SINDH JO AWAZ



























































ٻه اکر

1970ع واري اليڪشن ۾  مغربي پاڪستان واري حوالي سان ڀٽي صاحب، جنهن نموني جي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اليڪشن ورڪ دوران جن خيالي پلائن جو اظهار ڪيو، تنهن جي هڳاءَ هتان جي وڏي اڪثريت کي سندس مداح بنائي ڇڏيو هو. سندس حرفت بازين نه رڳو هتان جي عام ماڻهن پر پڙهيل لکيل سمجهدار قسم واري ماڻهن جي وڏي انگ مٿان پنهنجو سياسي سحر طاري ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ائين پئي محسوس ٿيو، جهڙوڪر سنڌ جي سياسي ميدان ۾ موراڳي صفائي ٿي وئي آهي. ڀٽي صاحب جي ڀيٽ ۾ ڪوبه ٻي ڳالهه ڪرڻ وارو رهيو ئي ڪونهي! اهڙي ماحول ۾ سائين جي ايم سيد هڪ طرف جناب ڀٽي کي پنهنجي طرفان تعاون جي آڇ پڻ ڪئي پر ساڳي وقت پاڻ سنڌ جي مستقبل واري حوالي سان ان بدليل ماحول ۾ نئين طرح سان غور فڪر ڪرڻ شروع ڪيائون. جنهن بابت صلاح مصلحت لاءِ مٿي ذڪر ڪيل محمد امين خان کوسي واري خط ۾ پڻ اشارو ملي ٿو. محمد امين کوسي کي سيد صاحب سان ملڻ ۽ مشورو ڏيڻ جو وقت مليو به يا نه ؟ سا خبر ناهي پر سيد صاحب جنهن رخ تي سوچ ويچار ڪرڻ شروع ڪيو هو، تنهن ڳالهه جي پڪي، پختي نموني سان 31 مارچ 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي ۾ ملهايل ”سنڌي شام“ وقت ڪيل تقرير ۾ پاڻ اظهار ڪري ڇڏيائون، جنهن ۾ پاڻ قوم پرستيءَ، سيڪيولر نظام حڪومت، صحيح جمهوريت ۽ سوشلزم، اسلامي نظام حڪومت وغيره جي سمجهاڻي ڏيندي، سنڌو ديش جي معنى  ۽ وسيع مفهوم جو اعلانيه اظهار ڪيائون. اها تقرير سندن پاران ڏنل سنڌو ديش واري فڪر جي پيڙهه وارو پٿر هئي.
سائين جي ايم سيد پنهنجي جنهن تقرير ۾ سنڌو ديش جو باضابطه طور تصور پيش ڪيو هو، اها 31 مارچ 1973ع تي ڪئي هئائون، پر سندن ان فڪر کي واضح ڪرڻ وارو ڪتاب”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لا؟“ فيبروري 1974ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو مرڪزي خيال ان تقرير کي چئي سگهجي ٿو. ان وچ ۾ پاڻ سنڌو ديش پتر 1- 2- 3 نالي ليٿو اسٽائيل سيريز رستي. عوام کي پنهنجو ڪيس سمجهائڻ ۽ حقيقتون واضح ڪرڻ واري مقصد سان شروعات ڪئي هيائون. ان منجهان ثابت ٿئي ٿو ته هتان جي حڪمرانن طرفان 1970ع ۾ اختيار ڪيل غير جمهوري ۽ ظالمانه رويي جي باوجود سيد صاحب جن ڪنهن مناسب فريم ورڪ ۾ گڏجي رهڻ جا حامي هئا ۽ ان سلسلي ۾ 1973ع تائين ٽن سالن جي عرصي ۾ پاڻ حاڪم قوم ۽ خاص طور تي انهن جي نمائندي ۽ ان وقت جي صدر جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي ان سلسلي ۾ ڪو مناسب طريقو اختيار ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏيندا رهيا پر انهن جڏهن انڌن گونگن ۽ ٻوڙن وارو رويو اختيار ڪيو، تڏهن سيد صاحب اهو آخري فيصلو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا، ڇاڪاڻ ته مٿين تجربن هتان واري نام نهاد جمهوريت منجهان سندن ويساهه ختم ڪري ڇڏيو هو. اهڙي صورتحال جو ذڪر ڪندي پاڻ لکيو اٿن: ”انهيءَ ڳالهه اسان کي پاڪستان ۾ آئيني طرح اسيمبلين جي ذريعي واحد وفاقي سرشتي ۾ قومي ۽ صوبائي حق حاصل ڪرڻ کان مڪمل مايوس ڪري ڇڏيو. ماڻهو جڏهن مڪمل مايوس ٿي ويندو آهي ته ان وقت مڪمل تبديلي چاهيندو آهي. اهڙي ريت اسان به مڪمل طرح مايوس ٿي چڪا هئاسون، ان ڪري اسان هن نظام، ڍانچي کان سنڌ جي مڪمل آزادي، يعني سنڌو ديش جي قيام لاءِ عوام کي تيار ڪرڻ جو پروگرام ظاهر ڪيو ۽ ان تي ڪاربند ٿي، سنڌي عوام سان رابطي رکڻ جو فيصلو ڪيوسون.“.

هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد گڏ ڪيو ويو آهي، اهو سندن ان طويل جدوجهد جو هڪ دستاويزي ثبوت آهي، جنهن ۾ سيد طرفان مختلف وقتن تي ڪيل جدوجهد واري مواد کي سيد جي فڪر کي سمجهڻ وارن فردن جي سولائيءَ  لاءِ هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي.


پروفيسر ڊاڪٽر آزاد قاضي


https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 805
Kitab Jo Nalo : SINDH JO AWAZ

by : G. M. Syed
Edited & Exponded : Pro. Dr. Azad Qazi

Second Edition © Roshni 2017
First Edition: G.M. Syed Literary Society Karachi 1997
Pages : 240
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh


اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

 ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد  
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+  مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
 سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
 المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس +  خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
 مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG