DUNYA JEE SIYASAT



































آچاريه چانڪيا
آچاريه چانڪيا جنهن کي ڪيترن ئي نالن، جهڙوڪ: ڪوٽليا، وشنوگپت، انسُل ۽ اشوني سان ياد ڪيو ويندو آهي. هو موجوده ڀارتي رياست بهار ۾ واقع هڪ آڳاٽي ۽ اجڙي ويل رياست ”مگڌهه“ جي دارالحڪومت پاٽلي پتر، يعني موجوده پٽنا ۾ پيدا ٿيو. ان کانپوءِ چانڪيا گنڌار يعني گنڌارا صوبي جي صدر مقام تُڪش شلا يعني موجوده ٽيڪسيلا طرف روانو ٿيو ۽ رهائش اختيار ڪئي. ٽيڪسيلا جيڪو موجوده پاڪستان جو حصو هو. چانڪيا اتي اچي ان دؤر جي قديم يونيورسٽي تڪشن شلا وديا پيٺ (يعني دارالعلوم يا يونيورسٽي) ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ سياست جي تعليم ڏنائين ۽ اڳتي هلي هو ايترو مشهور ٿيو جو ان دؤر جي حڪمران چندرگپت موريه جو وزيراعظم مقرر ٿيو، هن جي عملي سياسي چالن سان ان دؤر جي وڏي بادشاهت نندا خاندان جي بادشاهت جو خاتمو ٿيو. چانڪيا جو شمار ان دؤر جي اولين سياسي مفڪرن، معاشي ماهرن ۽ بادشاهه گُر ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. هِن جي ڪوشش سان ننڍيون ننڍيون ڀارتي رياستن (راڄواڙن) کي گڏ ڪري، هڪ وڏي سلطنت جي تشڪيل ڪئي، ڇو ته سڪندر اعظم جهڙن حمله آورن جو خوف طاري هو، پنهنجي سلطنت کي بچائڻ لاءِ ان جو اتحاد قائم ڪرڻ ضروري هو. چانڪيا ڪنفيوشن ۽ ميڪاولي جيترو مشهورنه ٿيو، ڇو ته هن جو سياسي محور سندس پنهنجو ملڪ ڀارت هو. هو ٻئي دنيا ۾ مشهور ٿيا ڇو ته انهن کي دنيا ۾ مشهوري ڏياريندڙ ماڻهو ملي ويا. پرچانڪيا هندوستان جي سرحدن اندر قيد رهجي ويو. چانڪيا ”ارٿ شاستر“ لکي سياست جي دنيا تي تمام وڏا نقش چٽيا. هن سياست، معيشت، ۽ معاشرت تي جيڪي نظريا پيش ڪيا، اُهي اڄ به لافاني آهن ۽ ڀارت توڙي ٻين ملڪن جي سياسي دنيا ۾ نهايت ئي مقبول آهن. ورهاڱي کانپوءِ آزاد ٿيل ڀارت جي پهرئين وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو پڻ پنهنجي مشهور ڪتاب ”ڊسڪوري آف انڊيا“ ۾ چانڪيا کي ڀارت جو ميڪياولي قرار ڏيندي، ان تي فخر ڪيو آهي.
چانڪيا جي ڪا خاص ۽ مستند سوانح موجود نه آهي. ان جي زندگي ۽ حالتن متعلق لکڻ جي ابتدا ان جي موت کان صديون پوءِ ٿي. باقي سمورا سوانح نگار ان راءِ تي متفق آهن ته چانڪيا ئي هو، جنهن چندر گپت موريا کي هڪ عظيم سلطنت جي تشڪيل لاءِ تيار ڪيو ۽ ڇڙوڇڙ ذاتين، قبيلن ۽ قومن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ هڪ گڏيل ۽ متحده هندوستان قائم ڪيو ۽ هڪ عظيم سلطنت جي نه رڳو تشڪيل، پر تڪميل به ڪئي.
چانڪيا جي والد جو نالو آچاريه چنک هو. ڏکڻ ڀارت جي برهمڻن جي هڪ گروهه چوزيا جي دعويٰ آهي ته چانڪيا انهن مان آهي. هيم چندر پنهنجي ڪتاب ۾ چانڪيا کي ڏکڻ ڀارت جي دراوڙن جي هڪ ذيلي ذات ”دراملا“ ۾ شمار ڪيو آهي. 16 سالن جي عمر ۾ چانڪيا تڪش شِلا (ٽيڪسلا) ۾ پنهنجي وقت جي بهترين تعليم حاصل ڪئي. هيءَ ئي اُها جڳهه آهي، جتي وقت جي هڪ وڏي عالم پنينيءَ سنسڪرتيءَ زبان جا بنيادي قاعدا ۽ ضابطا جوڙيا. تڪش شلا ان دؤر جو تمام وڏو درسگاهه هو، جتي ڏکڻ مشرقي ايشيا مان ماڻهو علم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. موجوده بهار ۽ اتر پرديش صوبا به علم جي حصول لاءِ هتي ايندا هئا. ابتدائي تعليم ۾ چانڪيا چئن ويدن سان گڏوگڏ رياضي، جاگرافي، فطري علم ۽ مذهبي علمن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. ان جي شاگردن ۾ ڀڌرڀٽ ۽ پروش دت مشهور ٿيا.
چانڪيا فڪري طور ڏاڍو انتقامي ماڻهو هو. چون ٿا ته هڪ ڀيري، چانڪيا ڪنهن رستي تان گذري رهيو هو ته اتي هڪ ڪنڊيدار وڻ مان هن کي ڪنڊو لڳو، جنهن هن کي ڏاڍو ڏکويو ۽ ايذائيو. هن به ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڇا ڪيو جو کير جو لوٽو کنيو ۽ ان ۾ مٺائي ملائي، ان وڻ جي پاڙ ۾ اچي هاريائين، ان کان پوءِ ان جي پاڙ مان اچي زهريلا جيت ۽ ماڪوڙا نڪتا، جنهن وڻ جون پاڙون ئي پٽي ڇڏيون.
ٻئي دفعي مگڌهه جي نندا حڪمرانن هن (چانڪيا) کي ڪنهن مسئلي تي بي عزت ۽ ذليل ڪيو، هن ٿوري عرصي تائين ته اهو زهر جو ڍڪ پيتو، ڀران کان پوءِ تذليل جي زخمن کان چور چور ٿيل چانڪيا، انهن سان پلاند ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. هو هڪ جهنگل مان گذري رهيو هو ته ان جي نظر هڪ ننڍڙي نينگر تي پئي، جنهن جي حرڪتن مان هن کي محسوس ٿيو ته هن ۾ فطري طور وڏيون قاعدانه صلاحيتون موجود آهن. هن ان ٻار کي پاڻ سان گڏ گهر آندو ۽ ان جي پالنا ۽ پرورش ڪئي. ان جي اهڙي ته سياسي تربيت ڪيائين جو هن کي ملڪ جي بادشاهي نصيب ٿي ۽ پاڻ چانڪيا ان جو وزيراعظم بڻجي ويو .اهو ٻارڙو هندوستان جي تاريخ جو مشهور بادشاهه ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو چندرگپت موريا هو.
پروفيسر راجر بوشي لکي ٿو ته، ”ڪوٽيليه چانڪيا جو فڪر ۽ فلسفو پڙهڻ کانپوءِ ميڪيلوليءَ جي پرنس کي پڙهڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي، ڇو ته ميڪاولي پنهنجي ڪتاب ۾ ٻي ڪابه نئين ڳالهه ناهي ڪئي. هن جي خيال ۾ ته هندوستانين، يونانين ۽ رُومين کي حڪمرانيءَ جي فن ۽ فڪر بابت سڀ ڪجهه معلوم هو. ڇو ته چانڪيا ۽ سُن زو پنهنجي فڪري ڪتابن ۾ اقتدار جي ڪرسي تائين پهچڻ، ان کي حاصل ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ ڇاڇا ڪرڻو پوي ٿو، تنهن جي هنن کي سڀ ڄاڻ ۽ خبر هئي، جيڪي ڳالهيون اڄ ڪلهه هر عام ۽ خاص ماڻهوءَ تي عالم آشڪار آهن.
مثال طور، اِقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهن کي قتل ڪرڻو پوي ته ان ۾ ڪوبه ڏوهه ناهي ۽ ان ۾ هچڪڻ ۽ هٻڪڻ نه کپي. گمرهه ڪندڙ خبرن کي ڦهلائڻ لاءِ ڪابه افواهه ساز فيڪٽري هلائي ۽ استعمال ڪري سگهجي ٿي. اقتدار کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ بچائڻ لاءِ ماڻهن جي خريد فروخت ڪرڻ ڪوبه ڏوهه ناهي، ان لاءِ رشوت وٺڻ يا ڏيڻ نهايت ضروري آهي. سياست جي منڊيءَ ۾ ضمير جو وڪرو ڪابه اهميت نٿو رکي. ان لاءِ ماڻهن جي آواز تي ڌيان ڌرڻ بيوقوفي آهي. اقتدار کي بچائڻ لاءِ خوبصورت عورتن جو استعمال به ڪوئي ڏوهه ناهي. ڪنهن جو اقتدار بچائڻ يا وڃائڻ لاءِ اقتدار جي ايوانن ۾ خوبصورت عورتون ٽائيم بم جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، انهن جي ذريعي اقتدار جي ايوانن کي ڏڪائي به سگهجي ٿو ته بچائي به گهجي ٿو، وغيره وغيره.
چانڪيا جي فڪر ۽ فلسفي تي هڪ وڏو الزام هي به مڙهيو ويو آهي، ته ”هن جي نظر م اقتدار حاصل ڪرڻ يا ان کي بچائڻ لاءِ اخلاقي قدرن جون حدون اورانگهڻ ۾ ڪوبه ڏوهه يا گناهه ناهي“. هو رياست جي وجود يا ان کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ ظالم طرز حڪمرانيءَ جي تسلسل کي جاري رکڻ جو شديد حامي آهي. هن چندر گپت موريا جي سياسي ۽ ذهني نشونما ۽ تربيت ڪئي. ان ڪري تاريخدانن سندس ڪردار کي ارسطو ۽ بيرم خان جي ڪردار سان ڀيٽيو آهي، ڇو ته ارسطو دنيا جي عظيم فاتح سڪندر اعظم يونانيءَ جي تربيت ڪئي ۽ بيرم خان وري هندوستان جي مغل شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي تربيت ڪئي.
چانڪيا ملڪي بيورو ڪريسيءَ کي مضبوط کان مضبوط ڪرڻ جو حامي هو ۽ ان تي ڀاڙڻ چاهيندو هو، ڇو ته اها ئي حڪمرانيءَ جا ٿوڻيون ۽ ٿنڀا هوندي آهي ۽ ٻئي پاسي سرڪاري پگهاردار ۽ نمڪ خوار هوندا آهن، تنهن ڪري عوام کان وڌيڪ حڪومت جا وفادار ۽ نمڪ حلال ٿي رهندا. هن جي نظر ۾ عوام ته گهڻائيءَ ۾ هوندو آهي ۽ ان جون ضرورتون ۽ خواهشون، توڙي مسئلا به گهڻا هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جي اعتماد تي پورو رهڻ ڏکيو هوندو آهي، تنهن ڪري انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ، حڪمران ۽ حڪمرانيءَ لاءِ بهتر ٿيندو.
چانڪيا ارٿ شاستر ۾ ڪٿي به عوامي طاتق جو ذڪر ناهي ڪيو. هن سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي به حڪومتي معاملن يا رياست جي اقتدار ۾ عوامي ڪردار کي يڪسر رد ڪيو آهي. هن جي نظر ۾ عوام جو فرض آهي ته اهو حڪومتي حڪمن جي تعبيداري ڪري، رياست جي قانون جو احترام ڪري ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪري. ان کان وڌيڪ عوام جو ٻيو ڪوبه ڪم ناهي.
چانڪيا جي نظر ۾ مثالي بادشاهه يا حڪمران اُهو هوندو آهي، جيڪو هوشيار، ذهين، تازو توانو، اخلاقي عيبن کان پاڪ، چاڪ چوبند ۽ قائدانه صلاحيتن جو مالڪ هجي. هن ڪامياب حڪمران هئڻ لاءِ جيڪو فارمولا پيش ڪيو، اهو هيٺينءَ ريت آهي:
• سندس تعلق اعليٰ خاندان سان هئڻ لازمي آهي.
• اڳواڻ ئي مال دولت ۽ ملڪيت وارو هئڻ کپي.
• اعليٰ ذهانت ۽ حڪمرانيءَ جي مهارت رکندڙ هجي.
• دورانديشي ۽ دنياداريءَ کانسواءِ عام ماڻهن سان رابطي ۾ هجي.
• اعليٰ ڪردار جو مالڪ هجي، جيئن هن جي اخلاق تي ڪير آڱر نه کڻي سگهي.
• قول جو سچو ۽ ارادي جو پڪو پختو هجڻ لازمي آهي.
• نظم و ضبط ۽ قوت جي ارادي وارو هجي.
• پاڙيسري ملڪن جي حڪمرانن کان وڌيڪ طاقتور ۽ بااخلاق هجڻ کپي.
• باصلاحيت ۽ باڪردار ماڻهن کي وزير، مشير يا سفير بڻائي.
• دوستن ۽ دشمنن جي پرک رکندڙ هجي.
چانڪيا پنهنجي ڪتاب ”ارٿ شاستر“ ۾ بادشاهه کي وقت جو پابند هجڻ تي زور ڏنو آهي، ان ڪري هن بادشاهه لاءِ صبح ۽ شام جي ٽائيم ٽيبل به هن ڪتاب ۾ ڏني آهي. سج اڀرڻ کان اڳ ڏيڍ ڪلاڪ اڳ هن کي دفاع، آمدني ۽ خرچ متعلق ڄاڻ وٺڻ کي، سج اڀرڻ کان ڏيڍ ڪلاڪ پوءِ هو عوام سان ملي ۽ انهن جون شڪايتون ٻڌي، انهن جي ازالي لاءِ هدايتون جاري ڪري ۽ جوڳا قدم کڻي. ان کان پوءِ وهنجي سِهنجي ناشتو ڪري، پوءِ پنهنجا ذاتي ڪم ڏسي ۽ لازمي طور ڪتابن جو مطالعو ڪري.
شام جو سج لهڻ کان ڏيڍ ڪلاڪ پوءِ جاسوسي نظام هلائيندڙ ماڻهن سان ملاقات ڪري، ملڪي معاملن جو جائزو وٺي. ان بعد مشيرن، وزيرن ۽ سفيرن سان ملاقات ڪري، حڪومتي معاملن جي ڄاڻ حاصل ڪري. اتان فارغ ٿي رات جي ماني کائي، سمهڻ کان اڳ ۾ موسيقيءَ مان ضرور لطف اندوز ٿئي، جيئن سڄي ڏينهن جو ٿڪ ۽ ذهني بوجهه گهٽائي، سڪون جي ننڊ ڪري.
هندوستان ۽ چانڪيا کي به قدر جي نگاهه سان ڏٺو ۽ پڙهيو ويندو آهي ته هن جيڪو فڪر ۽ فلسفو ڏنو، اهو اٺ سؤ (800) سالن کان پوءِ به ڄڻ نئون ۽ جديد آهي ۽ ماڻهو ان جي فڪري ڪاوشن مان اڄ به لاڀ حاصل ڪن ٿا. چانڪيا جي فلسفي کي اڄ به قدر ۽ احترام وارن لفظن ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو، سندس فڪر کي ”چانڪيانيتي“ جو ناءُ ڏنو ويو آهي. نيتيءَ جو مطلب فڪر يا حڪمت عملي ٿئي ٿو. چانڪيا جو هڪ قول آهي ته،”قرض چڪائڻ کان اڳ نه مرو ۽ دشمن جو نالو نشان به مٽائي ڇڏيو.“ هن هندوستاني معاشري کي چئن ذاتين ۾ ورهايو هو ۽ ان جي حمايت ڪئي ۽ ضروري سمجهيو، ليڪن اڄ اهو معاشرو مونجهاري جو شڪار آهي.
چانڪيا حڪمران ٽولي کي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو بنياد فراهم ڪري ڏنو. هن لکيو ته حاڪمن کي ڪيئن هجڻ کپي، انهن ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ ضروري آهن ۽ ان کانپوءِ ئي اهو حڪمران ڪامياب ٿي سگهي ٿو. چانڪيا ان سلسلي ۾ چيو ته:
”حڪومت ۽ رياست جو ڪم ڪار هلائڻ وارو حاڪم بلند اخلاق وارو هجڻ کپي، حڪمران پرائي دولت ۽ پرائي عورت تي نظر نه رکي، خيالي پلاءُ پچائڻ کان پرهيز ڪري، عدم تشدد واري راهه تي گامزن رهي، غير ضروري خرچن کان پاسو ڪري، جن ماڻهن جو ڪردار خراب ۽ گندو هجي انهن کان پري رهي، وڌ کان وڌ علم حاصل ڪري. کيس هر قسم جي علم بابت ٿوري گهڻي خبر هجي، قابل ۽ ڏاهن ماڻهن سان هر وقت مشورو ڪندو رهي. هن جي کلڻ ۽ مرڪڻ ۾ خوبصورتي نمايان هجي. هن جي ڳالهائڻ واري انداز ۾ نياز نوڙت ۽ نهٺائي هجي.“
مثالي حڪمران اُهو آهي، جيڪو تنقيد ڪندڙن کي صبر سان ٻڌي، جيڪي سندس خامين ۽ ڪمزورين جي نشاندهي ڪن، انهن جو قدر ڪري ۽ ڪمزورين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. حڪمران کي حاضر دماغ هجڻ کپي ۽ يادگيري جو پڪو هجڻ کپي. ان ۾ فيصلي ڪرڻ جي نمايان قوت هجڻ کپي، ڪنهن به ماڻهو جي بهتر راءِ کي اهميت ڏيڻ کپي ۽ جيڪڏهن اها حڪومت لاءِ بهتر هجي ته ان تي عمل ڪرڻ کپي. دفاعي ۽ فوجي معاملن کي نظرانداز ڪرڻ خطري کان خالي ناهي هوندو، تنهن ڪري حڪمران کي فوجي ۽ دفاعي معاملن ۾ مهارت هجڻ کپي، ته جيئن ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ان معاملن تي ڪنٽرول ڪري سگهي. انصاف عام هجڻ کپي، هر ننڍي وڏي، هيڻي يا ڏاڍي لاءِ قانون هڪجهڙو هجي، انصاف ۾ دير نه ڪرڻ کپي. دشمن جي ڪمزورين تي نظر رکڻ کپي، ته جيئن نقصان کان بچاءُ ٿي سگهي.
بهرحال چانڪيا ”ارٿ شاستر“ کي 15 بابن ۾ ورهايو آهي، جن ۾ حڪومتي نظم و ضبط، سرڪاري ذميواريون، قانون ۽ ان جو نفاذ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ، بهتر حڪمرانيءَ جي راهه ۾ آيل رڪاوٽون ۽ انهن کي دور ڪرڻ، درٻارين، اميرن امرائن، وزيرن ۽ مشيرن جي ڪردار ۽ عمل جانچڻ، رياستي خودمختياري ۽ اقتدار اعليٰ جا ماخذ، معاشرتي برايون، هنگامي حالتون، جنگ جدل، دشمن سان منهن ڏيڻ، ملڪي ۽ رياستي معاهده ۽ ڳجهيون سرگرميون وغيره تي وڏا وڏا بحث مباحثه ڪيل آهن.
نڪولو ميڪياولي
نڪولو ميڪياولي 3 مئي 1469ع تي فلورينس ۾ پيدا ٿيو، جيڪو اٽليءَ جو هڪ مشهور تاريخي شهر آهي. هن جو تعلق تمام وڏي ۽ اعليٰ گهراڻي سان هو. وڏ گهراڻي جو هئڻ ڪري هن کي اعليٰ تعليم ڏياري وئي ۽ هن پنهنجي طور دنيا ۽ دنياداريءَ جو تمام وسيع مطالعو ڪيو. جوانيءَ واري دؤر ۾ بجاءِ غير ضروري ۽ غير اهم ڪمن پٺيان پوڻ جي هن کي انسانيت ۽ وجوديت جي علمن سان روشناس ٿيڻ جو موقعو مليو ۽ جوانيءَ جي ابتدائي دؤر ۾ عوام، حڪومت ۽ رياست جي معاملن تي سوچڻ ۽ پرکڻ شروع ڪيو ۽ انهن تي علمي ۽ عملي تجربا ڪرڻ شروع ڪيائين. ان کانپوءِ ئي هن مشهور ڪتاب (Prnice) ۾ پنهنجا ويچار پيش ڪيا ۽ پنهنجي تجربن کي زبان ڏني، جيڪو ڪتاب اڄ به حڪمران طبقن لاءِِ هڪ گائيڊ بڪ جي حيثيت رکي ٿو.
ميڪياؤليءَ جي ڏينهن ۾ اٽليءَ تي ميڊيسي خاندان جي حڪومت هئي، ميڪياؤلي ان حڪومت مان ڪجهه خاص مطمئن نه هو. ڪڏهن ڪڏهن انهن تي تنيقد جا تير به وسائيندو هو. ڪن موقعن تي جڏهن ميڊيسي خاندان جي گرفت اقتدار تي ڪمزور ٿي ته، فلورينس ۾ هڪ نئين حڪومت قائم ڪئي ويئي، جنهن ۾ ميڪياؤليءَ کي به شامل ڪيو ويو. اتي هن کي تمام وڏا تجربا ٿيا ۽ عملي طور هن کي اقتدار ۾ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ جا موقعا مليا ۽ کيس ڪم ڪرڻ جو وجهه مليو. ان دوران هن کي اعليٰ شخصيتن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو پڻ موقعو ميسر ڪيو ۽ گڏوگڏ کيس دنيا جي مختلف ملڪن، رياستن ۽ حڪومتن ڏانهن سرڪاري وفدن سان وڃڻ جو پڻ موقعو مليو، جنهن کانپوءِ سندس صلاحيتن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيو ۽ هن جي سوچن، خيالن ۽ ويچارن ۾ وسعت ۽ وڌيڪ سگهه پيدا ٿي. هن کي اهو به تجربو ٿيو ته حڪومتون ۽ حڪمران ڪهڙي طريقي سان حڪومت ڪن ٿيون ۽ ڪهڙي طرز حڪمرانيءَ کي پسند ڪيو وڃي ٿو. هن انهن سڀني تجربن جو نچوڙ پنهنجي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. ان ڪتاب کانسواءِ ميڪاؤلي جنگ جي فن تي به ڪيئي ڪتاب لکيا. جيتوڻيڪ هو ڪو جنگجو يا جرنيل نه هو، پر پوءِ به جنگ جي فن تي سندس لکيل ڪتاب نهايت ئي اهم ۽ ڪارائتا آهن. هن فورينس جي تاريخ تي به ڪيئي ڪتاب لکيا، جيڪي علمي دنيا ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
انگريزيءَ ۾ ميڪاؤليءَ جي هن ڪتاب جو نالو (The Prince) يعني بادشاهه جي عنوان سان رکيو. اطالوي ٻوليءَ ۾ IL PRINCIPE نالو رکيو ويو. هي ڪتاب 1513ع ۾ مڪمل ڪيو ويو. هي ڪتاب اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ پنج صديون اڳ لکيو ويو آهي، (يعني پنج سؤ سال اڳ) پر پوءِ به ائين ٿو لڳي ڄڻ هن صديءَ جي حڪمرانن جي عمل ۽ ڪردار کي ڏسندي هي ڪتاب لکيو ويو آهي. اڄڪلهه جي حڪمرانن جي طرز حڪمراني ساڳي ئي آهي. جنهن دؤر ۾ ميڪياولي هي ڪتاب لکيو، ان دؤر ۾ فلورينس يا اٽليءَ تي تمام وڏا ڏکيا ڏينهن هئا. سياسي ۽ معاشي حالتون بد کان بدتر هيون. ان دؤر ۾ ميڪياولي چيو ته، ”هن رياست کي هڪ سخت گير آمر ئي مستحڪم بڻائي ۽ هن حالتن مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو.“
ميڪياولي جو چوڻ هو ته ”حڪمران کي اهڙا قانون ۽ قاعدا لاڳو ڪرڻ گهرجن، جن مان عوام مطمئن ۽ خوش رهي. هن جي دل ۾ حڪمران لاءِ نفرت پيدا نه ٿئي. جيڪڏهن عوام ڪنهن به بادشاهه يا حڪمران سان محبت ڪندو ته حڪومت ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندي، بلڪ محبت ئي اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان حڪومت کي وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور ڪري سگهجي ٿو، پر شرط اهو آهي ته حڪمران عوام کي رعايتون ۽ سهوليتون ڏين ۽ انهن جو هر ممڪن خيال رکن.“
هن ڪتاب جي شروعاتي حصي ۾ مختلف قسم جي ملڪن ۽ رياستن کي هلائڻ جي طريقن تي بحث ٿيل آهي. ميڪياوليءَ جي چواڻي ته جنهن حڪمران يا سياستدان ۾ هيٺيون خوبيون هونديون، اهو نهايت ئي ڪامياب حڪمران ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ سياستدان ۾ اهڙيون خوبيون پڻ هن کي ڪاميابيءَ جي بلندين تي پهچائي سگهن ٿيون، جهڙوڪ:
• پاڻ کان اڳ سياسي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ سياستدانن جي طور طريقن کي آڏو رکي، ان مان سٺاين جي چونڊ ڪري، ان تي عمل پيرا ٿئي ۽ ان جي ڪيل غلطين ۽ اوڻاين کي ڇڏي ڏئي. ميڪياولي هيءَ مثال روم جي بادشاهن جي ڪاميابين ۽ ناڪامين کي آڏو رکندي ڏنو آهي.
• وقت جي بادشاهه کي عوام آڏو ثابت ڪرڻو پوندو ته هن جا سمورا قدم عوام جي ڀلائيءَ، بهتريءَ ۽ فلاح بهبود لاءِ آهن. عوام نه صرف ڏسي، پر محسوس ڪري ته عوام کي ان مان فائدو ملي رهيو آهي. جمهوري عمل ۾ عوام کي اهو احساس هجي ته هو آزاد ۽ خودمختيار آهن، پنهنجي فيصلن ڪرڻ ۾ هر خوف کان آجا ۽ آزاد آهن.
• بادشاهه کي ان ڳالهه جو شعور هجڻ کپي ته نجي (ذاتي) ۽ رياستي دولت کي ڪيئن خرچ ڪرڻ کپي، ۽ ان مان عوام لاءِ اهڙا منصوبا جوڙڻ کپن، جن مان عوام جي زندگيءَ کي آسان ۽ آسودو بڻايو وڃي ته جيئن عوام حڪمرانن مان مطمئن هجن ۽ مايوس نه ٿين ۽ کين حڪمرانن خلاف سوچڻ جو موقعو ئي نه ملي.
• بادشاهه يا حڪمران کي ايترو شعور هجڻ کپي ته هو اڪثر فيصلا خود ڪري، پر انهن ۾ عوام جي ڀلائيءَ جو خاص خيال رکي. مشيرن سان مشورو ان وقت ڪري جڏهن ضروري سمجهي، غير ضروري طور مشورو ڪرڻ حڪمران لاءِ نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو.
• بادشاهه يا حڪمران تي لازم آهي ته رياست جي بقا لاءِ جنگ ۽ اقتدار کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ طاقت جو بي رحم استعمال ڪرڻ کان نه ڪيٻائي، ڇو ته ان لاءِ اهوئي محفوظ عمل آهي.
بهرحال ميڪاولي جي ڪتاب ”دي پرنس“ کي بادشاهي طور طريقن تي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ اهم ڪتاب تصور ڪيو وڃي ٿو. ميڪياولي 500 (پنج سؤ) سال اڳ سياست ۽ اقتدار جي تصور ۾ انساني نفسيات جو جيڪو تجزيو ڪيو آهي، اهو اڄ به مؤثر ۽ قابل استعمال آهي. اڄ به دنيا جي ملڪن اندر ڪيترائي حڪمران ميڪياولي ازم جي فڪر ۽ فلسفي تي عمل ڪندي حڪمرانيءَ جا مزا ماڻي رهيا آ هن.
منصور قادر جوڻيجو

Book No .752
Kitab Jo Nalo : DUNYA JEE SIYASAT

by: Mansoor Qadir Junejo
First Edition © Roshni 2016
Pages : 128
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG