HALEEM SHOW (Various writing)


























مذاح لکندڙ جو مذاح فقط ڏهه سال جٽاءُ ڪندو آهي، ۽ تنهنڪري فقط مذاح ئي لکندڙ جي ادبي زندگي ڪل ڏهه سال هوندي آهي، ۽ جيڪي مذاح لکندڙ پنهنجي مذاح لکڻ کي ڏهن سالن کان به اڳتي ڇڪي ويندا آهن سي پنهنجي ڦاهيءَ پاڻ چڙهندا آهن جو پڙهندڙ سندن لکڻين تي کلڻ بدران سندن پاڻ تي کلڻ لڳندا آهن. اهي ٽيئي بيحد ڪڙيون حقيقتون مون شروعات ۾ ئي خوشيءَ سان قبول ڪيون هيون، اهو ئي خاص سبب هو جو مان مذاح سان گڏ سيريس به لکندو آيس.
سٺو ليکڪ پنهنجي وقت کان ڪجهه اڳتي هلندو آهي: سٺو مذاح لکندڙ جي مذاح کي گهڻو دير سان مذاح سمجهيو ويندو آهي، ۽ جڏهن سندس مذاح کي سچ پچ مذاح سمجهڻ شروع ڪيو ويندو آهي تڏهن سندس سيريس لکڻين کي به مذاح ئي سمجهيو ويندو آهي: انهيءَ ڪڙي حقيقت ۾ لڪل ڪاميڊي به آهي ۽ ٽرئجڊي به.
دنيا جي ليکڪن ۾ ڪنهن به مذاح نگار کي نه ڳڻيو ويندو آهي. نوبيل انعام سميت دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ ڪوبه ساهتيه انعام ڪنهن به مذاح لکندڙ نه ماڻيو آهي. مذاحيه لکڻين کي دراصل/ حقيقت ۾ ساهت جو حصو ئي نه سمجهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ گذريل ٽيهن پنجٽيهن سالن ۾ سنڌي ادب سان ڪجهه وڌيڪ زيادتي ٿيندي آئي آهي: ادبي ادارن تي عالمن ۾ محققن جي مقررين جو تحفظ ڪندي چيو ويندو آهي ته علمي ۽ تحقيقي ادب به ادب جوئي حصو آهي: ته پوءِ ادبي ادارن جي مقررين تي اديب هئڻ گهرجن يا عالم ۽ محقق؟ گذريل ٽيهن پنجٽيهن سالن ۾ انهن ادارن ’ادب‘ جي نالي ۾ جيڪي علمي ۽ تحقيقياتي مقالا سنڌ کي ڏنا آهن سي يا ته ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي وارن لاءِ آهن، يا فقط يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن، لوڪل بورڊن، ۽ ميونسپالٽين جي لئبررين جي ڪٻٽن ۾ رکيل آهن: هنن ڪتابن جو عام سنڌين سان فقط ايترو واسطو آهي جيترو جاپاني ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو عام سنڌين سان. اها دکدائڪ حقيقت آهي ته جيڪو جيترو وڏو ۽ مڃيل اديب آهي اهو اوترو ئي هنن ادارن کان پري آهي. هنن محققن ۽ عالمن کي سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ گهرجي ته جيئن دنيا جي عظيم ليکڪن ۾ ڪنهن به مذاح نگار کي نه ڳڻيو ويندو آهي، تيئن دنيا جي عظيم ليکڪن ۾ ڪنهن عالم ۽ محقق کي به نه ڳڻيو ويندو آهي.
مان پنهنجين لکڻين ۾ نان سينس کان سينس تائين، ۽ سينس کان نان سينس تائين، پاڻ به ڊوڙندو رهيو آهيان ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي به پاڻ سان گڏ ڊوڙائيندو رهيو آهيان: جيڪڏهن لکڻ آرٽ آهي ته انهيءَ آرٽ سان مون فقط راند پئي ڪئي آهي.
ذهن جو اکرن تي ضابطو ڪلا جو موت آهي، ۽ اکرن جو ذهن کي ئي موڙي ڇڏڻ ڪلا جو ڪمال آهي، ڇو ته ذهن ۽ آرٽ هڪ ٻئي کي رد ڪندڙ حقيقتون آهن ۽ جنهن کي ادب چئبو آهي سو اکرن جي سٽاءُ جو فقط ٻيو نالو آهي. مون کي وشواس آهي ته پڙهندڙن کي ”حليم شو“ ۾ ڪئليڊاسڪوپڪ ويرائٽي ضرور نظر ايندي.
عبدالحليم بروهي



Book No .734
Kitab Jo Nalo : HALEEM SHOW (Various writing)

by : Haleem Brohi
First Edition © Roshni 2015
Pages : 159
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00
Contact: 022-2780908

Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.


اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو
قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG