MUNJI ZINDAGI GEE KAHANI






































هيءَ ڪهاڻي آمريڪا جي رهاڪو عورت مس هيلن ڪيلر بابت آهي. هوءَ اتر الاباما جي ٽسڪومبيا نالي ڳوٺ ۾ 27 جون 1880ع تي پيدا ٿي، سندس والد آٿر ايڇ ڪيلر دفاعي فوج ۾ ڪئپٽن هو. شروع ۾ ته هيلن جي زندگي عام ٻارڙن وانگر هئي، پر پوءِ اچانڪ اوڻيهه مهينن جي هلندڙ گهمندڙ ۽ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ معصوم ڄمار ۾ سندس گلاب جي گل جهڙي نازڪ وجود کي خزان بيماريءَ جي صورت ۾ اچي وڪوڙيو... گهر ڀاتين ۽ ڊاڪٽرن سندس حياتيءَ مان آسرو ئي لاهي ڇڏيو. چيو وڃي ٿو ته، جنهن کي الله رکي، تنهن کي ڪير چکي، هيلن جي زندگي ته بچي وئي، پر اُن ڀيانڪ مرض سندس اکين کان نُور کسي ورتو ۽ سندس ڪَنن کي به دنيا جي مٺڙن ورلاپن کان محروم ڪري ڇڏيو؛ يعني بيماريءَ جي حملي بعد ننڍڙي معصوم نينگري نابين ۽ ٻوڙي ٿي ويئي.
هيلن ڪيلر جو علاج ڪرائڻ لاءِ سندس مائٽن تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي، پر افسوس انهن کي ڪوبه اهڙو ڊاڪٽر هٿ ڪونه آيو، جيڪو معصوم هيلن جي نيڻن ۽ ڪنن کي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ جي قوت ڏيئي سگهي. جيئن جيئن هيلن وڏي پئي ٿي، تيئن تيئن سندس دل ۾ ڳالهائڻ جي خواهش زور وٺندي رهي، پر هوءَ ٻُڌي ڪونه ٿي سگهي ۽ سندس دماغ ۾ لفظن جو ذخيرو ڪونه هو، تنهن ڪري ڳالهائي به ڪونه سگهي. معصوم ڇوڪريءَ جو جسماني پڃري ۾ قيد ٿيل روح آزاديءَ لاءِ واجهائي رهيو هو، ڪنهن مسيح لاءِ.
شيڪسپيئر ڪيڏو نه سٺو چيو آهي، ته ”مصيبت ۾ مُبتلا ماڻهن جو واحد سهارو اُميد آهي.“
Optimism is the faith that leads to achievement. Nothing can be done without hope and confidence. 
اهڙيءَ طرح هيلن جي مائٽن جي آخري اُميد سندس علم ۾ هئي. علم ئي ستن ورهين جي نابين، گونگي ۽ ٻوڙي ڇوڪريءَ کي روحاني سگهه عطا ڪري ٿي سگهيو، جنهن سان هوءَ ڏسي، ٻُڌي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي. ”علم ۾ تمام گهڻي قوت هوندي آهي، هيءَ جيئرن کي موت جي ننڊ به سُمهاري سگهي ٿو ۽ وري مُڙدن کي حياتي بخشي سگهي ٿو.“ 
هيلن ڪيلر جي والد بوسٽن جي پرڪنس اداري جي ڊائريڪٽر مسٽر انگناس کي خط لکيو. هن مس سليوان کي هيلن جي تعليم لاءِ ٽسڪومبيا موڪليو. جس آهي ان نيڪ صفت ۽ رحم دل استاد کي جيڪا فقط هڪ ڇوڪريءَ کي پڙهائڻ خاطر شهر کان ڏُور هڪ ٻهراڙيءَ ۾ آئي. مس سليوان اچي هن کي فطرت جي قانون ۽ حسين نظارن کان واقف ڪيو.
“The best and most beautiful things in the world cannot be seen or even touched, they must be felt with the heart” 
هيلن به جسماني عيبن جي ڪري همت نه هاري، نه ئي وري پاڻ کي عام انسانن کان گهٽ سمجهي خاموش ٿي ويٺي.
“Life is either a great adventure or nothing”. 
هوءَ حياتيءَ جي اوکي جنگ ۾ هڪ انقلابي سورميءَ جيان مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهي؛ خود چوي ٿي ته:
I am only one! But still I am one
I cannot do everything,
But still I can do something.
I will not refuse to do some thing,
I can do.
هيلن کي پنهنجي ٽيچر مس سليوان سان تمام گهڻي محبت هئي هوءَ لکي ٿي ته:
”آئون پنهنجي استاد کي پنهنجي وجود کان الڳ سوچي به ڪو نه ٿي سگهان، هوءَ منهنجي دل ۾ سمايل آهي. ٽيچر مون کي حياتيءَ جي ڏاج ۾ ڪيتريون ئي خوشيون ڏنيون آهن، انهن خوشين جو منهنجي زندگيءَ تي ڪيترو اثر آهي، اِها ڳالهه آئون لفظن ۾ بيان ئي نٿي ڪري سگهان.“
هيلن ڪيلر کي ڪتابن سان گهڻو چاهه هو، لکي ٿي:
”ڪتاب ٻين پڙهندڙن وانگر مون لاءِ نه فقط خوشيءَ ۽ ڏاهپ جو ذريعو آهن، پرمون کي انهن مان اهو علم به مليو، جيڪو ٻين عام ماڻهن کي اکين ۽ ڪنن وسيلي حاصل ٿئي ٿو.“
ڪير ولين گورڊن سچ چيو آهي ته: ”ڪتاب هڪ اهڙو جادوئي قالين آهي، جنهن تي سوار ٿي، اسان هڪ اهڙي دنيا جا منظر ڏسي سگهون ٿا، جن کي ڏسڻ لاءِ اسان وٽ ڪو ٻيو طريقو ناهي.“
اها ڳالهه معجزاتي لڳي ٿي ته هڪ ٻوڙي ڇوڪري، جنهن ڪڏهن لفظن جا اُچار ٻُڌا ئي ڪونه پر اها مسلسل محنت سان ڳالهائڻ سکي وٺي ٿي، نه فقط ايترو پر اڳتي هلي هڪ بهترين مقرر پڻ ٿئي ٿي. هڪ بيوس ۽ لاچار انسان ئي ٻئي مجبور جي ڏکن سورن کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهي ٿو ۽ ان کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪوشش پڻ ڪري ٿو. ساڳيءَ طرح مس هيلن ڪيلر جي دل به انساني همدردي ۽ بيوسن جي مدد واري جذبي سان سرشار هئي. هوءَ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن کي هميشه اپاهج ماڻهن جي مدد لاءِ اُتساهيندي رهندي هئي. هن 12 سالن جي ننڍي وهيءَ ۾ چانهه جي دعوت تي ماڻهن کي سڏايو ۽ ان دعوت ۾ هن نابينن جي هڪ اسڪول کي ٻه هزار ڊالر چندو جمع ڪري ڏنو. ڪاليج واري زماني ۾ هن کي ميسي چوسيٽس ۾ قانون ساز اداري پاران نابينن جي تعليم واري بل تي تقرير ڪرڻ جي دعوت ملي. نيويارڪ ۾ اکين ۽ ڪنن جي بيمارين جي علاج لاءِ اسپتال جي نئين عمارت ٺهڻ بعد هيلن ڪيلر کي اُتي به تقرير ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي. جيئن هوءَ جوان ٿي ته انهيءَ هلچل ۾ اڃا به وڌيڪ ڀرپور نموني حصو وٺڻ لڳي. 
چيو وڃي ٿو ته عشق انڌو ۽ ٻوڙو آهي، عشق ڪرڻ لاءِ اکين ۽ ڪنن جي ضرورت ڪونه هوندي آهي. عشق پاڪ ۽ اخلاق جي دائري اندر هجي. هي اُهو عشق ناهي، جيڪو اڄڪلهه عام طرح سمجهيو وڃي ٿو. ها! ڳالهه پئي ڪيم هيلن ڪيلر جي. هن کي به پنهنجي سيڪريٽري سان عشق ٿي ويو هو.
The fountains mingle with the river
And the rivers with the ocean,
The winds of Heaven mix for ever
With a sweet emotion;
Nothing in the world is single,
All things by a law divine
In one spirit meet and mingle-
Why not I with thine. (Persy Bussne Shell)
محبت اسان کي قرباني ڏيڻ سيکاري ٿي. مون کي افسوس ٿو ٿئي ته ڪجهه ناسمجهه جوڙا غلط قدم کڻي پنهنجي ۽ پنهنجن مائٽن جي عزت مٽيءَ ۾ ملايو ڇڏين. ائين نه ڪرڻ کپي. اسان کي هن انگريز عورت مان عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي. هن کي محبت ته هئي، پر ماءُ جي منع ڪرڻ تي شادي ڪونه ڪيائين. پنهنجي عشق کي قربان ڪري ماءُ جي فرمانبردار رهي. هيلن پاڻ چيو آهي ته:
“The only thing worse than being blind is having sight but no vision.”
هِن شاندار عورت اٽڪل 40 ملڪن جو دؤرو ڪيو. 1956ع ۾ پاڪستان به آئي. ان وقت سندس ڄمار 76 سال هئي، پر پوءِ به چست ڦڙت پئي لڳي. هيلن ڪيلر ڪراچي شهر ۾ تقرير ڪئي ۽ نابينن جي اسڪول جو دؤرو ڪيو. اتي هن استادن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ اسڪولي ٻارن کي چيائين:
”منهنجا پُٽ ۽ ڌيئرون! اوهان سان گڏ هئڻ تمام شاندار آهي! سدائين خوش رهو ۽ پنهنجي قسمت کي ڏوهه نه ڏيو، هن دنيا ۾ اوهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا.“ هيلن ڪيلر نه فقط هڪ مقرر ۽ اَپاهجن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ جاکوڙيندڙ هئي، پر هڪ بهترين ليکڪه پڻ هئي. هن جا اٽڪل 12 ڪتاب ۽ ڪجهه مضمون شايع ٿيا. يارهن سالن جي عمر ۾ سندس پهرين آکاڻي ”The Frost King“ نابينن جي اداري پرڪنس مان شايع ٿي. جڏهن سندس ڪتاب ”The world live in“ 
ڇپيو، تڏهن ماڻهن کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ اعتراض ڪيو ويو ته هڪ نابين ۽ ٻوڙي عورت ماحول کي ڪيئن محسوس ڪري سگهي ٿي. هن ٻه آتم ڪٿائون پڻ لکيون: ”The story of my life“ ، ”Light in my darkness“
هيلن ڪيلر جي حياتيءَ ۾ ئي سندس آتم ڪٿا The story of my life تي 1962ع ۾ انگلش فلم The miracle worker ٺاهي وئي. ان ڪتاب جو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي. 2005ع ۾ رليز ٿيل انڊيا جي فلم ”Black“ جو بنيادي خيال به ان ڪتاب مان ورتل آهي. هيلن ڪيلر کي ڪيترائي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. هي شاندار عورت پهرين جون 1968ع تي وفات ڪري وئي، پر اڄ تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ سندس حياتيءَ جي احوال کي نصابي ڪتابن ۾ سبق طور پڙهايو وڃي ٿو. آمريڪا جي پارڪن ۽ رستن تي هيلن ۽ سندس اُستاد مس سليوان جا مجسما يادگار طور لڳل آهن، سندس تصوير سان پوسٽ ٽڪلي پڻ جاري ڪئي ويئي.
اسان هيلن ڪيلر جي زندگيءَ مان همت، جذبي، اڻ ٿَڪ جاکوڙ ۽ انساني همدرديءَ جو درس حاصل ڪري سگهون ٿا. هيلن ايتريون ڪاميابيون ماڻي، اهو ثابت ڪيو ته مالڪ جي هيڏي وڏي مانڊاڻ ۾ ڪابه شيءِ فضول ۽ بي مقصد خلقي نه ويئي آهي.
هن نسيت مان عدم مان هن ڪين مان اي قادر،
جيڪا به شيءِ بنايئي سا بي بها بنايئي
(حضرت خليل جانؒ)
همت ۽ ڪوشش سان هر ڏکئي ۽ ناممڪن ڪم کي آسان ۽ ممڪن بنائي سگهجي ٿو. هيلن ڪيلر جي سموري زندگي انگريز شاعره Eliza Cook جي هڪ سٽ جو چٽو ۽ زنده دليل آهي.
“All honur to those who try” (Eliza Cook)
پرويز علي خاصخيلي
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication
Book No . 760
Kitab Jo Nalo : MUNJI ZINDAGI GEE KAHANI
by : Helen Keller
Translated by : Pervaiz Khaskheli
First Edition © Roshni 2016
Pages : 160
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG