JEAN DITHO AH MOON JO MUTALO






























































”جيئن ڏٺو آهه مون جو مطالعو“ عنوان هيٺ تيار ڪيل هن ڪتاب جي مواد کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
حصو پهريون: انهن خطن ۽ راين تي مشتمل آهي جيڪي ”جيئن ڏٺو آهه مون“ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سڌي طرح سائين جي. ايم. سيد صاحب ڏانهن موڪليا ويا ۽ انهن مان ڪجھ خطن جا سيد صاحب جواب پڻ ڏنا. يا ڪتاب تي اخبارن ۾ ڪي تبصرا آيا.
حصو ٻيو: دادوءَ جي هڪ مهاجر آبادگار پاران جاري ڪيل مخالفانه پمفليٽ، سنڌ جي مخلتف مڪتبه فڪر وارن عالمن جي فتوا ۽ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ بابت پبلشر طرفان ڪتاب جي مواد کان لاتعلقيءَ وارو وضاحتي اشتهار جيڪو مذهبي ماڻهن ۽ رياست جي دٻاءَ هيٺ اڄ کان 45 سال اڳ سنڌ ۾ ورهايو ويو هو. ان کانسواءِ مختلف عالمن پاران جاري ڪيل ڪفر واري فتوا جو وال پوسٽر شامل آهي.
علمائن پاران جاري ڪيل سائين جي. ايم. سيد کي ڪافر ۽ ملحد ظاهر ڪندڙ ان وال پوسٽر جي حوالي سان هيٺين ٽن ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو.
1: سنڌ جي علمائن پاران جاري ڪيل فتوا وارو اهو وال پوسٽر ٻي ته هر جاءِ تي هنيو ويو، پر سيد جي آبائي ڳوٺ سن ۾ پڻ هڪڙي مولوي صاحب کي ديني جذبي سان سرشار ڪري، پٺارڪ ٻڌرائي موڪليو ويو ته اهو پنهنجي ديني فريضو تصور ڪندي، سن ڳوٺ جي هر ڀت کي ان سان سينگاري، سيد خلاف جاري ڪيل ان فتوا جي ڀري کڻي اهو بزرگ ڊڄندي ڊڄندي سن پهتو، سن جهڙو ڳوٺڙو ان ۾ سيد خلاف فتوا وارو پوسٽر لڳڻ، اها ڳالهه لڪي ته ڪانه پئي سگھي، سو ان پوسٽر هڻندڙ مولوي صاحب کي سائين جي. ايم. سيد جي اوطاق تي آندو ويو. سائينءَ ان مولوي صاحب کي آرام سان ٻُڌو، ماني کارائي، ۽ پوءِ ملازم کي تاڪيد ڪيو ته، مولوي صاحب سان گڏجي وڃو، هو جتي جتي پوسٽر هڻڻ چاهي، ان ۾ سندس مدد ڪيو. سيد صاحب جي اهڙي رويي کان اهو مولوي صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو، پر کيس پنهنجي استاد صاحبن جو حڪم ته بجاءِ آڻڻو هو.
2: محترم عبدالواحد آريسر ان وقت ڀينڊي واري مدرسي ۾ پڙهندو هو. اهو پوسٽر جڏهن ان مدرسي ۾ پهتو ته ان اعتراض هيٺ آيل ڪتاب پڙهڻ جو کيس تجسس پيدا ٿيو، ۽ پوءِ ان ڪتاب پڙهڻ جي پاداش ۾ آريسر صاحب کي، مدرسي کان موڪلاڻي ڪري، حيدرآباد جي مسجدن جو پاسو وٺڻو پيو، ۽ پوءِ آخرڪار سيد جي قافلي جو بي باڪ اڳواڻ ٿي ميدان ۾ آيو.
3. مولانا محمد صادق کڏي واري سائين جي. ايم. سيد جو دوست هو. مولانا صاحب جي فرزند حافظ محمد اسماعيل، ( جيڪو کڏي واري مدرسي جو مهتمم آهي) ان وٽ جڏهن لاڙ جا ڪجهه عالم سيد خلاف جاري ڪيل فتويٰ تي صحيح ڪرڻ لاءِ کڻي ويا، تڏهن پاڻ ان تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪندي، کين ان لاءِ هيٺيان ٻه دليل ڏنائين.
1. مون ڪتاب ڪونهي پڙهيو. (يعنيٰ فتويٰ جاري ڪرڻ کان اڳ ۾ پڙهڻ ضروري آهي.)
(2) پڙهڻ بعد مالڪ سان بحث ڪجي، ته آيا هو ان کان باز اچي ٿو يا نه؟ 
جيئن ته مون اهي ٻئي ڪم ڪو نه ڪيا آهن انڪري فتوا واري عمل ۾ حصو نه وٺبو.
اڳتي هلي 1970ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جڏهن عمري تان موٽيو ۽ حافظ صاحب جي ملاقات ٿي ته سائين کيس مٿي ذڪر ڪيل واقعي طرف اشارو ڪندي چيو ته: ”توهان جو والد منهنجو دوست هو، توهان فتويٰ تي صحيح نه ڪري والد وارو حق ادا ڪيو هو.“ حافظ صاحب موقعي مناسبت کي نظر ۾ رکندي سائينءَ کي چيو ته: ”هاڻ به کڻي لاتعلقي ڪري دست بردار ٿيو.“ سائين وراڻيو ته: ”جيڪي ٿيڻو هو، اهو ٿي چڪو، هاڻ هٿ ڪو نه کڻبو.“
ٻئي طرف مولوي صاحبن جي فتوا جاري ڪرڻ ڪري جيڪو چؤ طرف چؤ ٻول ٿيو، ان ۾ ليکڪ کان سواءِ پبلشر خلاف جيڪا واويلا ڪئي ويئي، ان کان پوءِ پبلشر جناب ارباب نور محمد پليجي کي ان ڳالهه جي ضرورت محسوس ٿي، ته هو ان ڪتاب سان پنهنجي لاتعلقي ظاهر ڪندي، مختلف واعدن اقرارن سان پنهنجو پاڻ کي سچو مسلمان (جيتوڻيڪ ڪتاب جي مواد سان مسلمان هئڻ نه هئڻ جو واسطو ئي ڪونه هو) هئڻ ثابت ڪري، انڪري ارباب صاحب کان ”اعلان حق“ عنوان هيٺ پاڻ کي سچو مسلمان ظاهر ڪرڻ ۽ ڪتاب سان لاتعلقيءَ ڏيکارڻ وارو اشتهار شايع ڪرايو ويو. 
حصو ٽيون: هن باب ۾ 45 سالن گذرڻ کانپوءِ، ٿيل ذهني ترقي ۽ تجربن جي روشنيءَ ۾ ساڳي مواد جو نئين سر مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. ان مطالعي لاءِ، موجودهه دور جي نامور اسڪالرن جي چونڊ ڪئي ويئي آهي. مناسب سمجھان ٿو ته اهڙو مطالعو پيش ڪندڙ عالمن جو مختصرلفظن ۾ تعارف ڪرايو وڃي.
ڊاڪٽر محمد انس راڄپر: درس نطاميءَ جو فاضل عربي فارسيءَ جو ڄاڻو آهي، ڪيترائي عربي فارسي ڪتاب ترجمو ڪري چڪو آهي. ديني موضوعن تي لکندو رهيو آهي. مخدوم محمد معين ٺٽوي، جيڪو شاهه عبداللطيف جو دوست ۽ منطق، فلسفي ۽ تصوف جو وڏو عالم هو، ان جي فلسفي ۾ تصوف تي پي. ايڇ.ڊي ڪيل اٿس. ان باري ۾ توڙي ٻين اهم ديني مضمونن تي سندس تحقيقي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن 2013 کان شعبي اسلامڪ ڪلچر سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏکي رهيو آهي.
حافظ محمد صديق ميمڻ: قرآن جو حافظ ۽ ديني عالم آهي. پاڻ شروع ۾ جميعت علماءِ السلام جي شاگرد تنظيم جميعت طلباءِ اسلام جو اڳواڻ رهيو. پوءِ سنڌ جي مسئلن تي جماعت جي موقف سان اختلاف ڪندي سنڌ ساگر پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. اتي پڻ کيس اطمينان نه ٿيو پوءِ جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيو پاڻ جيئي سنڌ محاذ (عبدالخالق گروپ) سان اڃا به وابسته آهن.
ڊاڪٽر حبيب االله صديقي: نامور اسڪالر، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، پاٽ جي صديقي خاندان جي ديني خدمتن تي Ph. D ڪئي اٿن ان کان سواءِ ٻن حصن ۾ ’انسان جي تاريخ‘ جهڙي شاندارذخيم تحقيقي ڪتاب لکڻ کان سواءِ، ڪيترن ئي علمي ادبي موضوعن تي ڪتاب لکيا اٿن. سڄي زندگي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن.
اميد آهي ته هي مواد پڙهندڙن لاءِ نت نيون راهون هموار ڪندو ۽ علم عقل فهم و فراست وارين دلين جا دروازا کوليندو ته جيئن عقيدي پرستيءَ بجاءِ عقلي بنيادن تي سماج کي سمجھڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ واري واٽ تي هلي سگھجي.

طالب العلم
پروفيسر ڊاڪٽر آزاد قاضي

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 804
Kitab Jo Nalo : JEAN DITHO AH MOON JO MUTALO

Compiled by: Pro. Dr. Azad Qazi

First Edition © Roshni 2017
Pages : 168
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG