DARD JOON MUSAFIRYOON



































سُڪون مهانگو صُبح آهي!
دنيا گلوبل وليج جي حَسين خواب ۾ ٻُڏل آهي، پر ڪن ٻين گهُٽيل معاشرن جيان اسان جو سماج به چانڊوڪين کان پرتي گهگهه اونداهين ۾ غرق آهي! جتي واٽ واٽ تي ڌٻڻيون اوجاڳيل آهن! اسان وٽ اڄ به اظهار جي آزاديءَ مفلوج ٿيل آهي، جنهن مسئلي تي بيباڪ ڏاهپ ڪنڌ جُهڪائي ويٺل آهي! پر دوا اڻلڀ آهي! اظهارجي آزادي اسان کي ايتري گهڻي حاصل آهي جو ٻه چار ٺاهوڪا لئونڻا هڻي پوءِ ڪنهن سان ڳالهايون ٿا ته متان ڪٿي ڳالهه ڳچيءَ ۾ نه پئجي وڃي! مڪمل آزادي سان اظهار ڪري سگهڻ سچ ته ڪنهن خواب مثل آهي، چئوڦير دائرا نڪتل آهن. لوڙها، سنگهرون، خاردار تارون ۽ ممنوع حدن جا ليبل لڳل واٽون وات ڦاڙي بيٺل آهن! جيئن ملڪن جون سرحدون ڇڪيل آهن، ائين ئي اسان وٽ اظهار لاءِ به حدون جڙيل آهن! پوءِ به عشق جي گهُرجن کي روح ۾ رکي ڪُنڊ پاسو وٺي ڪاغذ ڪارا ڪري ڇڏيون ٿا، عشق جي تتل سرير تي چَپ رکي ڇڏيون ٿا!... ها... ڪجهه نه ڪجهه اوري ڇڏيون ٿا. ڪا تند چوري ڇڏيون ٿا! اڻپورن اظهارن سان هلندا رهون ٿا، جڏهن ته گهڻو ڪجهه چوڻ جهڙو من ۾ ڦٿڪندو ئي رهجي وڃي ٿو! اظهار اڌ ڪُٺل مورن جيان رڙندا ئي رهجي وڃن ٿا! اهو ئي الميو ڄڻ ته اسان جي ڪهاڻي به آهي ته اسان جي حقيقت به آهي! اهو لقاءُ رڳو ادب ۽ صحافت سان لاڳو ناهي، پر عام بي پهچ ماڻهو به سماج ۾ اظهار جي آزاديءَ کان ڪافي محروم آهي! ڄڻ ته هڪ قسم جي اپاهج پڻي جو شڪار آهي! ان الميي جو اهو کُليل دليل آهي ته المناڪ سماجي ناانصافين جي رُڃ ۾ دلين جا مڱڻا ته هڪڙن سان ٿين ٿا، پر جسمن جون شاديون وچان ئي ڪِن ٻين سان ٿي وڃن ٿيون! اکيون خواب ته باغن جا ڏسن ٿيون، پر تعبيرن جي اُس ۾ وري به برپٽ سامهون بيٺل نظر اچن ٿا! ماڻهو اکيون ٻوٽي ڪويل جا آلاپ ٻُڌڻ چاهين ٿا، پر لمحن ۾ ئي چٻرن جون رڙيون ڪنن ۾ ڪاهي پون ٿيون!
مڃون ٿا ته جائز ضابطا اجائي گند پکيڙڻ جي ڪوششن کي تالا هڻن ٿا، پر سانحو اهو آهي جو هٿ ٺوڪين ضابطن جي نالي ۾ اڪثر ڪري ماڻهن کي مرڳو هيسيل رهڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڪا صحتمند ڳالهه اُڀرڻ کان ئي محروم ٿي وڃي ٿي! جنهن کان پوءِ فڪري ۽ ذهني ڏُڪار جيڪي هاڃا ڪري ٿو، اُهي بيان ڪرڻ کان ئي ٻاهر آهن! اُن جا مثال ته اسان جون اکيون وهندڙ رت جي صورت ۾ ڏسنديون ئي رهيون آهن! اسان جون اکيون سماج جي رستن تي اهڙا اڻ ڳڻيا وجود ڏسن ٿيون جيڪي گهٽ ٻوسٽ ۾ سڙندا رهن ٿا، جن مان پوءِ ڪو اکيون ٻوٽي دردناڪ لهجي ۾ چوي ٿو: ”مهرباني ڪري مون کي ساهه کڻڻ ڏيو!“ ته ڪو وري آڱر اُڀي ڪري ٿڌو ساههُ ڀري ڀڻڪي ٿو ته: ”ٻيلي! مون کي جيئڻ ڏيو...! مون کي ٿورڙي ساهي پٽڻ ڏيو...!“ اهو حال آهي مفلس ماڻهن جي زندگين جي ڀڃ ڊاهه جو! اهو چهرو آهي اظهار جي آزاديءَ جي ممنوع موسم جو...!!
اصل ۾ سانحو اهو آهي ته سماج تي غريب اڪثريت جي ڪا به مضبوط گرفت ناهي. هتي رڳو چند فرد سماج تي اثر انداز ٿين ٿا، بس ڪي فرد فيصلا مڙهين ٿا ۽ غريب اڪثريت ڀوڳي ٿي! فرد پنهنجي طاقت سان تماشا ڪرائين ٿا، فرد هزارين ماڻهن کي آڱرين جي اشارن تي نچائين ٿا!
فرد ماڻهن کي انڌين راتين ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿا! وجودن جي حساسيت کي قيدي هئڻ جو ڪرڀ نهوڙي ڇڏي ٿو! ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کي مري ويل محسوس ڪري ٿو! هڪڙي وڏي ڳورپٽ ڄڻ اڪيلائي آهي، جيڪا مفلس ماڻهن جي جسمن کي پٽيندي ۽ ڪُرٽيندي رهي ٿي! سچ اهو آهي ته اڻپوريون زندگيون گذاريندڙ ماڻهن جا جيون ۽ پل رڳو درد جون مسافريون آهن! جن جو ڪو ڇيههُ ئي ناهي. رڳو ائين به ناهي ته درد جي مسافرين سان فقط اسان جو ئي ناتو آهي! ائين بلڪل ڪونهي، حقيقت اها آهي ته هزارين ورهين کان ماڻهن ۽ درد جي مسافرين جو ناتو اڻ کُٽ ۽ اڻ ٽُٽُ رهيو آهي. زمانن کان ماڻهن خانه بدوشين، روپوشين ۽ دربدرين ۾ ڏينهن گهاريا آهن، صدين کان درد جي مسافرين ۾ ماڻهن جي اکين جا ڳوڙها ڪچن ٻارن وانگي ڪرندا رهيا آهن! جُڳن کان کُٽڪن جو کارو پاڻي ماڻهو پيئندا، جيئندا ۽ مرندا آيا آهن! پر درد جي مسافرين جي آڏو اڃان تائين ڪو به فُل اسٽاپ ناهي آيو! اهي درد جون مسافريون تضادن، نفرتن، وحشتن ۽ ورهاڱن جو نتيجو آهن! جڏهن اُهي ختم ٿيندا ته درد جي مسافرين کي به ضرور ننڊ جا گهيرٽ اچي ويندا! ناڙي وڍڻ وقت نئين ڄايل ٻار جي ڪيل مقدس رڙ جو قسم ته ماحول ۾ درد جي مسافرين جا روپ ۽ پنڌ بنهه گهڻا آهن! غور ڪري ڏسجي ٿو ته سُڌ پوي ٿي ته ماڻهن جون اکيون درد جون مسافريون آهن! حُسن جون وکون درد جون مسافريون آهن! هارين جون سوچون نارين جون نگاهون درد جون مسافريون آهن! ايتري تائين جو اسان جون اخبارن به درد جون مسافريون آهن. جن کي پنج رپيا ڀري پڙهڻ کان پوءِ پورو ڏينهن اشڪبار دل کي درد جون مسافريون ڪرڻيون پئجي وڃن ٿيون! افراتفرين جي بدذوق شور ۾ فقط بالغ ذهن ئي اهو ڄاڻن ٿا ته سُڪون بيحد مهانگو صبح آهي! اُن صبح تائين پهچڻ لاءِ هزارين حَسين راتيون حالتن جي ٽانڊن تي لوبان وانگر سڙي وڃن ٿيون. جواڻيون آپگهاتن جي سردين ۾ بي نشان بڻجي وڃن ٿيون! پر پوءِ به سُڪون جي سينڌ جو پيچرو پيرن ۽ اکين کان پرتي ئي رهي ٿو! اوپرائپ جي قيد خانن ۾ ورهين جا ورهيه ڀوڳيندڙ ماڻهن جي درد جي مسافرين تي هڪ پل لاءِ به ڪو ورلي ئي سوچي ٿو! باقي چپن تي لپسٽڪ، هٿن تي مينديءَ ۽ وارن کي ڪارو رنگ لڳائڻ جي ياد ڪنهن کان به نٿي وسري!
دلبرو! درد جون مسافريون اڻ ڳڻيون آهن، اهي وک وک تي موجود آهن! انهن کي تورڻ ناممڪن آهي. عشق جي راهن ۾ درد جون مسافريون آهن، مفلسن جي ساهن ۾ درد جون مسافريون آهن. سچ جي واٽن تي درد جون مسافريون آهن. ماني جي ڳولا پويان درد جون مسافريون آهن! لفطن جي سرجڻ کان اظهار تائين درد جون مسافريون آهن! جن جي تاريخ سهيڙڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي. اهڙي اوپريءَ رُت ۾ هڪ قلمڪار جو فقط هڪ سپنو اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته: ٻرندڙ صحرا ۾ بيٺل هڪ مسافر ماڻهو، پاڻ کان وڌيڪ ٿڪل زخمي ۽ پگهر ۾ پُسيل ٻئي مسافر کي مُرڪي چوي: منهنجا ڀاءُ اچ، اچي منهنجي پاڇي جي ڇانءُ ۾ ويهي ساهي کڻ...! فقط اهو ئي خواب! خيال هو ته ٻرندڙ ۽ رَت وهندڙ پنهنجي هن سنڌ ۾ ڪا نئين قلمي ڪاوش پيش ڪجي، سنڌ جي نئين رت جي ترجمانيءَ لاءِ ڪا ڳاڙهي رت يا ڳاڙهي گلاب جهڙي ڳالهه ڪجي! ڪن اوڇنگارن کي ميڙي هنن ڪاغذن تي رکي ڇڏجي! يا شهيد مستاني سنڌي جي ڪهاڙيءَ جهڙو ڪو ڪتاب لکجي. ڪو ڪتاب سنڌ جي نئين نسل جي هٿن جي نالي ڪجي. پر حالتن انڌن پوپٽن وانگر ايترو ته اڻ ٿانيڪو رکيو آهي جو ڄڻ ته ڪجهه به نه لکجي سگهيو آهي! بس هنن صفحن تي ڪجهه دردن جي مسافرين جون بي ترتيب دانهون لکجي ويون آهن، جيڪي هن ڪتاب جي رڳُن تي بنجر زمين وانگي پکڙيل آهن. ان ڪري هن ڪتاب لاءِ ڪا به دعويٰ ناهي! بس سنڌ جي محبوب ماڻهن کي جيڪڏهن هي ننڍڙيءَ ڪاوش قبول پئي ته اهو پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجهندس.
ايوب کوسو
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 770
Kitab Jo Nalo : DARD JOON MUSAFIRYOON

by: Ayoob Khoso
Second Edition © Roshni 2016
Pages : 271
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 325.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG