TANEE MANK MERYA
















































سنڌ جي عظيم،د اناءُ، لافاني ۽ عوامي انقلابي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي شاعريءَ تي جيڪا تحقيق ٿيڻ کپندي هئي، سا اڃا تائين ڪونه ٿي سگهي آهي. لطيف اعليٰ انساني آدرشن ۽ عالمي ليول جو شاعر آهي.
محترم رسول بخش پليجو صاحب گوناگون صلاحيتن جو مالڪ آهي. سندس جيتري عالمي سياست تي گهري نظر آهي، اوترو ئي پاڻ عالمي ادب جو پڙهندڙ ۽ پارکو آهي. هن کي عالمي شاعريءَ جي اُفق جا اعليٰ شاعر جي شاعري برزبان ياد آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پليجي صاحب دنيا جي عظيم ۽ يگانن شاعرن جي چوند عالمي شاعريءَ جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري ”آندائون عميق مان“ جهڙو شاندار ڪتاب ڏنو.
پليجي صاحب لطيف جي شاعريءَ جي عظمت، جدوجهد، حب الوطني، جستجو، جاکوڙ ڪرڻ، ڳولا ڪرڻ، ورچي نه ويهڻ، انسان دوستي، پورهيت دوستيءَ سميت، عوامي انقلابي ۽ فڪري پاسن تي عالمي شاعريءَ جي پسمنظر ۾ عام فهم ٻوليءَ ۽ عالمانه انداز ۾ نئين، نرالي ۽ جديد تشريح ڪري، اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي، ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مولانا رومي، حامي، حافظ شيرازي، عمر خيام، فردوسي، بابا بلهي شاهه ۽ ٻين عظيم ۽ يگانن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
محترم رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ”جشن لطيف“ جي حوالي سان ملهايل ڏهاڙن ۽ جلسن ۾ جيڪي تقريرون ڪيون، مختلف علمي، ادبي پروگرامن ۾ ليڪچر ڏنا ۽ لطيف بابت اخبارن ۾ مضمون لکيا ۽ پليجي صاحب جي جن به ڇپيل ڪتابن ۾ لطيف جي شاعريءَ بابت مواد موجود آهي، سو ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل مواد سهيڙي ڪتاب ”تنين ماڻڪ ميڙيا“ جي نالي سان مرتب ڪيو ويو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو پيو وڃي. لطيف تي ڪيل تقريرن جو سمورو مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ بدران، هتي صرف اهو مواد شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو لطيف جي شاعريءَ جي مختلف پاسن تي روشني وجهي ٿو.
جڏهن پليجو صاحب لطيف تي ڳالهائي ٿو، تڏهن لفظ، جملا، عربي، فارسي، اردو، سرائيڪي ۽ خود لطيف جا شعر مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان بي پناهه ذهانت جي سرچشمي مان وڏڦڙي وانگر وَسن ٿا. کانئس لطيف جي شاعري ۽ ان جي سمجهاڻي ٻڌي لڳي ٿو ته، لطيف جو پيغام ڄڻ اسان اڄ پيا ٻڌون. سچ ته اها ڏات، ڏانءُ، خوبصورتي، فن ۽ انداز صرف پليجي صاحب جي ئي حصي ۾ آيا آهن.
هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو پڙهندڙ پڙهڻ کان پوءِ ئي محسوس ڪري سگهي ٿو ته، حقيقي لطيف جي شاعريءَ جو اصل جوهَر، ڳر ۽ حُسن ڪهڙو آهي.
لال جروار
اسماعيل خاصخيلي


Book No . 791
Kitab Jo Nalo : TANEE MANK MERYA

by: Rasool Bux Palijo
First Edition © Roshni 2016
Pages : 448
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 500.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد 
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG