MUJEEB & BHUTTO




































پاڪستان جي تاريخ ۾ ايوبي آمريت واري خوني دور ۾ ٻه وڏا طوفاني قسم جا سياسي ماڻهو اڀري آيا، جن زلزلي نما عوامي طوفان سان فوجي حڪومت جي ديوارن کي لوڏي ڇڏيو- هڪ شيخ مجيب الرحمان ۽ ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو. سندن ولوله انگيز قيادت ۽ عوامي حمايت جو اهو عالم هو، جو ٻنهي جي جلسن ۾ ماڻهن جو سمونڊ ڇوليون هڻندو نظر ايندو هو. ٻئِي عوام جي دلين تي ڇانيل هئا. ٻنهي ليڊرن، سالن کان پيڙجندڙ عوام ۾ آواز اٿارڻ ۽ اڳتي وڌڻ واري دليري ۽ بهادرانه جذبو پيدا ڪري ڇڏيو هو. ٻنهي جو ٻين ليڊرن جي ڀيٽ ۾ تقرير ۽ تحرير جو انداز، جلسن ۽ جلوسن جو نمونو بنهه مختلف ۽ منفرد هو. اهو اِيئن ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي، جيڪو مٿئين ڪلاس واري ’محلاتي سياست‘ وارو طريقه ڪار هلندڙ هو، تنهن کي هنن ٻنهي ذهين سياستدانن، عوام جي صفن تائين لاهي آڻڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو- يعني سندن ڪوششن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو به سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو، ۽ اهڙي ولوله انگيز قيادت کي ڏسي، عام مسڪين ماڻهو به ملڪ جي سياست ۾ پنهنجو پاڻ کي ڀاڱي ڀائيوار سمجهڻ لڳو هو. ٻنهي بيباڪ ۽ ولوله انگيز سياستدانن ۾ باوجود مٿين مشترڪ ڳالهين هئڻ جي، هن ملڪ جي آئيندي بابت خيالن ۾ بنيادي طور اختلاف راءِ هئي. ملڪ اندر ايندڙ حڪومت بابت ٻنهي ذهين انسانن جا الڳ الڳ تجربن جي روشنيءَ ۾ خيال هڪ ٻئي جي بنهه ابتڙ هئا.
ڀُٽي صاحب پنهنجي سياسي عمل دوران ٻين سياستدانن تي ڀرپور تنقيد ڪئي، افسر شاهيءَ خلاف آواز اٿاريو، اليڪشن مهم دوران آمريڪا تي گرجدار نموني ڀرپور حملا ڪيا. اقتصاديات جي حوالي سان، پهريان ’سوشلزم‘ ۽ پوءِ ’اسلامي سوشلزم‘ جي ڀرپور وڪالت ڪئي، پر آئين ڪهڙو هئڻ گهرجي، اُن بابت هن حرف به نه ڪُڇيو، ڇاڪاڻ ته جيڪا آئيني ردو بدل ٿئي ها، تنهن جو اثر اقتداري ڌُر پنجاب تي پوڻ لازمي هو، ۽ اُها ڳالهه ڪنهن به اقتدار جي خواهشمند سياستدان لاءِ سخت نقصانڪار هئي.
اُن جي ابتڙ شيخ مجيب الرحمان جو پروگرام [ڇهه نُڪتا] هئا ئي آئيني بنياد تي، ڇاڪاڻ ته کيس ملڪ جي پوري تاريخ جو تجربو هو ته ڪيئن نه آئيني طرح قبضو ڪري، پنجاب باقي ٻين صوبن کي ڦريندو لُٽيندو رهي ٿو. اُن ڪري شيخ صاحب ملڪ جي آئين اندر اهڙيون تبديليون آڻڻ پئي گهريون، جنهن سان پنجاب جي هڪ هٽي ختم ٿي سگهي، ۽ سول توڙي فوجي طرح سان پنجاب باقي ٻين صوبن مٿان هڪ هٽي قائم نه رکي سگهي، ڪنهن صوبي جي اقتصادي ڦرلٽ نه ڪري سگهي، نوڪرين ۽ واپار مٿان اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ قبضونه ڪري سگهي. اهو هو شيخ صاحب جي پروگرام جو بنيادي مقصد، جنهن جو هن شروعات کان علي الاعلان اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو، ان سلسلي ۾ پنجابي، فوجي ۽ بهاري سندس خاص نشانو هوندا هئا. 
جيڪڏهن غور ڪري ڏسبو ته زيربحث ليڊرن جي ذهني معيار ۾ اهو ايڏو وڏو تفاوت هو، جهڙو گلاب جي گل ۽ ڪاغذي گل‘ ۾ هوندو آهي؛ جهڙو محبوب جي مرڪ ۽ طوائف جي مرڪ ۾ هوندو آهي. ان جو پڻ تاريخي پس منظر آهي،جنهن ۾ مٿين ٻنهي اڳواڻن جي ذهني تربيت ٿي، جنهن سبب ايڏو وڏو ڏينهن ۽ رات جهڙو تفاوت نظر اچي ٿو.
مجيب الرحمان ننڍي وچولي ڪلاس ۾ ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو، اُن ڪري سياسي ميدان ۾ اچڻ ۽ سياسي سبق پرائڻ وقت وچولي ڪلاس جي روايت موجب ديس جي قومي سورمن جي ڪارنامن ۽ وفادارين جو سندس ذهني اوسر تي غلبو رهيو. اهڙيءَ ريت عبدالواحد آريسر جي لفظن ۾: ”مجيب الرحمان، جيئن ته ايثار ۽ قربانيءَ جي سياست تي عمل ڪندڙ هو، ان ڪري سراج الدوله، کي پنهنجو هيرو سمجهندو هو.“ جڏهن ته مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو خانداني طور جاگيردار گهراڻي سان وابسته هو، ان ئي ماحول ۾ پليو، نپنو ۽ وڏو ٿيو ۽ ان ئي طبقي واري مخصوص تعليم پرايائين، اُن ڪري هو سياست ۾ پڻ جاگيردارانه روايتن موجب جمپ ڏئي داخل ٿيو: جيتوڻيڪ کيس سنڌي قوم جي فرد هئڻ جي ناتي شاهه لطيف، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الله بخش سومري جي ڪارنامن ۽ ڪار گذارين جو پس منظر هئڻ کانسواءِ، محترم جي. ايم. سيد جو پڻ سايو موجود هو. پر هي جاگيردارانه روايتن ۽ سامراجي يونيورسٽين ۾ ورتل تعليم جي مدنظر مٿي ڄاڻايل عظيم انسانن جي فلسفي ۽ عملي جدوجهد منجهان ڪا شيءِ حاصل ڪري نه سگهيو.
جتي شيخ مجيب الرحمان جي سياسي تربيت جو بار حسين شهيد سهرورديءَ جي سر تي هو، اتي مسٽر ڀٽي جو سياسي استاد جنرل ايوب خان هو. شيخ مجيب الرحمان، حسين شهيد سهرورديءَ جي نگرانيءَ ۽ نظرداري هيٺ بنگال جي سياست ۾ عام ڪارڪن جي عهدي کان شروعات ڪئي ۽ آهستي آهستي عملي جدوجهد رستي هيٺين عهدن تي ڪم ڪرڻ وسيلي تجربا ڪندي، پارٽيءَ جي قيادت تائين پهتو؛ جڏهن ته ڀُٽي صاحب وٽ اهڙي ڪنهن به شيءِ جو نالو نشان ئي ڪو نه هو.
شيخ مجيب الرحمان جي سياست تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سياسي شروعات 1940ع ۾ اُن وقت ٿي، جڏهن پاڻ شاگردن طرفان ’آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ ۽ ’آل انڊيا بنگال مسلم اسٽوڊنٽس ليگ‘ جو ڪائونسلر چونڊيو ويو.کيس ساڳئي وقت گوپال گنج سب ڊويزن مسلم ليگ ڊفينس ڪميٽيءَ جو پڻ سيڪريٽري چونڊيو ويو هو. اهڙيءَ ريت 1946ع ۾ اسلاميه ڪاليج اسٽوڊنٽس يونين ڪلڪتي جو بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ورهاڱي کان جلد پوءِ شيخ صاحب، مسلم ليگ کان الڳ ٿي‘ اوڀر پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽس ليگ جو بنياد وڌو، جنهن کي بعد ۾ ’اوڀر پاڪستان اسٽونٽس ليگ‘ ۾ تبديل ڪيو ويو. شيخ صاحب سياسي جدوجهد سبب مارچ 1948ع ۾ ٻوليءَ وارن هنگامن دوران گرفتار ڪيو ويو، بعد ۾ 1949ع ۾ ڊاڪا يونيورسٽيءَ جي هيٺئين ڪلاس جي ملازمن جي لاءِ اسٽرائيڪ ڪرائڻ تي کيس لا (Law) جي ڪلاسن مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. بعد ۾ ان ئي سال گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل منجهان ئي ’عوامي ليگ‘ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن ڀيري 1952ع تائين جيل ۾ رهيو. کيس جيل مان نڪرڻ کان پوءِ 1953ع ۾ عوامي ليگ جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
1958ع ۾ واري مارشل لا ۾ کيس ’سيفٽي ايڪٽ‘ هيٺ گرفتار ڪيو ويو، جتان ڊسمبر 1959ع ۾ آزاد ٿيو. هن ڀيري سياست ۾ حصو نه وٺڻ جي ضمانت نه ڏيڻ ڪري، کيس ڇهه مهينا وڌيڪ جيل ڪاٽڻو پيو. 1962ع ۾ حسين شهيد سهروردي جي گرفتاريءَ خلاف جدوجهد هلائڻ جي ڏوهه ۾ وري گرفتار ڪيو ويو، جتان ڇهن مهينن کان پوءِ آزاد ٿيو.
1963ع ۾ جڏهن حسين شهيد، نيشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ آرگنائيز ڪيو ته شيخ صاحب اُن ۾ شامل ٿيو؛ پر پوءِ جلد N.D.F کي ڪارآمد نه ڄاڻي, عوامي ليگ کي آرگنائيز ڪرڻ شروع ڪيائين. ان پليٽ فارم تان 5-6 فيبروري 1966ع تي لاهور ۾ سڏايل ’نيشنل ڪانفرنس‘ ۾ هن ’ڇهن نقطن‘ (Six pints) جو اعلان ڪيو. جنهن کان خائف ٿي مئي 1966ع ۾ کيس گرفتار ڪري، سندس پٺيان اڪيچار ڪيس لاڳو ڪيا ويا. ان دور ۾ هڪڙن ڪيسن منجهان سندس ضمانت ٿيندي هئي ته ٻيا ڪيس مٿس لاڳو ٿي ويندا هئا. اهو سلسلو جنوري 1968ع تائين هلندو رهيو، جڏهن کيس فوجي قانونن هيٺ گرفتار ڪري، مٿس ’اگرتلا سازش ڪيس‘ لاڳو ڪيو ويو، جنهن منجهان ڊاڪا يونيورسٽي اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ طرفان هلايل زبردست عوامي تحريڪ جي نتيجي ۾ سرڪار سندس ڪيس واپس وٺي، کيس آزاد ڪيو هو.
اهو آهي شيخ مجيب الرحمان جي سياسي جدوجهد جو مختصر جائزو، جنهن جي روشنيءَ ۾ شيخ صاحب جي ذهني تربيت ٿي. 
ٻئي طرف جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي زندگيءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو شاگرديءَ واري دؤر ۾ وڏن ماڻهن جي روايتن موجب سياسي جدوجهد ۾ حصو وٺڻ کان پري رهيو. 1953ع ۾ جڏهن هو ٻاهران تعليم پرائي واپس آيو، تڏهن پيءُ سر شاهنواز ڀُٽي جي حوالي سان مسٽر اسڪندر مرزا، جنرل ايوب خان ۽ ڪجهه ٻين سرڪاري ماڻهن سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. اهڙيءَ ريت سندس فوج ۽ آفيسر شاهيءَ واري ڏيٺ ويٺ گهري دوستيءَ ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ته هيءُ به سياسي ميدان ۾ نمودار ٿيڻ لڳو. اِن سلسلي ۾ هو پهريان سرڪار جو اهم مشير ۽ هڪدم پوءِ وزير بنجي ويو، ۽ سندس اهو سلسلو مختلف سرڪاري عهدن ۽ وزارتن جي حوالي سان 1966ع ۾ ڪُرسي کسجڻ تائين هلندو آيو.
مٿئين تاريخي ۽ سماجي پس منظر ۾ زير بحث ليڊرن جي سياسي اوسر ٿي. ان متضاد رُخن واريءَ اوسر جو نتيجو اهو نڪتو، جو جڏهن ٻنهي ذهين ترين سياستدانن پنهنجي پنهنجي سياسي پارٽين جي قيادت ڪرڻ شروع ڪئي: تڏهن شيخ مجيب الرحمان جي سٿ ۾ تاج الدين احمد، قمر الزمان، ڪئپٽن منصور ۽ نذر الاسلام جهڙا بهادر ۽ داناءَ انسان شامل رهيا، جڏهن ته جناب ڀُٽي جا دست راست اهي ئي ساڳيا، غلام مصطفيٰ جتوئي، غلام مصطفيٰ کر، مير اعجاز ٽالپر، ڄام صادق علي ۽ ڊاڪٽر غلام حسين جهڙا موقعي پرست وڏيرا ۽ سرمائيدار بنيا. اُن ئي عمل جو اهو نتيجو هو، جو 1977ع ۾ ڀُٽي خلاف انقلاب اچڻ کان پوءِ ڪو به قابل ذڪر احتجاجي ڪارنامو نه ٿيو. آخرڪار ڀٽي کي ڦاسي اچڻ کان پوءِ سندس ويجهي کان ويجها ساٿي به معافي ناما ڏئي ٻاهر نڪري آيا. پر جڏهن 1975ع ۾ مجيب خلاف بغاوت ڪامياب ٿي وئي، تڏهن عوامي ليگ جا سر فروش خاموش ويهي، هڪٻئي جو منهن نه ڏسندا رهيا. اُن بغاوت ٿيڻ سان عوامي ليگ جي ٻئي درجي واري قيادت، تاج الدين احمد، نذر الاسلام، قمر الزمان ۽ ڪئپٽن منصور کي ته جيل ۾ بند ڪيو ويو، پر باقي جيڪي پوئتي بچيا، تن به مسلح بغاوتن جي شروعات ڪري ڏني. اهڙين بغاوتن جي نتيجي ۾، آڪٽوبر 1975ع ۾ برگيڊيئر خالد مشرف جي اڳواڻيءَ ۾ انقلاب ڪامياب ٿيو، پر ان انقلاب سامراج جي دلالن کي چيڙائي وڌو، جن رد عمل طور عوامي ليگ جي سياسي ونگ کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ لاءِ قيد ۾ بند اڳواڻن کي بيدرديءَ سان ختم ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت نئين آيل انقلاب تي پڻ ٻن ڏينهن اندر وري قبضو ڪري ورتو.
نظرياتي ۽ غير نظرياتي پارٽيءَ ۾ ڪيڏو نه ظاهر ظهور فرق آهي، پيپلزپارٽيءَ جا ننڍا وڏا ڪارڪن معافي ناما ڏئي ٻاهر نڪري آيا، پر مجيب جي ساٿين کي سنگينن سان چيرڻ جي باوجود به ڪوئي خريد ڪري نه سگهيو.•
مٿين ٻنهي شخصيتن جي مطالعي ڪرڻ بعد آريسر صاحب جو هيٺيون رايو نهايت وزندار لڳي ٿو ته: 
”مسٽر ڀٽو جيئن ته سياست ۾ مفادپرستيءَ کي جائز سمجهندو هو، تنهن ڪري سندس هيرو ’ميڪاولي‘ هو، مجيب الرحمان، جيئن ته ايثار ۽ قربانيءَ جي سياست تي عمل ڪندڙ هو، ان ڪري سراج الدوله کي پنهنجو هيرو سمجهندو هو.“
هن ڪتاب جي مصنف محترم عبدالواحد آريسر جو ڀٽي ۽ مجيب ٻنهي سان لاڳاپو رهيو آهي. هڪ سان نسلي ته ٻئي سان فڪري تعلق اٿس. جڏهن ته سندس ذاتي لڳ لاڳاپو ۽ ميل جول، سواءِ ڏيڍ ڪلاڪ ڀُٽي سان ۽ ٻارهن ڪلاڪن کان وڌيڪ (مجيب سان) پيدا ٿي نه سگهيو. مصنف آريسر جي سياست ۾ نمودار ٿيڻ کان اڳ مجيب الرحمان ته آزاد بنگلاديش جو اڳواڻ بنجي چڪو هو. البت ڀٽو صاحب باقي بچيل ملڪ جو اڳواڻ بنجي ويٺو هو. ان جڏهن جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ سان قانوني طرح ناانصافين جي شروعات ڪئي، تڏهن هي بهادر انسان [آريسر] خاموش نه رهي سگهيو ۽ ميدان عمل ۾ نڪري آيو، ۽ نهايت وفاداري، خلوص ۽ سچائيءَ سان، سنڌ جي مسئلن جي وڪالت ڪرڻ لڳو. سندس اُهو ئي سچائي ۽ وفاداريءَ وارو جذبو هو، جنهن کيس عوامي آمريت واري دور ۾ ڏاڍ اڳيان جُهڪڻ کان بچائي ورتو.
مسٽر ڀُٽو، جنهن هن ملڪ تي بي تاج بادشاهن وانگر راڄ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ جنهن جي دور ۾ پاڻ کي جبل جهڙو اڏول ظاهر ڪندڙ اديب توڙي سياستدان وڪري جي پِڙيءَ تي وڪامندا رهيا، ۽ ايئن پئي محسوس ٿيو، جهڙوڪ: سنڌ سرڪار (جيڪا نالي ۾ سنڌين جي هئي) اڳيان گوڏا کوڙڻ ۽ وڪري جو مال بڻجڻ رواج بنجي چڪو هو. اهڙي وقت ۾ هي ڪارونجهر جي ڪُکِ منجهان پيدا ٿيل روپلي جو روحُ [آريسر] سنڌ جي قومي عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ، انهن ٻهروپي ويرين سان وڙهندو رهيو. اهڙو دور، جنهن ۾ عوامي دور جي نالي ۾ اختلاف ڪندڙن ۽ مخالفن لاءِ ماڻهوءَ بوءِ وارو ماحول پيدا ڪيو ويو هو. ان دهشت ۽ دٻدٻي، خوف ۽ هراس واري ماحول ۾ اسان جي هن بهادر سياستدانَ کي جڏهن خريد ڪرڻ لاءِ داءَ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي هڪ سرڪردي ماڻهوءَ جي حوالي سان سندس ڪن تائين اها ڳالهه پهچائي وئي ته: ”تنهنجو ملهه ڇا آهي؟“ 
تڏهن هن عمرڪوٽ جي مينڌري، صدين جي لوئيءَ واري لڄ برقرار رکندي، کيس جواب ڏنو هو: ”منهنجو ملهه اهو آهي ته مون کي خريد ڪرڻ وارو، پنهنجي پارٽي ڇڏي منهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي، قومي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪري ڏئي.“
سنڌ جو هي سچار ۽ وفادار فرزند، قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي پوئلڳن جي قافلي جو اڳواڻ، شيخ مجيب الرحمان جي عظمت جو پرچارڪ، مجيب الرحمان جي سياسي استاد [جي. ايم. سيد] جي ڏسيل فڪر جي روشنيءَ ۾، سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪري رهيو آهي. اُن سلسلي ۾ پاڻ ڪافي ڪتاب لکيا اٿائين ۽ اڻ ڳڻيون تقريرون ڪيون اٿائين.
موجوده ڪتاب پڻ ان ساڳئي مقصد ڪارڻ ڪيل جدوجهد جي حصي طور هڪ قدم آهي، جنهن ۾ برصغير جي ٻن نهايت ذهين، داناءَ ۽ طوفاني سياستدانن ۽ سندن پارٽين جو مطالعو ڪيو ويو آهي. جنهن سان اميد ته هتان جي سياست سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي سوچ ۽ معلومات ۾ يقيناً ڪافي واڌارو ٿيندو.

آزاد قاضي

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 784
Kitab Jo Nalo : MUJEEB & BHUTTO

by: Abdul Wahid Areeser
Edited & Exponded : Taj Joyo

Third Edition © Roshni 2016
Pages : 128
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 160.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، موني بازار، نوابشاهه +اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG