SUNDARTA AIN KIRODH ( Novel )





















 





ٻه اکر ڪروڌ جا

جنهن سماج ۾ هڪ ليکڪ جي وجود جي اثرکان هڪ فحاش جي موجودگي پراثر هجي اتي ڀلا ڪتاب، ڪهاڻيون، اهي به نفسيات- فلسفي جي پيچيدگين تي منحصر هجن، ڪهڙو ماڻهو جو دل بهلائي سگهن ٿا! ڪتاب ته ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندا آهن... حوس جي نڪ ۾ نوِڙ وجهي ڇيندا آهن... جسم جي اندر اوڀالا هڻندِڙ جانور کي واڙي وجهندا آهن... جسم جي اندر اوڀالا هڻندڙ جانور کي واڙي وجهندا آهن. اگرچه ڪو ڪتاب ۽ وحشيه هڪ ئي صف ۾ بيهي سگهن... يا ٻئي هڪ ئي قسم جو سرور ڏيڻ لڳن ته اهيو تعين ڪرڻ ممڪن نه رهندو ته درحقيتق فحاش ڪير آهي!! ڪتاب شيلف ۾ ته سينگارجي ويندا آهن... وحشيائون ڪتابن جو موضوع ٿي پونديون آهن پر ٻنهي جو حقيقت ۽ سماج سازي ۾ ڪردار مبهم رهجي ويندو آهي!!
ڪابه هڪ حقيقت ڪنهن ٻي حقيقت جي ثابتي نه هوندي آهي! ڪو هڪ غير موزون عمل ڪنهن ٻئي غير اخلاقي عمل جي ثابتي نه هوندي آهي! ڪو سٺو ڪم ڪنهن سٺي عمل کي پيدا ڪندو اهيو تعين نه آهي... چڱن ڪمن ۽ عملن جا نتيجا پڻ برا ۽ بدتر نڪري سگهن ٿا... ۽ هڪ برو عمل ضروري ناهي ته ثابتي هجي ڪنهن ايندڙ بري عمل جي!
اگرچه هڪ وحشيا هڪ بااخلاق ۽ باعزت عورت کي جنم ڏيئي سگهي ٿي ته هڪ مهذب ماڻهن به هڪ جلاد کي پئدا ڪري سگهي ٿو! ساڳي ريت ڪوبه صحتمند فرد لازم ناهي ته لاڳيتو فائديمند ۽ ڪارائتيون پروڊڪٽس سماج کي ڏيئي سگهي... تنهن ڪري ڪوبه خيال جوڙڻ وقت، بنهه حساسيت ۽ عقلي دليلن تي منحصر ڪرڻ گهرجي.
هي ناول لکڻ دوران منهنجين اکين جيڪي ڪجهه به پسيو آهي- عورت جي سماجي ڪارج کي وسيع پهلو ۾ سمجهڻ لاءِ ۽ ان جي موجوده نفسياتي صورتن جو تشخص ڪرڻ لاءِ!!- مان آزادي جي وسيع تر ساڀيان جو قائل رهيو آهيان. مون وٽ آزادي جملي ماتر لکيل ناهي! سقراط چيو هو... آزادي تان هٿ کڻڻ- انسانيت تان هٿ کڻڻ/دست بردار ٿيڻ جي برابر آهي- آزادي ماڻهو ۽ قومن لاءِ قدرت جو تاحيات تحفو آهي!- تنهن ڪري ان جي سنگين گهرج درڪار پئي رهي آهي ته ساري لقاءَ کي- ۽ غلامي جي مختلف پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ته جيئن آزادي کي عالم آشڪار ۽ فطري جيو جي پس منظر ۾ سمجهي سگهجي.
هن ناول کي لکڻ دوران مون اهو ڪجهه تمام ويجهو کان ڏٺو آهي مون مڇي کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي پنهنجي هٿن تي- جيون لاءِ ساهه کڻڻ جي پيڙاهه/جستجو کي اک جي وٽي سان پسيو آهي-پر ان جي مقصديت ۽ ڪارج- جي عالمگيريت/ فطرت جو احترام رکندي- ان کي سمجهه ۽ تحقيق جو متن ڪري محسوس ڪرڻ جي نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪئي آهي. مان جن به حادثن-حوالن ۽ عورتن جي ويجهو ويو آهيان- ان جي ورتاءَ کي پروئڻ ۽ نفسياتي پرولين کي سوچ جي سنگيني سان ڇهڻ لاءِ- ان جو ڳوڙهو جائزو وٺڻ لاءِ تنهن ساري تلاش/کوجنا ۾ هڪ آرٽسٽ/ تحقيق نگار جو عنصر منهنجي وجود جي مٿان حاوي رهيو آهي. مان ڪٿي به ان ڪيفيت کان ڀٽڪي... وحشيه خانن جي زير اثر ناهيان آيو.
خدا شال اسان کي انهن شين، فهمن لاءِ ڪمزور ۽ جهريل نگاهه ڏيئي جن جو سماجي بهتري ۾ ڪو ڪردار ناهي ۽ جن حالتن فقط وحشيات ۽ فحاشي کي جنميو آهي. ۽ خدا اسان کي شفيق، شفاف نگاهه سان دوچار ڪري جيڪا سچ ۽ سونهن جا در کولي ٿي...
اهي حواس جيڪي منهنجا ناهن، اهي رشتا جيڪي ديوارن جيان ماڻهن جي ڇاتي تي جهڪيا پيا آهن! اهي دوست جيڪي حق، باطل، عدل، ارپنا، جي واٽ تي ڪوڙ، فريب، بدنيتي، ڏاڍ ۽ دغابازي جي ڌوڙ اڏائيندا رهيا آهن!!
اهي درندا جيڪي عورت جي وجود کي مذهبي وضاحتن، فرقيواريت جي ڄار ۽ غلاظت جي پڙدن پويان زنجيرن، قيد خانن، بازارن، حويلين ۽ گهرن جي چؤديوارين پويان جڪڙي انهن جي سڀيتا جو ورهين کان بلتڪار ڪندا رهيا آهن! اهي تخليقڪار- فنڪار جيڪي وحشين- جابرن حاڪمن جي هنج وندرائڻ لاءِ – رنگينيت، فطرت، حيرت ۽ عقل جهڙا موضوع ڇڏي حوس، فحاشي، عرياني ۽ دقيانوسيت مهيا ڪندا رهيا آهن!
اهي گروهه جيڪي مذهبي ڀائيچاري خلائي اتحاد جي آڙ ۾ ورهين کان غير اخلاقيت، خون ...... ۽ ڇڙواڳي کي اجاگر ڪندا رهيا آهن... اهي جن وٽ آزادي جي وصف.... محذ غلامي ئي آهي. اهي فرقا، گروهه، قبيلا رياست جي برغلايل ۽ ڀٽڪايل ...... نطرن تي اٻوجهه- هيڻن ۽ مظلومن جو رت چوسيندا رهن ٿا!
اهي عورتون جيڪي پنهنجن جسمن تي لامارا هڻندڙن بازن ۽ جهمريون ڏيندڙ سوئرن جي هجوم تي فخر محسوس ڪنديون آهن.... جن عورتن/عورت، جي سڀيتا... اعليٰ ڪردار کي چٿيو آهي!!
۽ خدا اسان کي شفيق ۽ شفاف نگاهه سان روشناس ڪري جيڪا سچ ۽ سونهن جا در کولي ٿي...!!
ميرا ۽ سنڌياچ... منهنجي لاءِ پوترتا ۽ ايمانداري جا سرجڻهار آهن... تن جي ڪهاڻي... وارتاءِ... ۽ اوهان جي رائي...!

نورجوڻيجو


Book No . 768
Kitab Jo Nalo : SUNDARTA AIN KIRODH ( Novel )

by: Noor Junejo

First Edition © Roshni 2016
Pages : 151
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي+ هائوس آف ناولٽي، ميرپورماٿيلو
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG