39 MASHAHOOR SHAKHSYATOON

















































ڊيل ڪارنيگي 24 نومبر 1888ع تي آمريڪا جي رياست ميسوريءَ ۾ ميري وِل منرويءَ جي ماڳ تي ڄائو. هُن جيتوڻيڪ 1955ع ۾ وفات ڪئي، پر اِها ڳالهه صحيح آهي، ته هو لکين، ڪروڙين بلڪ اربين پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي نرالي لکڻين جي روپ ۾ هينئر به جيئرو آهي. هن جي اَبدي زندگي ۽ مشهوريءَ جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳايو، ته ڪارنيگي جن ادارن ۾ پڙهيو، تن جي عزت ۽ وقار ۾ نه رڳو واڌارو ٿيو، بلڪ علم ماڻيندڙ شاگرد اُنهن ادارن کي ڏسڻ، ۽ منجهن پڙهڻ کي پڻ پنهنجي لاءِ شانَ سمجهن ٿا.

ڪارنيگي، اسٽيٽ ٽيچرز ڪاليج وارنزبرگ ۾ 1904ع کان 1908ع تائين، آمريڪي ڊراميٽڪ اڪيڊمي، نيويارڪ ۾ 1911ع ۾، ڪولمبيا يونيورسٽي اسڪول آف جرنلزم ۾ 1913ع ۾ ۽ نيويارڪ يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ 1914ع ۾ تعليم ورتي. هُن لازوال مشهور ڪتاب لکيا، جن جو سَپنو ته هر ليکڪ ڏسي ٿو، پر اهڙي تعبير ڪارنيگي جهڙن ماڻهن کي ئي ملي ٿي. ڪارنيگي نه رڳو پنهنجا ڪتابَ لکيا، بلڪ پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ جي طريقن سميت ڳالهه ٻولهه ۽ تقرير جي فن ڄاڻڻ جا ادارا به هلايا، جتي اهڙن فنن ۽ علمن تي عملي تعليم ڏني ويندي هئي. ڪارنيگي آمريڪا جي ستر اخبارن ۾ خاص موضوعن تي ڪالم پڻ لکندو هو. هُن جي سمورن ڪتابن جا دنيا جي اٽڪل سڀني ٻولين ۾ ترجما ڇپجي چُڪا آهن. هُن جي ڪتابن جي مشهوريءَ جو هڪڙو سبب اِهو به هو، ته هو پنهنجي ڪتابن ۾ سوڀُ ۽ ڪاميابيءَ جا راز، تجربن ذريعي پڌرا ڪندو هو. هُن جي ڪتابن جي مشهوريءَ جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان به لڳايو، ته جڏهن هُن جو ڪتاب ”دوست بنائڻ ۽ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جا گر“ 1936ع ۾ ڇپيو، ته انهيءَ جون رُڳو انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ ڪروڙ ڪاپيون ڇپيون.
ڪارنيگي جي لکڻين ۽ تقريرن جو مرڪز اِهو رهيو آهي، ته هو چوي ٿو، ته يقين ۽ ڀروسي جي ڏورَ کي ڪڏهن به پنهنجي هٿن مان نڪرڻ نه ڏيو، پوءِ توهان جي خواهشن جو لغڙ، نيري آسمان جي اوچائين کي ڇُهندو رهندو. هو ماڻهن سان مُحبت ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو. هو پڙهندڙ کي پنهنجي گُرن ۽ فنَ جي ڄاڻُ ڏئي ٿو، جنهن سان اُهي ماڻهو، جيڪي ٻين جي آڏو تِڇ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ سندن چؤڌاري نفرت جو گهيرو مضبوط ٿيندو وڃي ٿو، تن کي هو ٻين جي دلين ۾ پنهنجو گهر ٺاهڻ ۽ کين اُتي سدائين لاءِ رهواسي ٿي وڃڻ جا اُپاءُ سيکاري ٿو. پنهنجي ڀرپاسي ۽ سماج توڙي ملڪ ۾، پنهنجي عزت توڙي احترام ۽ وڃايل وقار۽ لُٽجي ويل ساک جي ڍير مان ٻيهر اڏاوت جا بنياد رکڻ لاءِ، پاڻُ اڏاوتي ماهر جيان مختلف پاسا، طريقا ۽ هُنر سيکاري ٿو، ۽ جيستائين پڙهندڙن اُنهن ڊَهٿل کنڊرن مان نئين عمارت نٿو اڏي، تيستائين هو پاڻ به همت نٿو هاري ۽ نه ئي پڙهندڙ کي هنيانءُ هارڻ ڏئي ٿو.
ڪارنيگي ايڏو وڏو نفسياتي ماهرآهي، جو هُن اهڙا موضوع چونڊيا، جن مان ئي اندازو ٿي وڃي ٿو، ته هُن مايوسين ۽ محرومين جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڪروڙين ماڻهن کي ڪامياب زندگيءَ جي واٽ تي آڻي بيهاريو. ڪارنيگي ناڪاميءَ، نامُراديءَ ۽ مايوسيءَ جهڙين اونداهين جي پيٽ مان، ماڻهوءَ کي خوشين جي سَحر تائين پهچائي ٿو. هو همت ۽ حوصلي تي ايڏو ڀروسو رکي ٿو، جو هو وڏي کان وڏي جنگ کٽڻ لاءِ، مات کائڻ ۽ مايوس ٿيڻ جهڙن لفظن کان اڻواقف آهي.


Book No .736
Kitab Jo Nalo : 39 MASHAHOOR SHAKHSYATOON

by: Dale Carnegie
Transleted by: Hussain Badshah

First Edition © Roshni 2015
Pages :248
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG