MITI’A HAANA MANHU (THE WRITCHED EARTH)

































سڀ اکر، گهڻا لفظ
فرانز فينن، اُهو پهريون ماڻهو آهي، جنهن دنيا جي آڏو پهريون ڀيرو اها ڳالهه پيش ڪئي ته سرمائيدار ۽ سوشلسٽ دنيا کان سواءِ هڪ ’ٽين دنيا‘ به ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي موجود آهي- جا اوسر جون وکون کڻي رهي آهي، ۽ جتي اڃا ’بيٺڪيت‘ (coloialism) جو ديو، پنهنجا خوني چنبا کوڙيو ويٺو آهي. اُن ديو سان ’ين دنيا‘ جا هيڻا، پِتڪڙا، بي سهارا ۽ بي هٿيار انسان، پنهنجي جنم جي حق [آزاديءَ] جي جنگ جوٽيو ويٺا آهن. يورپ، هڪ طرف سائنسي ميدان ۾ بنهه اڳتي آهي، ته ٻئي طرف اُن جي پيشانيءَ تي ٽين دنيا جي ترقي پذير ۽ جديد بيٺڪيت جي شڪار مُلڪن تي ٿيندڙ وحشياڻي ڏاڍ جو ٽِڪو موجود آهي.
اڄ جان پال سارتر جي لفظن ۾: ”ٽين دنيا، پنهنجو پاڻ کي سُڃاڻي ورتو آهي، ۽ اُها فينن جي آواز ۾ پنهنجن ماڻهن سان مخاطب آهي.“
اِن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته يورپ جا سمورا ڏاڍَ، سموريون چالاڪيون، سمورا غلاميءَ کي برقرار ۽ دائمي رکڻ وارا منصوبا، سمورا هٿيار، ’ٽين دنيا‘ ۾ آزاديءَ جي موجود تحريڪن کي خاموش ڪرائي نه ٿا سگهن- ها، آزاديءَ جي حاصلات ۾ دير ته ڪرائي سگهن ٿا، البت روڪي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿا سگهن.
سارتر، سچ لکيو آهي ته: ”اينگلس کان پوءِ فينن، پهريون شخص آهي، جنهن تاريخ جي چُرپر کي ڏينهن جي چٽي روشني بخشي آهي.“
ضرورت اِن ڳالهه جي هئي ته اها ’روشني‘ نه صرف ’ٽين دنيا‘ ۾ پهچي، پر ’چوٿين دنيا‘ [غلام دنيا] کي به اُن روشنيءَ مان ونڊ ملڻ کپي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي، سنڌ جي محب وطن دانشور [چوٿين دنيا جي مفڪر] عبدالواحد آريسر، فرانز فينن جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري، اُهو فرض پورو ڪيو آهي.
فرانز فينن جو هيءُ ڪتاب، دنيا جي بيٺڪيت جي شڪار ۽ غلام قومن جي آئيندي جي تبديل جي منشور جي حيثيت رکي ٿو.
هي ڪتاب ٽن بابن ۽ پُڄاڻيءَ تي مشتمل آهي. سنڌيڪار جي مشوري سان، اسان چوٿون باب ’بيٺڪي جنگيون ۽ نفسياتي بيماريون‘
ڪڍي ڇڏيو آهي، ڇو ته اُن باب جي ايتري ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.
پڪ اٿئون ته هي پورهيو، سنڌي زبان ۽ [سياسي] ادب ۾ ’سنڌيت‘
وارو مقام ماڻيندو.
ادارو( 1983)
قلم تازو:
ڪتاب جي هن ٽئين ڇاپي ۾، پهرئين ڇاپي مان ڪڍيل باب پنجون: ”بيٺڪي جنگيون ۽ نفسياتي بيماريون“ به شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن آزاديءَ کان پوءِ [سامراج سان جوٽيل جنگين جي نتيجي ۾] پيدا ٿيل نفسياتي بيمارين جي به وقت کان اڳي آزادي پسندن کي آگاهي ٿي سگهي.
- تاج جويو

https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 775
Kitab Jo Nalo : MITI’A HAANA MANHU (THE WRITCHED EARTH)

by: Franz Fenin
Translated by: Abdul Wahid Areeser

First Edition © Roshni 2016
Pages : 328
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 375.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG