HASHOO KEVALRAMANI






















































هو نه هوندو هو حشو!
جنم : 14 ڊسمبر 1914ع
شهر : ڀريا (هاڻوڪي ضلعي نوشهروفيروز جو تعلقو،
هيڊڪواٽر)، سنڌ
پرائمري تعليم : ڪي. سي اسڪول ڀريا
سيڪنڊري تعليم : N.J.V هاءِ اسڪول، ڪراچي
وڌيڪ تعليم : سري لنڪا، انگلينڊ
- 40 واري ڏهاڪي ۾ سنڌي سماج جي مکيه اديبن، سياسي رهبرن، ۽ شاعرن جي تربيت ڪيائين.
جيل ياترا
1940ع- 1942ع: ارڙهن مهينن لاءِ جيل ۾ ويو.
1949ع: 10 مهينن لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي سرگرمين ڪري باندي بڻايو ويو.
جلاوطني
ورهاڱي بعد سنڌ ۾ رهڻ لاءِ هوڏ ٻڌي بيٺو، پر سياسي سرگرمين سبب کيس 1950ع ۾ پاڪستان پبلڪ سيفٽي آرڊيننس هيٺ جلاوطن ڪيو ويو.
جلاوطني کانپوءِ حشوءَ جي زندگي جو خاڪو
انگريزي اخبارن ۾ پاڪستان جي اندروني سياسي مسئلن تي ڪالم لکڻ شروع ڪيائين. ورهاڱي جي عذاب ۾ جان، مال، ملڪيتون ۽ سکيءَ ستابيءَ زندگيءَ تان دستبردار ٿيندڙ سنڌ واسين جي درد ۽ ڀوڳنائن کي پنهنجي ڪالمن ۾ ورجائيندو رهيو.
سنڌ جي اديبن ۽ اهم سياسي اديبن سان خط ڪتابت جاري رکيائين.
1957ع ۾ سنڌو سماج جو اڳواڻ منتخب ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي آئين ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ ٻين سان گڏجي حشوءَ لک ماڻهن جون صحيحون هٿ ڪري انڊيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر کي پيش ڪيون. حشوءَ پارليامينٽرينز کي ڪراچيءَ جو حلوو کارائي سندن دل کٽي ورتي.
انڊيا جي آئين ۾ سنڌي ٻولي 1967ع ۾ شامل ٿي. هن ڪارنامي ۾ حشوءَ جي ڪردار کي وسارڻ نه گهرجي.
ڊسمبر 1958ع ڌاري، سنڌي مختصر آکاڻين نالي ڪتاب لکيائين. سنڌ ۽ هند جي اديبن ۽ اديبائن جي تخليق کي انگريزي ورقن جو ويس ڍڪي، انگريزي ڄاڻيندڙ دنيا ۾ چونڊ سنڌي ادب متعارف ڪرايائين. غلام رباني آگرو، سوڀي گيانچنداڻي، ابراهيم جويو، غلام نبي مغل، جمال ابڙو جيڪي سنڌ جا ته معروف ۽ ڄاتل سڃاتل اديب هئا، پر سندن هندستان ۾ پڻ تعارف ڪرايائين.
فليٽ نمبر 38، ڀڳت سنگهه مارڪيٽ دهلي
پنهنجو دهلي وارو ڀڳت سنگهه مارڪيٽ فليٽ، سنڌي ثقافت ادب ۽ فن کي همٿائڻ جو ماڳ بڻايو هئائين. اتي نوجوان ڪلاڪار، اديب، سياسي ڪارڪنن کي پنهنجي قابليتن جي نماءُ جو موقعو ڏنائين.
1963ع ۾ سنڌي شارٽ اسٽوريز جو ڊلڪس ايڊيشن پڌرو ڪيائين(ان ڪتاب جو مهاڳ ۽ ضميمو پڙهڻ وٽان آهي، اڳتي هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي)
سنڌ ۾ اسان کي حشوءَ جي سياسي فڪر تي ڪوبه اهميت جوڳو، تحقيقي مواد نٿو ملي، جڏهن ته سنڌي ادب ۾ حشوءَ جي اردگرد رهندڙ اديبن ۽ شاعرن کان سندس شخصي زندگيءَ بابت پڻ متعصب رايا ملن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سنڌي پڙهندڙ حشو متعلق ڪوبه چٽو خاڪو ٺاهي نٿو سگهي. ڪي کيس هڪ لا اُبالو ۽ غيرذميوار پاڻ هرتي سنڌي داناءَ طور ڄاڻن ٿا ۽ ٻيا سندس فڪري صلاحيتن کي مڃيندي به هن مان اتساهيل نظر نٿا اچن. حشوءَ متعلق صحيح ڏس پتو جي ايم سيد جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ مان ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڪتاب ”ڪجهه لڪايم ڪجهه ٻڌايم“ مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان کان پوءِ جيڪي به حشوءَ متعلق رايا ڏين ٿا، سي مستند ۽ يقين جوڳا نٿا ڀائنجن، غور ڪرڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته حشو ڪيولراماڻي جي شخصيت اديبن لاءِ گهڻي ڌيان لائق ڪونه هئي. ان جو هڪ سبب اهو آهي ته حشوءَ تي لکندڙن جي ڄمار ۽ حشوءَ جي ڄمار وچ ۾ ڏهه يا ويهه ورهين جي وٿي آهي ۽ جلاوطنيءَ کان پوءِ سندس زندگيءَ جو احوال چند ماڻهن، جهڙوڪ: شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي، لڇمڻ ڪومل وٽان ملي ٿو، سي پنهنجي آتم ڪهاڻين ۾ وڌاءَ ۽ مبالغي کان ڪم وٺندي هن متعلق تضاد ڀريا خاڪا جوڙين ٿا.
هيترن مهينن دوران مختلف ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي مترجم هي نتيجو اخذ ڪيو آهي ته 1968ع کان پوءِ حشو سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادبي ۽ سماجي زندگيءَ مان هوريان هوريان غائب ٿيندو ويو ۽ سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو الميو هي هو ته پئسي جي اڻهوند، سنڌ ڌرتي، سنڌي ثقافت ۽ تهذيب سان سندس عميق لڳاءُ ۽ کاٻيءَ ڌر طرف جهڪاءَ هئس. اهي ئي عنصر جلاوطني بعد سندس تباهيءَ جا ڪارڻ بڻيا.
70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن دوران جتي هڪ پاسي سندس دوست ۽ ساٿي سرڪاري نوڪريون، عهدا ماڻي، دوستيون ياريون ٺاهي ۽ پنهنجي نظرين تان دستبردار ٿي نين حقيقتن سان صلح ڪئي، اتي حشو ڪيولراماڻي هڪ نج ۽ کري مفڪر جيان پنهنجي نظرين تي قائم رهيو، تڪليفون سهندي پنهنجي حياتي گذاريندو رهيو ۽ نيٺ اهي تڪليفون ۽ سندس ارڏائي کيس ناڪام ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا. هو بمبئيءَ جي گهٽين ۾ هڪ گهڻ ڳالهاؤ مجذوب وانگر ڦرندو رهيو جرمنيءَ ۾ رهندڙ پٽ گل ڪيولراماڻي ڏانهن موڪليل سندس خطَ، جن ۾ هو پنهنجي دوستن، ۽ حالتن سان جهٽ پٽ سرچاءُ ڪندڙ بي اصول سياستدانن، سنڌ ۾ هندن ۽ خاص ڪري ڪيولراماڻي جي عروج ۽ ڀارت ۾ سنڌي هندن اڻانگي زندگيءَ جا حال احوال ڏيندو هو. ئي شايد هن لاءِ خوشيءَ جو واحد ذريعو هوندا!
سندس ڏوهه
مارڪسوادي، سماجواد نظرين سان سلهاڙيل هئڻ سبب پئسي ۽ وچئين ڪلاس جي سماج کي هلائڻ واري طريقيڪار سبب ناڻو گڏ ڪونه ڪيائين. سنڌ جي جاگيرداراڻي سماج ۾ اسرندڙ قوم کان مهذب روين جي اميد رکيائين.
سرڪاري رعايتون ڪونه قبوليائين، پاڪستان لاءِ سفارتڪاري ڪرڻ جي آڇ ٺڪرائي ڇڏيائين.
سنڌ سان عشق ڪندو رهيو، واپاري ذهنيت رکندڙ سنڌين سان سلهاڙجي نه سگهيو.
عاشق باز ڪونه هو.
سرچاءُ ڪندڙ اديب ڪونه بڻيو.
حشو ڪيولراماڻيءَ جي موت جو معمو
سنڌ جي هن سچي عاشق جي پڇاڙڪيءَ 20 ورهين واريءَ حياتيءَ بابت سنڌي ادب ۽ ميڊيا ۾ حيرت ۾ وجهندڙ قصا ڪهاڻيون ملن ٿيون، جنهن سبب سنڌي ادب پڙهندڙ نوجوان کي حشوءَ لاءِ قياس، ڪهڪاءُ ۽ اديب ٿيڻ کان ئي ڊپ وٺڻ لڳي ٿو. حشو جي موت بابت اسان کي ڪيترائي رايا ملن ٿا، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئون ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون.
1. حشو لاوارث فقير وانگر بمبئي ۾ مئو.
2. حشوءَ کي قرض جي ادائيگي نه ڪرڻ سبب ڪنهن ڳڀا ڳڀا ڪري قتل ڪيو.
3. حشو بمبئي جي زوردار برسات ۾ ٻڏي مئو.
4. الهاس نگر جي جهوپڙ پٽي ۾ مئو، جتي ميونسپالٽي وارن کيس مساڻ ۾ جلائي ڇڏيو.
5. حشو ڪيولراماڻي سنڌ جي ياد ۾ ڪڇ جي رڻ ويو ۽ 1986ع ۾ طبعي موت مئو.
هيءَ پنجون نمبر راءِ حشوءَ جي پٽ گل ڪيولراماڻي (جيڪو جرمني جي شهر ڊسل ڊورف ۾ هڪ اينيميٽر آهي) جي آهي. هن جو چوڻ آهي ته، 1986ع ڌاري حشو ڪڇ جي رڻ ۾ ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو. مهاراشٽرا جي هڪ عام ماڻهو شلڪرام کيس اتي ئي دفنايو.
ٿي سگهي ٿو حشو جي موت بابت هي به هڪ ڪٿا ئي هجي، ٻين هڙني ڪٿائن جيان. جتي سنڌي اديب حشو بابت پنهنجا پنهنجا رايا ڏيندي نظر اچن ٿا. پر حشوءَ جي سنڌ جي ياد ۾ رڻ ڪڇ ۾ موت کي ئي حتمي سمجهجي. هن ڏس ۾ گهٽ ۾ گهٽ جمالياتي حس کان ڪم ورتو ويو آهي. 70 ورهين جي ڄمار ۾ ان قسم جو موت حشوءَ جهڙو ڏاهو لهڻين پيو! حشوءَ جي پرستارن کي حشوءَ ذريعي سنڌ سان عشق ڪرڻ جو اتساهه وٺڻ گهرجي. سنڌ جي آئيندي بابت نراس ٿيل جهونن اديبن کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي. بلڪ هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ناموس ڪمائي سنڌ جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي.
غلام رباني آگرو جي اٿاريل سوالن جا جواب
غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“ ۾ حشو ڪيولراماڻي متعلق ڪجهه سوال اٿاريا آهن، تن جا جواب هيٺ ڏجن ٿا:
1. حشوءَ جي گهرواري سرلا ۽ سندس نياڻيون ڪاڏي ويون؟ هو کين دهليءَ ڇڏي ويو هو يا بمبئيءَ وٺي آيو هو؟ انهن حشوءَ جي گم ٿيڻ تي ڇا جي ڪري ڪابه دانهن ڪوڪ ڪانه ڪئي؟
1968ع ۾ حشو ۽سرلا راماڻي هڪٻئي کان علحده ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. سرلا راماڻي، دهلي جي ڀڳت سنگهه مارڪيٽ فليٽ نمبر 38 ۾ رهي. سندس ٻه جڙوا ڌيئرون مينا ۽ نينا ۽ پٽ گل راماڻي به ماءُ سان گڏ رهيا. گل راماڻي ته پاڻ کي اينيميٽر طور جرمني جي شهر ڊسلڊورف ۾ پاڻ مڃرايو آهي. سرلا راماڻي 1996ع ڌاري ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويئي. سنڌي پهاڪي مطابق جتي باهه ٻري اُتي سيڪ اچي، مان سمجهڻ گهرجي ته حشوڪيولراماڻي جي بگڙيل ذهني توازن ۽ بيروزگاري ۽ مفلسيءَ سبب سندس ئي گهروارا وڌ کان وڌ متاثر ٿيا هوندا. پنهنجي پيءُ جي موت تي گل راماڻي پڇا ڳاڇا ڪري اهو ڏس حاصل ڪيو ته حشو ڪڇ جي رڻ ۾ مئو.
2. حشوءَ جو هڪ مائٽ ته اهو ماڌو ڀمڀاڻي هو، جنهن کان ٽي سؤ رپيا اڌارا ورتائين، پر، سندس ماتا، پتا، ڀائر، سوٽ، ماروٽ سڀ پاڪستان ۾ ئي پورا ٿي ويا هئا، يا ڪي هندستان ۾ به لڏي ويا هئا؟ انهن ڇا ڪيو؟
ماڌو ڀمڀاڻي حشو ڪيولراماڻيءَ جو پري جو مائٽ هو ۽ گل راماڻي ٻڌايو ته جرمني مان پيءُ لاءِ پئسا ماڌو ڀمڀاڻي ذريعي موڪليندو هو. حشو جي ماءُ پيري ٻائي ته 60 واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪري وئي ۽ سندس پيءُ حشو جي ٻالڪپڻي ۾ ئي مري چڪو هو. حشو جو ڀاءُ گوپ ڪيولراماڻي ورهاڱي کان پوءِ مٿرا ۾ رهندو هو ۽ ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽ ڪليڪٽر جي نوڪري ڪري پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندو هو. وٽس پئسا ڏوڪڙ ايترا جهجها ڪونه هوندا هئا جو ڀاءُ کي مالي مدد مهيا ڪري سگهي.
3. ڪيرت هندوستان ۾، ڏکين حالتن ۾ به سنڌين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جو ذڪر ڪيو آهي، ته سنڌي ٻولي ۽ ڪلچرجي بچاءَ لاءِ ڇا ڪيائيون. لکيو اٿس ته سنڌي ٻولي ڪنوينشن ٿيا، حشو دهليءَ واري فرنٽ جو روح روان هو. پوءِ ڀلا اهڙين باشعور تنظيمن پنهنجي پراڻي ساٿيءَ ۽ حشوءَ جهڙي وڏي ودوان کي ڪيئن ۽ ڇو نظرانداز ڪري ڇڏيو؟ کيس وقت اندر، ڪنهن به ذهني علاج جي اسپتال ۾ داخل ڇو نه ڪرايائون؟ سندس مٽن مائٽن کي اطلاع ڇو نه ڏنائون؟
غلام رباني آگرو جي اٿاريل سوال ته ڀارت لڏي ويندڙ سنڌي اديبن ۽ ساڃاهه وندن حشوءَ جي خدمتن عيوض ساڻس سٺو سلوڪ ڇو نه رکيو، جي جواب جو اندازو ڊاڪٽر ادل سومرو جي حشوءَ متعلق لکيل مرثيو (Elegy) مان لڳائي سگهجي ٿو، ته:
اجنبي ديس ۾ پنهجا به اوپرا ٿي ويندا آهن
ورهاڱي بعد ڀارت جي سنڌي هندن جون زندگيون ايڏي ته مشڪلات ۾ گذريون جو هنن مان اهڙي مهذب سڀاءَ جي اميد رکڻ مناسب نٿو لڳي. گل ڪيولراماڻيءَ ٻڌايو ته بمبئيءَ ۾ ڪي آر ملڪاڻي بي جي پي جي غنڊن سان ملي ڪري حشو ڪيولراماڻي تي ٺٺوليون ڪندو هو. ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ لڇمڻ ڪومل جو حشوءَ ڏانهن رويو ”وهي کاتي جا پنا“ جي صفحي نمبر 445 مان لڳائي سگهجي ٿو.
ارون ٻاٻاڻيءَ جو حشوءَ متعلق رايو
ڪيرت ٻاٻاڻي جي پٽ ارون ٻاٻاڻي حشو متعلق پڇيل هن سوال ”سنڌي قوم جي سياسي شعور تي حشوءَ جو اثر“ جي جواب ۾ اي ميل تي جواب ڏنو ته، کيس حشوءَ متعلق ڪا ڄاڻ ڪونه آهي ۽ نه ئي حشوءَ جا ڪتاب سندس نظرن مان گذريا آهن. وڌيڪ لکيائين ته گهريلو زندگيءَ ۾ ناڪامي بعد سياسي نظرين مان به نراس ٿي پيو هو ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ ائين پيو ڀانئجي ته مٽجندڙ سياسي حالتون هو سمجهي نه سگهيو ۽ 1980ع ۾ هڪ ڀيرو حشو بمبئي ۾ ٻاٻاڻين جي گهر ويو. مفلسيءَ ۽ ذهني توازن بگڙِيل هوندي به هو هڪ Thorough Gentle Man لڳو ٿي.
حشوءَ جو ڪتاب ”پاڪستان ايڪسريڊ“
هي ڪتاب جيتوڻيڪ 1951ع ۾ ڇپيو، پر اڄ به پاڪستان جي شروعاتي ڏيهاڙن واري سياسي حالتن کان واقفيت حاصل ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.
انگريزيءَ ۾ سياسي ادب سرجيندڙ سنڌي ليکڪ حشو ڪيولراماڻيءَ جو انگريزي ٻوليءَ تي دسترس، هن ڪتاب مان بلڪل عيان آهي. جيتوڻيڪ جي ايم سيد کيس پنهنجي سياسي استاد سڏي سنڌي قوم جي دلين ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ لاءِ اڳواٽ ئي احترام پيدا ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ، حشو جي سياسي بصيرت ۽ انگريزي ٻوليءَ تي مُلڪي کي پنهنجو پاڻ پرکڻ چاهي ٿو ته کيس حشوءَ جو ڪتاب ”پاڪستان ايڪسريڊ“ ضرور پڙهڻ گهرجي.
توڙي جو سياسي اڳڪٿين متعلق چيو ويندو آهي ته
”Political prophesies are dangerous“ پر حشو سياسي اڳڪٿيون ڪرڻ جي ڪرت جو ئي ماهر هو. 1951ع ۾ ڪيل سندس اڳڪٿيون اڳتي هلي سچ ثابت ٿيون. پاڪستان جا حڪمران پنهنجون اوڻاين ۽ نااهلين کي لڪائڻ لاءِ اسلام جي نالي کي اڄ تائين استعمال ڪندا رهن ٿا.
حشوءَ جون ٻيون اڳڪٿيون هن ريت آهن:
- پاڪستان ۾ مارشل لا لڳندو. اڄ تائين عسڪري قوتن کان پاڪستان آجو ٿي ڪونه سگهيو آهي. پاڪستان جي هر ڏيهي يا پرڏيهي پاليسي کي ڪوبه موڙ عسڪري قيادت ئي ڏئي ٿي.
- لياقت علي خان گهڻو وقت زندهه رهي نه سگهندو. حشوءَ پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان ايڪسريڊ“ جي آخري صفحن ۾ راولپنڊي ڪيس ڏانهن اشارو ڪندي لياقت علي خان کي بارودي سرنگهه ۾ ڦاٿل حڪمران چيو آهي. هي اڳڪٿي حشوءَ 1951ع جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ڪئي ۽ اسان ڏٺوسين ته ڪجهه مهينن اندر 26 آڪٽوبر 1951ع ۾ لياقت علي خان کي گولي هڻي مارايو ويو.
- اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويندو. پاڪستان توڙي ڀارت ۾ هيل تائين مذهبي اقليتن وارا ماڻهو خوف ۽ حراس ۾ زندگي گهارين پيا.
- دهلي معاهدي تي 1950ع ۾ تجزيو ڪندي حشو لکيو آهي ته ”مذهبي اقليتن جي حفاظت لاءِ جڙيل هي قاعدو، پاڪستان ۽ ڀارت لاءِ امن جو ضامن ڪونه بڻبو ۽ دهلي معاهدي کي اڻ پرڻيل ڇوڪريءَ جي ٻاراڻي شوق “Delhi Pact as an answer to A Maiden’s fond Prayers” سان ڀيٽي ٿو ۽ لکيو اٿائين ته ٻنهي ملڪن جا مسئلا انتهائي ڳنڀير آهن. دهليءَ معاهدي تي 1951ع ۾ ڏنل حشوءَ جو رايو 1956ع ۾ سچ ثابت ٿيو، جڏهن دهلي معاهدي کي ٻنهي رياستن منسوخ ڪيو.
- بنگالين کي پنجاب جا حڪمران ڪچلڻ ۾ ويرم نه ڪندا.
- خان عبدالغفار خان ۽ جي ايم سيد جهڙن قومي سياستدانن کي دٻايو ويندو. سچ ته خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جي اصل سياستدانن کي پاڪستاني سياست ۾ 1970ع کان پوءِ وري اڀرڻ نه ڏنو ويو.
- ون يونٽ جي آڙ ۾ صنعتڪاريءَ ۽ تجارت ۾ اقتصادي فائده پنجابي ماڻهن کي حاصل ٿيندا.
- 20 لک پناهگيرن جي غير واجبي آمد، پاڪستاني انتظاميا کي مجبور ڪندي ته پرڳڻن جي آدمشماريءَ کي مٽايو وڃي.
- جاگيرداري نظام جو انت ڪونه ايندو.
- پاڪستان ۾ ميڊيا تي مهاجر۽ پنجابي ڇانئجي ويندا ۽ سندن ئي نقطه نظر پيو ٻڌبو ۽ ورجائبو. پاڪستان جي ٻين مڙني قومن کي تهذيب جا سبق به اهي ٻئي ڌريون پڙهائينديون.
اڳواڻ
حشو، هن ڪتاب ۾ پاڪستان جي اڳواڻن جي ورهاست ٻن قسمن ۾ ڪئي آهي. دلير، کرن اڳوڻن جي ڪيٽگري ۾ خان عبدالغفار خان، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، عبدالصمد خان، خان آف قلات جهڙن رهنمائن کي شامل ڪري ٿو. پاڪستان ايڪسريڊ ڪتابڙي ۾ ڏنل تعارف ۾ حشو کي بادشاهه خان جو ٻانهن ٻيلي چيو ويو آهي ۽ ڪتاب جو انتساب به ڳاڙهي صدري/خدائي خدمتگارن جي رهنما ۽ سرحد جي گانڌيءَ خان عبدالغفار خان ڏانهن منسوب ڪيو آهي.
دلير ۽ قومي اڳواڻ پنهنجي قومن جا اصل نمائندا قرار ڏئي ٿو. هي دلير ۽ نڊر رهنما سگهارا ان سبب ڪري هئا، ڇاڪاڻ ته، هنن پٺيان عوام يا قوم جي ماڻهن جي ٽيڪ هئي. هي رهنما، مذهبي ڪٽرپڻي کان آزاد سوچ رکڻ ڪري، مذهب جي نالي ۾ ٺاهيل رياست لاءِ خطرو بڻجي پيا، هر حيلو هلائي انهن کي دٻايو ويو.
ٻئي ڪيٽگري ۾ محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان، سردار عبدالقيوم خان جهڙن اڳواڻن کي داخل ڪيو آهي. هي رهنماءَ يا ته جاگيردار هئا يا عوام کان ڪٽيل ۽ اولهه ۾ سکيا ورتل شخص هئا. حشو ڪيولراماڻي محمد علي جناح جي شخصي خوبين کي ته ساراهي ٿو، پر سندس سياسي هلت چلت تي هن جا ڇوهه ڇچنڊي ٿو. لکي ٿو ته، جناح، هڪ سيڪيولر اڳواڻ هو. انگريزي ڳالهائيندڙ، انگلينڊ جي تهذيب ۽ روايتن کان متاثر هو، هن سياسي مفادن لاءِ اسلام جو استعمال ڪيو. سر سيد احمد خان جي عليڳڙهه ڪاليج مان سکيا ورتل شاگردن ۽ مسلمان جاگيردارن سان گڏجي پاڪستان حاصل ڪيو. پنهنجو آمراڻو هوڏ، پاڪستان ۾ جاري رکيائين. اختلاف راءِ رکندڙ، سچن ۽کرن اڳواڻن کي دٻائي ڪري، پاڪستان جي سياست ۾ اڻ سهپ ۽ اختلاف راءِ بدران بالادستي واري روايت جي حوصلي افزائي ڪيائين.
The aged architect of the new state, Quaid-i-Azam Mahomed Ali Jinnah was the unhappiest man in Pakistan!
He was handicapped by his own aristocratic background of drawing room politics,( page 47)
حشو، پاڪستان جي سياست پنجابائيزيشن ڏانهن به اشارو ڪري ٿو.
ورهاڱو
حشو ڪيولراماڻي، ورهاڱي کي تاريخي چُڪ مڃي ٿو، ڇو ته، ورهاڱو عوام لاءِ ڀوڳنائون کڻي آيو، ۽ کين ڪابه نجات نه ڏنائين. ورهاڱي کي حشو ڪربلا سان ڀيٽي ٿو. ورهاڱو 20 صدي جي ڪربلا مثل هو، ستين صديءَ واري ڪربلا ۾ حضرت امام حسين ۽ سندس گهر ڀاتي شهيد ٿيا، پر 1947ع واري ڪربلا ۾ فرنگي رهنما، جهازن تي سوار ٿي، ڪربلا جي ميدان کان پاڻ بچائي، رياستي ادارن جا سربراهه ٿي ويا.
سنڌ
سنڌ ته حشوءَ جي جنم ڀومي آهي. سنڌ جي سياست ۾ جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن رهنمائن کي اصل رهنما سڏي ٿو. سنڌ ۾ 1947ع کان ڳچ عرصو اڳ ئي اٽڪل 1300 کان وٺي، پاڪستان جو جنم ٿي چڪو هو. هندو اقليت ۽ مسلمان اڪثريت، گڏجي سڏجي رهندا ٿي آيا هئا. جيتوڻيڪ هندو، مسلمانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شاهوڪار هئا. هندومت ۽ اسلام جي امتزاج مان نروار ٿيندڙ مذهبي مسلڪ تصوف ئي سنڌين وٽ رائج هو. سنڌي عوام لاءِ مذهبي تفاوت ايترو اهميت جو حامل ڪونه هئو، جيترو سي پي ۽ يو پي جي مسلمان اقليتن لاءِ هو، پر پاڪستان تحريڪ جي ٽمورتي سر سيد احمد خان، جناح ۽ خاص ڪري محمد اقبال، جن کي سنڌ ( پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ٻين صوبن) جي تصوف واري مسلڪ سان عجب وير هو. اقبال ته، تصوف کي اسلام جو بگاڙ سمجهيو ٿي ۽ واضح ڪيائين ته، اسلام جو جوهر Monotheism ۾ سمايل آهي، تصوف لاءِ اسلام ۾ ڪابه گنجائش ڪونهي. پاڪستان جي قيام بعد، تصوف جي معتقد عوام ۽ فرقيواريت کان ڪونهين ڏور رهندڙ رهنمائن کي، رياستي اختيار وسيلي دٻايو ويو. اهڙي طرح نئين رياست ۾ سياست ۽ مذهب کي ملائي وڳوڙن جو ٻج ڇٽيو ويو.
حشوءَ جي ڪتابڙي ”پاڪستان ايڪسريڊ“ جي اهميت ان مان به لڳائي سگهجي ٿي ته برصغير جي تاريخ ۽ خاص ڪري قائداعظم محمد علي جناح تي تحقيق ڪندڙ دهلي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر اجيت جاويد پنهنجي ڪتاب ”سيڪيولر اينڊ نيشنلسٽ جناح“ جي صفحي 232 ۾ حشو جي ڪتاب جو حوالو ڏنو آهي.
سنڌي شارٽ اسٽوريز
سنڌي شارٽ اسٽوريز ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1958ع ۾ شايع ٿيو. ان ئي ڪتاب جو ٻيو ڊلڪس ڇاپو 1963ع ۾ پڌرو ڪيائين (ان ڪتاب جو مهاڳ ۽ ضميمو پڙهڻ وٽان آهي، اڳتي هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي)
حشو هڪ ڏاهو هو، جيتوڻيڪ سندس ڪالم ۽ ادبي ليک انگريزي ٻولي ۾ لکيل آهن، پر سنڌ، سنڌي ادب ۽ سڀيتا لاءِ کيس عجب، تنقيدي ۽ سچيت عشق هو. جي ايم سيد جو ڪتاب ”پيغام لطيف“ پڙهي ۽ سندس صحبت ۾ رهي، ٻِلين لاءِ موهه رکندڙ هن ڏاهي پنهنجي سنڌي ورثي کي قبول ڪيو. سندس ان فيصلي سان ئي سندس سنڌ سان عميق عشق جي شروعات ٿي.
ان عشق ۾ هو سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب، ابراهيم جويو کان گهرائي مطالعو ڪندو هو. سنڌ سان سندس عشق ڪنهن بي حس زوريءَ مڙهيل جلاوطنيءَ کي برداشت ڪونه ڪري سگهيو
سنڌي ادب ۽ اديب
ورهاڱي بعد، سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم تي پوندڙ اثرن تي حشو پڻ لکيو آهي.
The Sindhis were a mortified people even before Pakistan was born. The Punjabis had encroached into many vital spheres of their economic life, and now they were faced with a new menace putting them completely on their defensive to save their precious Karachi from being pinched, all their recently-hoarded revenue surpluses being unscrupulously appropriated , and their peaceful soil being littered with lakhs of refugees-cum-adventures, speaking strange languages and breathing a fire of hate and killing unkonown in the annals of Sind.
سنڌي ادب جي زرخيزي ۽ شاهوڪاري تي ساک ڀري ٿو. سنڌي ادب کي ايشيا جو شاهوڪار ترين ادب ڪوٺي ٿو. سنڌو ماٿري هڪ جادو نگري آهي. هن ڌ رتي جي مٽيءَ ۾ امن ۽ محبت جو پيغام پيوست آهي. سنڌي قوم کي LOTUS EATERS چيو اٿائين. سنڌ تي جن به يلغار ڪئي، سي سنڌ ۾ اچي، ”مان جوئي آهيان سو ئي آهيان“ جا سر آلاپڻ لڳا، جنگ وجدل جا رويا ئي وساري ويٺا.سنڌي اديبن جي ڏکن بابت چوي ٿو ته، سنڌي اديب دنيا جا دلير اديب اٿو، هو پنهنجي جواني ادب کي ارپن ٿا، ههڙي ٻليدان عيوض کين اقتصادي لاڀ ته ڪونه ٿو ملي، ويتر ٺٺولين ۽ بي حسي جو سامنو ٿو ڪرڻو پوين. ڪروڙين سنڌين جي ادب ڏانهن لاڙي جو ڪاٿو ڪتابن جي سست وڪري مان لڳائي سگهو ٿا، هڪ اديب جو ڪتاب جون 500 کان هزار ڪاپيون مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون ۽ ڏهن سالن ۾ کپجن ٿيون.
سنڌ ۾ بي اي دوران انگريزي سبجيڪٽ ۾ ڪتب ايندڙ نصابي ڪتاب ”English for undergraduates by D.H. Howe, T.A Kirkpatrick, D.L Kirkpatrick. Oxford (page 177-178)“ ۾ جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ هر سال پڙهندا آهن، ته هن ڪهاڻي کي انگريزي ورقن جو ويس اوڍيندڙ به حشو ڪيولراماڻي آهي. اها ڪهاڻي حشو جي ڪتاب ”سنڌي شارٽ اسٽوريز“ تان ورتل آهي. هاڻي اميد ٿي ڪجي ته هي ڪتاب پڙهندڙ سنڌي شاگرد حشو ڪيولراماڻي کي بهتر نموني سڃاڻيندا.
ڪراچي
حشوڪيولراماڻيءَ، پنهنجي ڪالم”Crime Unlimited) ۾ ڪراچي جي صورتحال تي علي احمد راشدي جي ”Sindh Observer“ ۾ لکيل ڪالم جو ذڪر ڪندي راءِ ڏيئي ٿو، ته ڪراچي جي نئين آبادي، ٻه قومي نظريئي جي پيداوار آهي. هي مهاجر، مسئلن نبيرڻ لاءِ سرڪار جي اوسيئڙي ۾ نٿا رهن، پر اسلام جو نالو کڻي مسئلا حل ڪرائي وٺن ٿا. ڪراچي شهر جي آبادي ۾ ڦيرڦار تي، ڪيترن ئي لکيو آهي، پر قرة العين حيدر پنهنجي 1959ع واري تاريخي ناول ”آگ ڪا درياء“ ۾ ڪراچي تي سربستو تجزيو ڪيو آهي. شايد شخصي مشاهدي سان گڏوگڏ پير احمد راشدي ۽ حشو جهڙن سنڌي صحافين جي ڪالمن قرة العين کي پنهنجي ناول لاءِ مواد مهيا ڪيو هجي!
”ڪراچي پاڪستان جي گادي جو هنڌآهي. هن شهر جا غليظ پاڙا ۽ جهوپڙيون ته دنيا جي اهم معجزن ۾ شامل ڪرڻ جهڙا آهن. وچولي طبقي جي نون شاهوڪارن، هن شهر تي حڪومت قائم ڪئي آهي. هن سماج ۾ سندن ئي اصول هلن ٿا. لاهور ۽ بنگال مان نراس ٿيڻ بعد، مهاجرن ڪراچي جو رخ ڪيو. تعجب جي ڳالهه آهي، ته ڪيڏي خوش اسلوبي سان، پاڻ کي ڪراچيءَ منتقل ڪيو اٿن. هت وچولي ۽ هيٺين مسلمان طبقي جو خالص سماج ٺاهي ورتو اٿن. جنگ ۽ ڊان اخبار جو ڏاڍي شوق سان مطالعو ڪن ٿا. ڪشمير کي آزاد ڪرڻ لاءِ قربان ٿيڻ لاءِ آتا آهن. هت انڌن ۾ ڪاڻن جور اڄ آهي. هندستان، ورهاڱي کي چڪ ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، پاڪستاني خلفاءِ راشدين، عباسين ۽ مغلن کي سارن ٿا.“ (قرة العين حيدر جا ڪراچيءَ متعلق ويچار)
حشو ڪيولراماڻي- آگ ڪا درياهه جي پسمنظر ۾
قرة العين حيدر پنهنجي هندستاني تاريخ ۽ تهذيب تي لکيل 1959ع واري ناول ”آگ ڪا درياه“ ۾ 30 ۽ 40 واري ڏهاڪن ۾ گوتم نيلمبر، ڪمال رضا، هري شنڪر ۽ چمپا جي افسانوي ڪردارن ذريعي هندستان جي آزادي واري تحريڪ ۽ مسلم ليگ جي فرقيواريت تي مبني سياست تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي اٿائين. هي ڪردار، هندستان جي ان وقت جي انٽليڪچوئيل ڪلاس جي نمائندگي ڪن ٿا. حشو ڪيولراماڻي جيئن ته 30 ۽ 40 واري ڏهاڪي جو ڪانگريسي قومپرست هو. اشتراڪيت جو به مٿس اثر هو،سنڌي ميڊيا حشو ڪيولراماڻي جي شخصيت متعلق ڪجهه مواد ملي ٿو، پر سندس فڪر تي گهڻو ڪونه لکيوويو آهي.
سندس ڪتاب ”پاڪستان ايڪسريڊ“ (1951ع) ۽ ”آگ ڪا درياه“ (1959ع) مان سندس فڪر کي سمجهي سگهجي ٿو. سنڌي ادب ۾ حشوڪيولراماڻي متعلق رائج ڀيانڪ ۽ ڪهڪاءُ ڏياريندڙ تصور کي سربستو بنائڻ لاءِ هن جي ڏاهپ جو اندازو لڳائڻ لاءِ سندس اصيل لکڻيون ۽ آگ ڪا درياه ۾ ڏنل هندستاني قومپرست ڪردارن جي خاڪن مان مستفيد ٿي سگهجي ٿو.
ڪمال رضا، گوتم نيلمبر ۽ حشو ڪيولراماڻي جي سياسي ويچارن جي همآهنگي هيٺ ڏجيٿ ي:
ڪمال رضا، چمپا سان هڪ هنڌ سياسي بحث ڪري ٿو. قرة العين حيدر ڪمال رضا کي هندستان جي نئين نسل جو آئيندار سڏي ٿي. حشوڪيولراماڻي به ڪانگريس پارٽي جي ڏسيل، پختي هندستاني قومپرستي جو پيروڪار هئو. حشو لاءِ به گڏيل هندستان مشرقي تهذيب جو سرچشمو هو.جيڪڏهن، هندو ۽مسلمان، مذهبي ڪٽرڻي کان ڏور رهندي، انگريزن کي هندستان مان ڊوڙائي ڪڍن ها، ته اڄ هندستان، دنيا جي تاريخ ۾ نئون باب لکي ها. حشو به ڪمال وارن وانگر، مذهب جي نالي ۾ ٿيل ورهاڱي کي چُڪ قرار ڏئي ٿو. هزارين سالن کان، هندستان ۾ رهندي به، مسلمانن الائي ڇو پاڻ کي هندستاني ڪونه ليکيو، جيتوڻيڪ، سندن تهذيبي ماڳ تاجل محل، اجمير، هندستان ۾ ئي واقع آهن. هندستاني مسلمان، پنهنجون وفاداريون عربن سان سلهاڙين ٿا. هندو- مسلمان مسئلي کي، حشو، ڪانگريسي قومپرست ۽ کاٻي ڌرج ي انٽليڪچوئيل وانگر ڏسي ٿو، ٻين لفظن ۾ ڪمال رضا ۽ گوتم نيلمبر جهڙو نقطه نظر اٿس. مسلمانن جي مقابلي ۾، هندن، مغربي تعليم جي گرمجوشيءَ سان آجيان ڪئي، جنهن ڪري، هندو وڌيڪ سائنٽفڪ ۽ چالاڪ بڻجي ويو، سياسي شعور حاصل ڪري ورتائين، جڏهن ته مسلمانن وٽ اڻ پختو شعور هو.
اسلامي بين الاقواميت،مسلمانن کي مارائي وڌو. هجرت تحريڪ ۽خلافت تحريڪ، سندن اڻ پختي شعور جا زنده مثال آهن. ٻيو ته اسلامي جي تاريخ ۾ اُمت جو هڪٻئي مٿان خونريزين جو باب اهو ثابت ڪري ٿو ته، مسلمان، تعصب ۽ فرقيواريت جي قوتن کي ڀرپور نموني استعمال ڪندا رهن ٿا، جنهن سبب اسلامي سماج، امن کان پري رهي ٿو. ڪمال رضا هڪ مڪالمي ۾ اعلان ڪري ٿو ته، اسان کي مذهب نه گهرجي رڳو امن، ۽ ماني گرهه مهيا ڪيووڃي، ته بهتر.
حشو به ڪمال رضا، گوتم نيلمبر وانگر، جديد دؤر جو ڇوڪرو هو، ذهن پرست، بااصول، ايماندار، پرخلوص ۽ تصور پرست، اشتراڪ کان متاثر، هندستان جي عظمت جو قائل ورهاڱي جو ويري هو. ان سوچ جا ماڻهو، مسلم ليگ جي سياست پٺيان اصل محرڪ اقتدار جي حوس کي سمجهن ٿا. اصل مقصد رعايتون ۽ ۽ نوڪريون هٿ ڪرڻ هو. هنن جي سياست شهري رجعت پسندن ۽سرمائيدارن ۽جاگيردارن جي سياست هئي. اٺ ڪروڙ مسلمان جي آبادي جو ڳپل حصو، اهڙي سياست جو محور ئي ڪونه هو. مسلم ليگ جو سرواڻ سر آغا خان، مسلمانن جي پورهيت ڪلاس جو نمائندو ته بلڪل به ڪونه هو.
قرة العين حيدر جي ڪردارن، ڪمال رضا ۽ گوتم نيلمبر ۽ حشو ڪيولراماڻي ۾ فرق آهي. ڪمال رضا، لکنؤ جو شيعو، ته گوتم ڪلڪتي جو واڻيو هو. جڏهن ته حشو ڪيولراماڻي، سنڌجي شهر ڀريا جو هندو ڇوڪرو هو، جيڪو 1935ع ڌاري انگلستان ويو، انڊيا ليگ ۾ ڪرشنا مينن سان ڪم ڪيائين. پرڏيهه مان هو کاٻي ڌر ۽ هندستان کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪانگريس پارٽي جي پروگرام مان متاثر ٿيو. ساڳين ئي نظرين جي پرچار 40 واري ڏهاڪي جي ڪراچي ۾ ڪيائين. 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد، کيس ملڪي امن لاءِ خطرو قرارڏئي جيل وڌو ويو ۽ پوءِ جلاوطن ٿيو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڀارت ۾ سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب جو بچاءُ هن لاءِ خاص موضوع بڻجي ويا. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ورهاڱي جي نتيجي ۾ جڙيل سرحدن جي منسوخ ٿيڻ واري اميد به ختم ٿيس.پاڪستان ۾ جي ايم سيد ۽ خان غفار خان جي سياست جو سڪو ڪونه چمڪي سگهيو. سرد جنگ دوران، جوهري هٿيار جي ڊوڙ ۾ سڀني ملڪن (اشتراڪي ۽ سرمائيداري) جو بهرو وٺڻ امن چاهيندڙ هن خيال پرست ڏاهي لاءِ چؤگرد اونداهي ۽ نراسائي پکيڙي ڇڏي. اهڙي طرح 1968ع ۾ زال علحدگي کان پوءِ سندس بُرا ڏينهن شروع ٿيا. 1970ع ڏهاڪي ۾ پنهنجي ئي نظرين ۾ الجهي پيو ۽ پيڙا جو انت 1986ع ۾ موت مهل نصيب ٿيس.
پيري ٻائيءَ جي پٽڙي- حشو ڪيولراماڻي کي گهڻا سنڌي سڃاڻن به ڪونه. سنڌي جي ناميارن اديبن هن متعلق اهڙا تعصب ڀريا Narratives Meta جوڙيا آهن، جو هن جو خاڪو هي بيٺو آهي: هڏائون، اکين تي ڏرا پيل، سستي رِم پيئندڙ، سستيون ٻيڙيون ڇڪيندڙ، بي روزگار، ڪنگلو، فقير، جاگيرداراڻي، پسمانده سماج ۾ ”ذهن پرست، بااصول، ايماندار، پرخلوص ۽ تصور پرست“ ماڻهن جو اهڙو ئي حشر ٿئي ٿو!
گلوبلائيزيشن جي وٺ پڪڙ واري دور ۾، حشو ڪولراماڻي جهڙي ناڪام ادبي شخصيت مان اڄ جا نوجوان ڪهڙو سبق پرائي سگهن ٿا؟
هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته سندس شخيصت سان دلچسپي سندس پٽ، ويجها دوست، سنڌ جي اتهاس ۾ هندن جي ڀاڱي کي مڃتا ڏيندڙن ۽ پراڻي سنڌ لاءِ اڪير رکندڙ پڙهندڙن کان سواءِ اهي هڙئيPostmodernist رکندا، جيڪي دنيا جي نٻل ۽ نستن اقليتي گروهن سان وفاداريون وابسته ڪن ٿا ۽ کين ئي، سچ جي پرک لاءِ لازمي سمجهن ٿا.حشو جهڙي بي سوڀ مفڪر مان پهريون سبق اهو پرائي سگهجي ٿو ته، سنڌي قوم جو روح، جيڪو اڻٽر، بي تڪي فرقيواريت واري سياست جي نتيجي ۾ برپا ٿيندڙ ورهاڱي ۾، چيڀاٽجي، گم ٿي ويو، ان عمل ۾ رياست به پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو، تنهن روح کي وري ڳولي سگهجي ٿو. هي هڪ اڻانگو ۽ بي چين ڪندڙ قدم آهي، پر پاڪستان اندر وائڙپ ۾ زندگي گذاريندڙ نوجوان کي ان وائڙپ مان موک ڏئي سگهي ٿو. اصل سنڌي قوم جي ڳولا لاءِ، اسان کي پنهنجي تاريخ جو ادراڪ حاصل ڪرڻو پوندو. ڪتابن ذريعي اسان پنهنجي پاڙن تائين پهچي، پنهنجي اصل شناخت لڀي سگهون ٿا.
فرانه شيخ پنهنجي ڪتاب ”Making sense of Pakistan“ ۾ پاڪستاني قوم جي شناخت، هن ملڪ جي سگهارين علائقائي، شناختن وچ ۾ تصادم ۽ پاڪستاني سياسي مسئلن کي بحث هيٺ آندو آهي. هر اڻ ڌرئي پروفيشنل تاريخدان جيان هيءَ تاريخدان به اتفاق ڪري ٿي ته، علائقائي شناختن ۽ روايتن کي مسمار ڪري، مذهبن جي نالي ۾ قوم ٺاهڻ هڪ پيچده عمل ثابت ٿيو آهي ۽ اڄ تائين پاڪستاني قوم جو مڪمل خاڪو جڙي راس ڪونه ٿيو آهي. ڀارت جي يونائٽيڊ ۽ سينٽرل يرڳڻن مان هجرت ڪري آيل اقليتن جي ڪلچر ۽ ٻولي (اردو) کي پاڪستان جي ٻين نج قومن- سنڌي، بلوچن، پٺاڻن، پنجابين مٿان مسلط ڪرڻ“ سبب پاڪستاني شهري پنهنجي اصل قومي شناخت ۽ مرڪز طرفان مڙهيل شناخت ۾ منجهيل رهن ٿا. هي ساڳيو ئي موضوع- ڌرتي جي اصل سپوتن (۽ نياڻين)، رهنمائن ۽ قومي رسمن، روايتن، ٻولي ۽ تاريخي ماڳن تي ورهاڱي کان بعد آيل ڀارتي مسلمانن جي ثقافت ۽ سياست جو غلبو، حشوڪيولراماڻي جي فڪر جو اهم نقطو آهي.
It was hell let loose on a land that had been the blissful abode of great saints and sufii poets with their transcendental synthesis of Islam and Vedants. It was now Pakistan!
حشو ڪيولراماڻي جي چند دستياب لکڻين تي غور ويچار ڪرڻ سان، سندس اعليٰ فڪري صلاحيتن جو اندازو ٿي وڃي ٿو ۽ حشو جو فڪر آمريڪا ۽ يورپ جي اعليٰ درسگاهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان تي ٿيندڙ تحقيق ڪندڙن جي ئي ٽڪر جو آهي. سوين ڪتابن جو مطالعو ڪري، پنهنجو الڳ، مخصوص ادبي آواز ڳولي لهڻ جي باوجود، حشو، پئسي جي اڻهوند سبب مارڪيٽ ۾ گهڻا ڪتاب آڻي ڪونه سگهيو، ۽ اهڙي طرح سنڌي ڏاهي جو فڪر اسان تائين رسي ناهي سگهيو.
حشو ڪيولراماڻي کي پنهنجي سنڌي ثقافت تي فخر هئو، هن چاهيو ٿي ته سنڌي قوم ۾ گهر ڪري ويل احساس ڪمترين کي پاڙان پٽي، هنن کي، عالمي دنيا ۾ ڳاٽ اوچو ڪري، ٻين سڌريل ۽ مهذب قومن سان دنيا جي ترقي ۾ ڀاڱيوار هئڻ جي اهل بنائجي. سنڌي ادب ۽ ثقافت کي عالمي دنيا سان ڳنڍڻ لاءِ هن سنڌي ادب کي انگريزي ۾ اٿلڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي.
حشو ڪيولراماڻي، انهن آڱرين تي ڳڻي سگهجندڙ چند سنڌي سورهين منجهان هڪ آهي، جنهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد نه ٿو ملي. سندس زندگي مان اسان سکي سگهون ٿا ته، سنڌي رڳو، ڪوڙا، ٺڳ، واپاري، اڻ گهڙيل، ڇيڳرا ۽ پئسي جا پٽ ڪونه ٿا ٿين، پر هو ته مهذب ماڻهو آهن، جن جو ادب، ۽ سياست سان لڳاءُ آهي، پنهنجي واعدن پاڙن جا پڪا، پنهنجي ڪم سان سچا رهندڙ ماڻهو آهن.
اصل ۾، هڪ سنڌي جي شناخت حتمي طرح، تيستائين جڙي ڪونه سگهندي، جيستائين هو حال اورانگهي، اتهاس طرف ڪونه مڙندو. جرمن فلسفي، مارٽن هيڊيگر، موجب، هڪ معقول شخص (Authentic Dasein) اهو ٿئي ٿو، جيڪو، حال ۽ روشن مستقبل جي مڪمل تصوير معلوم ڪرڻ لاءِ، هو ماضي طرف ڊوڙي ٿو. ماضي ڏانهن طئه ڪندڙ هن سفر دوران، هو مختلف مئل سورهين ۽ سورمين کي جاڳائي هنن سان ملاقات ڪري، اڃا ڏورانهن اتهاس کي رسي، معنيٰ خيز، شاهوڪار، اونها سبق پرائي فڪر جي گهرائي ماڻي، حال ۾ ڦڙتي سان واپس اچي، مستقبل جوڙي ٿو، اهڙي ريت هڪ سنڌي (Authentic Dasein)، جڏهن به اهڙو اتهاسي سفر طئه ڪندو، ته سنڌي ادب ۽ سماج ۾ سنڌ جي هندن جو ڪردار کان واقف ضرور ٿيندو. حشو ڪيولراماڻي جي ڪردار کي به مارٽن هيڊيگر واري فلسفي جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي.
حشو ڪيولراماڻي لکي ٿوته،
Living, languishing Pieces of Bharat have been flung and sprayed across all over Pakistan; and vice versa. Having been associated for long with some of the noblest Mussalmans across the border, I know that neither they, nor the spirits of their chivalrous forefathers can ever rest in peace till they have reclaimed the exiled sons of their soil.
( Pakistan X-rayed, 1951page ii
سچ پچ ته بيوسيءَ ۾ جلاوطني قبوليندڙ، هندو سنڌي لاءِِ مسلمان سنڌي عزت ۽ احترام رکي ٿو ۽ هنن جي ترقي ۽ ڪارنامن تي فخر محسوس ڪري ٿو.
No Sindhi Muslim’s hands were dipped in the blood of the departing Hindus;
سنڌ سان غيرلچڪدار عشق جو اندازو هيٺئين جملي مان لڳايو، جڏهن هن کي 1950ع ۾ پاڪستان پبلڪ سيفٽي آرڊيننس هيٺ پاڪستان لاءِ خطرو قرار ڏيئي، جلاوطن ڪيو ويو، ته وري به هن چيو:
I still remain a proud son of my land which was Pak before Bharat’s exported aristocrats arrived to tell me that it is Pakistan!
( Pakistan X-rayed, 1951)
هن ڪتاب جو مقصد سنڌي نوجوانن تائين حشو ڪيولراماڻيءَ جو نئون خاڪو پيش ڪرڻ آهي. هن ڪتاب کي ممڪن بنائڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن مدد ڪئي، جنهن مان سنڌي ڏاهن وٽ حشوءَ لاءِ عزت ۽ احترام جي جذبي کي سمجهي سگهجي ٿو. ماهروان ممتاڻي، تاج جويو، گل راماڻي، نصير اعجاز، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر قاسم راجپر، دانش نواز ۽ سر اسحاق سميجي جي شڪرگذار آهيان.
ڊاڪٽر پارس نواز
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No . 773
Kitab Jo Nalo : HASHOO KEVALRAMANI

Translate & Compiled by: Dr. Paras Nawaz
First Edition © Roshni 2016
Pages : 272
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder 
Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG