KHOOBSOORAT KHAYAAL JA SAPNA










































اُٿو سهڻيون، اُٿو ساهڙ، نچو، ڳايو!
استاد بخاري اڻ ڳڻين ڪيفيتن جو مالڪ شاعر هو. سرمستي جي سُرور ۾ اچي اَنا الحق اَلائيندي، لاحد کي ڇُهندي به، هوش جي دامن، هن جي هٿ مان ڇڏائجي نه ويندي هئي. استاد سرمستيءَ ۾ به اعتدال رکيو. اهو استاد جو هُنر به هو ته هوش مندي به. هن اهڙي ڪيفيتن مان ڪيئي ڀيرا گذرڻ جون ڳالهيون به ڪيون آهن. هن جو اهو رويو خود ڏاهپ ڀريو ۽ عالمانه آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي ڳالهه يا ڪيفيت جي سپورٽ ۾ ٻئي کي ڪوٽ Quote به ڪندو آهي:
گہے بر طار می اعلیٰ نشینم،
گہے بر پُشت پائے خود نبینم۔
-
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن!
هو جنهن مهل بهار جو جهؤنڪو ۽ مِٽيءَ جي مهڪار آهي ۽ سائر جي هلڪي لهر آهي، يا ساگر جي ڪناري جي مِٽي آهي، تنهن مهل، ننڍڙو ٻار به ان مان گهروندا ٺاهڻ ٿو لڳي. جڏهن هو ابراهيم جيان خيال جي آڙاهه ۾ آهي، موسيٰ جيان طُور تي آهي ۽ کِنوڻين سان ٻکيو بيٺو هوندو آهي، تڏهن فقط کيس خاموشيءَ ۽ حيرت سان ڏسي، ۽ ان جي ڪيفيت تي دير تائين ماڻهو غور ڪندي رهجي وڃي ٿو.
انهن ٻنهي ڪيفيتن کان الڳ، هڪ وچ واري ڪيفيت به آهي، جنهن ۾ استاد سرمست ناهي، عامي عوامي ناهي، بلڪ هڪ عالم آهي، هڪ فڪر جو صاحب آهي، تڏهن هن وٽ ڪيئي سوال آهن. جن جي ٻُڌل/ٻُڌايل جوابن مان هي مطمئن ڪونهي. تڏهن هُو، اهي ساڳيا سوال کڻي، فڪر جي ڳوڙهي کي، خيال جي کانڀاڻيءَ ۾ وجهي، زور سان آسمانن ڏانهن ٿو اُڇلي. اهي ساڳيا سوال ۽ ڳالهيون، جيڪي شاعر پنهنجو پاڻ سان ٿو ڪري، محبوب يا قوم سان ٿو ڪري، سي سڀ پڙهندڙ، ٻُڌندڙ جي اڳيان پڻ غور يا جواب جي ڳولا جي لاءِ رکيل آهن.
استاد جي رومانوي، انقلابي، عشقيه، رزميه شاعري کي ورهائي الڳ ڪرڻ سولو ناهي. هن غزل جهڙي ڳوري ۽ ڳُوڙهي صنف کي سنجيدگيءَ سان گڏ ڀرپور ترنم ۽ موسيقي ڏيئي ڪٿي ڪٿي گيت جهڙو گلابي ۽ هير جهڙو هلڪو بنائي ڇڏيو آهي.
استاد جو عوامي هجڻ، سندس هڪ پاسو آهي، ان کي جيترو عامي يا عوامي سمجهيو ٿو وڃي، اهو ايترو سولو ناهي. هن جي سِٽَ تان فقط اهو ئي آسانيءَ سان اورانگهي ٿو سگهي، جنهن جي شعوري سطح ان ٻار جيتري آهي، جيڪو ڪنهن نماز ۾ گُم عابد جي اڳيان گذري ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو شعوري طور ان کي ايترو سولو سمجهي، ان تان گذري ٿو وڃي، ته يقيناً اهو هڪ ڀرپور نظاري، بلڪ خوبصورت شهر ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ، ان کي ڏِسڻ پَسڻ کان سواءِ، ان تي سوچي، سُرور وٺڻ کانسواءِ ان جي باءِ پاس تان تيزيءَ سان گذري ٿو وڃي. استاد کي ڌيرج سان پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن جي بيان جي سادگي، سهل ۽ ميٺاج کي سادو سمجهڻ، سمجهه جي سادگي آهي. هن جي ساديُن پر سُوڌين سِٽُن جي تفسير لاءِ سوين صفحا گهرجن.
زهر جي اثر، بلا جي ڏنگ ۽ نالي جي دهشت کي ”ڪک جو سِنگهڻ“ چئي، ماڻهوءَ کي نفسياتي طور ٽيڪ ته ڏئي سگهجي ٿي، اهو وِزڊم به استاد وٽ وڏڙن جي ورثي مان ضرور آهي، پر ان زهر جي ترياق لاءِ تدبير، هن وٽ اولين ترجيح آهي. ڇو ته هو رڳو سياڻپ جي جملن، ۽ نفسيات جي ٽيڪ، قسمت جي آڌار يا آسري تي بيهي رهڻ نه ٿو چاهي.
آءٌ استاد جو نقاد ناهيان، نه ئي سندس مُريد آهيان. آءٌ استاد سان پيار ڪريان ٿو. ان جي ڏات ۽ ذات لاءِ احترام رکان ٿو. ماڻهو استاد کي پڙهي شاعر ٿيو وڃن، پر مان استاد کي پڙهان ٿو ته، مون کان شاعري ڇڏائجي ٿي وڃي.
اسين تنهنجي قدمن تي هلندا رهياسين،
اسين تنهن جي قدمن ۾ ويهي رهياسين!
(علي دوست)
استاد کي پاڻ جيڏي نقاد جي ضرورت آهي. سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا، استاد جي شاعريءَ بابت رمارڪس، استاد جي پيغمبريءَ جي درجي کي ڇُهندڙ ڏات بابت تصديق/سند ضرور آهن، پر هن جي شعري حديثن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ، پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ ان تي عمل جي سخت ضرورت آهي.
پڙهه دل دي ڏيان نال، ادب چون سنڀال رک،
آيت رُلي قرآن دي، اهدن چڱي نهين.
-
هر وقت هٿ هوا چِ هليندان، چريا نه هان،
”طوفان آوِ آوِ“ سڏيندا وتان هان مين.
ڏات جو سفر به انساني شعور سان گڏ شروع ٿئي ٿو ۽ شاعري ته نه رڳو اعليٰ ذهنن جي تخليق آهي، پر فنون لطيفه جي سرواڻ پڻ آهي. بخاري صاحب چوندو هو ته، ”زندگي، مِهري، شاعري ۽ موسيقيءَ آڏو آءٌ حيرت زده رهجي ويندو آهيان. انهن چئن چيزن سان اڪثر ليکو چوکو گهٽ ڪندو آهيان. اهي مون کي ڪنهن نه ڪنهن نموني موهينديون رهنديون آهن ۽ آءٌ موهبو رهيو آهيان.“
هُو شاعريءَ جي ڌُن ۾ ايترو ته مَحُو رهندو هو، جيئن ڪو مُتقي خدا جي خيال ۾ گم هوندو آهي.
مون کي ڇڏي ڏيو ته رڳو شاعري ڪريان،
جو پهر ڏيڍ آهي بچيو، بندگي ڪريان!
زندگيءَ کان سواءِ ذڪر ڪيل، اهي ٽيئي شيون به استاد لاءِ زندگي ئي هيون. زندگي، جنهن جي پوئين هڏڪيءَ کي به استاد ”ڀيروي“ ڪوٺيندو هو، تنهن سان پيار قدرتي ڳالهه آهي، هُو زندگيءَ جي ڏکن مان به زندگيءَ جهڙو ئي لُطف وٺندو هو:
مزو زندگيءَ مان مڪمل وٺي ڇڏ،
ڏکيو جي نه آهين ته هاڻي ڏکي پؤ!
استاد جي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي آس به زندگي هئي، تنهن ڪري استاد کي زندگيءَ جو شاعر چيو ويو آهي. هن شاعريءَ کي زندگيءَ جهڙو تحرڪ ڏنو. مسئلن، مونجهارن ۽ مشڪلن جي باوجود ان ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هي گهڙيءَ گهڙيءَ سان وڌي مليو ۽ ان کي پوريءَ ريت ماڻيائين ۽ ماڻڻ جي صلاح ڏنائين:
اُٿو سُهڻيون، اُٿو ساهڙ نچو ڳايو!
مِٽيءَ جو ڍير هونداسين مرڻ کان پو.
استاد بورجوازي بيمار ذهنن جي هٿ ٺوڪي سنجيدگيءَ کي زندگيءَ لاءِ آفيمي زهر ٿي سمجهيو. سندس وڏي ۾ وڏي خواهش هئي ته: ”ڪاش! منهنجي شاعريءَ جي سِٽَ سِٽَ، لفظ ته ڇا، خود منهنجي زندگي هڪ وڏو نعرو ٿي پوي، ’حق جو‘!“
پڳ پڳ جي ڳڻتي پد پد کي،
لوءِ لوءِ جي لوري لفظن کي.
ڪنهن ريت ڪنن ۾ جاڳَ جلي،
شل آڳ لڳي ڪا غزلن کي!
۽ هُو ان جاڳَ واري خواهش جي تڪميل لاءِ ڀرپور جذبي سان لکندو رهيو. اهڙو جذبو، جنهن کي عشق چئبو آهي، اهڙو عشق، جنهن ۾ مقصديت به هئي:
فقط گيت، سنگيت، استاد ڪاٿي،
مُرادون، مسئلا ملهالا به آهن.
استاد ان مقصد کي اهڙي ارپنا ۽ سچائي عطا ڪئي، جهڙي استاد جهڙي شاعر کي جُڳائيندي هئي. استاد اهڙو سچو شاعر هو، جنهن سچ ڳوليو به ته ٻوليو به:
سر گهُرج ۾ تاريخ کي هو، گهور ڪجي ها،
ڪو هرج نه هو، پاڻ هُجون ها نه هُجون ها!
استاد جي ان انداز سان تاريخ تان سرگهور ڪرڻ، پنهنجو پاڻ ٻاري ۽ غزلن کي باهه ڏئي روشني ڪرڻ، ئي کيس تاريخ ۾ امرتا بخشي ڇڏي آهي.
وفات بعد به استاد ياد هو هن کي، 
غلط رقيب جو نِڪتو گمان هو يا نه!؟
بخاري صاحب، شاعريءَ ۾ فڪري آزادگيءَ، وقت ۽ حالات جي نمائندگيءَ کي ترجيح ٿي ڏني. محفل جي زيب زينت بجاءِ دل ۽ دؤر جا درد سُڻڻ ۽ سُڻائڻ-
زیب محفل ہے، شریکِ شورشِ محفل نہیں،
اے گلِ رنگین تیرے سینے میں شاید دل نہیں!
(اقبال)
اڄ جي سنڌي شاعري خاص طور تي غزل، جنهن سُڃاڻ ۽ فڪري مقام تي بيٺل آهي ۽ سنڌي ٽوپ ۽ اجرڪ پايو محفل جو مور بڻيو ويٺو آهي، تنهن کي اُن مقام تي پهچائڻ ۾ جن اهم شاعرن، تخليقڪارن جو حصو آهي، جن جي شوق، شعور ۽ قاتل ڪمائيءَ جو ڪمال ۽ پورهيو شامل آهي، استاد بخاريءَ جو نالو انهن اهم شاعرن جي پهرين صف ۾ آهي. استاد، هڪ صنفي ۽ هڪ موضوع وارو شاعر ناهي، حالانڪ سندس شاعريءَ تي حُسن ۽ ڌرتيءَ جو رنگ سوايو آهي، پر هن انهن موضوعن ۾ ايڏي گوناگونيت پيدا ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪيفيتن جو هڪ مڪمل جهانُ سمايل آهي.
ڪوبه شاعر، شعر جي ڪنهن به صنف، بحر يا وزن جي چُونڊ شعوري طور ناهي ڪندو، پر ان جو دارومدار ان مهل جي جذبي ۽ ڪيفيت تي هوندو آهي. بخاري صاحب پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
”... ڪلام جيڪو لکيو اٿم، سو وائي، گيت، غزل، نظم جو سنگم ٿي پيو آهي. مون لکڻ وائي ٿي گهُري، اجهو هي فارم يا گهاڙيٽو بيٺو آهي:
آءٌ هتي ئي هوس، هتي ئي آهيان مان،
سِڪَ جو ساگر، سُونهن جي ساحل سان جُهوميو،
هاڻي بادل بنجي، ڏهرن ڏانهن اُڏامان!
هائو، هتي ئي آهيان مان“
بخاري صاحب گهڻو ڪري هر صنف ۾ لکيو آهي، پر سندس ڪلام جو گهڻو تعداد بيت، وائي، نظم، چوسٽي، گيت ۽ غزل جو آهي. استاد جو غزل به استاد جي ٻوليءَ، اسلوب جي حوالي سان ”استاد جي غزل“ طور سڃاتو وڃي ٿو.
استاد جو شروعاتي زمانو بزمن جي اوج وارو دؤر هو ۽ ڪيترن ئي شاعرن جون گاديون آباد هيون، جن جون شاعراڻيون روايتون پنهنجون هيون، اهي شاعر به پنهنجي فن ۽ ڪلام تي قادر هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن پنهنجي شاعريءَ جي زمين کي ايران جي آب سان پئي سيراب ڪيو، انهن جي ڏات جي ڏيئي جي روشني محفل ۾ ته هئي، ليڪن خود ڏيئي جي هيٺان نه هئي. ٿورا شاعر هئا، جن سنڌوءَ جي جل ڌارا کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ آب حيات طور ڪتب آندو، تنهن ڪري ان دؤر جي گهڻي شاعري هتان جي ماڻهن، سماج ۽ زندگي لاءِ اوپري ئي رهي، جنهن سان گوڏو گوڏي ۾ ملائي دل جا دؤر نه ٻُڌي پيا سگهجن ۽ نه ئي ٻڌائي پيا سگهجن. ان سوچ ۽ فڪر جو ذائقو زبان کي لڳي ئي نه ٿي سگهيو ۽ ڪيترن ئي جگادري شاعرن هوندي، اها شاعري هڪ مخصوص گروهه جي محفلن تائين محدود رهي ۽ سندن فن ۽ ڪاريگري جي واهُڙَ وهي وڃي ٿي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو. ڪو اهڙو مست الست، سنڌو درياهه وانگر پورالو شاعر نظر ئي نه ٿي آيو، جيڪو لَيون لاڻا لَسَ ڪري، ڪنڌيون ۽ ڪانهن ٻوڙي ڇڏي.
آخر اهڙي ويراني ۽ قحط الرجاليءَ جي سڏن جي موٽ ۾ ڪي صدائون گونجيون، جن ۾ شيخ اياز وڏو نانءُ هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ کي سنڌي لوڪ شاعريءَ سان جوڙي ڇڏيو. اياز صاحب، جنهن جي شاعراڻيءَ اثر ۽ زور ڪيترائي شاعر لوڙهي ڇڏيا، پر وڏن شاعرن جون واٽون گڏ هوندي به پنهنجي سڃاڻ ۽ وهڪرا الڳ رهندا آهن. وڏا شاعر پنهنجي دؤر ۾ سج وانگر چمڪندا رهندا آهن ۽ ويندي ويندي ڪنهن جي بقول: پنهنجي پويان گهڻائي فڪري وهڪرا به ڇڏي ويندا آهن. اياز، استاد کان عمر ۾ به وڏو هو، ته استاد وٽ هن جي شاعري ۽ ذهانت لاءِ مڃتا به هئي، ته هن سندس شاعريءَ جي اثرن کي به محسوس پئي ڪيو، پر استاد جي طبيعت ٻي هئي ۽ اياز جي طبيعت الڳ، اياز شعلو ته استاد مٽي هو. اهو ئي سبب هو، جو هڪ ئي دؤر جا ٻئي وڏا شاعر هڪ ٻئي کي پهاڙن جي چوٽين وانگر پري کان ڏسندا رهيا.
استاد پنهنجو دڳ، ٻوليءَ، لهجي ۽ اسلوب جي حوالي سان الڳ جوڙي ورتو هو. هن جيڪو Diction جوڙيو، اهو آسان هوندي به آسان نه هو. ڊڪشن/ اسلوب چئبو آهي، خيال ۽ سوچ کي بيان ڪرڻ يا لکڻ لاءِ مناسب لفظن جي چونڊ ۽ ترتيب سان استعمال. استاد شعر ۾ خاص طور غزل ۾ لفظن جو سٽاءُ اهڙي ته سهڻي انداز سان رکيو آهي، جنهن مان سندس تخليقي حسن ۽ فن جو ڪمال نظر ٿو اچي.
استاد غزل توڙي گيت کي نِجي ۽ مخصوص محفلن مان ڪڍي عام ڏي وٺي آيو. ڪتابن مان ڪڍي ڪلاڪارن جي حوالي ڪيو. ٻين لفظن ۾ غزل ۽ گيت کي به ڳوٺاڻي مزاج سان موافقت ڏني. کيس سولو سنگيت ۽ ڌڙڪندڙ ڌُنون ڏنيون ۽ استاد جي ٻي شاعري وانگر سندس غزل به پڙهندڙن لاءِ ايتري پنهنجائپ پيدا ڪئي، جيتري سرنهن جي ڦولار، چيٽ جي مهڪار ۽ مائي ڀاڳيءَ جي ڀُڻڪار ڪندي هئي.
جي روئي ڏنو مون، ته مرڪي ڏنائين،
ڦٽن تي ائين لوڻ ٻُرڪي ڏنائين.
هن عام زبان ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن کي غزل جي بنيادي جُزن: رديف ۽ قافيي طور استعمال ڪري، نه رڳو شاعريءَ کي عام فهم بڻايو، پر ٻوليءَ جي عام لفظن کي شعري ٻوليءَ جي حيثيت ڏيئي، غزل کي هڪ نئين روايت بڻائي ڇڏيو، ۽ عام ڳالهائِي ويندڙ زبان ۽ شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ وِيڇي ۽ تڪلف کي ختم ڪري ڇڏيو. هن غزل ۾ مڪالماتي فقرن جو استعمال ڪيو ۽ نظم جي موضوعن کي غزل ۾ نڀايو، ان ۾ هن جون شعوري ڪوششون به ضرور هيون، پر هُو ”مانتو“، ”چيم“، ”چيائيون ته“، ”يانحُسي“، ”هوندو هوندو“، ”هو يا نه“، ”ايلِي“، ”اهو آ“، ”اچان ٿو اچان“، جهڙن لفظن جو استعمال رديف ۽ قافيي طور بهتر انداز سان ان لاءِ ڪري سگهيو آهي، جو کيس لفظن جي استعمال جو ڏانءُ ۽ زبان تي دسترس هئي. استاد وٽ، ٻِٽن، هڪجهڙن ۽ متضاد لفظن جو استعمال به ڪمال جو آهي. توهان کي استاد جو، هي غزل پڙهي حيرت ٿيندي، اهڙو اصلوب ۽ انداز فقط استاد جو ئي ٿي ٿو سگهي، جيڪو پنهنجيءَ ٻوليءَ جي حُسن ۽ فني خوبين جي ڪري بيحد حسين لڳي رهيو آهي. هن غزل ۾ رديف ناهي، ان جي هڪ بند ۾ پنجن قافين جو استعمال آهي ۽ مٿينءَ سٽ جا لفظ/ قافيا بنجي، هيٺينءَ سِٽ سان هٿ هٿ ۾ ملايو بيٺا آهن:
گهٽ ۾ گهٽ روئين، لُڇين، تڙپين ته ها،
ڪجهه ڀرين ها خون منهنجي جي بها.
وڇڙندين، ويندا وڌي ڏاڍا ڏچا،
پرچندين، پوندا چڙهي پنهنجا ڳها.
هاڻي اسان وٽ غزل هڪ عام صنف آهي، توڙي جو اهو عام هوندي به خاص رهي ٿو ۽ عام روش کي پسند نٿو ڪري. چون ٿا ته جهڙيءَ ريت خدا پنهنجي ٻانَهن کان اطاعت چاهيندو آهي، غزل به ائين شاعرن کان پنهنجي اطاعت چاهيندو آهي.
ڪنهن جي غزل کي فقط ٻولي، ترنم، لهجي ۽ فڪري پيشڪش مان ئي سُڃاڻي سگهبو، ته اهو ڪنهن جو غزل آهي. غزل عرب مان آيو يا ايران مان، پر سنڌيءَ ۾، غزل ۾ پهريان پيوندڪاري ڪئي وئي، پوءِ هن جون جٽائون بَڙ وانگر هن زمين ۾ لهي ويون. اها هن ڌرتيءَ توڙي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. ڪيئي ٻاهريان قبيلا ۽ فرد وقت گذرڻ سان گڏ، هن مٽيءَ جو حصو ٿي ويا، هيءَ ته هڪ شعري صنف هئي، جيڪا علمي ماڻهن جي هٿن ۾ هئي. جيئن اياز صاحب فرمايو:
”اسان غزل ۽ آزاد نظم ۾ ايتري تبديلي آندي، جو ان ۾ ڪائي اجنبيت نه رهي. اسان بحر وزن، قافيي، رديف ۽ ٻئي پوري فني لوازمات کي سنڌين جي مزاج سان موافق ڪيو ۽ جديد کان جديد ترين انسان جي ذهني ڪشمڪش ان ۾ سمائي آياسين.“
شاعريءَ جون جَڙون به ڪنهن قوم وانگر ڌرتيءَ ۾ نه هونديون ته ان مان ڌرتيءَ وارو ساءُ ۽ مهڪار نه ايندي، ان جا پير زمين تي نه هوندا ته، ان جا رنگ هوا ۾ گهڙيءَ پل جي رونشي وانگر نظر ايندا، جيئن آتش بازيءَ وقت گولن جا رنگ گهڙيءَ کن لاءِ ڦهلبا آهن، ته اهڙو شعر ٽُٽل تاري جي لاٽ وانگر لڳندو، ڪنهن مشعال وانگر نه.
فراق گورکپوري اردو شاعريءَ جي باري ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”اردو شاعريءَ کي خيالن ۾ ٽُٻي هڻڻ ته خوب اچي ٿي، پر زمين ۾ سمائجڻ، تحليل ٿي وڃڻ، قدرت جي منظرن جي تهه در تهه رمزيت ۾ ٻُڏي وڃڻ ڪجهه گهٽ ئي اچي ٿو.“
ان سلسلي ۾ استاد جي شاعري ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي، ۽ ان ۾ سمائجي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿي. استاد مٽيءَ جو شاعر آهي. پنهنجي ضمير ۾ به ته خمير ۾ به مٽي. هُو ڪچي جو ماڻهو هو. درياههَ، زمينون، ٻيلا، ٻوڏون، لاب ۽ ڳاههَ، تُوريا، ڪڻڪُون، سانوڻيون، برساتون، ڪاڇي جو سمورو پسمنظر هن جي اڳيان هو. سنڌ جي وچولي ۾ هن زندگي گذاري، ڳوٺَ هن جا پنهنجا هئا، تنهن ڪري هن جي خيال ۽ ٻوليءَ جو دائرو به ڪتابن کان وٺي ڪچهرين تائين ڦهليل هو:
اکين سان ٿيو مگر ٿورو،
گهڻو دل ساڻ دوکو ٿيو.
-
ڇاپڙون ڳوٺ جون، اُسون غم جون،
زندگي ٻير ٿي پچي ٿي پئي.
سو استاد محفلون، مشاعرا ۽ معرڪا شوق سان اٽينڊ ڪندو رهيو، سندس هي شعر ستر واري ڏهاڪي جو آهي:
حادثا، چيتا بگهڙ ٿي ٿا اچن،
لُطف آهي، ٿا ڪجن ڏاڍا شڪار.
1971ع ۾ سندس شاعريءَ جو مجموعو ’گيت اسان جا جيت اسان جي‘ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ استاد جي شاعري روايتن کان هٽيل قومي جذبي ۽ نمائنده عوامي آواز طور آڏو آئي.
استاد جي شاعري، پهرئين مجموعي ۾ ئي روايتي فڪر کان الڳ ۽ هڪ نظريي طور آڏو آئي، جنهن جي ٻولي ۽ لهجو ٺيٺ سنڌي هو:
ظلمن کي گهڙيءَ لاءِ ٿُڏي ساڻ نه ٿيڙيو،
چنجُور کڻي پاڙ کان بنياد اُکيڙيو.
-
اڄ ته اُڃاري ٿر تي بادل،
مون سان گڏجي ٿورو رو.

ڌيري ڌيري درد نه ڌُوڻ،
ڇوهو ڇوهو ڏي ڇيرو.
ڪهڙو وقت اچي اُگهندو،
ماحولن جو مُنهن ميرو.
هن مجموعي ۾ شامل ڪجهه غزلن جو انداز گيت ۽ نظم جهڙو آهي. ٻن ٻن قافين جو استعمال به آهي، ته ٻه چار زير اضافت واريون فارسي ترڪيبون، ٻه ٽي طرحي غزل ۽ غزل ۾ گفتگو وارو نمونو به آهي.
پڇو يارن ته، عقبيٰ ٿي وڻي توکي، يا هيءَ دنيا،
چيم، آزدگي گهرجي، نه هُو گهرجي، نه هي گهرجي.
-
هٿين خالي اسان ظلمن سان لڙنداسين، لڙڻ ڏسجو،
اميد آهي، يقين آهي ته کٽنداسين، کٽڻ ڏسجو.
-
ڊڄڻا ماڻهو: ڀاڙي تي جلاد گهُرايو بيٺا هن،
سورهيه ماڻهو: ٻيڙيون پايو سِيس سهايو بيٺا هن.
-
سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا،
جيئي سنڌ، سدائين جيئي، ٻيا سڀ نعرا وسري ويا.
ان کان پوءِ ”اوتون جوتون“ ۽ پوءِ ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“ رڳو غزل، زندگيءَ جا ڪيئي موضوع کڻي آيا، جنهن ۾ استاد جي دل جا جوالا ۽ جهرڻا، ڳوڙها ۽ ڳالهيون، حيلا ۽ حوصلا، ووڙون ۽ وِڄائون، سٽ سٽ ۾ ڀريون پيون هيون، ته سندس فڪر جي چولي ڀٽائيءَ جي رنگ ۾ رنگيل نظر پئي آئي.
رتل رنگ ڏاڍو، جُٽيل جنگ ڪيڏي،
ڪُلهي ڪينرو، چيلهه چاقُو، ڪٽارو.

ڌماڪن جي ڌُو ڌُو ۾ ٻُچ ٻُچ چپن جي،
هي سنسار مچ ۾ نچڻ جو نظارو.
ڪتاب جي مُهڙ ۾ اُستاد اندر اوريندي لکيو ته: ”منهنجي عقيدي ۾، هن جيون جنگاهه ۾ شاعريءَ جو عظيم ڪارنامو ۽ زنده شاهڪار، اُها سِٽَ آهي، جا سڌو سنئون سِر ڌَڙَ جي بازي لڳائي، ديس ۽ ڌرتيءَ لاءِ ٻلهار ٿئي!“ هن ڳالهه مان، پڙهندڙ آسانيءَ سان ان سوال جو جواب سمجهي سگهي ٿو ته، استاد جهڙو مالهي مزاج ماڻهو ڪيڏاري واريون ڳالهيون ڇو ٿو ڪري ۽ هن جي شاعري شعلا شعلا ڇو ٿي پوندي هئي! ڇو ته هي انهن ماڻهن ۾ ويهي، اهڙي شاعري نه ٿي ڪري سگهيو، جنهن کي خيال جو عيش چئجي:
مان به کلان ها، دل به چوي ٿي لا،
پاڙي پِٽڪا، ٽهڪ ڏيان ڪهڙا!
پِيلا چهرا، تن تي نِيلا پاڇا،
هاڻي چاچا! حال پُڇان ڪهڙا؟
ننڍڙا ننگا، انگ منگن ڪپڙا،
هيلهه وڏيرا! ونئڻ وجهان ڪهڙا!
شعر مان شاعر جي اُداسي ۽ ڏُک جو ڪارڻ معلوم ٿيو وڃي. سادَن سانگين سان مخاطب ٿيڻ لاءِ کيس رمزن، ڪناين، اَرٿن ۽ اشارن جي ضرورت ئي نه ٿي پئي.
جهنگن کي جهنجهوڙي، ڇَرُن کي ڇڇولي،
تکو تيز اوٿر ٿي اُڏري وياسين.

هڻي سُوئا، سُونبا، اَوهان جنس جاچيو،
اسان پاڻ اڳواٽ اُڊڙي وياسين.
بخاري صاحب جي ڊگهن بحرن وارن غزلن جي خوبي، موسيقي ۽ بيان جي وسعت پنهنجي آهي، ته ننڍن بحرن وارن غزلن ۾ تاثر جي شدت، جذبن جي اُڇل، احساسن جي عڪاسي ۽ ترنم پنهنجو آهي.
سمندر جي تَر ۾ ملي لئي ڪريون ها، لُڇون ها مڇي پئي مڇيءَ کي، ڳهي ها،
همالي جي چوٽيءَ تي پهچي نچون ها، پَچُون ها ته بيروت شمشا آهي.
-
پڪن گهڙين کي ڪنا نه پوندا، ببر خبر ٿئي ڇٻر نه چرندا،
قلم کپائي، رقم سهيڙيان، اهو سبق مان سِکي نه سگهندس!
-
جي ڏوههَ ڪيا هم ته ڪيان هان دل تي،
جذبات جي غفلت تي ندامت آهي.
-
تڪڙ آسمان توکي ڪهڙي لڳي،
ڪڍي ڀُونءِ ڀاڪُر، اچان ٿو اچان!
-
بي سُڌ تارن کي سُڌ ڪهڙي،
ڇا اُستاد جي عزت آهي.
-
ڇا ناهي مڇي جر ۾،
ڇا پيار ويو تَر مان؟
استاد وٽ قافيي جي ڪا کوٽ ڪانه آهي، قافيا نوان، پابند به، ته آزاد (آوازي) به، جن جو استعمال ڪري هن غزل ۾ ٻولي، موسيقي ۽ مقصد کي آسانيءَ سان بيان ۾ آندو آهي.
آوازي/آزاد قافيي جو استعمال:
گهُور سان گهُورَ، اُفق جو گهيرو،
ڪو ته ميلاپ ٿيو تنهنجو، منهنجو.

تنگدل عمر ڪيو هو ڪَڪِ نه ته،
ڪيترو وقت هو منهنجي آڏو.

اڄ ته استاد سان آجو اورج،
ڇو ته آزاد هو قافيو ڪيڏو!
اِها ٻي ڳالهه آهي ته، غزل ۾ رديف جو استعمال شعر جي جماليات ۽ رَسُ کي وڌائي ٿو. هن کوڙ سارا نوان رديف ڪم آندا آهن. قافين ۽ رديفن جو خوبصورت ميل، استاد جي غزل جي وڏي خوبي آهي. ”رديف، خيال کي لاهي ٿو اچي“، ان ۾ وڌيڪ زور ۽ ترنم پيدا ڪرڻ استاد کي آيو پئي. بخاريءَ وٽ شاعريءَ جي هڪڙي وصف اها به هئي ته، اها ڪهڙي به موضوع، نڪته نظر ۽ فڪر تي مبني هجي پر، پڙهي، سُڻي وهوا ڪجي، جي وهوا نه، ته به لطف اندوز ضرور ٿجي.

الائي ڪير هو ڪارو ته ڪير هئي ڪاري،
ٻنهي جو خُون ٿيو هو، زيان هو يا نه؟
-
بلا تي پير نه پيو هو، جو ڇالُ ڏئي بچجي،
کِنوڻ کي ٻانهن ٻکيو هو، اهو نه ٿو وسري.
تشبيهي ۽ اتفهاميه رديف به بخاريءَ جي غزلن جي بلڪ شاعريءَ جي سُڃاڻ ۽ سونهن آهن. تشبيهي غزل مان شاعري ۽ ٻوليءَ جو حسن ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سواليه رديف استعمال ڪري استاد، پڙهندڙن جي سوچ جي تلاءَ ۾ پٿر اُڇلي ٿو ڇڏي-
تنهنجون ڳالهيون طويل تاريخون،
تنهنجو ڪمرو مٺو وطن وانگي.

عمر استاد جي وڌي نه سگهي،
شوق اينگهڻ لڳو جُڳن وانگي.
-
ڀُونءِ بي واهيون ڀِٽُون، سانگي سَٽُون،
عڪس هي اُڀري اڳيان آيو آ ڇو؟
-
هيو هميشه هي استاد آئينو تنهنجو،
الائي تنهنجو انهيءَ ڏي ڌيان هو يا نه؟
استاد جي غزل ۾ تغزل جا به ڪيئي دلڪش ۽ غير روايتي نمونا موجود ملندا.
زندگي هڪڙي، انهيءَ ۾ هي هزارين هُرکُرون،
ڄڻ پيل ماکيءَ جي شيشي ۾ ڪئين ڪوليون هجن.
-
چنڊ هٽندي ئي وڏي وير هَٽي ويندي آ،
گهُور گهٽجي ٿي ته استاد به گهٽجي ٿو وڃي.
زندگي تضادَ ۽ ٽڪراءَ آهي. استاد جي زندگي به ڪيترن ئي تضادن ۽ ٽڪرائن جو سلسلو هئي، جنهن ڪري هو پاڻ کي هميشه اهڙي ٽڪراءَ لاءِ تيار رکندو هو. خارجي حالتون، داخلي ڪيفيتن کي جهنجهوڙينديون رهنديون آهن. استاد جي بقول:
”توهين به هڪ دنيا آهيو، آءٌ به هڪ دنيا آهيان. اهي ٻه سنسار آهن، جيڪي ملي ٽيون تخليقي سنسار ٺاهن ٿا.“
پر تخليقي سنسار جوڙڻو پوندو آهي، جنهن کي جوڙڻ کان وڌيڪ بچائڻ جو مسئلو هوندو آهي:
گيت جي جيت لئي جهليم گوليون،
موت جي وات ۾ جيو آهيان.
-
اکيون ساڙيان، جلايان دل، لهي پئي لُڙ،
اٿم پر ڪنهن سان آڌيرا، نه ٿو ڀڙڪان.
استاد جي لاتعداد ڪتابن، زندگيءَ زندگيءَ کان وٺي، جُستجو لاتقنطُوا تائين، ڪٿي به سندس تخليقي موج ۾ گهٽتائي نظر نه ٿي اچي، ۽ هُو ڏات جا واهُڙَ وهائيندو ٿو وڃي.
بخاري صاحب گيتن ۽ غزلن جون زمينون ايتريون ته کولي ۽ کنڊيڙي ڇڏيون آهن، جن ۾ ڪيترائي شاعر وتن ٿا خيالن جا گهوڙا ڊوڙائيندا، پر استاد جو ’پنڌ‘ پري آهي. وڏي شاعر جو ڊڪشن هجي يا شعري زمين، اها شينهن جي ڪيل شڪار وانگر آهي، ڪير اگر ان جي ويجهو وڃڻ جي همت ساريندو به کڻي، تڏهن به اهو شڪار سندس نه ليکبو.
غالب وانگر اُستاد به پنهنجي غزل جي زمين ۾ بيانَ جا امڪان ختم ڪري ڇڏيا آهن. بقول ناصر ڪاظميءَ جي ته، ”غالب پنهنجي غزل لاءِ جيڪا زمين ڪتب ٿو آڻي، تنهن ۾ اظهار ۽ بيان جا سمورا امڪانَ پُوريءَ ريت ختم ڪري ٿو ڇڏي.“
استاد جي غزل جا مُهانڊا پري کان پڌرا آهن. هونئن به غزل جو هر بند هڪ آزاد ۽ مڪمل ايڪائي هوندو آهي، جو مضمون ۽ فڪر جي حوالي سان مڪمل هئڻ ڪري، ان ۾ ياد ٿي وڃڻ جي صلاحيت پڻ هوندي آهي. استاد جي غزلن جا نه رڳو ڪيئي بند پر سڄا سڄا غزل ياد رهجي ويندا آهن. سندس سِٽن ۾ صدين جي لوڪ ڏاهپ هئڻ ڪري اُهي چَوڻين/ضرب المثل واري حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن:
کِنوڻ کِنوندي ته اونداهيءَ جو ڀؤُ ڀَڄندو،
لَهي ٿو رنج جو اُلڪو کِلڻ کان پو.
-
ميندي ته اَنڌَ ڌُنڌ ۾ ڪنهن کي مَکي وڃو،
پر پريت ڪنهن جي دل ۾ زوري نه ٿي پوي.
-
ڇو نه پهرو مري بخاري ڏئي،
تنهنجو پاڙو مِٺو وطن وانگي.
-
پَڪا پير ناهن ته گهوڙو ڪچو،
تِکي ٻانهن ناهي، تبر ڇا ڪري؟
-
ٿورو خاموش هنيانوَ جون باهيون،
هانءَ جو ٺار ڪُجهه ٻُڌائي ٿو.

کيل ٿي ختم ويو بخاري ته به،
تنهنجو ڪردار ڪجهه ٻڌائي ٿو.
-
جلي جلي ٿو ڪيان اُجالو، لُڇي لُڇي ٿو چوان جمالو،
کِلي پُڇين ٿو ته ڪيئن هلان پيو، جيئين هلي پيو جهانُ جاني.
-
مون کان تاريخ پُڇي ٿي ته ڪٿي بيٺو هان،
زندگي موت ٻِواٽو آ، اُتي بيٺو هان.
لوڪ سمجهي ٿو بخاريءَ جي هٿن ۾ آ قلم،
آءٌ عباس، عَلم چَڪ ۾ جهلي بيٺو هان!
سنڌيءَ سان گڏ سِرائڪي به استاد جي گهر ۾ ڳالهائي ويندڙ زبان رهي آهي. سندس ڳوٺاڻو ماحول سرائڪي ڳالهائڻ وارن جو هو، تنهن ڪري سندس سرائڪي شاعريءَ ۾ به فڪري رنگ ۽ اظهار ۾ ڳوٺاڻي سادگي آهي. سرائڪي دوهيڙي سان گڏ، سندس سرائڪي غزل به ڏاڍو خوبصورت آهي، جنهن کي جديد سرائڪي غزل جو نمونو پڻ چئي سگهجي ٿو.
جنهن نه ڪيتي گُناهه جوڀن وچ،
تنهن دي پِيري لَڄِي لَڄِي هوسين.
-
ميڏا محبوب ڪو خدا تان نهين،
ڪِيون نظر هڪ دفعا نهين آندا.
استاد هميشه هِنئين سان هنڊائڻ واري ڳالهه ڪئي. استاد ڏات جي ڏيهه ۾ نه رڳو لفظن جو عيسيٰ هو، جنهن لفظن ۾ جان ۽ سِٽُن ۾ ساههُ وڌو، پر تخليق جي هڪ موج واري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي دور جو مسيحا بنجي ويو، جنهن نه رڳو شاعريءَ ۾ مسيحائيءَ جا معجزا ڏيکاريا، پر پنهنجي تخليق ۾ پاڻ به امر بنجي ويو:
اي تان محفل هي مُقامان چُون مُئا اُٿ پوسين،
يار، جنهن مهل بخاري ڪُون سڄڻ ياد آيا.
-
خَيال مَر نهين سگهدا، امر بُخاري هي،
جٿان سڏيسو، غزل، گيت وِچ اُٿان هوسون!

علي دوست عاجز
https://www.goodreads.com/gro…/show/77628-roshni-publication

Book No .709
Kitab Jo Nalo : KHOOBSOORAT KHAYAAL JA SAPNA

Poetry: Ustad Bukhari
Compiled By: Ali Dost Ajiz

First Edition © Roshni 2015
Pages : 767
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 800.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sind

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG