KHALIL JIBRAN JOON KAHANYOON





















































جبران خليل جبران
پيدائش ۽ موت ٻه اهڙا اوچتا حادثا آهن، جن آڏو ويچارو انسان بيوس ۽ لاچار آهي. انسان کان نه ته ڄمڻ وقت پڇيو ويندو آهي ته غريب جي جهوپڙيءَ ۾ ڄمڻ پسند ڪندو يا ڪنهن امير جي محل ۾ ۽ نه ئي مرڻ وقت کانئس پڇيو ويندو آهي ته، ڪٿي مرڻ پسند ڪندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ڄمڻ وقت معصوم ٻار پنهنجي خواهشن خلاف رڙيون ۽ دانهون ڪندو خالق جي ان غلاميءَ خلاف ۽ پنهنجي زوريءَ موڪلڻ خلاف احتجاج ڪندو ڄمندو آهي. مجبوري، ڊپ ۽ ڊڄ جي عالم ۾ سهڪي سهڪي مري ويندو آهي.
جبران خليل جبران به لبناني ڌرتيءَ تي مقدس صنوبرن جي ڇانوَ ۾ ”بشرى“ ڳوٺ جي مقدس سر زمين تي 1883ع ۾ پهرين احتجاجي رڙ بلند ڪئي، ان ڏينهن ڊسمبر جي ڇهين تاريخ هئي. ننڍڙو ڳوٺ
”بشرى الارزالخالد“ ۾ سندس جنم ٿيو، سندس ڳوٺ ويجهو ”سيدون“
۽ ”طيري“ ڳوٺ به هئا. هي اهل فنيشيا جا وڏا مرڪزي شهر هئا، جتان تهذيب ۽ تجارت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻين ملڪن تائين پهتي... انهن شهرن يونان کي آباد ڪيو ۽ تهذيب سيکاري. انهن ئي روم جو بنياد وڌو، انهن ئي آفريقا کي آباد ڪيو. مطلب ته اهي شهر ئي تهذيب ۽ تمدن کي دنيا تائين پهچائڻ جا دروازا هئا.
جبران جي پيءُ جو نانءُ ’خليل‘، سندس ماءُ جو نالو ’ڪاملا‘ هو. کيس هڪ ڀاءُ ’پطرس‘ نالي ۽ ٻه ڀينرون ’مريانا ۽ طانا‘ نالي هيون.
لبنان جا پهاڙ صدين کان وٺي صنوبر جي وڻن سان پنهنجي پٺي ڍڪيندا پئي آيا آهن. انجيل ۾ انهن صنوبرن جو هڪ سؤ ٽن ڀيرن کان وڌيڪ ذڪر ڪيل آهي. اهي صنوبر ”خدا جا صنوبر“ يا ”خدا جي جنت جا صنوبر“ ڪوٺيا ويندا آهن.
جبران جي گهر ويجهو اڄ به صنوبر جي وڻن جو گهاٽو ٻيلو آهي، جيڪو ”مقدس صنوبر“ جي نالي سان مشهور آهي. جبران به پنهنجي زندگي صنوبر جي وڻن جي ڇانوَ هيٺ گذاري. انهن صنوبرن هيٺ ئي زندگيءَ جون اکيون پٽيائين، گهميو ڦريو، کليو رنو ۽ پلجي نپجي وڏو ٿيو. هن ديوتائن جون ڪهاڻيون ٻڌيون، صنوبرن جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ته، کيس خبر پئي ته انهن وڻن جو ڪاٺ، شام ۽ بابل جي سلطنتن جي محلاتن جي تعمير ۾ ڪم آيو، ته يروشلم جي عبادت گهرن ۾ سونهن ۽ سينگار جو سبب بڻيو ۽ مصر جي ممين جا تابوت به هن مقدس صنوبر مان بڻايا ويا هئا.
جبران جي جواني، پنهنجي ديس کان دور پرڏيهه ۾ گذري. خليل جبران جي پيدائش کان اٽڪل ساڍا ٽي سؤ سال اڳ، يعني: 1517ع ۾ شام تي ترڪيءَ جو تسلط قائم ٿيو، لبنان جون هيٺايون واديون ترڪي جي فوجن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيون، پر لبنان جي اوچن، ارڏن ۽ بلند پهاڙن کي ڪي فاتح فتح ڪري نه سگهيا. پهاڙن جا اڏول ڪنڌ فاتحن آڏو به اوچا رهيا. انهن اوچن پهاڙن فاتحن کي به پنهنجي آڏو جهڪڻ لاءِ مجبور ڪيو، ڇو ته ڪيترا سرڪش ۽ بهادر قبيلا انهن جبلن جي چوٽين تي ويهي، فاتحن جي مٿي جو سور بڻيا رهيا، هنن ڌارين جو تسلط نه مڃيو. انهيءَ ويڙهه دوران شام ۽ لبنان جا ڪيترن ماڻهن پنهنجي اباڻيءَ ڌرتيءَ کي ڇڏي، ڌارين ملڪن ۾ وڃي پناهه ورتي، ته ڪي آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن ڏانهن هليا ويا ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪي، پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت جي جذبي هيٺ پنهنجو ملڪ ڇڏي نه سگهيا ۽ پنهنجي زندگيءَ ۽ موت جو رشتو ڌرتيءَ جي ڏکن ۽ سکن سان ڳنڍي ڇڏيو، انهن کي ڌارين فاتحن پنهنجي ئي ديس ۾، شهرن جي چؤواٽن تي ٽنگي، سندن ڳچيءَ ۾ ڦاهيون وجهي، کين موت جون سزائون ڏئي ڇڏيون. جن ڪنڌ نه جهڪايا انهن جا ڪنڌ سرِعام ڌڙ کان ڌار ڪيا ويا، جيئن ڏسندڙ اکيون انهن جي موت مان سبق حاصل ڪن ۽ پنهنجي دلين مان بغاوت ۽ سرڪشيءَ جو خيال ڪڍي ڇڏين، پر آزاديءَ جي متوالن لاءِ انهن ڦاسين ۽ سرعام قتل عام جي سزائن، سندن دلين اندر دشمنن خلاف دکندڙ چڻنگن تي تيل جو ڪم ڏنو ۽ اها باهه ڀڙڪندي رهي.
جنگيون، نين سرحدن کي جنم ڏينديون آهن، نيون سرحدون نون ملڪي نقشن کي جنم ڏينديون آهن ۽ اتي ئي نئين انتظاميه ۽ نئون فڪر ۽ نظريو رکندڙ حڪومت جنم وٺندي آهي. جبران جو ملڪ به انهن جنگين ۽ جنگي حالتن جي زد ۾ رهيو. ان جون حدون به ڪڏهن گهٽبيون ته ڪڏهن وڌنديون رهيون. رومي شهنشاهه هيڊرين ان کي ٽن صوبن ۾ ورهايو: هڪ شام، ٻيو شام فنيشيا ۽ ٽيون شام فلسطين. جبران، شام فنيشيا ۾ پيدا ٿيو ۽ حضرت يسوح مسيح شام فلسطين واري حصي ۾ پيدا ٿيو. هڪ تاريخدان ان واقعي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ”ڪير تصور به نٿو ڪري سگهي ته شامي صوبي جي هڪ ننڍڙي ۽ ورن وڪڙن واري ڳوٺ جي ظلمتن ۾ جنم وٺندڙ هڪ معصوم ٻارڙو وڏو ٿي تاريخ ۽ انسانيت جي مذهبي عقيدن ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻيندو.“
رومين کان پوءِ هن علائقي تي عربن قبضو ڪيو، انهن کان پوءِ ترڪن جي اقتدار جو سج اڀريو، ترڪن کان پوءِ فرانسيسي ۽ انهن کان پوءِ انگريزن هن ديس تي قبضو ڪيو، پر انهن سڀني فاتحن مان ڪوبه اڏول ۽ اوچن پهاڙن کي فتح ڪري نه سگهيو، بلڪ هر فاتح کي انهن آڏو جهڪڻو ضرور پيو.
رومي سمنڊ جي اڀرندي حصي مان جلاوطن ٿي، جيڪي ماڻهو به آمريڪا پهتا، انهن سڀني کي شامي شهري قرار ڏنو ويو، پوءِ انهن جو تعلق دمشق سان هيو يا مقدس صنوبر جي پهاڙن سان... جبران به جڏهن ٻارنهن ورهين جي عمر ۾ جلاوطن ٿي آمريڪا پهتو ته، هو به شامي شهريءَ جي حيثيت ۾ اتي رهيو.
پهرين جنگ عظيم کان پوءِ ترڪ سلطنت جو زوال آيو ته، ليگ آف نيشن (گڏيل قومن جي اداري) جي هڪ اقرارنامي تحت شام ۽ لبنان کي فرانس جي هٿ هيٺ ڏنو ويو ۽ فلسطين وارو علائقو برطانيا جي ڀاڱي ۾ آيو، پر ان کان پوءِ به لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي ٽولن کي شامي شهري قرار ڏنو ويو.
آخر ٻي عالمي جنگ هلندي لبنان ۽ شام، فرانس جي نوآباديءَ ۽ غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪيو ۽ ٻه مختلف ۽ خودمختيار ملڪ بڻجي، دنيا جي نقشي تي آزاديءَ جو جهنڊو کڻي نروار ٿيا ۽ اقوام متحده ۾ انهن کي مڪمل نمائندگي ڏني وئي. جبران جي ڌرتي انهن ڏينهن ۾ آزاد ۽ خودمختيار بڻي، جڏهن جبران هن دنيا ۾ موجود نه هو. شايد ان ڪري ئي ڪٿي ڪٿي جبران ”منهنجو ملڪ شام“ ۽ ”منهنجو ملڪ لبنان“ لکيو آهي، ڇو ته سندس زندگيءَ ۾ اهي ٻئي ملڪ فرانس جي گڏيل بيٺڪيت هئا.
ترڪ سلطنت ڪنهن زماني ۾ دنيا جي چوٿين حصي تي قابض هئي، ۽ انتهائي طاقتور ۽ مضبوط سلطنت ليکي ويندي هئي. ترڪيءَ جون سرحدون هاڻوڪي سڄي عرب دنيا، ڏکڻ آفريڪا ۽ يورپ جي ڪافي وڏي حصي تي پکڙيل هيون ۽ سلطنت جو سربراهه سلطان هئو. ان جي حڪم تي فوج جنهن به ملڪ تي چڙهائي ڪندي هئي، اتي ڦرلٽ، ڌاڙا ۽ استحصال ڪري، سڄو ڦرلٽ جو مال هڪٻئي ۾ هڪ جيترو ورهائي کڻندا هئا. جبران جي پيدائش کان ٽي سال اڳ، يعني: 1880ع ۾ جبران جي ئي علائقي مان هڪ آزادي پسند يوسف بي ڪرامي نالي اڳواڻ پهريون ڀيرو بغاوت ڪندي، ترڪ سلطنت کان لبنان جي مڪمل آزاديءَ جي گهر ڪئي ۽ ان لاءِ عملي جدوجهد ۽ تحريڪ هلائي، جيڪا ٿورن هٿيارن ۽ گهٽ افرادي قوت هئڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ ئي ناڪام ٿي وئي، پر پوءِ به ان تحريڪ غلاميءَ جي ديوار ۾ پهريون ڏار وجهي، ماڻهن جي خاموش دلين ۾ آزاديءَ لاءِ جاءِ ضرور پيدا ڪئي.
جبران خليل جو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل سڄو مواد محفوظ آهي. جبران جي شخصيت ڏاڍي متضاد رهي آهي، ڪنهن هن کي ڪٽر مذهبي، صوفي، مفڪر، عالم، اديب، فلاسافر ۽ مرده پرست اديب ڪري ڪوٺيو آهي، ته ڪنهن هن کي آزادي پسند، باغي، سرڪش، ڦڏئي، دهريو ۽ زماني جي قيد و بند، ريتن رسمن کان آزاد انسان پئي چيو آهي. ڪن سندس ڪتابن کي ٻرندڙ باهه جي آڙاهه ۾ اڇليندي، انهن تي الزام مڙهيو ته، ”هي ڪتاب ڪافرانا، خطرناڪ انقلابي ۽ زهريلا آهن ۽ ”جبران نئين ٽهيءَ کي مٺو زهر پياري رهيو آهي.“ پر ڪن ماڻهن وري چيو ته، خليل جبران جا ڪتاب مقدس آسماني ڪتابن جيترا اهم، سچائي ۽ حقيقت پسنديءَ جو کليل ثبوت آهن، سندس لفظن ۾ امرت ڌارا لڪل آهي، سندس خيال، سوچون ۽ فڪر لبنان جي اوچن جبلن جي چوٽين کان به اوچا ۽ ارڏا آهن. لبنان جي بلند پهاڙن جي چوٽين کي ڪوبه هٿياربند فاتح فتح ڪري نه سگهيو، پر خليل جبران جي فڪر انهن کي فتح ڪري ڇڏيو آهي.“
ڇوته خليل جبران جو هڪ ڪتاب ”پيغامبر“ “The Prophet” اهو عظيم ڪتاب آهي، جيڪو دنيا جي ادبي مارڪيٽ ۾ انهن چاليهن سالن تائين سڀ کا وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪتاب هو. انهيءَ ڪتاب جون پنجويهه لک کان وڌيڪ ڪاپيون رڳو انگريزي ۽ عربي ٻولين ۾ وڪاڻيون. هي ڪتاب اڄ تائين دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
”پيغامبر“ اهو ڪتاب هو، جيڪو جبران پنهنجي مادري ٻوليءَ بجاءِ، انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو ۽ سندس مادري ٻوليءَ (عربي) ۾ جبران جو پهريون ڪتاب ”ڀڳل کنڀڙاٽيون“ يا ’Broken Wings‘ هو، جيڪو پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي، ڇپجي چڪو آهي. سندس هڪ چاهڪ لکيو ته، ”خليل جبران، اهو ڪتاب پنهنجي هڪ محبوبا ’ميري خوري‘ جي چوڻ تي انگريزي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، پر اڄڪلهه جون محبوبائون ته پنهنجي ماءُ جي سيکاريل مادري ٻولي به وساري ٿيون ڇڏين.“ ميري خوري اها عورت هئي، جنهن کي ڇپائيءَ کان اڳ خليل جبران پنهنجو قلمي نسخو هڪ نظر وجهڻ لاءِ ضرور ڏيکاريندو هو. ميريءَ ڏانهن خليل جبران جا ڪيترائي خط پڻ لکيل آهن.
ڪنهن به وڏي يا ننڍي اديب جي لکڻين جو مطالعو ڪرڻ کان اڳ، سندس دؤر جي سياسي، سماجي، تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن کي سمجهڻ ضروري آهي، ڇو ته ڪنهن به دؤر جي سياسي اٿل پٿل کي سمجهڻ کان اڳ ڪنهن به تاريخي يا تاريخ ساز شخصيت ۽ ان جي لکڻين کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
آخر ڪهڙا سبب هئا، جن خليل جبران کي رياستي قانون ۽ ان جي ساٿاري مذهب، ماضيءَ جي ريتن رسمن ۽ رواجن خلاف بغاوت جو جهنڊو کڻڻ تي مجبور ڪيو؟ آخر ڪهڙو سبب هو جو خليل جبران جي دماغ ۾ ابن ڏاڏن جي مذهب ۽ انهن جي ئي ڇڏيل ريتن رسمن خلاف نفرت ۽ ڌڪار پيدا ٿي؟ آخر ڪهڙو سبب هو جو جبران جي ذهن ۾ هڪ نئين ۽ جديد سماج جي اڏاوت لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد جنم ورتو؟ جتي امن، سچائي ۽ سونهن جو راڄ قائم ٿئي. جتي انسان آزاديءَ سان سک جو ساهه کڻي سگهي. ان جو تاريخي پس منظر اڳ ۾ ٻڌايو اٿم، ته سندس ديس ڌارين جو ڏن ڀرو هو، جتي نوآبادي ۽ بيٺڪي راڄ قائم هو. سرڪش ۽ باغي ماڻهن جون شهر جي چؤواٽن تي سسيون لڻي، انهن کي سرڪش ۽ بغاوت جي اُڀارڻ کان روڪيو ويندو هو.
جبران جنهن ماحول ۾ پيدا ٿيو، ان وقت تائين ڌرتيءَ جي اصلي وارثن جي ڌارين ديسن ڏانهن لڏپلاڻ جاري هئي ۽ جبران به 12 سالن جي عمر ۾ پنهنجو ديس ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿيو. ان عمل سان جبران ڄڻ پنهنجي وجود کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت ڪندڙ وجود ۽ ٻيو مجبور، بيوس ۽ لاچار وجود...
سندس چوڻ موجب: ”منهنجي ديس ۾ ڌاريا خوش آهن، ڇو ته هو ڦرلٽ ڪري، اسان جي مسڪين ۽ ڏتڙيل لبناني ديس واسين جي وات مان مانيءَ گرهه ڦري پاڻ کائين ٿا ۽ اسان پنهنجي ديس ۾ به بکيا ۽ بيروزگار آهيون. اسان کان اسان جا حق کسجي رهيا آهن ۽ اسان جو استحصال ٿي رهيو آهي...!!“ شايد اهو ئي سبب هو جو جبران جلاوطن ٿيڻ کي اهميت ڏني. لڳي ٿو ته لبناني سرڪار کيس جلاوطن نه ڪيو هو، پر لبنان مٿان ڌارين استحصالي ۽ ڦورو قوتن جي اثر کيس پنهنجو ديس ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو. ڇو ته ترڪيءَ جي سلطان کي باغي، سرڪش، آزادي پسند ۽ انقلابي جبران جي ذات مان خطرو هو، ڇاڪاڻ ته ڦورو ۽ لٽيري سلطان کي خبر هئي ته، جبران، لبناني قوم ۾ جاڳرتا جا گيت ڳائي، نظرياتي سجاڳي آڻي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهن ۾ نظرياتي جاڳرتا آئي ته پوءِ وچ اوڀر ۾ ترڪ سلطنت جي اقتدار کي سخت خطرو لاڳو ٿي ويندو. غلام لبناني ماڻهن جي دلين ۾ آزاديءَ لاءِ محبت پيدا ٿي ويندي ۽ ترڪ اقتدار خلاف نفرت جي جيڪا چڻنگ اڃا تائين خاڪ جي ڍير ۾ دفن ٿيل آهي، سا جيڪڏهن ڀڙڪو کائي اُٿي ته پوءِ سڄو اقتدار ان خوني طوفان ۾ وڪوڙجي ويندو ۽ ظلم جا مينار اچي پٽ پوندا.
لبناني عيسائين جي اڪثريت ”ماروني“ فرقي تي مشتمل آهي، ان فرقي کي ٻين ڪيترن ئي ڪيٿولڪ فرقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رعايتون مليل آهن. ماروني چرچ، پنهنجي مذهبي خطبن ۽ عبادتن ۾ اڄ سوڌو ساڳي اها ئي آرامي يا سرياني زبان استعمال ڪندو آهي، جيڪا ٻولي حضرت عيسيٰ عليھ السلام ڳالهائيندو هو. جبران جي ماءُ ڪاملا پڻ هڪ ماروني پادريءَ جي ڌيءُ هئي، جنهن عربي ۽ فرانسيسي ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي.
لبنان مان جلاوطن ٿيندڙن جي اڪثريت دانشورن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي مشتمل هئي. جن کي معاشي اڻ برابريءَ ۽ عدم توازن جي مفهوم جي ڄاڻ هئي، جيڪي آزاديءَ جي نظرين ۽ مغربي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهندا هئا ۽ جن ظلم ستم، جبر ۽ ڏاڍ خلاف آواز اٿاريو. جبران به ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ ملڪ ڇڏڻ کي ضروري سمجهيو. کيس ابتدائي تاريخ جاگرافيءَ بابت ڄاڻ پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ ملي. هن پنهنجي لکڻين ۾ جيڪي تاريخي حوالا ڏنا آهن، انهن مان خبر پوي ٿي ته هن مذهبي ۽ ملڪي تاريخ جو وڏو ۽ گهرو مطالعو ڪيو هو. هن جڏهن آمريڪا جي گڏيل رياستن تي قدم رکيو، تڏهن بوسٽن جي هڪ اسڪول ۾ داخلا وٺي پڙهڻ شروع ڪيائين. گرمين جي موڪل ۾ هن پنهنجي پيءُ سان گڏ لبنان، شام ۽ فلسطين جو سير ڪيو. چئن سالن تائين عربي ۽ فرانسيسي ٻوليءَ ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ هن کي علم جي تڙپ ۽ اُڃ يونان، روم، اسپين ۽ وري پئرس تائين رلايو. پئرس ۾ ٻه سال رهڻ کان پوءِ هو وري واپس بوسٽن پهتو. جبران جن هنڌن جو سير ڪيو، انهن ۾ ناصره، بيت الهم، يروشلم، سيدون، ٽريپولي، بعلبڪ، دمشق ۽ پاليميرا شامل آهن. انهن ماڳن جبران جي فڪر تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا. ديس ۽ ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت جو جذبو، روشنين جي شهر ۾ ويهي به کانئس نه وسريو. ان اونداهي ڌرتيءَ جي محبت، جتي سندس ننڍپڻ گذريو، جبران لاءِ زندگيءَ جو عظيم سرمايو هو. پنهنجي سؤٽ کي هڪ خط ۾ لکيائين...
”معصوم ٻارڙو، ننڍپڻ جي معصوم دل سان جنهن شيءِ کي چاهيندو آهي، سندس اها چاهت زندگيءَ جي آخري ڇيڙي تائين ساڻ رهندي آهي. زندگيءَ جي معصوميت وارا ڏينهن ۽ انهن جي ياد اڄ به منهنجي نوجوان دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سڏڪا ڀري رهي آهي. منهنجي زندگيءَ جي وڌ کان وڌ خوبصورت ۽ حسين ياد اها ئي آهي، جيڪا ننڍپڻ جي ياد آهي. راندين روندين واري معصوم زندگي اڄ به منهنجو جيئرو جاڳندو خواب آهي. وقت ۽ وهي وطن جي ياد کسي ناهن سگهيا. مان اڄ به پنهنجون پراڻيون ننڍپڻ واريون يادون دل جي عبادت گهر ۾ لڪايو ويٺو آهيان.“
جبران جي محبت
هر حساس ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾، عورت هڪ انقلابي محرڪ جي حيثيت سان آئي آهي. ڪنهن به روپ ۾ عورت، مرد جي ذهني سڪون لاءِ ڪنهن تخليقي جنت کان گهٽ حيثيت ناهي رکندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڪنهن وقت عورت ڪنهن اوچتي زلزلي جي جهٽڪي ۽ دوزخ جي باهه کان به وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندي آهي. جبران پاڻ هڪ هنڌ مڃيو آهي ته: ”هن وقت مان جيڪو ڪجهه آهيان، ان لاءِ مان ’عورت‘ لفظ جو ٿورائتو ۽ احسان مند آهيان. جڏهن اکيون ٻوٽي هن دنيا ۾ داخل ٿيس، تڏهن پهرين پناهه گاهه ماءُ جي روپ ۾ ڪنهن عورت جي هنج بڻي ۽ جڏهن بلڪل ننڍڙو ۽ ناسمجهه هوس، تڏهن به ڀيڻ جي روپ ۾ ڪنهن عورت جو پاڇو، ڇپر ڇانوَ ۽ عورت جو هٿ ئي سهارو بڻيو، جيڪڏهن عورت ماءُ نه هجي ها، ڀيڻ نه هجي ها، ساٿي نه هجي ها، ته مان جيڪر هينئر انهن ماڻهن وچ ۾ بيهوشيءَ جي حالت ۾ ستل هجان ها، جيڪي ننڊ ۾ به بي آرام آهن، پنهنجي کونگهرن سان دنيا جو امن ۽ سڪون برباد ڪري رهيا آهن.“
خليل جبران عورتن جو ڏاڍو اهم مطالعو ڪيو هو. جبران هڪ هنڌ لکيو آهي: ”ماءُ جو وجود ڏک جي حالت ۾ وڏو سهارو هوندو آهي. ماءُ ئي آهي، جيڪا اکين مان ڏک جي وهندڙ لڙڪن کي پنهنجي رئي جي پلاند ۾ ٻڌي، پنهنجي اولاد جي مک تي مُرڪن جو سج اُڀاري ٿي. ماءُ جو موت انهن اکين جو موت آهي، جيڪي انسان جي زندگيءَ جون محافظ ۽ پهريدار هونديون آهن. ماءُ جو موت ان ڀاڪر جو موت آهي، جيڪو انسان لاءِ خوشين ۽ سکن جو گهر آهي... ماءُ جو موت ان وجود جو موت آهي، جيڪو انساني زندگيءَ جي پاڇي جو عظيم تصور ۽ سرمايو ليکيو يندو آهي.“ سچ به اهو ئي آهي ته گل جي خوشبوءِ معصوم ٻارڙي جي مرڪ جيان ماءُ جي محبت ۽ سچائيءَ جو ڪو به مذهب ناهي هوندو.
جبران جي ماءُ ڪاملا ۽ ڀيڻ مريانه کان علاوه سندس زندگيءَ ۾ ٻيون پنج عورتون آيون، جن سندس زندگيءَ ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ کيس عاشق ۽ اديب بڻائي ڇڏيو. انهن ۾”مي زياده“ نالي هڪ ڇوڪري به هئي، جنهن لفظن جي جادوگر جبران سان بنان ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ ۽ ڏيٺ ويٺ جي اوڻيهه سال ڪاغذ جي بي زبان ٽڪرن تي عشق ۽ محبت جو سلسلو هلايو ۽ اهو سلسلو جبران جي موت تائين مسلسل هلندو رهيو، پر ڪڏهن به هڪ ٻئي کي آمهون سامهون نه ڏٺائون. وڏا وڏا وعديٰ ۽ وچن ڪيائون، پر عملي طرح ناڪام رهيا، ’مي زياده‘ ئي هئي، جنهن جبران کي سياسي ۽ قومي مسئلن لکڻ لاءِ قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو. محبت جو اهڙو مثال محبت جي ڪنهن به تاريخ ۾ نٿو ملي.
’مي زياده‘ هڪ ڀيري خط لکندي جبران کي لکيو: ”مان نٿي سمجهي سگهان ته مان ڀاڳ ڀري رهي آهيان، پر ايترو سو ڄاڻان ٿي ته مون کي تو سان پيار آهي ۽ مون پيار ۽ محبت کان وڌيڪ خواهشون ۽ اميدون تو سان وابسته ڪري ڇڏيون آهن، پر ڊڄان ٿي ته منهنجي ڪا به خواهش شايد پوري ٿي نه سگهي ۽ هر خواهش صرف خواهش ئي رهجي وڃي. مان ڪيڏو نه بهادريءَ، بي شرمائيءَ، همت ۽ بي پرواهيءَ سان هي ڳالهيون توڏانهن لکي رهي آهيان، چڱو ٿيو جو اهي ڳالهيون پرپٺ ۽ لکت ۾ توکي چئي رهي آهيان، پر جيڪڏهن تون هن وقت مون آڏو هجين ها ته هي ڳالهين چوڻ کان پوءِ جيڪر ڪڏهن به تو کي پنهنجو منهن نه ڏيکاريان ها. جيستائين تون منهنجيون چيل سڀ ڳالهيون وساري نه چڪو هجين ها، تيستائين ڪڏهن به تو سامهون نه اچان ها. مان پنهنجي ههڙيءَ همت ۽ بهادريءَ تي هينئر شرمسار آهيان، چاهي منهنجون ڳالهيون صحيح هجن يا غلط ... پوءِ به منهنجي دل تو سان گڏ آهي، تون جتي به هجين منهنجي هيءَ دل سدائين تنهنجي نالي پٺيان ڌڙڪندي رهندي.“
سلميٰ ڪرامي نالي هڪ عورت به هئي، جنهن لاءِ جبران خود لکيو: ”سلميٰ ڪرامي پهرين عورت هئي، جنهن مون کي محبت جو مفهوم سمجهايو، محبت جي جادوءَ سان منهنجون بند اکيون کوليون.“
’باربرا ينگ‘ اها عورت هئي، جنهن سڀ کان پهرين جبران جي موت کان ست سال اڳ جبران جي حياتيءَ تي هڪ ڪتاب ”لبنان جو سپوت“ لکي، جبران جي چاهيندڙن جي قطار ۾ شامل ٿي وئي. عورتون هونئن به ڏاڍيون چالاڪ ٿينديون آهن، پر هيءَ مائي وڏي چالاڪ ۽ هوشيار هئي. 1923ع ۾ جبران جو ”پيغامبر“ ڪتاب پڙهي، کيس هڪ ٺاهوڪو تعريفي خط لکيائين. جبران به عاشق مزاج ۽ حسن پرست اديب هو، سو موٽ ۾ پنهنجي اسٽوڊيو ۾ اچڻ جي دعوت موڪليائينس. مائي باربرا ينگ به خط ملڻ سان مينهن واءُ ڪندي اچي جبران وٽ سهيڙي. مائي باربرا لکيو ته، ”مان جيئن ئي جبران جي ڪمري تي پهتس ته هو ايئن مسڪرائيندي مون ڏي وڌيو ڄڻ ورهين جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ دوستي هئي.“
جبران جي سوانح عمري لکندي باربرا لکيو ته، ”جيڪڏهن جبران پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪو نظم لکي ها، ۽ نه ئي ڪا تصوير بڻائي ها، تڏهن به هڪ سچي انسان جيان، دنيا جي سچائيءَ تي سندس هٿ اکر ۽ ٺلهي صحيح ضرور موجود هجي ها، جبران جي اندر ۾ سانڍيل سچائي، وقت ۽ قيد کان آزاد آهي ۽ هن کي ڪڏهن به موت اچي نٿو سگهي.“
باربرا لکي ٿي ته، هڪ ڀيري جبران مون کي چيو: ”فرض ڪر ته ڏاڍ، جبر ۽ تشدد ڪري تو کي سڀ لفظ وسارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ۽ رڳو ست لفظ ياد ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته تون ڪهڙا لفظ ياد رکندين.“
باربرا پنج لفظ ٻڌايا: ”پالڻهار، زندگي، محبت، حسن ۽ ڌرتي...“ پوءِ جبران کان پڇيائين، ته باقي ٻه لفظ توکان پڇان ته تون ڪهڙا چونڊيندين، جبران وراڻيو: ”تون ۽ مان ...“ ڇو ته جيڪڏهن هي ٻه لفظ نه هجن ته پوءِ ٻين لفظن جي ڪا به حيثيت نه آهي ۽ انهن جي ڪا به ضرورت باقي نٿي رهي.“ ۽ آخر مرڻ وقت باربرا ئي هئي، جيڪا خليل جبران جي پيرن کان ويٺل هئي.
ان کان علاوه ’ميري هيسڪل‘ يا ’ميري خوري‘ ۽ ’ايملي ميچل‘ يا ’ميچلس‘ نالي عورتون به جبران جي جيون جو حصو رهيون ’ميچلس‘، ته جبران سان شاديءَ جي لالچ ۾، جبران جي ڪڍ دنيا جو سفر ڪيو، پر جبران جي جواب ڏيڻ کان پوءِ غائب جو ٿي ته وري واپس نه وري.
جبران: شاعر ۽ مصور
جبران شاعري به ڪئي، جنهن جو ڪافي حصو هن زندگيءَ جي شروعات ۾ لکيو: جڏهن جبران ڏٺو ته عرب شاعر، ڏکيا ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ استعمال ڪن ٿا، تڏهن هن عام فهم ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي. پنهنجي هڪ شعر ۾ لکيائين:
”سمنڊ ۾ اٿندڙ ڇوليون، جڏهن ڪناري جو چڪر هڻي واپس موٽيون، تڏهن مون واريءَ جي جسم مٿان هڪ سٽ لکي، ۽ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ جيڪو ڪجهه هيو، مون اهو سمورو فلسفو ان سِٽ ۾ سموهي ڇڏيو. جڏهن سمنڊ ۾ چاڙهه آيو ۽ ڇوليون ڪناري مٿان ڪاهي آيون، تڏهن مان پنهنجو فلسفو (تحرير) پڙهڻ ۽ ان تي سوچڻ لاءِ واپس موٽيس. مون ڏٺو ته هاڻي سمنڊ جي ڪناري وٽ واريءَ جي ڇاتيءَ تي منهنجي پنهنجي بيوقوفي، جاهليت ۽ لاعلميءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به لکيل ڪونه هو.“
جبران سترنهن ورهين جي عمر ۾ چترڪاري ۽ مصوري به ڪئي، جڏهن عرب فلسفين جي فلسفي جو مطالعو ڪندي، انهن جي روشنيءَ ۾ ڪجهه خيالي تصويرون ٺاهي، عملي زندگيءَ ۾ قدم رکيائين ۽ هڪ مصور جي حيثيت سان بوسٽن جي هڪڙي اسٽوڊيو ۾ پنهنجي تصويرن جو نماءُ ڪيائين، پر سندس قسمت به هر غريب فنڪار وانگر ڦٽل هئي، اوچتو ئي اوچتو ان بلڊنگ ۾ باهه ڀڙڪي اٿي ۽ سندس سڀ تصويرون سڙي رک ٿي ويون. ڏسندي ڏسندي سندس پهريون پورهيو باهه جي شعلن حوالي ٿي ويو، پر پوءِ به همت نه هاريائين. اڄ به سندس ڪيتريون ئي تصويرون محفوظ آهن، جيڪي هن ان سانحي کان پوءِ ٺاهيون ۽ جڳ ۾ سندس نالو مصور جي حيثيت سان پڻ روشن رکيو ٿيون اچن.
منصور قادر جوڻيجو
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 750
Kitab Jo Nalo : KHALIL JIBRAN JOON KAHANYOON

Compiled by: Danish Nawaz
First Edition © Roshni 2016
Pages : 280
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG