CHAA TAA SHAKHS HO



















































ٻه اکر
سنڌ جو قومي اڳواڻ ۽ دانشور عبدالواحد آريسر، سائين جي. ايم . سيد جي شخصيت، فڪر، فلسفي ۽ سياست جو اهو پوئلڳ رهيو آهي، جنهن پنهنجي قلم جي پوري سگهه، سيد جي فڪر ۽ سياست جي تشريح ۾ صرف ڪئي آهي. هن مختلف وقتن تي سيد بابت تقريرن، مضمونن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ جيڪي ڪجهه مواد پيش ڪيو آهي، اُن سموري مواد کي سهيڙي، محترم تاج جويي هڪ ڪتاب جي صورت ڏئي، اسان جي اداري کي ڇپڻ لاءِ ڏنو آهي.
آريسر صاحب جو هي ڪتاب [جيڪو اصل ۾ ٽن حصن تي مشتمل آهي] ”ڇا ته شخص هو“، جي عنوان سان ترتيب ڏنل پيش ڪجي ٿو. جنهن جي پهرئين حصي ۾ آريسر صاحب جون اُهي تقريرون، مضمون ۽ تاثر شامل آهن. ٻئي حصي [آڻ نه مڃي مورَ] ۾ آريسر صاحب جون اوهي تقريرون ۽ لکڻيون شامل آهن، جيڪي هن سيد اعظم جي زندگيءَ ۾ ڪيون ۽ لکيون هيون ۽ سندس مختلف ڪتابن ۾ شامل هيون. هن حصي ۾ آريسر صاحب جي اُها ٽيليفونڪ تقرير به شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا هن 18 جنوري 2009ع تي ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ ۽ ’سائين جي. ايم. سيد ميموريل ڪميٽي‘ پاران ملندڙ جي. ايم. سيد اوارڊ تقريب جي موقعي تي ڪئي هئي. جڏهن ته ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ آريسر صاحب جو سائين جي. ايم سيد بابت سندن زندگيءَ ۾ لکيل ڪتبا ”جي. ايم. سيد“ سامل ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح هن گڏيل ڪتاب جي مطالعي سان پڙهندڙ، آريسر صاحب جي، سائين جي. ايم. سيد، اُن جي فڪر ۽ جدوجهد بابت نقطهء نظر کان واقف ٿي سگهندا.
ادارو، ڪتاب جي ليکڪ عبدالواحد آريسرَ، ڪتاب جي سهيڙيندڙ تاج جويي ۽ لنڊن ۽ دبئيءَ ۾ رهندڙ آريسر صاحب ۽ تاج جويي جي ٻن دوستن جو ٿورائتو آهي، جن جي اجازت، خواهش ۽ سهڪار سان هيءُ ڪتاب ’ڇا ته شخص هو‘ پڌرو ٿي رهيو آهي. اميد ته پڙهندڙن کي هي ڪتاب پسند پوندو.
-ادارو
اَڏيءَ مٿي انگ َ
عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب ’جي. ايم. سيد‘ لاءِ پيش لفظ لکڻ جو حُڪم ڏئي، مون کي خوشيءَ گاڏڙ پريشانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ منهنجي حالت ان نوجوان وانگر ٿي پئي، جيڪو پهريون ڀيرو ڪنهن پياري ماڻهوءَ سان ملندو هجي، کيس ملڻ جي خوشيءَ سان گڏ ڪجهه چوڻ جي پريشاني هجي ۽ هو مناسب لفظن جي چونڊ ۽ انتخاب لاءِ پريشان هجي.بهرحال آريسر جي حُڪم جي بجاآوريءَ کي پنهنجي لاءِ پرخلوص اعزاز سمجهندي به، آءٌ ڪجهه لکڻ کان هٻڪي رهيو هئس، ڇاڪاڻ ته آءٌ هڪ سياسي ورڪر ۽ قومي ڪارڪن ضرور آهيان، پر اديبن جي مخصوص اصطلاح ۾ عالم يا فاضل نه آهيان، ۽ آريسر جي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ لاءِ عالم ۽ فاضل ته ٺهيو، ليڪن آريسر جهڙو اديب ۽ چوٽيءَ جو دانشور هجڻ انتهائي ضروري آهي. پر آريسر جي شروع کان عادت پئي رهي آهي ته هن پنهنجيءَ لکڻيءَ کي دستاربند اديبن جي تعارف ۽ پيش لفظ جي بجاءِ پنهنجي همسفر ساٿين جي تعارف سان ڇپائڻ بهتر پئي سمجهيو آهي. ان باري ۾ سندس چوڻ آهي ته: ”مون کي بهتر ۽ صحيح نموني سان منهنجا همسفر ۽ سياسي ساٿي ئي سمجهي سگهن ٿا ۽ آءٌ ڪنهن دستاربند اديب جي قلمي ڪلهي تي چڙهي وڏو ماڻهو ۽ سنديافته دانشور ٿيڻ نٿو چاهيان.“
آريسر جي انهيءَ اصول مون کي سندس ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ لاءِ قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو.
جيئن ته هيءُ ڪتاب عبدالواحد آريسر، ڪراچي سينٽرل جيل جي وارڊ نمبر 13 اندر منهنجي موجودگيءَ ۾ لکيو آهي، ان ڪري ڪتاب تي تبصري کان اڳ ۾ آءٌ مناسب ٿو سمجهان ته آريسر صاحب سان پنهنجي واقفيت ۽ دوستيءَ جي باري ۾ مختصر طور وضاحت ڪريان.
اڄ ڪلهه آريسر جي ذات ۽ شخصيت سنڌي قوم وٽ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه رهي آهي، سندس تقرير ۽ تحرير جا دوست ۽ دشمن مداح آهن. مون وانگر سنڌي نوجوانن ته آريسر جي لکڻين ۽ تقريرن ۾ پنهنجن دلين جي ڌڙڪن محسوس ڪئي آهي. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات محترم حفيظ قريشيءَ جي جڳهه تي سائين جي.ايم. سيد جي موجودگيءَ ۾ ٿي. اسان جو پهريون تاثر انهيءَ ملاقات ۾ هڪ ٻئي لاءِ مخالفانه هو.
1973ع جا ابتدائي مهينا هئا، سائين جي. ايم. سيد حيدرآباد ۾ محترم حفيظ قريشيءَ جي جڳهه تي آيل هو. آءٌ پنهنجي هڪ دوست سان گڏ سائينءَ سان ملڻ اُتي ويس. اسان سائينءَ سان ڪچهري پئي ڪئي ته ٻن ٽن نوجوانن سان گڏ هڪ مولانا صاحب ٺڪاءُ اچي ڪيو. ذهانت سان ڀرپور ننڍڙين چمڪدار اکين ۾ سرمو، سنهڙو جسم، مُرڪندڙ چهرو، مٿي تي قراقلي ٽوپي، کاڌيءَ جي ڪپڙن تي مجيب ڪٽ جيڪٽ. سائين، انهيءَ مولانا سان تمام خوشيءَ ۽ پيار سان ڀاڪر پائي مليو.
جيئن ته ان وقت تائين اسان نوجوانن جي دلين ۾ مولوي قسم جي ماڻهن متعلق ڪيتريون ئي شڪايتون پيدا ٿيل هيون، ڇاڪاڻ ته مذهب جي نالي ۾ اسان جو ايڏو ته استحصال ڪيو ويو هو (۽ اڃا به ڪيو پيو وڃي) جو هر اهڙي قسم جي ماڻهوءَکي ڏسي، اسان سمجهندا هئاسين ته شايد هي به ڦرلٽ ڪندڙ ٽولن ۽ مفاد پرست گروهه جو آله ڪار هوندو. اُن مون کي ڄاڻي واڻي مولوين ۽ مذهبي ٺيڪيدارن تي جارحانه نڪته چيني شروع ڪري ڏني، هن باريش نوجوان منهنجي نڪته چينيءَ تي مولوين جي مخصوص ڪاوڙ ۽ فتوا بازيءَ جي بجاءِ خنده پيشانيءَ سان بامعنى جواب ڏئي. مون کي خاموش ڪري ڇڏيو. انهيءَ مسئلي تائين اسان جي گفتگو بنا واقفيت جي ٿي رهي هئي، هڪدم مون پنهنجيءَ ان غلطيءَ کي محسوس ڪندي، سائين جي. ايم. سيد کان هن نوجوان عالم جو تعارف ڪرائڻ لاءِ عرض ڪيو. سائينءَ مون کان مشڪندي پڇيو، رسالو ’پيغام‘ پڙهندو آهين؟ وراڻيم، ’حرف بحرف پڙهندو آهيان.‘ سائينءَ چيو، ”انهي ’پيغام‘ جو ايڊيٽر عبدالواحد آريسر اهو ئي مولانا آهي.“ سائينءَ جي اها ڳالهه ٻڌي، مون اٿي کيس پيار مان ڀاڪر پاتو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ’پيغام‘ جو اکر اکر سنڌ ۾ سنڌ دشمن ٽولن ۽ سندن ديسي دلالن کي آگ جا اُلا بڻجي جلائي رهيو هو. هن تازو ئي آئين متعلق سنڌي قوم جي بنيادي حقن جي باري ۾ انتهائي شاندار تجويزون، آئين ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن کي پيش ڪندي لکيو هو ته، ’جيڪڏهن سنڌي قوم جون اهي آئيني گهرون پوريون نه ڪيون ويون ته اهو نئين پاڪستان جو ٺهندڙ نئون آئين اسان سنڌين لاءِ قابل قبول نه هوندو.‘ سائين جي. ايم. سيد اهڙو اعلان اڳ ۾ ئي ڪري چڪو هو، ۽آريسر جي پوري قلمي جنگ سيد جي اعلان جي حمايت ۽ وضاحت لاءِ جاري هئي؛ پر اها منهنجي بدقسمتي هئي، جو آءٌ کيس ذاتي طرح سڃاڻندو ڪونه هئس، ۽ منهنجي تصور ۾ به اها ڳالهه ڪانه هئي ته ڪو ’پيغام‘ جهڙي رسالي جو ايڊيٽر مولوي قسم جو ماڻهو هوندو. خير آريسر سان منهنجي اها پهرين مختصر ڪچهري هئي، جنهن جلد ئي دوستيءَ جي ناقابل شڪست رشتي جي صورت اختيار ڪئي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين وڌندي رهي آهي ۽ يقيناً وڌندي رهندي.
ان ڪچهريءَ کان جلد ئي پوءِ 28 اپريل تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنووڪيشن جي موقعي تي آئين خلاف احتجاج ڪرڻ جي جرم جي پاداش ۾ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي ٻين ورڪرن سان گڏ مون کي به جيل وڃڻو پيو. جيل جي زندگيءَ ۾ ’پيغام‘ ذريعي آريسر صاحب جي سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌي نوجوانن جي احتجاج جي حمايت ۾ انتهائي جارحانه، بهادرانه ۽ دليرانه جنگ کان واقفيت ٿيندي رهندي هئي.
سيپٽمبر 1973ع ۾ ممتاز علي ڀٽي جي دؤر وزارت ۾ اُن حق پرست آواز کي ختم ڪرڻ لاءِ آريسر جي خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا ۽ حيدرآباد جي پوري پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي وئي. ان ڪري آريسر صاحب کي ٻاهر رهيل دوستن جي صلاح سان مسجد جي پيش امامي ۽ اهو هجرو، جيڪو حقيقت ۾ ’پيغام‘ جي آفيس هو، ڇڏڻو پيو. سگهوئي پوءِ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي ٻئي سالانه ڪنوينشن ۾ جيل ۾ هوندي، مون کي فيڊريشن جي ڪارڪنن نائب صدر چونڊيو. جيل مان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ فيڊريشن جي صدر صاحب جي روپوشيءَ ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري فيڊريشن جون صدارتي ذميواريون به مون کي سنڀالڻيون پيون.
4 مارچ [1967ع] وارو واقعو سنڌ جي ماضي قريب جو انتهائي بهادرانه واقعو رهيو آهي. ان ڏينهن سنڌ جي سالن جي سُتل ضمير نوجوانن جي روپ ۾ بيداريءَ جو مظاهرو ڪري، ايوب شاهيءَ خلاف انتهائي جرئت مندانه قدم کڻي، ون يونٽ جي قهري ڪوٽن جي بنيادن کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو هو. ان ڏينهن جي تاريخي اهميت جي مدنظر هر سال 4 مارچ جو ڏينهن قومي سجاڳيءَ جي علامت طورملهايو ويندو آهي. 1974ع ۾ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ حيدرآباد شهر ۾ اهو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، پر حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا جي مداخلت سبب اهو جلسو حيدرآباد ۾ ٿي نه سگهيو، ان ڪري، اهو ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيوسين. جلسو شام جو ٿيڻو هو ۽ ان جي صدارت قومي اسيمبليءَ جي ميمبر مير علي احمد ٽالپر کي ڪرڻي هئي، پر هو صاحب پنهنجي روايتي مجبوري سبب اسلام آباد هليو ويو. آءٌ ۽ منهنجا ٻيا ساٿي منجهند کان ئي سنڌ جي مختلف حصن کان ايندڙ سنڌي نوجوانن جي، ڌار ڌار ايندڙ جٿن جي آڌرڀاءَ ۽ جلسي جي ڪم ۾ ايترو ته مشغول هئاسين، جو پنهنجي وجود جي به خبر ڪانه پِئي پئي. منهنجي ڪمري سان گڏ بلاڪن جا پورا ڪمرا، بلاڪن جو تاريخي لان، سنڌي نوجوانن سان ڀرجي چڪا هئا، هاڻي اسان کي جلسي جي صدارت لاءِ اُڻتڻ لڳي پئي هئي ته ڪنهن کان صدارت ڪرائجي. جلسي جي ڪارروائيءَ جو وقت ويجهو ايندو پئي ويو ۽ جلسي جي صدر هٿ ڪرڻ لاءِ پريشاني وڌندي پئي وئي. ايتري ۾ قربان ميمڻ ڀڄندو آيو ۽ اچي مون کي چيائين ته صدارت جو مسئلو حل ٿي ويو. مون پڇيو ”ڇا ڪو اهڙو ماڻهو اچي ويو آهي؟“ چيائين، ”تمام زبردست ماڻهو اچي ويو آهي، منهنجي ڪمري ۾ ويٺو آهي. توکي گهرايو اٿس.“ آءٌ ڊڪندو قربان جي ڪمري تي ويس. اُتي مون جهڙي ننڍي قد جو اجنبي نوجوان، ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل، پراڻي سوٽ ۽ قميص ۾ ملبوس، سگريٽ هٿ ۾، ڇنل بوٽ پايو ويٺو هو. مون کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته قربان چئي ڏنو ته: ”آريسر کان وڌيڪ موزون ماڻهو هن جلسي جي صدارت لاءِ ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو؟“ وراڻيم: ”خدا ڪري آريسر اچي نڪري.“ قربان چيو: ”آريسر تنهنجي سامهون ئي ته ويٺو آهي.“ آءٌ ڪم جي گهڻائيءَ ۽ هل هلان سبب، کيس هن نئين روپ ۾ واقعي سڃاڻي نه سگهيو هئس. قربان جي ٻڌائڻ تي کيس ڀرپور ڀاڪُر ۾ آڻي چُمي ڏنم ۽ عرض ڪيم ته ”جلسي جي صدارت ڪر.“ پر هن علم جي اٿاهه ساگر چيو: ”4 مارچ سنڌي نوجوان شاگردن جي ئي بي مثال قربانيءَ جو ڏينهن آهي ۽ هيترن سارن نوجوانن جي موجودگيءَ ۾ آءٌ پاڻ کي اُن جو اهل نٿو سمجهان، جو هن جلسي جي صدارت ڪريان. آءٌ تقرير به ڪونه ڪندس. رڳو اوهان نوجوانن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آيو آهيان.“ اسان کيس ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر هن جو جواب ساڳيو ئي هو. مجبوراً جلسي جي صدارت مون کي ڪرڻي پئي.
جلسي جي ڪارروائي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو ڪارڪن، ورڪر ۽ بهترين انائونسر خادم لاکير• هلائي رهيو هو. مون کيس ڪن ۾ چئي ڇڏيو ته آريسر صاحب کي [ان وقت جي ڳجهي نالي ’رحيم شوري جي نالي سان.] تقرير لاءِ ضرور سڏ ڪجانءِ، مون کي پڪ آهي ته هو هڪ نوجوان جي سڏ تي ضرور اسٽيج تي اچي، پنهنجي علم جي سمنڊ مان چند قطرا پيش ڪندو. خادم لاکير منهنجيءَ هدايت مطابق، منهنجيءَ صدارتي تقرير کان اڳ ۾، آريسر صاحب کي خطاب ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيو. توقع پٽاندڙ آريسر صاحب اسٽيج تي آيو. آريسر صاحب جي ظاهري حالت ڏسي نوجوانن ٽهڪ ڏيڻ ۽ مسخري ڪرڻ شروع ڪري ڏني. چي: ”گدوءَ مان تازو وٺي آيا آهن، 4 مارچ تي هي ڇا ڳالهائيندو؟“ هن مسخريءَ کان بي پرواهه ٿي، اسٽيج تي اچي سنڌ جي عظيم انقلابي شاعر نياز همايونيءَ جو شعر:
منهنجي ڌرتيءَ جو گنگهار نه بخشيو ويندو،
ڪوبه غاضب، ڪوبه غدار نه بخشيو ويندو،
روپ رهبر جو وٺي سگهندو نه، رهزن ڪوئي،
هاڻ بيدار ٿيو آهي، ڀلارن جو وطن!
پڙهي، هڪ قابل، تجربيڪار ۽ باوقار خطيب جي مخصوص انداز ۾ هٿ مٿي کنيو. ماحول تي گهرو سناٽو ڇائنجي ويو. سندس زبان مان تاريخ، ادب، فلسفي ۽ سياست جا نُڪتا، بهار جي پهرينءَ بارش وانگر وسڻ لڳا. هن جي تقرير ۾ ڪٿي پهاڙي چشمي جو ترنم هو، ڪٿي چيتي جي چنگهاڙ هئي، ڪٿي عناصر فِطرت جي ترتيب ۽ تنظيم جي دلڪش موسيقي هئي ۽ ڪٿي سنڌوءَ جي پرشور لهرن جو آهنگ هو.
دليون ۽ دماغ تقرير جي سحر جي دائري ۾ وڪوڙجي ويا. ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻڪ ڪائنات جي رفتار بيهي وئي آهي ۽ صدين جي سنڌ هن ڪمزور نوجوان جي ايمان ۽ يقين سان ڀرپور لفظن ۾ ڪر موڙي اُٿي رهي آهي.
مون سان گڏ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل هزارها نوجوان مبهوت بنجي، سندس لفظن جي صداقت ۽ سونهن کي دل جي دامن ۽ دماغ جي خزاني ۾ محفوظ ڪري رهيا هئا. آريسر کي انهيءَ روپ ۾ ڏسي، مون کي سنڌوءَ جا اهي دراوڙ ياد آيا، جيڪي پنهنجن لفظن جي قوت سان ندين جا وهڪرا بدلائي ڇڏيندا هئا.
آريسر کي مون اسٽيج تي پهريون ڀيرو ٻڌو ۽ سوچيم ته سنڌ کي جيڪڏهن سائين جي. ايم. سيد جهڙو مفڪر اعظم ۽ رهبر ميسر آهي ۽ سندس نظريي جي تبليغ لاءِ آريسر جهڙا نوجوان پيدا ٿيڻ لڳا آهن، ته سنڌي قوم جو آئيندو بلاشڪ شاندار آهي. هيءَ قوم مرڻي ناهي، هڪ ڏينهن اها حيثيت وري حاصل ڪندي، جنهن ۾ هو آزاد ۽ خودمختيار هئي.
پوءِ ته آريسر سان يڪو عرصو گڏ گذرندو هو. هاسٽل ۾ قربان ميمڻ، عبدالڪريم ٻٻر ۽ منهنجو ڪمرو سندس مسڪن گاهه هئا. شام جو روزانو ’بي بلاڪ‘ جي لان تي سڄي هاسٽل جون ڪرسيون گڏ ٿينديون هيون ۽ آريسر سان ڪڏهن به نه وسرندڙ قرب واريون ڪچهريون ۽ رهاڻيون رچنديون رهيون. حيدرآباد شهر ۽ يونيورسٽيءَ جي ڪافي دوستن کانسواءِ اختر ڪاڪيپوٽو، خالق جوڻيجو، خادم لاکير، قربان ميمڻ، حڪيم ٻٻر، سرور ڪنڌر، اشرف کهاوڙ، آغا نياز، خير محمد سولنگي، ضمير لاڙڪ، رفيق قريشي ۽ رفيق پنهور ته ضرور شامل ٿيندا هئا. گهٽ ۾ گهٽ ان دوران مون آريسر کان تمام گهڻو ڪجهه پرايو.
هاڻي آريسر صاحب جي شخصيت سڀني آڏو واضح ٿيڻ لڳي ۽ سنڌ جي ڪنهن به ڳوٺ يا شهر ۾ ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ طرفان ٿيندڙ هر جلسي ۾ آريسر صاحب جي شرڪت تمام ضروري بڻجي وئي.
هوڏانهن سرڪار سڳوريءَ جون حد درجي جون ڪوششون ته آريسر کي گرفتار ڪجي ۽ هوڏانهن هي حوصلو ۽ همت، جو اسان جي هر جلسي ۾ هن جي شرڪت ۽ تقرير لازمي: جن ۾ سنڌ دشمن قوتن کي کليل چئلينج، حق جي بيباڪ ترجماني ۽ هر ڌارئين جي ايجنٽ کي للڪار، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ’يومِ بلوچستان‘ هجي يا دادوءَ ۾ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو ساليانو ڪنوينشن، سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه جا جلسا هجن يا شاهه لطيف جي ورسيءَ جا ميڙ، ادبي ڪانفرنس هجي يا ’سنڌي شام‘ جو پروگرام، آريسر هرهنڌ موجود. آءٌ حيرت ۾ پئجي ويندو آهيان، جڏهن هن ڪمزور جسم واري شخص جي سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ سندس ڪيل دورن ۽ اتي ٿيندڙ بحثن تي سوچيندو آهيان. ”پيغام“، رسالو جيڪو آريسر شروع ڪيو هو، سو هن تي سرڪاري عتاب سبب بند ٿي ويو هو، پر سندس روشن ڪيل شمع کي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي هڪ بي لوث ڪارڪن خادم لاکير اجهامڻ نه ڏنو، ۽ ساڳيو ’پيغام‘وري محترم لاکير جي ادارت هيٺ ايل. ايم. سي مان شايع ٿيڻ لڳو، جنهن سان آريسر صاحب جو ڀرپور سهڪار رهندو آيو. ’پيغام‘ جي وري شايع ٿيڻ تي آريسر کي اهڙي خوشي حاصل ٿي، جهڙي ڪنهن ماءُ کي پنهنجي وڃايل اڪيلي پُٽ جي واپس ملڻ تي ٿيندي آهي.
هاڻي ’پيغام‘ ۾ سندس تقريرون به شايع ٿيڻ لڳيون، جن کي اڳتي هلي ’پرهه جو پيغام‘ ۽ ’صدين جون صدائون‘ نالي ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. انهن ٻنهي ڪتابن سنڌي قوم وٽ بي پناهه مقبوليت حاصل ڪئي. ’پيغام‘ ۾ جڏهن دوستن جي مشوري سان انٽريوئن جو سلسلو شروع ٿيو ته سڀ کان پهرين آريسر جو انٽرويو شايع ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جي مسئلن، پنجابي پناهگير سامراج جي پرماريت ۽ ديسي دلالن جي حرامخوريءَ جي تاريخي ڇنڊڇاڻ ۽ سياسي تجزئي جي حيثيت سان سنڌي قوم پرست لٽريچر ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ انٽرويو کان پوءِ پنجابي پناهگير سامراج جون اخبارون ۽ رسالا ڇِتا ٿي پيا، ۽ ’نواءِ وقت‘ لاهور ته مسلسل تيرهن قسطن ۾ اُن جو ترجمو شايع ڪري، ان خلاف زهر اوڳاڇيندي رهي. ’نواءِ وقت‘ جي مهربانيءَ سان اهو انٽرويو ڀارت جي ڪثير الاشاعت هفتيوار پرچي ’ڌرم يگ‘ هنديءَ ۾ شايع ڪيو.
آخر [پيپلز پارٽيءَ جي] سرڪار سڳوري پنجابي، پناهگير سامراج جي اخباري پروپيگنڊا کان مرعوب ٿي، سنڌي ڪتابن تي بندش وجهي، سنڌ دشمنيءَ جو واضح ثبوت ڏنو. بندش پيل ڪتابن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي سڀني ڪتابن سان گڏ آريسر جي تقريرن جو مجموعو ’پرهه جو پيغام‘ ۽ رسالو ’پيغام‘، جيڪو خادم لاکير هلائي رهيو هو، به شامل هئا. هنن- ’آريسر ۽ لاکير‘- سرڪار جي انهيءَ وار کي همت سان برداشت ڪندي، پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪوششن کي جاري رکيو ۽ لاکير جي ادارت ۾ آريسر جي سهڪار سان هڪ نئون ڪتابي سلسلو ’ڪارونجهر‘ جي نالي سان شايع ٿيڻ لڳو. ان وچ ۾ آريسر جي گرفتاريءَ لاءِ سرڪاري ڪوششون به تيز ٿينديون ويون. جولاءِ 1975ع ۾ سنڌ حڪومت جي پناهگير وزير مسٽر بديع الحسن زيديءَ کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوان شاگردن ۽ ’جيئي سنڌ‘ جي ورڪرن، حبيب الله ناريجي جي قيادت ۾ اغوا ڪيو. انهيءَ اغوا جا بنيادي سبب سائين جي.ايم. سيد نظربنديءَ مان مسلسل آزادي، سنڌي ڪتابن تان بندش هٽائڻ، شاگردن ۽ اديبن کي آزاد ڪرائڻ وغيره هئا.
مون پنهنجي دوستن سميت ان واقعي سان اختلاف ڪيو هو، جنهن تي آءٌ اڄ به قائم آهيان، پر هن حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هڪ مهينو اڳ پاڪستان جي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي پنجابين کي راضي ڪرڻ خاطر قومي اسيمبليءَ ۾ اعلان ڪيو هو ته: ”مون سنڌو ديش تحريڪ کي ڪچلي ڇڏيو آهي. هاڻي جي. ايم. سيد جو جنازو نظربنديءَ جي حالت ۾ نڪرندو.“• زيديءَ جي اغوا جي واقعي نه صرف ڀُٽي جي ان بيان کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو، پر اهو به ثابت ڪيو ته جيڪڏهن سيد جا پوئلڳ چاهين ته سندن چنبي جي گرفت مان حڪمران ڌر جي ننڍڙي چيئرمئن کان وٺي صوبائي حڪومت جا بااختيار وزير به پاڻ بچائي نه ٿا سگهن.
زيديءَ جي اغوا جي سلسلي ۾ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن ۽ ورڪرن جي والدين جي وسيع پيماني تي گرفتاري عمل ۾ آئي. آريسر صاحب ان وقت پٿريءَ جي سخت بيماريءَ ۾ حڪيم محمد صالح، سن واري وٽ زير علاج هو، ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي سيڪريٽري (جيڪو پڻ آريسر جي ضلعي ٿرپارڪر سان تعلق رکي ٿو) کي اها خبر هئي ته آريسر جو انهيءَ واقعي سان تعلق نه آهي، پوءِ به ضلعي ٿرپارڪر جي پوري پوليس، رينجرس ۽ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جي لوڌ، آريسر جي ڳوٺ کي گهيري ۾ وٺي، سندس پوڙهي والد ۽ ٻن ننڍن ڀائرن کي گرفتار ڪري، ميرپورخاص جي جيل ۾ رکيو، ٿوري وقت گذرڻ سان ٻين ورڪرن جي عزيزن کي ڇڏيو ويو، پر آريسر جو والد صاحب ۽ ڀائر پورا ٽي مهينا جيل ۾ رهيا. پٺيان گهر ۾ آريسر جي پوڙهي ماءُ ۽ ننڍڙي ڀيڻ ۽ ڀاڄائي اڪيليون هيون، ڪوبه مرد ماڻهو گهر ۾ موجود ڪونه هو. آريسر بنيادي طرح هڪ غريب ۽ مسڪين ٿري خاندان سان واسطو رکي ٿو، جن جي ڪرت ’آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ آهي، ان ڪري اهو وقت آريسر لاءِ انتهائي پريشاني ۽ ذهني ڪشمڪش جو هو.
اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ان ماڻهو جي حالت جو، جنهن جي دل رستي ويندي ڪنهن جهور پوڙهي سنڌي ڏتڙيل ڏوٿيءَ کي ڏسي روئي پوندي آهي، سندس ذهن جون ديوارون ڌُڏي وينديون آهن ۽ هو چئي ڏيندو آهي ته ”آءٌ اديب آهيان، سياست جي پرخار واديءَ ۾ انسانن جا ڪريل، وڍيل ۽ چچريل لاش مون کان ڏٺا نٿا ٿين.“ ان ساڳئي حساسَ انسان جو خاندان انتهائي رحم جوڳيءَ حالت ۾ هو،. هو پاڻ گردي جي سخت سُور ڪري زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺو هو. اهڙيءَ حالت ۾ هن جون نظرون ڪنهن ايندڙ صبح جي انتظار ۾ اُڪنڊيون هونديون هيون ۽ هن سرڪار آڏو پيش پوڻ کان انڪار ڪيو. هو ڇو نه پيش پيو؟ ان جي وضاحت هن
4 مارچ 1976ع تي گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ميرس جي جلسي ۾ تقرير ڪندي ڪئي. هن سنڌ جي نوجوانن جي پرجوش هجوم ۾ چيو هو ته:
”تاريخ جي هر دور ۾ ڊڪٽيٽرن، غاصبن ۽ ڦورو حاڪمن جو طريقه واردات گهڻو ڪري هڪ جهڙو رهيو آهي. جڏهن زيديءَ جي اغوا وقت اسان جي مائٽن کي گرفتار ڪيو ويو، ته جيئن اسان پيش پئون، اُن وقت منهنجي ذهن ۾ سنڌ تي مغلن جي ظلم ۽ انهن جي مقابلي ۾ آزاديءَ جي متوالن سنڌين جون سرفروشيون ڦرڻ لڳيون. مغلن جي خلاف ڇاپا مار سرگرمين جي قيادت ڪندڙ ٻن دلير جانباز سنڌين- موندر خان چانڊيي ۽ دائود شوري کي- گرفتار ڪرڻ لاءِ سندن ٻارن ۽ گهروارن کي گرفتار ڪيو ويو. نتيجي طور اهي ٻئي بانڪا بهادر پنهنجين لڄن کي مغل سامراج جي هٿن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ مغلن اڳيان پيش پيا. اڄ ساڳيو طريقو اسان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڀُٽي سرڪار استعمال ڪيو آهي. اسان حاڪمن جي انهيءَ هٿيار کي ناڪام بنائڻ، مُڏو ڪرڻ ۽ بي اثر بنائڻ لاءِ پيش نه پيا آهيون.
”آءٌ اڄ سنڌ جي تاريخ جي اهم ڏينهن تي دل جي گهراين سان منهنجي سرزمين جي انهن عظيم انسانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چوان ٿو ته:
”اي دائود شورا ۽ موندر خان چانڊيا! اوهان جو مقابلو مغل سامراج سان هو،. ۽ اسان جو مقابلو انهيءَ سامراج جي روحاني اولاد سان آهي. اسان جو اهوئي رستو آهي، جيڪو اوهان مقرر ڪيو هو. اسان لاءِ روشني، اوهان جي مقدس رت جا ڦڙا آهن، پر تاريخ اڳتي وڌي چڪي آهي، ان ڪري اسان اها غلطي نه ڪنداسين، جيڪا توهان ڪئي هئي. عبدالواحد آريسر توهان جي پيرن جي مٽيءَ کي پنهنجي پيشانيءَ تي تلڪ طور لڳائيندي به توهان جي غلطي نه دُهرائيندو. مولا بخش لغاري، اوهان جي گهوڙن جي قدمن جي موسيقيءَ کي آزاديءَ جو اعلان سمجهندي به اوهان جي غلطي نه دهرائيندو. هو اوهان جي جلايل جوت ۽ مشعل آزاديءَ کي ڪائنات جي هر شيءِ کان مقدس سمجهندي به اڄ کان چار سئو سال اڳ جي هٿيار کي بي اثر بنائيندو. علي حيدر شاهه سنڌ ۾ مغل ايمپائر جي روحاني اولاد سان وڙهندي به اوهان جي ڪيل غلطيءَ کي نه ورجائيندو. ۽ سنڌ جو ارڏو ۽ اڏول انسان اختر ڪاڪيپوٽو، سنڌ جي خوشحاليءَ جي جهنڊي کي پنهنجي جوان رت سان رڱيندي به اوهان سان ڪيل دشمن جي فريب جي پردن کي چاڪ ڪندو رهندو.“
هاڻي سرڪار جي پوري مشنري عبدالواحد آريسر جي ڳولڻ لاءِ مصروف عمل ٿي وئي ۽ آخر 11 اپريل 1976ع تي حيدرآباد مان، آريسر کي ٽن سالن جي روپوشيءَ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو. مون کي ٻئي ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ڀان سعيد آباد ۾ اخبار ذريعي آريسر جي گرفتاريءَ جي خبر پئي. انهيءَ وقت مون خادم لاکير سان ٽيليفون تي ڳالهائي ساري حقيقت معلوم ڪئي، جنهن ٻڌايو ته آريسر کي سٽي لاڪپ حيدرآباد ۾ رکيو ويو آهي، مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ ڪنهن کي ساڻس ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي. آءٌ انهيءَ ڏينهن سنڌ يونيورسٽي پهتس، ٻئي ڏينهن تي حيدرآٻاد جي تنهن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر سيد محب الله شاهه سان ملي کيس چيم ته: ”آريسر صاحب سنڌ جو هڪ مايه ناز دماغ آهي، اسان اهو نٿا چاهيون ته کيس آزاد ڪرايون، ڇاڪاڻ ته اِها اوهان جي وس جي ڳالهه نه آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرور ڪرايو، جو اسان ساڻس لاڪپ تي ملي سگهون.“ مون ڊي. سي صاحب کي اهو به چيو ته: ”آريسر کي فوري طور عدالتي تحويل ۾ موڪلڻ جو بندوبست ڪريو.“ مگر هن عوامي دور ۾ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ، پوليس جي آڏو ايڏو مجبور نظر آيو، جو هن شام جو اچڻ لاءِ چيو، ۽ جڏهن شام جو مان ساڻس مليس ته هن صاحب آريسر سان ملاقات ڪرائي سگهڻ کان معذوري ڏيکاري. هوڏانهن لاڪپ تي ڊي. ايس. پي چوڌري يوسف ، آريسر تي بي تحاشا تشدد ڪرائي رهيو هو. انهيءَ تشدد جو تفصيلي ذڪر هن پنهنجي ’جيل ڊائري‘ ۾ ڪيو آهي. آءٌ سخت حيرت ۾ اچي ويندو آهيان، جو هن ڪمزور، نٻل، ڪاٺيءَ جهڙي سنهڙي سيپڪڙي انسانَ، جنهن کي ڏسندي اسان کي هن جي جسماني ساخت تي سدائين رحم اچي ويندو آهي، ڪيڏي نه همت ۽ مردانگيءَ سان انهن ڪاررواين کي برداشت ڪيو، ۽ چوڌريءَ جي هر سوال جو جواب جارحانه انداز ۾ ڏنو.
سوريءَ مٿي سيجڙي، اڏيءَ مٿي انگ،
ديڳين ڪڙهن دوڳڙا، منجهه ڪڻاهه ڪرنگ،
’قاسم‘ ڪيسر رنگ، وِههُ پيتائون وَٽئين.
(خليفو نبي بخش)
آريسر اُن جيل ڊائريءَ مان هڪڙي واقعي کي آءٌ هتي بيان ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان. اهو هي ته جڏهن آريسر تي تشدد جا سڀ حربا استعمال ڪرڻ جي باوجود هو [ايس. پي چوڌري يوسف] ڪابه ڪم جي ڳالهه معلوم نه ڪري سگهيو ته هن آريسر تي ريوالور جا لڳاتار فائر ڪرڻ شروع ڪيا. ظاهر آهي ته هي فائر آريسرَ کي مرعوب ڪرڻ لاءِ گُسائي ڪري رهيو هو ۽ گوليون آريسر جي ڪنن جي ڀرسان زوزاٽ ڪنديون گذري رهيون هيون. ريوالور خالي ڪري هن آريسر ڏانهن نهاريو ته آريسرجي چپن تي زهريلي مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ انگريز جي پاليل بيورو ڪريسيءَ خلاف نفرت جا اُلا هئا. اهاحالت ڏسي هن پنهنجو جسم بي ستو ڪري ڪرسيءَ تي ڦٽو ڪيو، کيس آريسر طرفان اهڙي رد عمل جي توقع ڪانه هئي. سامراج جي پيداوار آفيسر شاهيءَ کي ڪهڙي خبر ته جڏهن ڪنهن فرزندِ زمين جي دل ۾ آزاديءَ جي امنگ، جوانيءَ جي تمنا وانگر اڀري ايندي آهي، ان وقت دنيا جون سڀ بارود جون فيڪٽريون انهيءَ امنگ جي سامهون’مڇر‘ جي حيثيت به نه رکنديون آهن.
ها! غلام ۽ مظلوم قومن جي اديبن ۽ عالمن سان هر دور ۾ ائين ٿيندو آيو آهي، دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي، پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته غلام ۽ مظلوم قومن ۾ جڏهن آزاديءَ جو جذبو، شعور جي مٿانهين منزل تي پهچي ٿو، تڏهن غاصب قوتن کي هميشه شڪست نصيب ٿيندي آهي، ۽ اهڙن چوڌري يوسفن کي، جيڪي هتي پنجابي پناهگير سامراج جا ننڍڙا آله ڪار آهن، تاريخ عوامي هجومن جي پيرن جي ٺوڪرن ۾ اُڇلائي ڇڏيو آهي. اهڙو وقت ايندو ۽ ضرور ايندو، آريسر جي پنهنجي ئي لفظن ۾: ”مون کي سنڌ جي شاندار مستقبل ۾ ايترو ئي يقين آهي، جيترو توهان کي سج جي روشنيءَ ۾.“ بهرحال آريسر جي گرفتاريءَ خلاف احتجاج ۽ هن کي عدالتي تحويل ۾ ڏيارڻ لاءِ ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ طرفان پريس ڪانفرنس ڪري، حڪومت کان اهڙي قسم جا مطالبا ڪيا ويا، ۽ ٻه ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، تنهن کانپوءِ ئي مٿس تشدد ڪرڻ بند ڪيو ويو.
طاقتور ڌر ۽ غاصب قوتون هميشه مظلوم قومن جي فردن تي طاقت استعمال ڪنديون آهن، ۽ غاصب قوتن کان ڪابه ڳالهه مڃرائڻ لاءِ مظلوم ڌر لاءِ به اهوئي طريقو استعمال ڪرڻ ضروري آهي.
سترهن ڏينهن سٽي لاڪپ حيدرآباد ۾ رکڻ کانپوءِ، آريسر کي ڪراچي سينٽرل جيل موڪليو ويو. مٿس ڊي. پي. آر 42-49 جو ڪيس ٿاڦيو ويو، جيڪو سنڌ اسيپيشل ٽربيونل ۾ هلندڙ آهي، جيل جي شروعاتي ڏينهن ۾ مٿس جيڪي وهيو واپريو، اهو هن پنهنجي جيل جي ڊائريءَ ۾ تفصيل سان لکيو آهي. آءٌ ان تي لکڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نه ٿو ڪريان، ڇو ته جلدئي آريسر جي ’جيل جي ڊائري‘ ڇپجي، عوام آڏو اچڻ واري آهي.
سنڌ جي قومي تحريڪ جي سلسلي ۾ ڄامشوري [سنڌ يونيورسٽيءَ] جو تاريخي ميدان مغلن کان وٺي، نئين پاڪستان جي نئين آئين جي تدوين تائين هڪ مضبوط قلعي ۽ ناقابل شڪست مورچي جي حيثيت رکندو پئي آيو آهي. ايوب خان کان وٺي ڀُٽي تائين، پاڪستان جي هر حاڪم ۽ حڪمران پنهنجي پرڏيهي آقائن جي اشاري تي اها ڪوشش پئي ڪئي آهي ته ڪيڏي به قيمت تي سنڌ جي ’قومي تحريڪ‘ کان [سنڌ يونيورسٽيءَ جو] اهو قلعو ۽ مورچو ڦريو وڃي. پاڪستان جي حاڪم ٽولن هر دفعي نون هٿيارن ۽ نون منصوبن سان انهيءَ مورچي تي حملو پئي ڪيو آهي، ۽ هر ڀيري سنڌ جي ’قومي تحريڪ‘ جي سپاهين بيپناهه دليري، سورهيائيءَ ۽ سچائيءَ سان انهن حملن کي ناڪام بنائي پنهنجي مورچي جو تحفظ پئي ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽي اهڙو ادارو آهي، جتان ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ شاگردن جي بي پناهه سهڪار سان شاگرد سنگت جون چونڊون کٽي، سنڌ دشمن قوتن سان ٽڪر کائيندي رهي آهي. سال 1976ع ۾ حڪومت، قومپرست تحريڪ کان اهو مورچو ڦرڻ لاءِ نوان هٿيار ۽ نوان حربا استعمال ڪيا، انهيءَ سلسلي ۾ هن شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلري شايد ان لاءِ ڏني، ته جيئن هو ڇهن مهينن اندر يونيورسٽيءَ مان ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ کي ختم ڪري ڏيکاريندو. شيخ اياز وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ حڪمرانن جو هٿيو ٿي ڪم آيو ۽ يونيورسٽيءَ جون مقدس فضائون خراب ٿي ويون.
’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جا باشعور ڪارڪن، جيڪي تاريخ جي رفتار سڃاڻي، شخصيت پرستيءَ جي ڄار مان نڪري، وطن پرستيءَ جي عظيم نظريي تي همت ۽ حوصلي سان هلي رهيا آهن، تن وائيس چانسلر جي ان قدم جي مذمت ڪرڻ سان گڏ ’سنڌ يونيورسٽي شاگرد سنگت‘ جي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو اعلان ڪيو.
’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ کي شاگرد سنگت کان ٻاهر رکڻ ۽ قومي تحريڪ کان يونيورسٽيءَ جو مورچو ڦرڻ لاءِ ’جيئي سنڌ‘ جي ڪارڪنن: حبيب الله ناريجي، علي حيدر شاهه ۽ ابوبڪر زرداريءَ [جيڪو صدارتي اميدوار هو] کي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ سان گڏ اسان جي نالن جي لسٽ سرڪار کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪئي وئي.
ان کانپوءِ اليڪشن ملتوي ڪرائي، اسان کي ڊي. پي. آر جي ڪيسن ۾ ڦاسائي، ڪراچيءَ جي مختلف ٿاڻن تي رکايو ويو. ٿاڻن تي رکڻ جو مقصد اسان کي قيد تنهائيءَ جا عذاب ڏيڻ هو. قيد تنهائيءَ سان حڪومت جي اها مرضي هئي ته اسان هن تڪليف واري ۽ هيبتناڪ ماحول مان گهٻرائجي، پنهنجي نظريي تان هٽي وينداسين، سنڌ جي ازلي پُڪار کان پنهنجا ڪن هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏينداسين ۽ پنجابي پناهگير سامراج جي سنڌ دشمن ڪاررواين کان چشم پوشي ڪري ويهي رهنداسين. پر اسان جي ڪنن ۾ شهيدِ سنڌ الهه بخش سومري جا هي لفظ هر وقت پئي گونجيا ته: ”آءٌ گولي کائڻ لاءِ تيار آهيان، پر سنڌي قوم جي دشمنن کي سلام ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
اهڙيءَ طرح لاڪ- اپن ۾ سوا مهينو قيد تنهائي ڪاٽڻ کانپوءِ اسان سڀني کي ڪراچي سينٽرل جيل ڏانهن منتقل ڪري، وارڊ نمبر 13 ۾ رکيو ويو، جتي ٻين سياسي قيدين کان علاوه عبدالواحد آريسر به موجود هو. هن اسان جو والهانه استقبال ڪيو. آءٌ هتي اچي ڏاڍو خوش ٿيس، ته هاڻي سنڌ جي هن عظيم دانشور ۽ مفڪر سان رات ڏينهن گڏ گذاري، ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندس.
جيل جي زندگيءَ ۾ کٿن، لوهي دروازن، هٿ ڪَڙين، ڏنڊا ٻيڙين، سنگين ديوارن ۽ برجن ۾ بيٺل پهريدارن واري ڀيانڪ ماحول ۾ اهڙي ڪابه شيءِ موجود نه هوندي آهي، جنهن جي دلچسپي هڪ اديب کي لکڻ لاءِ آماده ڪري سگهي. ان کانسواءِ مقرر ڏينهن تي جيل سپرنٽينڊنٽ جو رائونڊ ۽ بيگاهه وقتن تي سامان جون تلاشيون به لکڻ جي راهه ۾ وڏيون رڪاوٽون هونديون آهن. ڪنهن ’خلافِ قانون شيءِ‘ جو قيديءَ وٽان نڪري پوڻ جي صورت ۾ بند وارڊ وڃڻ، اهي سڀ ڳالهيون، جيل جي زندگيءَ جو حصو ۽ اديب جي قلم تي سنگين پهري جي حيثيت رکن ٿيون. ايوب ۽ يحى جي ڏينهن ۾ قيدين تي جيل اندر ايڏي پيماني تي سختي ۽ ڪرڙي نظر ڪانه هوندي هئي، پر هن نام نهاد ’عوامي دور‘ ۾ خاص طرح سياسي قيدين سان جيڪي عقوبتون ڪيون وڃن ٿيون، ۽ جيڪي جسماني ۽ ذهني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون، تن جو تفصيلوار احوال ڪنهن ٻئي وقت تي ڪبو. اهڙي ماحول ۾ آريسر نه رڳو هيءُ ڪتاب ’جي. ايم. سيد‘ لکيو، پر ٻين ڪافي ڪتابن کانسواءِ ڏيڍ هزار کن صفحن تي پکڙيل تاريخي ۽ ادبي ياداشتون ۽ مختلف دوستن ڏانهن ڪافي خط لکيا آهن، جيڪي پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي ۽ ادبي حيثيت رکن ٿا. لکڻ لاءِ ڪاغذ، قلم، مس، حوالي لاءِ ڪتاب ۽ پُرسڪون ماحول ضروري آهن. هتي حالت اها آهي، جو سواءِ ’هلال پاڪستان‘ ۽ ’جنگ‘ جي ٻي ڪابه اخبار پڙهڻ تي بندش پيل آهي، ڪاغذ، قلم، مس يا گهربل ڪتاب جي بلڪل عدم موجودگي- ماحول جي حالت هيءَ، جو جنهن وارڊ ۾ ٽيهه قيدي رهندا هجن، جن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا قومپرست شاگرد، جماعت اسلاميءَ جا رجعت پسند ڪارڪن، مسلم ليگ جا موقعي پرست ورڪر، اين. ڊي. پي سنڌ جانام نهاد ڏاهن جا چند پيروڪار پڻ رهندا هجن، جتي بنيادي نظرياتي اختلاف تي بحثن جي وٺ وٺان هجي، پر آريسر جي حالت هيءَ، جو انهن سڀني ڳالهين ۾ ڀرپور حصي وٺڻ ۽ بحث مباحثا ڪري سنڌ دشمن فردن کي دليلن جي زبان سان خاموش ڪرائي ڇڏيندو آهي، انهن بحثن ۾ آريسرجي ڪم عمريءَ باوجود ايڏي وسعت ۽ سياسي بصيرت کي پاڪستان جي چوٽيءَ جو رجعت پسند صحافي، ’جسارت‘ جو ايڊيٽر صلاح الدين ۽ مشهور ڪميونسٽ ليڊر ڊاڪٽر اعزاز نذير به دل جي گهراين سان خراج عقيدت پيش ڪندا هئا- ۽ انهن کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته جي. ايم. سيد جا پوئلڳ نه صرف عزم ۽ حوصلي ۾ مضبوط آهن، پر علم ۽ دانش ۾ به پنهنجو مقام ۽ مرتبو رکن ٿا.
انهن بحثن کان علاوه شام جي وقت روزانو سنڌ جي تاريخ تي ٻه عدد ليڪچر ڏيڻ سان گڏ ايتري ساري لکڻ جو جنون ۽ اُن جنون کي عملي روپ ڏيڻ، اهو سڀ آريسر ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اهو هن جو ئي ڪمال آهي.
ڪاغذ، جيل جي ماڙيءَ [دروازي ۽ جيل جي آفيس] مان ٽپائي وارڊ تائين پهچائڻ ۾، حبيب الله ناريجي جي اٽڪلن ۽ اثر رسوخ تمام وڏو فائدو پهچايو. آءٌ آريسر سان گڏ هڪ بئرڪ ۾ رهندو آهيان ۽ جڏهن اڌ رات جو، ڪنهن وقت پاڻي پيئڻ يا ڪنهن ٻيءَ ضروري حاجت لاءِ اٿيو آهيان ته آريسر کي جاڳندي ئي ڏٺو اٿم ۽ سفيد ڪاغذ، سگريٽن جي پاڪيٽن، مختلف دوائن وارن کوکن تي آريسر جو قلم وهندو رهندو آهي، ۽ بعد ۾ انهن ٽڪرن کي ترتيب ڏيڻ جي ڪم ۾ مشغول هوندو آهي. ائين ڪندي هن جي صحت صفا تباهه ٿي وئي آهي. مون گهڻو زور ڪري کيس هڪ هفتي تائين لکڻ کان سخت منع ڪري ڇڏي ، ته جيئن سندس صحت قدري بحال ٿئي ۽ بئرڪ جي بلب جي هلڪي ۽ جهڪي روشنيءَ جي ڪري، ڪٿي سندس اکين جي بينائيءَ تي ڪو هاڃيڪار اثر نه پوي. بهرحال ايڏي لڳاتار جذبي ۽ محنت سان هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُن مان هڪ ڪتاب هي به آهي. منهنجي خيال ۾ محترم جي. ايم. سيد تي هن قسم جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي مختلف عناصر جي باري ۾ ’سيد‘ جي ڪوششن ۽ ڪاوشن تي عالمانه تبصرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي موجوده وقت ۾ انتهائي سخت ضرورت هئي، جنهن جي ذريعي ’سائين جي. ايم. سيد‘ جي فڪر ۽ تحريڪ کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ۽ هٿي ملي سگهي ٿي.
آريسر جي طرزِ تحرير متعلق آءٌ رڳو ايترو چوندس ته هن جي تحرير سنڌي نثر نويسيءَ ۾ انقلابي موڙ آندو آهي. مون کي سندس نثر پڙهڻ سان بهترين شاعريءَ جو لُطف ۽ مزو ايندو آهي. آريسر جو اهو اسلوب، هن ڪتاب ۾ پنهنجي پوري ڪمال سان موجود آهي. باقي ڪتاب جي علمي ۽ ادبي حيثيت جو فيصلو پڙهندڙ ئي بهتر طريقي سان ڪري سگهن ٿا. تنهن هوندي به مون کي يقين آهي ته اسان جي هن نوجوان اديب جو هي ڪتاب، سندس اڳين لکڻين جيان ’سنڌي قوم‘ جي دلين ۾ اهم مقام حاصل ڪندو. جيئي سنڌ!

مولابخش لغاري

وارڊ نمبر 13، سينٽرل جيل
16- آڪٽوبر 1976ع 
ڪراچي، سنڌ


Book No .265
Kitab Jo Nalo : CHAA TAA SHAKHS HO
by: Abdul Wahid Areeser
New compiled by: Taj Joyo
Fourth Edition © Roshni 2016
Pages : 304
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 350.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG