THI NA MOHABAT MAAT

































ڏِيئي لاٽ اُهائي
سنڌ جو به ٻين ملڪن وانگر هڪ جسم آهي، ظاهري بوتو آهي ۽ مادي وجود آهي. اُن مادي وجود، ظاهري بوتي ۽ جسم ۾ سنڌ جا اُهي سرسبز کيت آهن، جن ۾ زندگي ڀيروي ڳائيندي آهي. سنڌو نديءَ جون مست ڇوليون آهن، جن جي لهر لهر ۾ سانَ (ڍڳي) جي رانڀاڙ ۽ مست اُٺ جون گوڙيون آهن. پهاڙن جو چوٽيون آهن، جيڪي اُڀريل اُرهن جو تقدس کنيو بيٺيون آهن. ٻاگهيءَ جي وارن جهڙا گهاٽا ٻيلا آهن ۽ صوفيءَ جي دل وانگر صاف، نرم ۽ ويڪرا وارياسا ميدان آهن. گهِريون نيريون ۽ سايون ڍنڍون آهن، جن تي موسيقيءَ جي لهرن وانگر ٻيڙيون ترنديون رهن ٿيون. اهو سنڌ جو ظاهري بوتو آهي، جنهن ۾ هزارن سالن کان وٺي هڪ قوم رهندي اچي ٿي. انهيءَ ظاهري بوتي جي اندر سنڌ جو هڪ ضمير، ذهن ۽ روح به آهي. اُهو روح آهي، اسر ويل، چڙن جِي چُونگارَ، پکين جا من جي گهرائيءَ ۾ لهي ويندڙ گيتَ، نار جو رهٽو، چيٽ جون چانڊوڪيون ۽ چانڊوڪين جا ناچَ، هاري ۽ پورهيت جي اُها شاندار ۽ لازوال محنت، جنهن سنڌ جي سدا ملوڪ ثقافت کي خلقيو، تاتيو ۽ جوڀن تي پهچايو، بهادرانه روايتون ۽ انهن روايتن جي اکر اکر ۾ سنڌ جي سُورويرن [بهادرن] جي ويرتا ۽ لال لهوءَ جا نيسارا، اُهي عشقيه ڪهاڻيون ۽ ڪويتائون، جن جي سِٽَ سٽ ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جا ڀاڪر، اُڃايل چپڙن جي تاس، آسروند اکڙين ۾ اُڪنڊ جا الماس ۽ مجاز جي مَنڌ، زندگيءَ سان محبت ۽ خوبصورتيءَ جا ڪومل ۽ ٻار جي مُرڪ جهڙا معصوم خوابَ، ملهاري مند جا کهنبا ڪپڙا، چوڙيءَ جو چِٽُ، ٻانهن جي لوڏ، شهپر جو وَٽُ، ڦلڙيءَ جي لِکَ، گج ۽ گربيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا: ڌرتيءَ ڄاون سان ازل ۽ ابد جو ناتو ۽ اُن ناتي کي نڀائڻ لاءِ سِر ڏيڻ ۽ سِر وٺڻ جي ريت، پر سوڀ ماڻڻ لاءِ، نه رڳو شهادت لاءِ، محبت ۽ نفرت جا ڍنگ ۽ ماڻ، مُنهڙن جي مُرڪ، همرچا ۽ ڇلا، گيت ۽ سنگيت، سُر ۽ تار، لوليون، لاڏا، مينديءَ رتا هٿ ۽ ڪجلِ ڀنا نيڻ، ٽاهوءَ جي ٽاڏ ۽ وڙهڻ ويل ’مر ويسون مر ويسون سنڌ نه ڏيسون‘ جا هُوڪرا ۽ ڪوڪرا! اهو سنڌ جو ازلي ۽ ابدي روح آهي، ضمير آهي ۽ ذهن آهي: آزاد رهڻ، آزاد گهارڻ ۽ آزاديءَ سان سوچڻ.
تاريخ جي تمام ڊِگهي سفر ۾ غير قومي ۽ غير ملڪي حاڪمن، قومن ۽ ٽولن، ڪيئي ڀيرا سنڌ جو ظاهري بوتو، جسم ۽ مادي وجود، نه رڳو لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيو آهي، پر اُن کي ڳڀا ڳڀا به ڪيو آهي، پيرن سان لتاڙيو آهي ۽ زندگيءَ جي رونقن ۽ رنگينين کان محروم ڪرڻ ۾ ڪامياب به ويا آهن- سنڌ جو ظاهري بوتو تاريخ جي ڪيترن ئي دورن ۾ غلاميءَ ۽ محڪوميءَ جي اوندهه ۾ وڪوڙيل ۽ گهيريل به رهيو، پر انهيءَ پوري عرصي ۾ سنڌ جي ضميرَ جي لاٽَ ٻرندي رهي، اُن جو ذهن، سفيد ڪبوتر وانگر پولارن ۾ پرواز ڪندو رهيو ۽ اُن جو روح دريا خان بڻجي، شهباز وانگر عقابن سان اٽڪندو رهيو آهي. تاريخ جي انهيءَ ڊگهي سفر ۾ جيتوڻيڪ مادي هٿيارن ۽ حربن سان گڏ ذهني ۽ روحاني چالاڪين جي ذريعي سنڌ جي روح ۽ ضميرَ کي به مارڻ ۽ سمهارڻ جون انيڪ ڪوششون ٿيون ۽ وقتي ڪامياب به ويون، پر پوءِ به سنڌ جي روح ۽ ضميرَ ۾ زندگيءَ جي باک جا اڇا اجرا ڪرڻا ڦُٽي پئي نڪتا آهن. اُهو دائمي موت، مرڻ کان صفا نابري واري لطيف وانگر سڄيءَ سنڌ ۾ واسو ڪندو رهيو ۽ نيٺ روحَ جي انهيءَ آزاديءَ ۽ ضميرَ جي روشنيءَ، سنڌ جي ظاهري بوتي کي به غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد پئي ڪرايو آهي.
جيستائين مون سنڌ کي ڏٺو آهي ته اها هر دور ۾ زندهه رهي آهي. هن معنيٰ ۾ ته اُن جو روح زندهه رهيو آهي، اُن جي ضمير جي ڏيئي جي لاٽ ٻرندي رهي آهي. اِها روح جي زندگي، ضميرَ جي روشني ۽ ذهن جي آزاديءَ واري جنگ اڄ سوڌو جاري آهي ۽ ضمير ڌڻين جي اُن سٿ ۾ آءٌ به، هن دور ۾ هڪ ننڍڙي ساٿيءَ جي حيثيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهيان.
ڪنهن قوم جو ضمير ۽ ذهن اُن وقت مري سگهي ٿو، جڏهن اُها قوم غلاميءَ جي زنجيرن کي ’سُهاڳ‘ جا زيور سمجهڻ لڳي، آجپي جي نعري کي پنهنجي موت ۽ نڀاڳ جي نشاني محسوس ڪري، مار کي پيار سمجهي پاڻ کي اُن جو حقدار ليکي، پنهنجي پيدائشي وسيلن ۽ محنت کي حاڪم جو حق سمجهي، خوشيءَ سان اُنهن تان هٿ کڻي وڃي؛ آقائن، حاڪمن ۽ جابرن جي دشمنن کي پنهنجو دشمن ڪري ڳڻي ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته اُن قوم جو روح مري ويو آهي ۽ ضمير جي ڏيئي جي لاٽ اُجهامي ويئي آهي. هن علائقي ۾ [ذوالفقار علي] ڀُٽي جي روپ ۾ جڏهن ٽِڪا خان جو راڄ عروج تي پهچڻ لڳو ته اُن وقت سنڌي قوم جي روشَ ڏسي، سنڌ جي سڄاڻ ذهنن محسوس ڪيو ته سنڌ جو روح مرجهائجي رهيو آهي، ضمير جي ڏيئي جي لاٽ جَهَڪي ٿيڻ لڳي آهي ۽ سنڌ جو ذهن زنگجي رهيو آهي- ۽ پوءِ سنڌ جي روح جي حياتي، ضمير جي روشني ۽ ذهن جي تازگي برقرار رکڻ لاءِ هڪ يُڌ شروع ٿي. سنڌ جا سڄاڻ ذهن پنهنجو طاقتور هٿيار قلم ۽ لفظ کڻي ميدان ۾ لٿا. هوڏانهن انڌار ڀؤنرن جا در کلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳا. لوهه جون ناليون باهه اوڳاڇڻ لڳيون، پر سنڌ جي روح جي مُهانڊي تي نِکار ايندو ويو.
اُنهيءَ عرصي ۾ هڪ هٿرادو عدالت جُڙي راس ٿي ۽ اسان مهيني ۾ ٻه ڀيرا انڌار ڀؤنرن مان نِڪري، هٿڪڙين جي موسيقيءَ ۾، اُنهيءَ ڪوس گهر ۾ ويٺل ڪامڻيءَ جي اکين جي اُجهامندڙ مڻيا ڏسي ايندا هئاسون.
اُنهيءَ ڪوس گهر لاءِ انڌار ڀؤنري ۾ مون هي بيانُ لکيو هو، پر نه ڪڏهن ڪيسُ هليو ۽ نه وري هي بيانُ عدالت جي رڪارڊ تي آيو. وڪيل جي هدايتن ۽ حالتن جي اجگر جي ڪري، هن بيان ۾ ڪافي ڳالهيون توهان کي نرم نظر اينديون، پر اُها ڪورٽ جي نالي ۾ ڪوس گهرَ جي ڪري مجبوري هئي. انهن ڳالهين مان ڪي اهڙيون به آهن، جيڪي اڄ پيپلزپارٽيءَ جو هڪ ڌڙو به ڪري رهيو آهي، پر آءٌ اڄ تائين جي تجربي جي آڌار تي هاڻي محسوس ٿو ڪريان ته اُهي رٿون هن علائقي جي قومن جي مسئلن جو حل ناهن، پر پوءِ به آءٌ انهن کي هن بيان ۾ اِئين رهڻ ٿو ڏيڻ چاهيان ته جيئن مُنهنجي سوچ جي ارتقا جي خبر پوي.
هن بيان لکڻ وقت، مون سائين جي. ايم. سيد، فيڊل ڪاسترو، مولانا آزاد ۽ ڪن ٻين ليڊرن جي بيانن ۽ ليکن مان مدد ورتي آهي. ڪٿي مرڪزي خيال اُنهن جو ۽ لفظ پنهنجا استعمال ڪيا اٿم، يا وري ڪي جملا اُنهن جي ڪتابن جا ڏيئي ويو آهيان، پر اهو سڀ ڪجهه يادگيرين جي بنياد تي ڪيو اٿم. [جيل ۾] ڪتاب موجود نه هئا، پوءِ به آءٌ انهن عظيم انسانن جو ٿورائتو آهيان.
هتي هڪ ڳالهه چوڻ مناسب ٿو سمجهان ته اُنهيءَ بيان ۾ مون لکيو آهي ته: ”جن سنڌي ماڻهن، سنڌي ماڻهن سان غداري ڪئي آهي ته انهن غدارن جو اولاد يا اُهي غدار پاڻ سڀ کان پهرين پنهنجن آقائن جي ترارَ ۽ باهه جو شڪار ٿيا آهن. اُنهيءَ سلسلي ۾ مون چنيسر جو مثال ڏنو آهي، ته خلجين جي ترارَ جو شڪار سڀ کان پهرين چنيسر جو پٽ ننگر بنيو. قاضي قاضن، ارغونن جو ساٿ ڏنو ته سڀ کان پهرين ارغونن جي باهه جو نشان قاضي قاضن جو اولاد ۽ گهرُ بنيو. اڄ جي دور ۾ ڇا ٿيو، سا سڀ ڪنهن پڙهندڙ کي خبر آهي. لاکاٽ ۽ ٽوڙي [ڦاٽڪ] جي جوڌن، پوءِ جام شهادت پيتو، پر پهريون شڪار......!؟
باقي سنڌ جي روح جي لاٽ باقي رکڻ لاءِ يُڌ جاري آهي. شال، سدائين سنڌ! تنهنجي روح جي حياتيءَ جو گل سدا ٽڙندو رهي.
ڪڏهن سنڌِ جي سينڌ ميري نه ٿيئي،
ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مُرجهائجن. (اياز)


عبدالواحد آريسر
حيدرآباد، سنڌ
15.12.1985


Book No .751
Kitab Jo Nalo : THI NA MOHABAT MAAT

by: Abdul Wahid Areeser
First Edition © Bhanbhro Ashhat Ghar 1976
Second Edition © Roshni 2016
Pages : 128
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG