PHLSAPHO CHHA AAHE

























 فلسفي جي علم جا ماخذ

هر ماڻهوءَ کي پوءِ ڀل کڻي اُهو هو علمي سرگرمي، سياسي جدوجهد ۽ انقلابي تحريڪ کان ڪيتروئي پري ڇو نه هجي، پر سندس سوچ ۾ اها ڳالهه ضرور ايندي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ هيءَ دنيا ڪيئن هوندي؟ ماڻهوءَ کي ڪهڙين ڪهڙين شين سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو.... مستقبل ۾ ڇا لڪل آهي، جنگ جي خوفناڪ باهه يا پرامن زندگي؟.... هيءَ ڌرتي ڪيئن هوندي؟ هن تي گاه، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جانور، پکي موجود هوندا، يا سائنسي ترقي سمورين جاندار شين جي موت جو سبب بنجندي؟ ۽ ڇا هن دنيا جي تختي تان ظلم ۽ ستم، سماجي اڻ برابريءَ جو خاتمو ايندو يا اهي دائمي آهن؟ اهي سوال سموري انسانيت لاءِ، هر ماڻهوءَ لاءِ اهم آهن.... انهن سوالن جا صحيح جواب حاصل ڪرڻ لاءِ، انهن جا صحيح حل ڳولڻ لاءِ، ڏاهپ ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ ڏاهپ جي علم يا فلسفي کي سمجهڻ ضروري آهي. لفظ فلسفو ٻن يوناني لفظن سان گڏجي ٺهيو آهي. فيلو  (پيار) ۽ سوفيه (ڏاهپ) يعني: فلسفي مان مقصد آهي ’ڏاهپ سان پيار‘.
جيڪڏهن ڏسجي ته انسان جي چؤڏس ڦهليل دنيا تمام وسيع آهي، جنهن جو ڪوئي حد حساب ڪونهي. ان لاءِ انسان رڳو اهو ئي ڪري سگهي ٿو ته هو آهستي آهستي فطرت جي رازن جي ڳنڍ کولي ۽ سندس لاءِ ڳجهارت بڻيل ڳالهين کي پرکي پروڙي، ان لاءِ يونان جي عظيم ڏاهي افلاطون جو اهو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته ”فلسفي جي ابتدا تجسس ۽ تعجب کان ٿئي ٿي.“
جڏهن ته عظيم يوناني مفڪر ارسطوءَ جو چوڻ آهي ته، ”هر علم ڪنهن نه ڪنهن مفاد لاءِ آهي، پر فلسفو هڪ اهڙو علم آهي، جيڪو اڪيلو آزاد علم آهي ۽ ان جو وجود رڳو پنهنجو پاڻ لاءِ آهي“ پر هڪ ٻئي عظيم مفڪر ۽ خطيب سيسرو جي دعوى ان کان مختلف آهي. هو چوي ٿو: ”اسان ڊوڙي تو وٽ اچون ٿا، تو کان مدد طلبيون ٿا... اي فلسفا! تون زندگيءَ جو رهنما ۽ رهبر آهين، تو کان سواءِ ڪيئن ٿو ڪو وجود رهي سگهي، اسان جو ته ڇا پر هن سموري انساني زندگيءَ جو!“ ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته، فلسفي کي مذهب کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. اهو مذهبي معاملن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جڏهن ته وري ڪجهه ٻين ماڻهن جو خيال هو ته فلسفي جو بنياد شڪ ۽ عقل تي آهي، ان لاءِ هي مذهب جو متبادل ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته مذهب جو بنياد خيالي عقيدي تي آهي. فلسفي جي حقيقت ۽ معنى تي، موجوده ڏاهن ۽ مفڪرن ۾ اڃا به وڌيڪ اختلاف آهن. ڪن جو خيال آهي ته هيءَ سائنس بابت ڄاڻ جي تعليم آهي. ڪي وري هن کي فن جي ويجهو ڀانئن ٿا، ته ڪجهه وري جيئن فرانسيسي اديب البيرڪاميو، اهو ٿو سمجهي ته دنيا ۾ هڪ ئي فلسفياڻو مسئلو موجود آهي ۽ اهو آهي خودڪشي يا آپگهات؟ آخر ۾ هڪ چوٿون ٽولو آهي، جيڪو چوي ٿو ته: ”فلسفي“ جي اصطلاح کي ئي ختم ڪيو وڃي.
انهن سڀني راين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان فلسفي جي ماخذن ڏانهن رجوع ڪريون ته، فلسفو ڪٿي ۽ ڪيئن ظاهر ٿيو؟ فلسفياڻي سوچ جي ڪٿي ۽ ڪهڙن سماجن ۾ تڪڙي ارتقا ٿي. ڇا سڀني قومن ۾ فلسفيانه ڏاهپ حاصل ڪرڻ جي اهليت آهي؟... اهڙا ٻيا به کوڙ سوال آهن، جن تي اسان کي غور ڪرڻ گهرجي.

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 728
Kitab Jo Nalo : PHLSAPHO CHHA AAHE

Translated by: Altaf Malkani

Second Edition © Roshni 2016
Pages : 144
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00

Contact: 022-2780908
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG