KINARAN TAAN SAD (Poetry)






























شاعريءَ لاءِ چورايل پَل!

فطرتي جماليات کان نظرياتي رومانس تائين جي دلربا وابستگيءَ جو شعور رکڻ وارو ڪوبه حساس ماڻهو ڪنهن به اهڙي معاشري ۽ ماحول ۾ ڪڏهن به سُڪون جي چادر تاڻي اکيون پوري سُمهي نٿو سگهي، جتي ڊگهي اوپرائپ جو شهر پکڙيل هجي! ڪڏهن به سمجهه ۾ نه ايندڙ معاشري جي نه سمجهه ۾ ايندڙ مزاج تي سوچي اڪثر ڪري سامايل چريان ڇوڪرين جهڙا ٻرندڙ سوال هٿن ۾ پٿر کڻي جڏهن وجود جي پوينا ڪاهي پوندا آهن، تڏهن ذهن پراڻي زماني جي پارسي ماڻهو جي لاش جهڙو ٿي ويندو آهي، جنهن کي ڪنهن ڏورانهين اوچي ڏونگر تي ڇتا ڪانگ پٽيندا رهندا آهن ۽ بکايل ڳجهون ٻيرو ٻيرو ڪري کائينديون رهنديون آهن! پوءِ محسوس ائين ٿيندو آهي ته ڄڻ سمورا فلسفا گهرگهلا ٿي پَٽ تي ڪري پيا آهن! ڄڻ ته هوا گهُلڻ کان نابري واري بيهي رهي آهي! ڄڻ ته جهرڪين جي چُونگار تي ڪنهن پير رکي ڇڏيا آهن! تڏهن شاعري لاءِ وقت جي وهڪري مان ڪجهه پل چوري ڪرڻا پئجي ويندا آهن، ڇو جو ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن ضروري آهي! پر الميو اهو آهي ته اسان وٽ ليکڪن ۽ شاعرن کي هڪڙا گهڙيل ضابطا اخلاق ياد ڏياري اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته اوهان جا کنڀ ڪُتريل آهن، ان ڪري وڏي فڪري اُڏام ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي! اسان وٽ ڪنهن ليکڪ جي اوڳاڇيل سچ ۽ شاعر جي ڪنهن بيباڪيءَ ۾ رچيل نظم جي گنجائش ان ڪري به گهٽ آهي جو اهي شيون ڪن دقيانوس ڇُٽل ڪارتوسن جهڙي کوکلي ذهنيت رکندڙ مزاجن کي هضم ٿيڻ ناممڪن آهن! ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان ماڻهن جي ٻالڪ اکين اڃا عظيم آرٽ جو چهرو ئي ناهي ڏٺو! اسان ماڻهن ته اڃا اِن سوال کي به ڦلهوڙڻ جي ڪڏهن ڪوشش ئي ناهي ڪئي ته ڪهڙين اڪيلائين ڪچا پنهنجا پير هنن بدذوق بازارين ۾ ڇو وڪڻي ڇڏيا آهن!؟ قوم جي پُٺيءَ ۾ فريبن جو ڇُرو ڪنهن هنيو آهي؟ اهو سوال ڪنهن به چپ تي الئه ڇو نٿو چمڪي! انسانيت دربدر ٿي ڇو ڀٽڪي رهي آهي؟ اهو سوال به ذهن ۾ آڻڻ جي ڪنهن وٽ واندڪائي ناهي رهي! عجيب حالتن جي عجيب تاريخ رت ۾ ڀريل چُني وانگي اکين جي روبرو آهي، جنهن کي ڪنهن به اُس تي سُڪائي نٿو سگهجي! ان ڪري آئون گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن به اها دعويٰ نٿو ڪري سگهان ته اسان جي فڪري اڏام مڪمل آزاديءَ سان اُڏار ڪري سگهي آهي! دعوائن جا در ته هتي انهن محبتن به ڪڙا چاڙهي بند ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي محبتون ڪڏهن زندگي لاءِ آڪسيجن تصور ڪيون وينديون هيون! محبتون ته هاڻ مارجي ويل ماڻهن جي کليل اکين جو خواب ٿي ويون آهن! ۽ خواب ڪنارن جي سڏن وانگي سُڏڪن ۾ ٻُڏي ويا آهن!
مون کي اهو احساس آهي ته منهنجي نظمن جا چهرا رَت سان ڀريل آهن! منهنجي غزلن جو ويس ڳوٺاڻي لاهيارڻ جي پوتيءَ وانگر ميرو آهي. منهنجي بيتن جي اکين ۾ ڪوبه سرمون ڪونهي، نه وري انهن جي چپن تي ڪا لالي لڳل آهي! منهنجي خيالن جي ڪنن ۾ سون جا جهومڪ نه پر ڪن ڦاڙ جوڳين وارا والا پيل آهن! منهنجيون سموريون سٽون هارين جي هٿن جي ترين وانگي ڇالا ڇالا آهن! منهنجا احساس مٽي جا هئڻ ڪري بس ميرا ئي آهن! اُن ڪري اُنهن جي ڪنهن به ادبي مُلهه جي مون کي ڄاڻ ناهي! بس اها سُڌ آهي ته هڪ عشق آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پاڻ آٿت آهي! وقت مان شاعري لاءِ چورايل ڪجهه پل قلمبند ٿي وڃن ٿا. بس اهائي هِن شاعريءَ جي ننڍڙي حقيقت آهي! مون شاعري فقط ان ڪري ڪئي آهي جو آئون شاعريءَ جي اهميت کي رد ڪندڙ ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته شاعري ڪڏهن به تقدس جي اجرڪ کي ناهي ڦاڙيو! اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ماڻهن کي بي لباس معاشي مسئلن ڪيو آهي، شاعري جو ان بي لباسي آڻڻ ۾ ٽڪي جو به هٿ ناهي! ان ڪري شاعريءَ سان دشمني اجائي آهي! شاعري کي روح جي تحرڪ جو سڏ سمجهڻ وقت جي ضرورت آهي! اهو به ٻڌائيندو هلان ته عام طور تي نابين انسانن جي ڪلهن تي جڏهن به ڪي ماڻهو هٿ رکندا آهن ته هو پل ۾ انهن هٿن جي ڇهاءُ مان اهو پرکي وٺندا آهن ته هي ڪهڙي واقفڪار جو هٿ آهي! ائين ئي شاعري جي هٿن ۾ به هڪڙو حُسن ۽ فن موجود آهي، پر شاعري جي وڏي ڇيڳرائي اها آهي ته هو احساسن جي نابينن جي ڪلهن تي واقفيت جو احساس اڀارڻ بجاءِ انهن کان لاتعلق ٿي وڃي ان سچ جي دل تي آڱريون ڦيريندي ۽ سيڪيندي آهي جنهن سچ جي دل حسن جي نرمي ۽ عشق جي گرمي سان ٽٻيل هوندي آهي! منهنجو يقين آهي ته جيستائين ڪو خيال پاڻ کي مارئي جي ڪفن جي مهڪ ۾ تبديل نٿو ڪري تيستائين ديس جي عشق جو سُر مارئي تخليق ئي نٿو ٿي سگهي! جيستائين ڪو خيال ڪنهن دراوڙ جي وهيل رَت ۾ ٽُٻي هڻي ان ۾ سمائجي ٻاهر نٿو نڪري تيستائين سنڌ جي غيرت جو ڀالو يا ڀُڻڪو ٿِي نٿو سگهي! جيستائين ڪو خيال ڪنهن مزدور ميگهواڙيءَ جي وَهيل پگهر جي ڦُڙي جي ذائقي کي دل جي زبان تي محسوس نٿو ڪري تيستائين ان خيال مان پنهوارن جي پيرن جو پڙلاءُ پيدا ئي نٿو ٿي سگهي! باقي محبوبائي ۾ ٻڏل سٽن ۽ شاعريءَ جو جيسين واسطو آهي ته اُهي اڀرنديون ئي تڏهن آهن، جڏهن ڪنهن مخمور ڪاڪُل جو نازڪ ڇهاءُ ڳچيءَ تي يا ڳل تي گل جي پنکڙي وانگي محسوس ڪبو آهي!
آئون داغستان جي عظيم ليکڪ رسول حمزاتوف جي انهن لفظن سان سؤ سيڪڙو سهمت آهيان ته: ”اديب ۽ شاعر قوم جي باهه جا رکوال هوندا آهن، اُهي اُن باهه کي اجهامڻ نه ڏيندا آهن!“ بلڪل ائين ئي آهي، ان قومي باهه جي رکوالي ۾ لطف به آهي ته حُسن به آهي! ان باهه جي حفاظت قومي فرض به آهي. ائين کڻي چئجي ته قومي عشق، قومي وجد وڏي حقيقت آهي! اُهو عشق هڪ قوم کي اٿاري متحرڪ رکندو آهي، ان جو هر ڇيڙو وري به وڃي عظيم انسانيت جي آڱر سان ويڙهبو آهي. پنهنجي بقا لاءِ قومي وجد ۽ دنيا جي بقا لاءِ انسانيت جو عشق رکڻ ٻئي رستا اهم آهن! اهو به سمجهڻ کپي ته هي عشق ۽ وجد جي اها وحشي باهه ناهي جنهن ۾ ڪڏهن عظيم سائنسدان برونو کي اُڇليو ويو هو! ڪڏهن جنهن ۾ بغداد ۽ روم سڙيا هئا! هي باهه اُها به ناهي جنهن ۾ ويهن ورهين جي الهڙ راجسٿاني ڪُنوار روپ ڪنور نه چاهيندي به سَتي ڪري ساڙي وئي هئي! هي باهه ماني پچائڻ وارن انهن تندورن واري باهه به ناهي، جنهن ۾ ڪراچي جا معصوم ٻارڙا اڇلي ساڙي ماريا ويا هئا! هِي ته فقط اُها عشق جي باهه آهي جيڪا ڪلهه تاريخ جي جهوليءَ ڏي جرنيل هوشو جي هڪل ۾ سمائجي مياڻي ۾ اُڏاڻي هئي! ۽ اها باهه اڄ به هزارين هينئن ۾ سج وانگي ڀڙڪيل ۽ ٻڙڪيل آهي!
هِن ڪتاب ”ڪنارن جا سڏ“ جي ٻي ڪابه ڊگهي ڪهاڻي ناهي! هن ڪتاب ۾ شامل شاعري ٻرندڙ خوابن ۽ ڪنارن جي وڃايل سڏن جي شاعري آهي، جيڪي سڏ امن، پيار ۽ دلبرين جا ڳولائو آهن! هن ڪتاب ۾ جيڪي به ڪچايون ۽ خاميون آهن، سي سڀ منهنجي کاتي ۾ آهن، ۽ جيڪي به سُٺايون آهن، اُهي اوهان جي محبوب ذوق جي نالي آهن.
هن ڪتاب بابت محبتن جا لفظ ارپڻ لاءِ سنڌ جي مزاحمتي سينيئر شاعر سائين عبدالڪريم ارشد جي خلوص جو پڻ احسانمند آهيان.

پيار مان
ايوب کوسو


Book No .735
Kitab Jo Nalo : KINARAN TAAN SAD (Poetry)

Poet: Ayoob Khoso
Second Edition © Roshni 2015
Pages :160
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 200.00
Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه
سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ
مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG