PATHARAN JO SHEHAR (Novel)






































”پٿرن جو شهر“ جا ٽيهه صفحا آئون يڪساهي پڙهي ويس. ناول فرسٽ پرسن ۾ لکيل آهي ۽ ان جا مرڪزي ڪردار ملهار ۽ ساونت آهن. ٻئي سٺا دوست آهن. ڪهاڻي، يونيورسٽيءَ کي ڇڏي، جڏهن ملهار جي ڳوٺ پهچي ٿي، ته مومل جو ڪردار ائين اڀري ٿو اچي، جيئن سانوڻ جي پهرين رُت جي پهرين کنوڻ ۽ ڪڻي. آئون سوچڻ لڳس ته اڳتي ڇا هوندو. ملهار، جيڪو سٺو پڙهندڙ هڪ يونيورسٽيءَ جي ڇوڪري وينگس جي عشق ۾ الجهي ٿو وڃي، کيس خبر ئي ڪانهي، ته مومل ساڻس ڪيڏو پيار ڪري ٿي. هو مومل کي ڀيڻ سمجهندو آ، جا سندس ماسات آهي. ٻيو مرڪزي ڪردار ساونت، جيڪو نه فقط بهترين پڙهندڙ آ، پر بهترين صحافت جو ڪردار نڀائيندو ٿو رهي ۽ کيس خطرناڪ حادثي پيش اچڻ کان پوءِ به صائمه جاگيردار جي ڌيءَ هوندي، ساڻس بي انتها پيار ڪري ٿي.
سٺ وارو ڏهاڪو وڏي هڻ هڻان جو ڏهاڪو هو، اهوئي ڏهاڪو سنڌي ادب جي عروج جو ڏهاڪو هو ۽ شيخ اياز هڪ giant جيان نمايان ٿي اڀريو. اهو زمانو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو نمايان دور لکيو ويندو. حيدرآباد ۾ اسان جي پنهنجي جدا چنڊال چونڪڙي هوندي هئي، جنهن جو اڳواڻ شمشير الحيدري هو. غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف هندستان ويا هئا ۽ اسان هندستان جي جديد ادب کان واقف ٿيا هئاسين. آئون خط لکندو ئي ناهيان، پر موهن ڪلپنا کي مون پاڻ خط لکيو هو، ته تون اهو موهن ته ناهين، جو 1947ع ۾ شامو، گيهي، گرڌاري، گوبند رام سان گڏ پڙهندو هئين. موهن لکيو هو ته: نه مان توکان وڏو آهيان. ٿي سگهي ٿو ڪوٽڙي ۾ تون ڪري پيو هجين ۽ مون توکي سهارو ڏنو هجي. اڄ هندستان ۾ مان ڪري پيو آهيان، پر ڪوبه سهارو ڏيڻ وارو ڪونهي، تڏهن مون کي ٻٽو ڏک ٿيو هو ته هڪ موهن جيڪو مون سان پڙهندو هو، سو ڪهڙي حال ۾ هوندو. ائين آئون گيهي، شامو، رام، گرڌاري ۽ گوبند لاءِ سوچيندو رهيس. ڪوئي ليکڪ گوبند منهنجي ڪلاس فيلو مان به نه هو.
سو شمشير رڳو گلاب پوکيا هئا. افسانه نگار ته پاڻ آيا هئا. عبدالحق عالماڻي، امداد حسيني، شوڪت شورو، غلام نبي مغل، طارق اشرف، پوءِ منير ماڻڪ ۽ مشتاق شورو، راز ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، نثار حسيني ۽ ٻيا الاهي دوست شامل هئا. ٻاهران ايندڙ تنوير عباسي، نسيم کرل ۽ عبدالقادر جوڻيجو ۽ ڪڏهن عبدالڪريم پلي، وفا پلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن راڄ محمد پلي به.
اسان جو اهو لڏو وڏي شانَ مانَ سان هلندو هو. ڏيپلائي، غلام محمد گرامي جو لڏو جدا هو ۽ ريڊيو جو لڏو عبدالڪريم بلوچ، صالح محمد شاهه، غلام نبي مغل، مصطفيٰ قريشي جو الڳ هو ۽ آئون پهريون اديب هئس، جنهن جو ريڊيو سان گهرو رشتو ٺهي ويو هو.
ڪراچي بيچ لگزري هوٽل ۾ شوڪت شورو منهنجي ريڊيو پاڪستان واري لائيف کي کائي ويو، جڏهن ته آئون پروگريسو رائيٽر مان اهو ليکڪ هئس، جنهن ”ٽموجن“، ”چنگيز خان“، ”رني ڪوٽ جا رکوال“، ”کيرٿر جو قيدي“، ”رڃ جا راهي“ ۽ ”گيتن ڀريون ڪهاڻيون“،
”عاشق زهر پياڪ“، ”سانگ مَ وڃن سپرين“ لکي، سڀني ريڊيو ليکڪن جا ٽپڙ ريڊيو ٽيشن تي رکي ڇڏيا هئا، منظور نقوي جي مخالفت جي باوجود به.
روح رهاڻ نڪتو ته اسان سهڻيءَ جي چڪر مان نڪري وياسين ۽ اسان وڏي محنت سان لکندا هئاسين. روح رهاڻ جي نڪرڻ ڪري، اسان طارق اشرف جي ادبي ڊڪٽيٽرشپ ته ”آئون ايڊيٽر آهيان، جيئن وڻندو تيئن ڪندس“ کان بچي وياسين.
ان وچ ۾ جيڪو سڀ کان وڏو معرڪو ٿيو، اهوئي ان دور جي ادبي خوشبوءِ آهي. عبدالحق عالماڻي پراسرار مرڪ سان اسان تي عجيب قسم جون فينٽيسيز لکڻ لڳو، جيئن حفيظ شيخ، شيخ اياز ۽ سکر جي اديبن تي His Master Voice لکيو. عالماڻي ان کان مختلف هو.
هڻي امداد حسينيءَ کي ڪاوڙائي وڌائين. شمشير کي به باهيون هيون. لکوس لکوس، يعني عالماڻي تي لکو ۽ پوءِ ائين به چوندو هو ته آئون لکندوسانس، توهان ۾ ٿوم ئي ناهي. ڪي دوست مري ويا، ڪي يورپ ۽ آمريڪا ڀڄي ويا.
مون ”پٿرن جو شهر“ ناول پڙهيو ۽ سوچيم، ته ان تي ڇا لکان. ان لاءِ ته آئون هر ڪتاب ور ور نه پڙهندو آهيان، پر آئون اهي بهترين ناول جيڪي ور ور پڙهندو آهيان، هي انهن منجهان هڪ آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جو هي ٻيو شاگرد آهي، جنهن ٻيو ناول سنڌ يونيورسٽيءَ تي لکيو آهي ۽ هي ناول ”رهجي ويل منظر“ کي اورانگهي ٿو وڃي ۽ آئون چاهيان ٿو ته ڪو اسان کي به اورانگهي وڃي، ته جيئن سنڌي ادب پنهنجي اصل منزل ڏانهن روان دوان رهي. هن ناول جو معصوم ۽ خوبصورت ڪردار مومل آهي، جيڪو مون کان ۽ ڪنهن به پڙهندڙ کان نه وسرندو- ڊان ڪئيسوٽ وانگر.
ڪنگ ايڊورڊ، مارڪس، لينن، ٽراٽسڪي ۽ اسان جي سائين جي ايم سيد جيان هر ماڻهو، جي عورت سان سچو هجي، ته هيءَ ڌرتي بهشت ٿي پوي، پر هتي بلو ايپل “Blue Apple” جي عاشق مائوزيتنگ جو دور هلي رهيو آهي، جنهن پنهنجي بمن ۽ باهين مان گذرندڙ انقلابي زال کي ڇڏي، صوف جي ڳٽن واريءَ ڊانسر سان شادي ڪئي.
سچ هن ناول جو مهاڳ لکي،آئون پاڻ کي ڏاڍو سڀاڳو محسوس ڪري رهيو آهيان. I am Very Proud full
علي بابا
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 762
Kitab Jo Nalo : PATHARAN JO SHEHAR (Novel)

by: Zahid Gotum
First Edition © Roshni 2016
Pages : 224
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG