DUNYA JEE AWAMI TAREEKH ( A People’s History of the World )











































مهاڳ
انساني تاريخ ڇا آهي؟ ان جي باري ۾ کوڙ سارا فڪر موجود آهن جيڪي اُن جي سمجهاڻي مختلف انداز سان ڪن ٿا. ڪي انساني تاريخ کي ”قدرت“ طرفان طئي ٿيل ”قسمت“ يعني اڳواٽ لکيل داستان جو عملي نمونو قرار ڏين ٿا. اُنهن لاءِ تاريخ مختصر لفظن ۾ هيئن هوندي آهي؛ سڀ کان اول هڪ انسان ٺاهيو ويو، پوءِ ٻيو ۽ ٽيون... ۽ آخرت واري ڏينهن جزا ۽ سزا جو فيصلو ڪيو ويندو. ان قسم جي سمجهاڻي ماڻهوءَ منجهه ”قسمت، نصيب ۽ مقدر“ تي ڀاڙڻ جو رجحان پيدا ڪندي رهي ۽ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بي وس، لاچار ۽ گنهگار سمجهڻ لڳي ٿو. اُن جي آڏو تاريخ ڏوهن ۽ ثوابن جو داستان ٿي وڃي ٿي ۽ اڳواٽ لکيل قسمت تي ڀاڙڻ جي نتيجي ۾ انسان سوچ ويچار، تحقيق ۽ ڳولا ڪرڻ ڇڏي ڏئي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو روڊ حادثي ۾ مري ويو ته چوندا ”بس ادا قدرت کي اهو ئي منظور هو!“، ڪو مشهور حڪمران بيماريءَ وگهي، يا ڪنهن ويڙهه ۾ مارجي ويو چوندا ”بس ادا بيماري /گولي ته بهانا هئا!“ زلزلو آيو، طوفان آيو، گهڻي برسات ٿي چوندا ”ائين ئي ٿيڻو هو!“ اهو رويو مستقبل بابت لاپرواهه ڪري ڇڏي ٿو. نتيجي طور تاريخ جي اهڙي سمجهاڻي عقل، جدت ۽ سائنس دشمن نفسيات کي جنم ڏيندي رهي آهي. بيو رويو اهو آهي ته تاريخ فقط ماضيءَ جي واقعن کي قلمبند ڪرڻ جو نالو آهي. انهن جي خيال ۾ تاريخ کي سمجهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ تاريخ ۾ ته فقط ماضيءَ جي گذريل واقعن جا تفصيل بيان ٿيل هوندا آهن، جڏهن ته انسان حال ۾ زندهه رهي ٿو ۽ ان کي پنهنجي مستقبل جي ڳڻتي ٿيندي آهي، ماضي ته گذرڻو هو سو جهڙو به هو گذري ويو.
تاريخ جي باري ۾ شخصي نقطه نظر جي دعوا رهي آهي ته هن مهل تائين سموري تاريخ اصل ۾ عظيم شخصيتن جي ڪيل ڪارنامن، ايجادن ۽ تخليقن جو داستان آهي. عظيم شخصيتن ۾ بادشاهه، سپهه سالار، فاتح، مفڪر، سائنسدان ۽ شاعر اديب وغيره شامل آهن. تاريخ جي شخصي نقطه نظر تحت تاريخ ۾ عظيم شخصيتن جو ڪردار ريڍار ۽ ٻڪرار وانگر آهي جيڪي رڍن ۽ ٻڪرين (باقي انسانن) جي ڌڻ کي هڪليندا آهن. تاريخ جي شخصي نقطه نظر تحت هر نظريي، جدوجهد ۽ انقلاب جي ڪاميابيءَ جو کاتو فقط ”عظيم اڳواڻن“ جي نالي لکيو ويندو رهيو آهي. جيڪڏهن هر وڏي ڪارنامي ۽ ڪاميابيءَ جو سبب فقط فرد جي ذات ۾ ڳولبو ته اهو تاريخ کي ڏسڻ جو غلط انداز آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته جتي جتي بدترين حالتون هجن اتي اتي فقط هڪ فرد فيصلو ڪري ته پوءِ سڀ مسئلا حل! جهڙي ريت، اها دعوى غلط آهي ته هر نظريي، جدوجهد ۽ انقلاب جي ناڪامي يا گهربل نتيجا نه ڏئي سگهڻ جو ذميوار فقط هڪ فرد آهي. ساڳئي ريت، اهو خيال به غلط آهي ته سماج جي اڀار ۽ ترقيءَ جو واحد ڪارڻ ڪو هڪ شخص هوندو آهي.
ان قسم جي شخصي نقطه نظر جي عام ٿيڻ جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته سائنس ۽ فن سميت سماج جي هر شعبي ۾ ٿيل صفتي ۽ انقلابي تبديليءَ وارن دورن جو ظاهري اظهار مخصوص فردن، گروهن، تيز رفتار ۽ مختصر انقلابي دورن (مخصوص ڏينهن، مهينن يا سالن) جي شڪل ۾ ٿيندو آهي. مثال طور روسي انقلاب 25 آڪٽوبر 1917ع تي آيو. ڇا اهو سمورو انقلاب فقط هڪڙي ڏينهن ۾ آيو هو؟ نه بلڪل نه. انقلاب ته بالشوڪ پارٽي آندو جنهن جي واضع ۽ چٽي ابتدا ته 1903ع کان ٿي پر ان کان اڳ 1898ع ۾ روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ليبر پارٽيءَ جو بنياد پيو هو. پر ڇا ان کان اڳ روس ۾ مارڪسزم جو ڪوبه ذڪر نه هو؟ بلڪل هو. ڇا ان کان اڳ روس ۾ ڪابه سياسي تحريڪ نه هلي هئي؟ بلڪل هلي هئي. ڇا جيڪو نظريو بالشوڪ پارٽي عمل ۾ آندو اهو روس جي پيداوار هو؟ نه. اصل ۾، اهي ۽ اهڙا ڪيترائي ٻيا مرحلا ۽ عنصر گڏجي ان هڪڙي ڏينهن (25 آڪٽوبر 1917) دوران پنهنجو جامع، تيز ۽ ڀرپور اظهار ڪن ٿا. ساڳئي طرح، آمريڪي آزاديءَ (1776ع) ۾ فقط جارج واشنگٽن، بنجمن فرينڪلن ۽ ٿامس جيفرسن ۽ فرانس جي انقلاب (1789ع) ۾ فقط رابس پيري، ڊانٽن ۽ مرات جهڙن فردن جو هٿ نه هو پر تمام گهڻن انسانن جا هٿ هئا جن آزاديون ورتيون ۽ انقلاب آندا. ايتريقدر جو، روسي آڪٽوبر انقلاب جي عظيم رهنما لينن لکيو هو ته سماج ۾ وڏيون تبديليون، اٿلون پٿلون ۽ انقلاب تڏهن ايندا آهن جڏهن سماج ۾ وڏا بحران هجن، حڪمران طبقو (پنهنجي نااهليت ۽ حد کان وڌيڪ ظلم ڪرڻ سبب) پنهنجي حڪمرانيءَ جي سگهه پوري ڪري چڪو هجي ۽ بحرانن کي منهن نه ڏئي سگهي ۽ وسيع تر عوام ۾ بي چيني، اڻ تڻ ۽ موجوده حڪومت کان بيزاري هجي ۽ انقلاب لاءِ پتوڙيندڙ تنظيم هجي تڏهن انقلاب ايندا آهن. هتي لينن ائين ڪونه لکيو ته ڪي فرد يا ٽولا طئي ڪندا آهن.
تاريخ ۾ فرد جي ڪردار بابت پليخانوف (پنهنجي ڪتاب ۾) لکي ٿو ته هڪ فرد جيڪو مخصوص قسم جي قابليت (صلاحيت) رکي ٿو، ۽ ان ذريعي واقعن جي وهڪري تي گهڻو اثرانداز ٿئي ٿو، ان لاءِ ٻه شرط ضروري آهن. هڪ ته، سندس اها قابليت، ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کان وڌيڪ، ان دور جي سماجي ضرورتن سان وڌيڪ ٺهڪندڙ هجي. مثال طور جيڪڏهن نيپولين وٽ پنهنجو جنگي هنر (جيڪو ان وقت گهربل هو) هجڻ بدران بيٿوون واري موسيقيءَ جو هنر هجي ها ته اهو شهنشاهه نه ٿي سگهي ها. ٻيو ته، ان قسم جي قابليت، جيڪا مخصوص وقت ۾ گهربل ۽ ڪارائتي هجي، موجوده سماجي نظام اهڙي فرد جي رستا روڪ نه ڪري. مثال طور جيڪڏهن نيپولين مشهور جنرل يا ڪرنل ٿيڻ کان اڳ مري وڃي ها، يا بادشاهه نيپولين بوناپارٽ لاءِ ايندڙ 75 سالن تائين فرانس ۾ ساڳيو پراڻو نظام هجي ها. (ٻنهي صورتن ۾ نيپولين اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهي ها جيڪو هن سرانجام ڏنو.)
وڏا ڪردار هر دور ۽ هر جاءِ تي پيدا ٿيندا رهيا آهن جتي سماجي حالتون انهن جي واڌاري لاءِ وجود رکنديون هجن. اصل ۾ عظيم انسان پاڻ عام رجحان پيدا نه ڪندا آهن پر اهي پاڻ انهن عام رجحانن جي پيداوار هوندا آهن ۽ موٽ ۾ انهن رجحانن کي سگهارو بڻائيندا آهن ۽ نوان رجحان پڻ پيدا ڪندا آهن. مثال طور، رافيل، ليونارڊو ۽ مائيڪل اينجلو اهو رجحان پيدا نه ڪيو پر فقط ان رجحان جي بهترين نمائندگي ڪئي. مثال طور، شاهه عبدالطيف ڀٽائي جهڙو عظيم شاعر موئن جي دڙي واري دور ۾ پيدا نه ٿي سگهي ها. ۽ نه ئي ڀٽائيءَ جي دور ۾ شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جهڙي شاعري سرجي سگهي ها.
ڪارلائل، پنهنجي مشهور ڪتاب ”هيروز“ ۾ عظيم انسانن کي شروعات ڪندڙ سڏي ٿو. بلڪل درست ڳالهه آهي. هڪ عظيم انسان هڪ ابتدا ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هي ٻين کان اڳتي ڏسي ٿو ۽ ٻين کان وڌيڪ شين جي مضبوط خواهش رکي ٿو. اهڙو انسان هيرو آهي پر اهڙو هيرو ناهي جيڪو شين جي فطري وهڪري کي روڪي يا بدلائي سگهي پر سندس سرگرميون لاشعوري ۽ اڻٽر وهڪري جو آزاد ۽ باشعور اظهار هجن ٿيون.
انهيءَ شخصي نقطه نظر هيٺ هن مهل تائين جي لکيل انساني تاريخ فقط بادشاهن، وزيرن، سپهه سالارن، فاتحن، جاگيردارن، آقائن، سرمائيدارن، سائنسدانن، فيلسفين، مذهبي عالمن، سياستدانن، تاريخدانن، مفڪرن، معيشتدانن، شاعرن، اديبن، فنڪارن، سياحن ۽ موجدن جي داستانن سان ڀريل رهي آهي. پر ان جي ابتڙ، ڪرس هرمن تاريخ جي نظرانداز ڪيل عوام جي ڪردار تي روشني وجهي ٿو. هي ٻُڌائي ٿو ته ڪيئن آقائن نه پر غلامن، جاگيردارن نه پر هارين، سرمائيدارن نه پر مزدورن جي ڪيل سرگرم جدوجهد ۽ قربانين انسانذات کي هن ڏاڪي تائين پهچايو آهي. ڪرس هرمن تاريخ کي ڌنارن، کيڙيندڙن، ڪاريگرن ۽ مزدورن جي ٺاهيل تاريخ طور بيان ڪري ٿو. ڪرس هرمن جو هي ڪتاب ”دنيا جي عوامي تاريخ“ مٿئين قسم جي تقدير پرست، واقعن جي ترتيبوار رڪارڊ ۽ شخصي نقطه نظر کي رد ڪندي تاريخ کي عام ماڻهوءَ جي سرگرمي ۽ جدوجهد طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هر دور جي آقائن تاريخ کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هر دور جي غلامن، مظلومن ۽ باغين ان قيد کي ٽوڙڻ جي ويڙهه ڪئي آهي. هر دور جي ظالم تاريخ جي وهڪري آڏو بند ٻڌي پنهنجي ڦرلٽ ۽ استحصالي نظام کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پر ان جي ابتڙ هر دور جي انقلابي (قلمي ۽ جسماني پورهيو ڪندڙن)، پورهيتن، ڪڙمين، پورهيتن اُنهن بندن کي ٽوڙي ٻوڏون (انقلاب) آڻي تاريخ کي اڳتي ڌڪيو آهي.
ترجمي جي حوالي سان اها گذراش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته کوڙ ساريون کوٽون ۽ خاميون رهجي ويون هونديون مطلب ته هن ترجمي کي اڃان وڌيڪ بهتر ڪرڻ ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. اسان وٽ ڪنهن ترجمي کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ يا اُن ۾ ڪٽ واڌ ڪرڻ جو رجحان عام آهي پر مون پنهنجي قلمي ايمانداريءَ تحت ليکڪ جي مواد کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ايتريقدر جو جن واقعن بابت ليکڪ جي راءِ سان سخت اختلاف رکي سگهجن ٿا اُنهن کي به ڪٽڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم.
ڪرس هرمن تاريخ اڏيندڙ عوام جي ڊگهي ۽ گهڻي قدر نامعلوم داستان کي هڪ ڪتاب اندر قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو ڪم آهي پر اها انصافي به آهي، ڇاڪاڻ ته جن غلامن، ڪڙمين، مزدورن ۽ باغين کي تاريخ جي ورقن ۾ ڪڏهن به جاءِ نه ملي آهي، اُنهن جي محنت ۽ جاکوڙ کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪتاب هر صورت ۾ ناڪافي آهي. توڻي جو، تاريخ جي مذهبي، نفسياتي، خيال پرستاڻي ۽ شخصي تشريح کي رد ڪري ٿو پر ساڳئي وقت ليکڪ پاڻ ڪجهه واقعن جي تشريح ساڳئي شخصي نقطه نظر هيٺ پڻ ڪري ٿو، مثال طور اسٽالن، مائوزي تنگ، هوچي منهه وغيره جي باري ۾ ليکڪ جا خيال شخصي نقطه نظر وارا آهن.
ڪرس هرمن هن ڪتاب ۾ مادي نقطه نظر هيٺ تاريخ جي واقعن جي سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا بلڪل نرالي ۽ زبردست ڪوشش آهي. اُنهيءَ مادي نقطه نظر هيٺ تاريخي ماديت ٻُڌائي ٿي ته سماجي وجود (Social Being) سماجي شعور (Social Consciousness) جي شڪل ٺاهي ٿو يا ان کي طئي ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت، سماجي شعور سماجي وجود تي واپس سرگرميءَ سان اثر انداز ٿئي ٿو. جاگيرداري نظام هيٺ ماڻهن جون سوچون، خواهشون ۽ خواب به جاگيرداري نظام کان متاثر ٿين ٿا. ايتريقدر جو انسان جا خواب به هر هڪ دور جي عڪاسي هجن ٿا. (مثال طور، اڄ کان ٻه هزار سال اڳ واري انسان خواب ۾ به جديد هوائي جهاز نه ڏٺو هوندو پر اڏامندڙ کٽولو يا ان سان ملندڙ جلندڙ ڪا ٻي شي ڏٺي هوندي.) ساڳئي ريت، سرمائيداري نظام اتفاق، انتشار، مقابلي ۽ سامراجي نظام هڪ هٺي ۽ بالادستي جي قانونن تي بيٺل سماج آهي. جتي فرد جي سوچ، خواهشون ۽ رويا به غيريقينيت جو شڪار ٿين ٿا. فرد جي نفسيات پڻ مقابلي، لالچ، حرص، ڪوڙ، دوکيبازي ۽ بي ايماني جا رجحان رکندڙ هجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سماجي نظام جو اقتصادي ڍانچو ئي استحصال، لالچ، مقابلي ۽ ڪوڙ تي بيٺل هوندو آهي. اهڙي معاشري ۾ احساس ۽ شعور هوندي به فرد بي حس ۽ بي عقل هوندو آهي، اکيون هوندي ڏسي نه سگهندو آهي، ڪن هوندي ٻوڙو هوندو آهي.
جاويد راڄپر

Book No . 774
Kitab Jo Nalo : DUNYA JEE AWAMI TAREEKH

by: Chris Harman
Translated by: Javed Rajpar

First Edition © Roshni 2016
Pages : 696
Size : Royal
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 750.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG