TANQEED AIN TANQEED NIGARI(IRTQAI JAEZO)










































تعارف
بدر ابڙي جو ڪتاب ”تنقيد نگاري- ارتقائي جائزو” پنهنجو تعارف پاڻ آهي. ان جي پهرئين جملي کان ۽ پهرئين عنوان جي مضمون پڙهڻ سان ئي ڪتاب جي پهچ ۽ گهرائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو، ۽ دل ۾ زوردار اُتساهه جاڳي ٿو ۽ اميد اُڀري ٿي ته اڳتي پڙهڻ سان اُن مان ڪا اَملهه ڳالهه معلوم ٿيڻي آهي- ۽ اُن جي تلاش ۾ پڙهندڙ پنهنجي من کي اُڌمجندو، ڪتاب کي اڳتي ۽ اڳتي پڙهندو محسوس ڪري ٿو.
بدر ابڙي هيءُ ڪتاب جيل ۾ لکيو. پاڻ ٽي سال ۽ ڏهه مهينا (4 نومبر 1980ع کان 29 آگسٽ 1984ع تائين) باندي رهيو، سينٽرل جيل ڪراچيءَ جي هڪ ئي کوليءَ ۾: مٿس الزام هو ته هو بندش پيل ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ ۽ اُن جي ’زير زمين‘ اڳواڻ ڄام ساقيءَ جي زير ڪمان، حڪومت وقت جي بيخ ڪنيءَ جي ڪم ۾ مصروف هو: جيلن ۾ رهي، اسان جا بهادر جوان اهڙا سڀ- پرئين سهڻا ۽ سالم ڪتاب لکي سگهن ٿا، ان دل افروز حقيقت مان اسين، انهن جا مائٽ، استاد، دوست ۽ ساٿي گهڻيئي سبق سکي سگهون ٿا. بهادر ٿيڻ جا، سچ سان سر لڳائڻ جا، انسانن سان قرب ۽ وفا جي نباهڻ جا ۽ وڏي ڏک ۽ تڪليف ۾ پهاڙ بڻجي، هميشه مٿي ۽ پري ڏسڻ جا.
هن ڪتاب جي لکڻ ۾ بدر کي جيڪا محنت ڪرڻ پيئي هوندي، ڪتابن جو جيڪو مطالعو ڪرڻو پيو هوندو ۽ جيتري من جي پيڙَ پنهنجي سوچ کي يڪجا ۽ مُنهائتي ڪرڻ ۾ سَهڻي پيئي هوندي، اِهي ڳالهيون اسان مان اُهي ئي ڪنهن حد تائين محسوس ڪري سگهندا، جن ههڙا ڪتاب رٿيا هوندا، ۽ اُنهن لاءِ تياريون ڪيون هونديون ۽ اهي واقعي لکيا به هوندا.
بدر ابڙي جو هي پهريون ڪتاب آهي، ۽ اُهو پاڻ ڏکين حالتن ۾ لکيو اٿن- اِن ڪري اِن ۾ ڪي ضعف ۽ خال پوري ڌيان ۽ سوچ سان پڙهندڙن کي محسوس به ٿين، پر هڪ ڳالهئين اُهي هن ڪتاب جي قدر ۽ پسنديدگيءَ لاءِ پاڻ مهميز جو ڪم ڏيندا، جو اُهي پڙهندڙن جو ذهن پاڻ ڏانهن ڇڪيندا، کين ويچار جو موقعو ڏيندا ۽ وڌيڪ تلاش ڏانهن مائل ڪند.
انسان سماج ۾ جو رهڻ لڳو، ۽ گڏجي گذاري جا جتن ڪرڻ لڳو، ته ابتدا کان ئي هن کي ’تور تڪ‘ سان منهن ڏيڻو پيو، تنقيد کان ڪم وٺڻو پيو. ڇا ۾ فائدو، ڇا ۾ نقصان، ۽ اُن حوالي سان ڇا ڀلو، ڇا برو، ڪيترو هي، ڪيترو هو، وڌ، گهٽ ۽ ائين انسانن بابت ۽ شين بابت هن کي فيصلا ڪرڻا پيا، ۽ اُن سڀ لاءِ هن کي، پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ مطابق وزن، ماپا ۽ قدر ٺاهڻا پيا، جن جي آڌار تي هن کي پنهنجي رهت کي، چال چلت کي، ڪنهن پورائي ۾، ڪنهن قدر ۽ وزن ۾، رکڻو ٿي پيو. اِهو پنهنجي عمل کي پورائي ۾ رکڻ، وزن ۽ اعتدال ۾ رکڻ جو شرط، يا اُن جي ڳالهه، هڪڙي ڪنهن شخص اڄ، يا ڪي چند سؤ سال اڳ، ڪنهن هڪ مذهب يا دين ئي رڳو ڪانه ڪئي- ۽ رڳو ڪري ئي ڪانه ڇڏي: پر اول کان سماج ۾ انساني زندگيءَ جي فروغ لاءِ اِهو شرط لازمي ۽ اٽل هو- ۽ جيئڻ لاءِ توازن جي، اعتدال جي، اُن شرط جي تلاش ۽ ان سان نباهه جي ڪوشش، سماج ۾ رهندڙ انسان شروع کان ۽ لڳاتار بدلجندڙ حالت ۾ ڪندو پئي آيو آهي، ۽ اڄ به هن جي اها تلاش ۽ اها ڪوشش ائين جاري آهي، جيئن پهرين انسانن کي اُها درپيش هئي.
تحريڪ ۽ تبديل جي هوڏي ۽ اورچ موجودگيءَ ۾ زندگيءَ جي گهربل توازن يا اعتدال جي نوعيت به بدلجندي ۽ بلند ٿيندي رهي آهي، ۽ ان جا قدر ۽ ماپا به بدلبا ۽ بهتر کان بهتر ٿيندا رهيا آهن. زندگيءَ جي هر ڪم، هر سلسلي، هر انتظام جي اصول ۽ فلسفي جي تاريخ ۾ اسان کي انساني قدرن جي انهيءَ ارتقا جا عڪس ۽ نشان موجود ملن ٿا. مذهب جي فلسفي ۾، سياست جي فلسفي ۾، ثقافت جي فلسفي ۾، ۽ ائين تاريخ، تعليم، فنون لطيف (ادب وغيره) جي، ۽ ٻين سلسلن جي فلسفن ۾، تنقيد، جيڪا پڻ هڪ ’فلسفو‘ آهي، جنهن جو پڻ هڪ فلسفو آهي- خود فلسفي جو به. ڇو ته جيڪو به فلسفو، جنهن به سلسلي جو فلسفو، تنقيد جي عمل کان، ’تور تڪ‘ جي عمل کان، پاڻ کي بالاتر ٿو سمجهي، اهو وقت کان ويل ۽ مئل فلسفو آهي. ۽ ڪيتريءَ به پنهنجي پرستاريءَ ۽ خود ثنائيءَ ۾ اهو محو هجي، ان جو اهو ’پڃرو‘ پوءِ رڳو تاريخ جي مسترد ڍيرن مان، ڪنهن ڍير جي ئي حوالي ٿيڻ لاءِ هوندو آهي. ائين جيتوڻيڪ تنقيد پاڻ به فلسفو آهي، بلڪه فلسفن جو فلسفو آهي، ۽ اُن جي عمل کان ڪوبه فلسفو ٻاهر نه آهي، پر ڪافي زماني کان، تنقيد جو دخل، هڪ خاص علمي ضابطي طور، فنون لطيف تائين محدود ۽ فنون لطيف لاءِ ئي مخصوص رهندو پئي آيو آهي: ايتري قدر، جو خود تنقيد تي، اُن جي اصولن تي، فلسفي تي تنقيد ٿئي ٿي، ته به خاص فنون لطيف جي حوالي سان ٿئي ٿي: ۽ اُهو انهيءَ ڪري آهي، جو فنون لطيف ئي خصوصي طور انساني رهت ۾ انساني قدرن ۽ ماپن جي حيثيت جي اُپٽار جا واهڻ ۽ ذريعا آهن. اُنهن جي سچ ۽ ڪوڙ، مهل ۽ ڪُمهل، اصل ۽ ظاهر، ڪارآمد ۽ بيڪار هجڻ وغيره جي اُپٽار جا. اُن کان به وڌيڪ خصوصي طور، تنقيد کي گهڻي وقت کان ۽ عام طرح، رڳو ادبي تنقيد تائين ئي محدود رکيو ويو آهي- بلڪه خود تنقيد کي به ادب (عاليه) جي ئي مد ۾ شماريو ويو آهي- اهو وڌيڪ انهيءَ سبب ڪري به، جو ادب ۽ تنقيد ٻنهي جي بيان ۽ اظهار جي پوشاڪ هڪ ئي آهي، يعني ٻولي، ۽ اُهائي انساني خيالن جي ترتيب ۽ ڏي وٺ جو پڌرو ۽ واحد وسيلو آهي. ائين، بدر ابڙي جي زير نظر ڪتب ”تنقيد نگاري، ارتقائي جائزو“، واجبي طور، دراصل ادبي تنقيد نگاري، يعني ادبي تنقيد ۽ ان جي عمل جوئي ارتقائي جائزو آهي.
فنون لطيف، يا رڳو ادب به پنهنجي پنهنجي صنفن ۾، زندگيءَ جي رهت جا ئي صورت گر هجن ٿا، انهيءَ ڪري اُهي زندگيءَ جي قدرن جي سماجي حيثيت لاءِ آئيني جو ڪم ڏين ٿا، بلڪه پنهنجي انهيءَ ڪارج سبب فنون لطيف، يا رڳو ادب، جو ڪم ئي انساني قدرن جي روشنيءَ ۾ انساني رهت جي تور تڪ آهي. اهڙيءَ طرح تنقيد جو ڪم به هڪ ئي آهي- ۽ اهو وري ان جي ابتڙ، انساني رهت جي روشنيءَ ۾ انساني قدرن جي تورتڪ ڪرڻ آهي. انهيءَ طرح (ادب) تنقيد سڄيءَ انساني رهت ۽ ان جي هر (انفرادي توڙي اجتماعي) ڪردار جي تورتڪ ڪرڻ جو اختيار به رکي ٿي ۽ ان لاءِ هردم موقعي جي تلاش ۾ رهي ٿي- ۽ اِئين اها سماجي صورتحال جي ڪٿ ماپ، پردي- کول ۽ ان بابت ’رد ۽ قبول‘، يعني ان جي اصلاح ۽ تبديل لاءِ هڪ آزمايل، اڻ گس ۽ اٽل هٿيار تسليم ٿيل آهي.
انهيءَ ڪري تنقيد ڇا آهي، ڇا رهي آهي، تنقيد نگاريءَ ۾ ڇا ٿو ٿئي، ڇا ٿيندو آيو آهي، ۽ اُها پنهنجي اصول ۽ عمل ۾ ڪيئن آزاد اڳتي وڌندي رهي آهي، ۽ ڪيئن ۽ ڪٿي گُهٽجي، بتال ٿي آهي ۽ ان جا فيصلا بجاءِ انساني ترقيءَ ۽ نجابت جي، انساني زوال ۽ نحوست جا سبب بڻيا آهن. اِئين ان جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ ۽ انسانيت جي ارتقا ۾ ان جي عملڪاريءَ کان واقف ٿيڻ، اعليٰ انساني تربيت ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ وڌيڪ پيشقدميءَ لاءِ بيحد اهم ۽ اٽل ضرورت جي ڳالهه آهي.
جديد دؤر جي استاد هجڻ جو جيڪو حق ۽ شرف دستوري تاريخ جي هٿان يورپ کي مليل آهي، ان جي ناتي، ادبي تنقيد نگاريءَ جي رسمي ابتدا به، ٻين تقريباً سڀني علمن جي اهڙيءَ ابتدا وانگر، يونان کان ٿيل ڏَسي وڃي ٿي، ۽ زير نظر ڪتاب ۾ به، سَنَد سان اُن جا پهريان استاد سقراط (وفات 399 ق. م)، افلاطون (وفات 347 ق. م) ۽ ارسطو (وفات 399 ق. م) چيا ويا آهن، ۽ پوءِ ان جا سڀ ارتقائي دؤر يورپ ئي جي حوالي سان بيان ڪيا ويا آهن. ۽ اسان جو واقعي يونان کي ۽ يونان جي هنن امر استادن ۽، پنهنجيءَ جاءِ تي، يورپ جي ٻين عالمن ۽ لاثاني مفڪرن کي سلام آهي. پر وقت آهي، جو اسين مغرب جي اِن فوقيت واريءَ حيثيت جو ان جي رهت ۾ اظهار ڏسون، ۽ انهيءَ روشنيءَ ۾ اُن جي زير تعميل قدرن جي تور تڪ ڪيون- ورنه اهو گذريل تقريباً پنج سؤ سالن کان باقي سڄيءَ دنيا کي علم ۽ هنرڪاريءَ (Saience and Technology) جي برتريءَ، بلڪه هڪ هٽيءَ تي آڌاريل پنهنجي سامراجيت جي چڪيءَ ۾ پيڙيندو، کائيندو ۽ هضم ڪندو رهيو آهي، اُن کان ڇوٽڪاري جي منزل طرف پوئتي رهجي ويل، مشرق کي پوري ڪنهن اثرائتي پهرئين قدم کڻڻ ۾ به ڪافي دير لڳي ويندي ۽ وڏي ڪا طويل مدت اڃا به اسان جي پراڻيءَ دنيا کي انهيءَ نئينءَ دنيا جي تابعداريءَ ۽ غلاميءَ ۾ ڪاٽڻي پوندي.
ان سلسلي ۾، اسان کي پنهنجي سنڌ ۽ هند جي قديم علمي ۽ هنرڪاري حيثيت جو جائزو به وٺڻو پوندو. خاص طور سنڌ ۽ هند جي قبل ازل اسلام بلڪه قديم يونان جي همعصر ۽ ان کان به گهڻي اڳ (قبل از آريه دؤر ۽ ان کان پوءِ ويدڪ دؤر: 15 کان 5 صدي ق. م) جي علمي ۽ هنرڪاري حاصلات کي ڏسڻو پوندو ۽ ان جي تور تڪ ڪرڻي پوندي، ته آخر ڪيئن ۽ ڪٿي اسان جا قدر ناڪام ۽ فيصلا بتال ٿيا، جو ڄاڻ ۽ هنرڪاريءَ جي راهه ۾ پراڻيءَ دنيا جي اُنهيءَ پهرينءَ پيشقدميءَ ۾ اسان جا ايڏا اهم ۽ اڳرا قدم کنيل هئا، ۽ پڻ قديم يونان جي سڄي رڪارڊ ٿيل علم ۽ هنر جيترو ۽ اُن کان به وڌ علم ۽ هنر اسان وٽ موجود هو، بلڪه يونان جو گهڻي قدر اهو علم ۽ هنر، تحقيق نگارن جي هڪ چوڻ موجب، هتان اسان وٽان ئي نِيلُ هو- ته به اسان جي پنهنجي رهت ۾، پوءِ اسان جا اهي ئي قدر ۽ اهي ئي سوچ جا فيصلا، اسان جي وڌيڪ ترقيءَ ۽ سُکَ لاءِ، اسان جي پيش نما بڻئي رهڻ بدران اسان جي هيتري زوال ۽ ڏک جا سبب بڻجي ويا، جو ڪِرندا ڪِرندا، نيٺ مغرب جا اڄ اسين ايڏا ٻانهن ٻڌا نفر بڻيا بيٺا آهيون، جو اُن جي بني آدم وروڌي سامراج جي توتارن تي احمقن وانگر نچي رهيا آهيون، ته جيئن اُهو سامراج بچي، ۽ اُن جو نجي پونجيءَ ۽ ملڪيت وارو حيواني مقابله آرائيءَ وارو نظام بچي، جنهن جا اسين پاڻ به شڪار آهيون. ۽ اهو سڀ رڳو ان ڪري جو، ان ۾ اسان جي ڪن نجي ملڪيت وارن جون نجي املاڪون بچن ٿيون! ۽ اهي ئي اسان جا پونجي پتي ۽ ملڪيت دار طبقا انهيءَ ئي سبب، پنهنجن انهن مغربي آقائن جي اثر ۽ اشاري هيٺ، پنهنجي پست پئجي ويل رهت جي مدي خارج (Out of date) ۽ زواليل (Decadent) انساني قدرن تي اسان جي عصري تنقيد جي سچائيءَ کي گُهٽيو، ٻوساٽيو ۽ انهن بابت اسان جي فيصلن کي بي ساهو ۽ بتال ڪيو بيٺا آهن!
انسان رهت جا قدر، پنهنجي پنهنجي دور جي حوالي سان سائنسي، ترقي پسند ۽ انقلاب آفرين به ٿين ٿا، ۽ غير سائنسي، رجعت پسند ۽ زوال پذير به. انساني دنيا ۾ پهريائين مشرق بربريت يا جهنگلي پڻي (The hunter-gatherer Society) مان ٻاهر نڪري، تهذيب جي طويل راهه تي قدم رکيا، ۽ انهيءَ اوليت ۾ سنڌو تهذيب اڳري به هئي. ڪيئي هزار سال نه ته، ڪيئي صديون اڳري، اڳتي وڌي، غلاميءَ جي دؤر مان پار پئي، جنهن د‍ؤر ۾ يورپ جو يونان به ان سان اچي همقدم ٿيو هو. جاگيرداري دور ۾ مشرق جڏهن پير پاتو، جنهن کي ڪي ”انسانيات“ جا ماهر ”ڌنارڪو زرعي دور“ (Postoral Agricultural) به چون ٿا (انهن مان بنهه هاڻوڪي هڪ عالم جي چوڻ موجب پاڪستان جو ڪثير علائقو “Most of Pakistan” اڄ به گذري رهيو آهي)، ته تهذيب جي اُنهيءَ ڌنارڪي زرعي ڌٻڻ ۾ اسين ڦاسي پياسين، ۽ يورپ اڳتي وڌي صنعتي دور ۾ ۽ ان جي بورجوا (درميانه طبقاتي) جمهوري رهت ۾ داخل ٿيو، ۽ پنهنجي برتر ڄاڻ ۽ هنر ڪاريءَ مان طاقت جو ڪم وٺندي، اسان تي ڇانئجي ويو، ۽ اڃا تائين اسين ان جي سامراجيت جي ڄار ۾ ڦاٿا، اڌ مُئا ۽ اڌ جيئرا ساهُه کڻي رهيا آهيون. ۽ ان وچ ۾ دنيا جو ڪافي هڪ نمايان حصو تمام وڏو هڪ قدم اڳتي کڻي، اعليٰ صنعتي دور ۾، ۽ ان جي عوامي جمهوري رهت ۾، داخل ٿي چڪو آهي، جيڪا رهت ۽ جنهن جا سيڪيولرسٽ سوشلسٽ (دنيائي اشتراڪي) قدر، اڄ دنيا جي پوئتي رهجي ويل غلام ۽ محتاج سماجن لاءِ انقلاب جو سڏ ۽ ڇوٽڪاري جي واٽ ثابت ٿي رهيا آهن.
پر تمام گهڻي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اهو ئي مغرب جيتوڻيڪ ساڳئي ان اعليٰ صنعتي دور ۾ شامل به آهي، بلڪه هڪ طرح ان ۾ پيش پيش ئي آهي، پر ان جي رهت جا قدر ان اڳڀري دور پٽاندر سيڪيولرسٽ سوشلسٽ نه، پر اُهي ئي ان جي اڳئين صنعتي دور جي بورجوائي جمهوري رهت جا سيڪيولرسٽ ڪئپيٽلسٽ ۽ اسپيرئلسٽ (دنيائي سرمايه دوست ۽ سامراجي) قدر آهن. ۽ اهو هڪ وڏو المناڪ تضاد آهي، جنهن ۾ ’مغرب‘ اڄ ورتل آهي، ۽ سڄو اهو پاڻ ۽ ان جي زير حڪم ۽ زير اثر جديد نوآبادياتي ٻي ڪافي وڏي دنيا ان اعليٰ ڄاڻ ۽ هنرڪاريءَ ۽ ادنيٰ رهت جي ادنيٰ قدرن واري تضاد جا زهريلا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، ۽ ان جي ائٽمي هنرڪاريءَ جي قيامت خيز جنگي ممڪنات جي خوف ۾ سوشلسٽ دنيا سميت ڪل انساني دنيا ۽ خود ان مغرب جو پنهنجو به اڄ پورو ساهُه مُٺِ ۾ آهي.
مغربي سامراج جي مفادي تقاضائن جي نتيجي ۾، برصغير هند ۽ سنڌ کي، دنيا ۾ سامراج جي ٻين بيٺڪي ملڪن وانگر، ڦرجڻو ۽ ڊانوان ڊول ٿيڻو ئي هو: ۽ ائين ان قابض سامراج اسان کي صنعتي دور ۾ به ته ڪنهن پوري ڍنگ سان پير وجهڻ نه ڏنو. ان کان وڏي اعليٰ صنعتي دور تائين. اهڙين حالتن ۾، اسان جي پهچڻ جو خواب ته اڃا خواب ئي رهڻو آهي. پر اِن سامراج، ان سڄيءَ طويل مدت ۾، ويندي اڄ تائين به، اسان جي ڏيهي ’حڪمرانن‘ ۽ ’وڏ-گهراڻن‘ لاءِ پنهنجي مڪاني منصب جي حفاظت جو ٻيو ڪو رستو به باقي ڪونه ڇڏيو، سواءِ ان جي ته هو پنهنجي ان پست حاليءَ جي پَتِ رکڻ لاءِ، پنهنجي ڌنارڪي زرعي دور جي قبائلي رهت ۽ ان جي فوق الفطري ۽ فوق البشري آمرانه قدرن جي چک مهٽ ڪندا رهن، انهن کي به صنعتي دور جي قدرن جهڙا ملڪ ان کان به اڳڀري صنعتي دور جي قدرن، يعني سوشلسٽ درن کان به برتر قدر ثابت ڪن، ۽ عوام جي شعور کي دونهاٽڻ ۽ دٻڙاٽڻ لاءِ .....پنهنجي ديومالائي (Mythological)، فوق طبيعي (Meta-Physical) ۽ افلاڪي (Theo-logical) قدرن جي ابديت ۽ ازليت جون وڏي جوش خروش سان دعوائون ڪندا رهن ۽ سڄين سندن ازليت ۽ ابديت جي انهن دعوائن جو اصل آڌار ڇا تي؟ هن ڳالهه تي ته، ”انسان پنهنجي هستيءَ ۾ ڪجهه نه هو، پر غيب پنهنجي ’هستيءَ‘
۾ ’سڀڪجهه‘ هو“؛ ۽ مقصد ڇا؟ هيءُ ته ”ڌنارڪو-زرعي سماج جئين هو، تيئن غيب جي منشا موافق هو، ۽ اهو ائين رهڻو هو.“ هند ۽ سنڌ ۾ مغربي سامراج جي تسلط جو سڄو دور اسان وٽ بس انهيءَ قسم جي ذهني ڪيفيت ۾ گذريو ۽ اڃا به گذري رهيو آهي. اسان جي سڄي قابل قبول ۽ ’قانوني‘ سياست، سڄو معاشرو ۽ سڀ اسان جا ڪم ۽ سلسلا، تعليم جا، اقتصاديات جا ۽ (ادب سميت) سڄي فنون لطيف جا، انهن ڌنارڪي زرعي دور جي اهڙن قدرن جا آئينه دار رهيا آهن. يعني، ڦري گهري انهن جا تعريفي ۽ ڀرجهلائو. صنعتي دور ۽ ان جي بورجوائي جمهوري رهت جا، اعليٰ صنعتي دور ۽ ان جي عوام جمهوري رهت جا سائنسي، ترقي پسند ۽ انقلاب آفرين قدر ان وچ ۾ رڳو لِڪي لِڪي، ڊڄي ڊڄي بيان ٿيندا رهيا آهن- سزائن هيٺ، قيد ۽ بند ۾، ڏنڊن ڀريندي، ڦٽڪن سهندي ۽ ڦاهين تي چڙهندي. بدر ابڙي پنهنجي هن ڪتاب ”تنقيدنگاري، ارتقائي جائزو“ ۾ انهن باغي انقلاب آفرين ماپن ۽ قدرن جو به ذڪر ڪيو آهي. ”سوشلسٽ ريئلزم“ جي عنوان هيٺ، ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ پڇاڙيءَ ۾ اسان جي ڪلاسيڪي ادب جي عظيم، لافاني شاعر، لطيف سائينءَ جي فڪر جي تور تڪ پيش ڪرڻ جي به حوصله مند ڪوشس ڪئي اٿن.
ادبي تنقيد جو هيءُ مختصر پر ملهائتو ڪتاب، جنهن کي تنقيدي اصولن ۽ تورتڪ جي قدرن ۽ انهن جي ارتقا جو نچوڙ چئجي، تَتَ چئجي، بدر ابڙي ڪال ڪوٺڙيءَ مان اسان لاءِ انهن سمورن، اُمنگن ۽ ان سڄي علمي احساس ۽ شعور سان لکيو آهي، جيڪو انساني سماجي زندگيءَ جي سڄيءَ تاريخي ارتقا ۾ موجود آهي. مون کي اميد آهي ته اسين ان جا پڙهندڙ، ان جو پورو مطالعو ۽ ان تي ويچار به اهڙي ئي جذبي ۽ اُمنگ سان ۽ اهڙو ئي سجاڳ شعور دل ۾ رکي ڪنداسين. ۽ پوءِ ئي اسين ان سان اها روشني ۽ اهو لاڀ پائي سگهنداسين، جيڪو ان جي نيڪ دل سٻاجهي لکيڪ اسان کي ڏيڻ گهريو آهي.
محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد، سنڌ
16 آڪٽوبر 1985ع

https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 724
Kitab Jo Nalo : TANQEED AIN TANQEED NIGARI(IRTQAI JAEZO)

by: Badar Abro
First Edition © Roshni 2015
Pages : 192
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG