڪئي ٿي وڃي ته يحى ۽ هن جي ساٿين کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي. ڦاسي ڇالاءِ؟ انهيءَ لاءِ ته هو ملڪ جي فوجي شڪست جو ڪارڻ بڻيو ۽ نه انهيءَ لاءِ ته هن انهن ماڻهن جو ڪوس ڪرايو، جن کي اڄ به اسين هم وطن سڏي رهيا آهيون. اسان جون اخبارون انهيءَ ڪري ته واويلا مچائي رهيون آهن ته بهاري، مڪتي باهنيءَ جي ڏاڍاين جو شڪار ٿي رهيا آهن، پر هو فوج جي ڪيل خونريزيءَ تي اڃا تائين خاموش آهن. اسين اهڙين اخبارن جي سچائي ۽ معتبري نه مڃينداسين. بهارين جي حمايت ۾ ته عام هڙتال ڪئي ويئي، باقي برباد بنگالين جي باري ۾ هڪ به ٺهراءُ پاس نه ڪيو ويو ۽ هڪ به ايڊيٽوريل نه لکيو ويو!
جڏهن هڪڙي قومي اخبار، ٽيليويزن تي ڍاڪا جي آڻ مڃڻ جي فلم ڏيکارڻ تي، ايڊيٽوريل ۾ احتجاج ڪري ٿي، ته اهو فقط اهو ٿو ڏيکاري ته ڪيئن نه اسان کي باقاعدي بي خبر رهڻ تي هيرايو ويو آهي ۽ ڪيئن نه اسين پنهنجو پاڻ کي ٺڳڻ ۾ ماهر ٿي ويا آهيون!
اسين اٺ پکين ۽ هڪ طرفو سوچڻ وارن جي قوم بڻجي ويا آهيون. اوڀر پاڪستان ۾ فوجي ڪارروائيءَ جي نون مهينن دوران، سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين، ڏاڍي ڏک ۽ ڏهڪاءَ جي جذبن سان ٽيليويزن تي اهي تصويرون ڏٺيون، جن ۾ پاڪستاني سپاهين ۽ رضاڪارن جي درندگي ڏيکاري ويئي هئي ۽ اخبارن جا اهي اکين ڏٺا احوال پڙهي صدمو پهتو، جن ۾ لکين بنگالين جي بيوسيءَ ۽ مظلوميءَ جون خبرون هونديون هيون.
اولهه جي ملڪن جا رهاڪو، جن جي سنسني خيز ۽ تشدد وارن واقعن لاءِ اوساٽ بي انت آهي، تن لاءِ سارو عرصو، پاڪستان ۽ بنگلاديش هيبتناڪ ڪهاڻين جو مکيه موضوع رهيا. اسان کي هنن جو انهن ظلمن تي حد کان وڌيڪ زور ڏيڻ پسند نه هو ۽ اسان هنن جي نيت ۾ به شڪ ٿي ڪيو، پر اسان حقيقتن کان انڪار ڪري نه ٿي سگهياسين.
جيئن ته اولهه جي پريس ۾ اوڀر پاڪستان جي مناسب سياسي ڇنڊڇاڻ ناپيد هئي، ان ڪري اتي جي موجوده حالتن کي سمجهڻ لاءِ اسان اها ضرورت محسوس ڪئي ته اتي جي ماڻهن کي پاڪستان جي اصلي سياست کان واقف ڪيو وڃي.
پر اڄ اسان کي ان کان به وڌيڪ ضرورت درپيش آهي ۽ اها ضرورت آهي، پاڪستان ۾ پاڪستانين کي حقيقت کان واقف ڪرڻ. اسان ڪڏهن به ڪونه سوچيو هو ته اسان محدود وسيلن وارن کي، پريس تان پابنديون لهڻ کان پوءِ اهو فرض سرانجام ڏيڻو پوندو. بهرحال، هنن تلخ ۽ اڻ وڻندڙ سچائين ٻڌائڻ جي اهميت کي مدِنظر رکندي، اسان اوڀر پاڪستان ۾ ڪوس جي باري ۾ هيءُ ڪتابڙو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن ڪتابڙي جو مواد هڪ طرفو ضرور آهي، پر طرفداريءَ وارو نه آهي. فوج جي دهشت انگيزي بيان ڪندي، اسين انهن ڏاڍاين کان انڪار ڪونه ٿا ڪريون، جي عوامي ليگ جي پوئلڳن، فوجي مداخلت کان اڳ ۽ اوڀر پاڪستان جي هار ٿيڻ کان پوءِ غير بنگالين جي خلاف ڪيون. انهن جي اسان جي ماڻهن کي خبر آهي. اهي ڳالهيون وڌاءُ ڪري پاڪستانين کي ٻڌايون ويون آهن. انهيءَ هڪ طرفي اطلاع جي مقابلي ۾ ئي اسين هي حقيقتون ٻڌائڻ گهرون ٿا. اسين اهو ڪجهه ٻڌائڻ چاهيون ٿا، جو نه ٻڌايو ويو آهي. ايئن ڪرڻ مان اسان جو مطلب قومي ضمير جاڳائڻو آهي ۽ نه الزام تراشي.
اسان کي احساس هو ته اولهه جي پريس ۾ نسلي ۽ مسلمانن خلاف تعصب موجود آهي، ان ڪري خبرن جي چونڊ ۾ پوري خبرداريءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. هتي جيڪي رپورٽون پيش ڪيون ويون آهن، سي هر لحاظ کان اعتبار جوڳيون آهن ۽ انهن ۾ وڌاءُ يا غلط بياني هجڻ جو ڪو سبب ڪونهي.
پهريون رپورٽون ٻن پرڏيهي اخبار نويسن: سمن ڊرنگ
(Simon Dring) ۽ ميڪائيل لارينٽ (Michael Laurent) جون آهن. 25 مارچ 1971ع جي رات جو پاڪستاني لشڪر ڍاڪا ۾ موجود مڙني 35 غير ملڪي اخبار نويسن کي پڪڙي، پرڳڻي مان نيڪالي ڏني. انهن پنجٽيهن مان مٿيان ٻه ڄڻا ملٽريءَ کان لڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ هنن ئي فوجي ڪارروائيءَ جي منڍ وارو، يعني 26 مارچ جو اکين ڏٺو احوال دنيا کي ٻڌايو.
مئي مهيني ۾ فوجي حڪومت ڇهن پرڏيهي نامه نگارن کي اوڀر پاڪستان ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. هنن کي رٿيل رٿا موجب اهڙيون جايون ڏنيون ويون، جتي حڪومت جي چوڻ موجب بنگالين جا غير بنگالين مٿان ظلم جا آثار موجود هئا، پر انهن مان ڪي نامه نگار لشڪر جي ڪيل وڏي پيماني واريءَ خونريزيءَ جا ثبوت ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
نيويارڪ ٽائيمس جي عيوضي مالڪوم برائون (Malcolm Browne)، جو انهن ڇهن نامه نگارن مان هو، تنهن انهيءَ مختصر سفر ۾ جو ڪجهه ڏٺو، سو بيان ڪيو آهي.
ساڳئي وقت پرڏيهي اخبارن جي پاڪستاني خاطوئن کي حڪم ڪيو ويو ته، هو پنهنجي پنهنجي اخبار کي فوجي قدم جي فائدي ۾ ۽ اهو قدم حق بجانب هجڻ جي پٺڀرائيءَ ۾ مضمون لکي موڪلين. انهن مان هڪڙو اخبار نويس ائنٿوني مسڪارينهاس (Anthony Mascarenhas)، جو اخبار ”مارننگ نيوز“ ڪراچيءَ جو نائب ايڊيٽر به هو ۽ ”لنڊن سنڊي ٽائيمس“ جو خاطو به هو، سو ڪن فوجي آفيسرن سان سندن خوني مهم تي گڏ رهيو.
هن خاطوءَ، حالي فوجي حڪومت جي خواهش موجب هڪ رپورٽ لکي. هن جي اها رپورٽ پاڪستاني سفارتخانن جي ذريعي، دنيا جي ٻين ملڪن ڏي موڪلي ويئي ۽ اتي عام جام ورهائي ويئي، پر پوءِ مسڪارينهاس کي اهڙو ڏک ٿيو، جو پاڪستان کي هميشه لاءِ خيرباد چئي، ڇڏي هليو ويو ۽ دنيا کي اهي حقيقي واقعا ٻڌايائين، جي هن اوڀر پاڪستان ۾ ڏٺا هئا. مسڪارينهاس جي اها ڪهاڻي سڀني کان وڌيڪ معتبر ۽ تفصيل سان بيان ڪيل آهي. پهرين اها ”لنڊن سنڊي ٽائيمس“ ۾ شايع ٿي ۽ پوءِ دنيا جي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ وري وري ڇپبي رهي. اسان به ان مضمون کي هن ڪتابڙي ۾ پوري پوري جڳهه ڏني آهي. 
”نيوزويڪ“ رسالي جي خاطوئن، 28 جون 1971ع ۽ 2 آگسٽ 1971ع وارن پرچن ۾، هندوستان ۾ آيل بنگالي پناهگيرن سان ملاقات ڪري، انهن ڳالهين جي تصديق ڪئي، جي مسڪارينهاس پنهنجي اکين سان ڏٺيون هيون. ”نيوز ويڪ“ جي انهن رپورٽن جا هن ڪتابڙي ۾ فقط ڪي ٽڪرا نقل ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي پريس ۾، ظلم جو شڪار ٿيل ڪن ماڻهن جي واتان ٻڌايل واقعا سندن ئي لفظن ۾ به شايع ٿيا هئا. انهن مان به هڪ واقعو، جو بدترين چئي نه ٿو سگهجي، سو به هن ڪتابڙي ۾ ڏنو ويو آهي.
ان ڳالهه جو هرهڪ ثبوت موجود آهي ته ذلت ڀري آڻ مڃڻ جي آخري گهڙيءَ تائين، پاڪستاني فوج ۽ رضاڪارن طرفان قتل ۽ غارت، ڦرلٽ، باهيون ڏيڻ، زوريءَ زنا جون وارداتون ٿينديون رهيون.
خاص دهشتناڪ اهي تصويرون هيون، جي ٽيليويزن تي
26 نومبر 1971ع ۽ 31 ڊسمبر 1971ع تي ڏيکاريون ويون.
”البدر“ رضاڪارن جي هٿان ڪٺل دانشورن جي اجتماعي قبر مان لاش ملڻ ثابت ڪيو ته اسان جا فوجي عملدار، ان قلم سان به بنگالين جي موت جا پروانا صحيح ڪندا رهيا، جن ۾ هنن هندوستان کان شڪست کائڻ واري دستاويز تي صحيح ڪرڻ واسطي مس ڀري هئي...
اسان کي صدر ڀٽي جي ان بيان جي سچائيءَ ۾ شڪ ناهي ته، اسين مهذب ماڻهو آهيون. جيڪڏهن جو ڪجهه اوڀر پاڪستان ۾ ٿيو، سو ڪن آڱر تي ڳڻڻ جيترن حيوان صفت انسانن جو ڪارنامو هو ، ته پوءِ ڇا هڪ مهذب قوم جي حيثيت ۾ اسان جو اهو فرض ناهي ته اسين ان کي ننديون؟ هٽلر جي ڪرتوتن جو بدلو جرمن، يهودين کي پيا ڀرين. ڇا اسين انهيءَ لاءِ تيار آهيون ته فقط پنهنجو ڏوهه قبول ڪريون ۽ بنگالين کي پنهنجي مرضيءَ مطابق آزاد رهڻ لاءِ ڇڏي ڏيون؟

پاڪستان فورم
ڪئناڊا

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 816
Kitab Jo Nalo : JEKI BANGAL SAAN THIYO

Translated & Compiled by: Rasool Bux Palejo

Second Edition © Roshni 2017
Pages : 119
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 160.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG