HAMZAAD CHHA AHEY?













































ستاري جسم يا همزاد (Astral Body)
ستاري جسم يا همزاد حقيقت ۾ ڇا آهي، تنهن جي ڪا به پڪي خبر اڃا تائين پئجي نه سگهي آهي. پر ان جي باري ۾ ڪئين نظريا ضرور آهن، جن کي هيٺ پيش ڪجي ٿو:
همزاد يا ستاري جسم جي لاءِ ڪجهه ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته اهو جسماني وجود وانگر روحاني شڪل جو وجود آهي، جيڪو ايٿر جهڙي مواد منجهان ٺهيل آهي. اهو ايٿر جهڙو مواد ستاري مواد آهي، جيڪو مختلف قسمن جي آفاقي توانائين منجهان ٺهيل آهي. ان ايٿر جهڙي مواد منجهان نه صرف ستاري جسم ٺهندو آهي پر ان منجهان حالو (Aura) به وجود ۾ ايندو آهي. ان ستاري مادي مٿان خيال، جذبا ۽ محسوسات جذب ٿيندا آهن ۽ جتان اهي جسماني بدن منجهه منتقل ٿيندا آهن. جسماني بدن ۽ همزادي جسم ٻئي ڌڪن ۽ زخمن جا شڪار ٿي سگهن ٿا. همزادي جسم کي ڌڪ سندس توانائيءَ جي تهن کي نقصان رسائيندا آهن، جڏهن ته جسماني بدن کي سندس چمڙيءِ ۽ هڏن منجهه ڌڪ جو احساس ٿيندو آهي.
همزاد لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته ان کي نور منجهان تخليق ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ان کي نوري شعور عطا ڪيل آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ايٿر جو مواد کي ان ساڳئي نور منجهان نه پر ڪائنات جي تخليق جي وقت ٻين مادن وانگر خلقيو ويو هو. انهن ٻنهيءَ کي نور ۽ بجليءَ سان مشابهت ڏئي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ اهي ٻئي شيون ڏسڻ واري کي هڪجهڙيون ۽ ساڳيءَ توانائيِءَ منجهان ٺهيل نظر اينديون پر اصل ۾ الڳ الڳ ماهيت ۽ خاصيتون رکن ٿيون.
همزاد لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته اهو انساني بدن ۽ روح جي وچ واري جڳهه تي رهندو آهي. جهڙيءَ طرح زندگيءَ سان جڙيل انساني بدن لاءِ هيءَ زميني دنيا ۽ مرڻ کان پوءِ روحن جي لاءِ مٿئين دنيا جو نظريو آهي، تهڙيءَ ريت همزاد لاءِ ستاري دنيا ( Astral World) جو تصور آهي جتي اهي همزاد رهن ٿا ۽ انساني بدنن جي اندر هوندي به سندن انهيءَ دنيا سان مسلسل رابطو رهي ٿو. اهڙا ڪرامتي انسان جن کي ڪشفي صلاحيتون هونديون آهن، انهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ان ستاري دنيا کي ڏسڻ تي قادر آهن ۽ اهي ستاري جسم يا همزاد سندن اکين کان مخفي نه هوندا آهن.
ڪجهه همزادي ماهرن جو خيال آهي ته همزادي وجودن کي جسماني وجود وارو مڪمل ذهني شعور حاصل نه هوندو آهي. ٿياسافيءَ جو فلسفو ٻڌائي ٿو ته ان همزادي وجود جي جيوت محسوسات جي عالم سان آهي. همزاد انسان جي احساسن، جذبن ۽ جذبات کي سمجهي ۽ پروڙي ٿو. هي خواهشن کي به محسوس ڪري ٿو.
ٿياسافي ۾ ستاري جسم کي انساني تنتي سرشتي (Nervous System) ۽ آفاقي سڄاڳائي (Cosmic Consciousness) جي وچ ۾ هڪ پل قرار ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ همزاد کي جذبن، احساساتن ۽ خواهشن جي ترسيل جو ڪم رکيل آهي ۽ ان جي پهچ لامحدود آهي. اهو جسماني بدن جي ابتڙ زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد آهي. جنهن وقت اهو همزاد جسماني بدن کان، ڪنهن سبب مثلا ننڊ يا نشي جي دوائن جي واپرائڻ يا وري حادثن ڪري الڳ ٿئي ٿو، ته کيس رڳو هڪ احساس هوندو آهي. ان ڪيفيت ۾ همزاد کي، سواءِ ڪجهه آنڱرين تي ڳڻڻ جيترن موقعن جي، ڪنهن به قسم جو ڊپ وغيره ڪو نه محسوس ٿيندو آهي.
جيڪڏهن ڪو همزاد کي ان همزادي ڪيفيت منجهه ڏسي ته اهو کيس هوبهو سندس انساني جسم وانگر ڏسڻ ۾ ايندو. کيس ان همزاد ۽ سندس جسماني وجود ۾ ذري ڀر به فرق محسوس نه ٿيندو. ان حالت ۾ همزاد کي رڳو احساسات محسوس ٿيندا آهن ۽ اهو زمان ۽ مڪان جي بندشن کان آزاد هوندو آهي.

https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication
Book No . 776
Kitab Jo Nalo : HAMZAAD CHHA AHEY?
by: Dr. Khalid Noorani
First Edition © Roshni 2016
Pages : 216
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh
اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG