NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH


































واٽن سيئي ويام...

’جي. ايم. سيد ۽ آريسر‘- سنڌ جا ٻه بيچين ۽ بيقرار روح هئا، جن جو وجود ’مُجسم سنڌ‘ هو، سنڌ کان ڌار هنن جي ’وجود‘ ۽ ’هئڻ‘ (Being) جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي. هنن جي مَنن ۾، هنن جي نيڻن ۾ سنڌ کان سواءِ نه ’چين‘ هو نه ’قرار‘: ٻيئي لطيف سائينءَ جي سٽ: ’بندي ۽ قرار؟ اسين لوچون لوهه ۾!‘ جو مجسم پيڪر هئا.
سنڌ جي سياست جي سموريءَ تاريخ ۾، جيڪڏهن ’سياست‘ 
کي ’دل‘ ۽ اُن دِل ۾ ’ڌڙڪن‘ پيدا ڪئي ته هنن ٻن شخصن پيدا ڪئي آهي. 
مون کي اِنهن ٻن شخصن سان، جيڪي پاڻ ۾ ’يڪ وجود‘ هئا، جيڪا محبت ۽ عقيدت هئي، اُن جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهان، اُهو ئي ڪارڻ آهي جو آءٌ اڄ تائين ٻنهي کي ڪو ڀرپور لفظي خراج پيش نه ڪري سگهيو آهيان، ڇو ته مون جڏهن به مٿن قلم کنيو آهي ته سندن محبتن ۽ شفقتن کي ساريندي، منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي پئي آيون آهن، ۽ سندن اڳيان ڌنڌ ڇانئجي پئي ويو آهي:
’ٽِمو مَ نيڻاهه ته پيرُ نهاريان پرينءَ جو!‘
اڄ جڏهن آريسر صاحب جي هن بنهه نئين ۽ نڪور ڪتابَ: ’جديد دور جا نوان چادر درويش‘ جا ’ٻه اکر‘ لکڻ ويٺو آهيان، ته اکين آڏو آيل اُن ڌنڌ کي هٽائي [جيتوڻيڪ ’ماڻڪين‘ آڏو اُڀري آيل ’انڊلٺ‘ ۾ سندن چهرا پوءِ به پسجن پيا‘]، ڏسان ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته آريسر صاحب، پنهنجي ’رهبر‘ جي هر روايت کي اڳتي وڌايو آهي. سائين جي. ايم. سيدَ، جتي ’روحاني رمزن‘ جي غلافن ۽ سَتن پردن ۾ لڪل لطيف سائينءَ جي ’چهري‘ ۽ ’پيغام‘ تان صدين جي دز هٽائي، اُن کي اُجرائيءَ سان ۽ جديد دور جي تقاضائن موجب اسان جي آڏو پيش ڪيو، ته اُتي آريسر صاحب ’رهبر‘ جي روايت کي اڳتي وڌائيندي، اُن جي توسيع (Extension) ۾ ’وريا واهرو‘ ڪتاب لکي، لطيف جي بيتن جي نئين تشريح پيش ڪئي. سائين جي. ايم. سيد جڏهن ’گهر ۾ نظر بند‘ (House arrest) هو ته هُن پاڻ تي تاريخ جو اهو فرض سمجهيو ته دنيا، برصغير ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياست، ادب، ثقافت، موسيقيءَ ۽ سماجي خدمت جي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن بابت قلم کڻي، ۽ هُن ’جديد سياست جا نورتن‘، ’سنڌ جا سورما‘، ’جديد عالمي سياست‘۽’جنب گذاريم جن سين‘ (ٻه جلد) جهڙا لافاني ڪتاب تخليق ڪيا، جن ’سياست جي پانڌيئڙن‘ جي رهنمائي ڪئي. سيد جي اِن تخليقي ۽ تعميري قدم جي پيرويءَ ۾، آريسر صاحب: ’جي. ايم. سيد‘، ’ڇا ته شخص هُو‘، ’ماڻهو ميگهه ملهار،‘ [۽ اُن جي توسيع] ’جي ويراڳي وڃڻا ها‘، جهڙا ڪتاب لکي، قومي ڪارڪنن کي هڪ طرف ’رهبر سنڌ‘ جي شخصيت، ڪردارَ، جدوجهد ۽ فڪر کان واقف ڪيو، ته ٻئي طرف سنڌ جي ’قومي قافلي‘ ۾ سج، چنڊ ۽ تارن جيان چمڪندڙ ۽ اُجرو ڪردار رکندڙ شخصيتن، سياستدانن، قومي ڪارڪنن ۽ قومي راڳين تي قلم کڻي، نه رڳو ساڳيو فرضُ نڀايو آهي، پر اُنهن ’سدا ملوڪ شخصن‘ جا اُهي رُخ ۽ روپ به پڌرا ڪيا آهن، جيڪي ذاتي، قومي ۽ انساني قدرن (Values) ۽ ڏاهپ ۽ وِيرتا جي ماڻن ۽ ماپن تي پورا اچن ٿا. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ’سيد اعظم‘ جي سُنت تي هلندي، هي سمورا ڪتاب [۽ اُنهن جا گهڻي ڀاڱي مضمونَ] آريسر صاحب، جيل جي ڪوٺڙين ۽ انڌرا ڀؤنرن ۾ ويهي لکيا آهن، جتي قلم ۽ پنو، معدوم ۽ ’منع ٿيل ميووي‘ مثل هئا. آخري ڪتابُ، [جيڪو آريسر صاحب جي وفات کان پوءِ مون سهيڙيو آهي] ۽ اُن جا ڪيترا خاڪا ۽ تاثُرَ، جيل کان ٻاهر جي زندگيءَ، يعني ’وڏي جيل‘ [’غُلام سنڌ‘] ۾ لکيل آهن؛ پر هي نئون ڪتاب: ’جديد دور جا نوان چار درويش‘ پڻ آريسر صاحب جو جيل ۾ ئي لکيل ۽ اُنهن چئن عظيم شخصيتن- نياز همايوني، محمد صالح ’عاجز‘، علڻ خان ٿيٻي ۽ حاجي خان محمد نوحاڻيءَ- جي زندگيءَ ۾ تخليق ڪيل آهي. 
هنن چئن شخصين تي لکيل هن ڪتاب ۾ آريسر صاحب جي قلم جي جوش ۽ ٻوليءَ جي تخليقي حُسناڪيءَ سان گڏ، ڄاڻايل شخصن لاءِ سندس من ۽ نيڻن ۾ موجود محبت ۽ احترام به ڇوليون هڻي رهيو آهي. نياز همايوني: سنڌ جو قومي شاعر ۽ سيد جو قلمي سپاهي؛ محمد صالح ’عاجز‘: تحريڪ آزاديءَ جو سپاهي ۽ انگريز سامراج جو ازلي ويري؛ علڻ خان ٿيٻو: سائين جي. ايم. سيد جو بودلو، پيارو ۽ قومي قافلي جو سچو ساٿي، ۽ خان محمد نوحاڻي: انگريز دشمن، سيدَ جو عاشق ۽ ڪتابن جو گهڻ اڀياسي- اهڙا شخص ۽ ڪردار آهن، جن تي سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ ادب صدين تائين فخر ڪري سگهي ٿو.
هنن چئن شخصيتن مان ٽن ڄڻن- نياز همايوني، 
محمد صالح ’عاجز‘ ۽ علڻ خان ٿيٻي سان منهنجي پڻ نه رڳو شناسائي، پر ويجهڙائپ رهي هئي ۽ ٽيئي مون کي رهبر ۽ سائين آريسر جيان پيار ۽ پاٻوهه سان پيش ايندا هئا- ۽ سندن اُهو پيارُ، مون لاءِ زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي وٿ آهي:
واٽن سيئي ويام، وڻ منجهانئن واسيا،
ههڙا هوتَ هئام، جو سُرهي سڃ ڪري ويا! 
(شاهه)
آريسر صاحب جي ڪتاب جو هي قلمي نُسخو، ورهين کان وٺي مون وٽ پيو هو، ۽ ڏک اٿم ته آريسر صاحب جي زندگيءَ ۾ ڇپجي نه سگهيو- ۽ اڄ جڏهن هي ڪتابُ، پڙهندڙن جي هٿ ۾ موجود آهي ته اُن جو سڄو سِهرو، ’سيد ۽ آريسر‘ جي ’گُلستان‘ جي خوبصورت ’گُل‘
۽ منهنجي محبوب دوست ’مرتضيٰ چانڊيي‘ جي سِر تي آهي، جنهن جي خواهش، اِصرار ۽ سهڪارَ سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاءِ آءٌ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ راز لغاريءَ، ۽ اشاعت لاءِ دوست ۽ پبلشر علي نواز گهانگهري جو احسانمند آهيان!

تاج جويو


Book No .752
Kitab Jo Nalo : NAIN DOAR JA NAWAN CHAR DARWESH

by: Abdul Wahid Areeser
Edit & compiled by: Taj Joyo

First Edition © Roshni 2016
Pages : 144
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو 

قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG