INDALATH REKHAOON































ڇا اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن جي سرگرم سياسي سنڌ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو اهو مڃڻ کان انڪار ڪري ته پنهنجي تقريرن جي وهڪري ۾، پنهنجي روح جي سموري شاعري وهائي ڇڏيندڙ، ڪو ٻيو نه پر عبدالواحد آريسر هو! هتي سندس رُکو نالو وٺڻ به مون لاءِ ذاتي طور تڪليف ڏيندڙ آهي، پر تحريرن جي تقدس جي اهميت ۽ شخصي خوشامد کان پاسو ڪرڻ به ته اسان کي هن ئي سيکاريو هو: جنهن جي رومانوي لهجي ۾ ڪيل ڳوڙهين ڳالهين ۽ ديس سان منفرد انداز ۾ پيار ڪرڻ واري انداز بيان، ان دور جي سنڌ جي نوجوانن کي جوانيءَ ۾ پير پائڻ جو سليقو سيکاريو هيو. سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن، قومي ڪارڪنن، شاعرن ۽ اديبن لاءِ ائين هو، جيئن روميءَ لاءِ شمس تبريز هو.
هي ڪتاب، رڳو شاعريءَ جو ڪتاب نه آهي، جيتوڻيڪ هن ۾ ٻين شاعرن جي چونڊ شاعري، قول، يادگيريون، حوالا ۽ واقعا به بيان ڪيل آهن، پر بنيادي طور تي هي عبدالواحد آريسر جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي اصل سونهن اها شاعري آهي، جيڪا عبدالواحد آريسر مختلف وقتن تي ڪئي آهي. مان ان ڳالهه تي حيران آهيان ته فارسي ۽ عربي ٻولين تي ڪمال مهارت رکندڙ، لطيف کان اياز تائين سنڌ جي سموري ڪلاسڪ کان واقفيت رکندڙ، سائين آريسر پنهنجي شاعريءَ لاءِ نثري نظم جي ڇو چونڊ ڪئي! شايد اُن ڪري جو هن کي ان ڳالهه جو پوريءَ ريت احساس ۽ ادراڪ هو ته اها ايندڙ وقت جي صنف آهي يا وري هو اُن صنف ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪري رهيو هو، ڇاڪاڻ ته نئين ڪويتا ۽ آزاديءَ ۾ ڪيڏي نه مشابهت آهي: 
’نڪا جهل نه پل، هر ڪو پسي پرينءَ کي!‘
آريسر صاحب جا نثري نظم، خوبصورتيءَ کان وڌيڪ زندگي ۽ ڪائنات جي سچاين سان ڀرپور آهن؛ جيتوڻيڪ انهن ۾ سندس روايتي رومانوي لهجي سان گڏ خوبصورت تشبيهون به پنهنجي پوري جاهه ۽ جمال سان موجود نظر اچن ٿيون. هو هڪ سٽ ۾ ايتري وڏي ڳالهه ڪري وڃي ٿو، جنهن ڳالهه ڪرڻ سان شايد ٻين کي منظلوم شاعريءَ جا پهاڙ کڙا ڪرڻا پون ها! ڀلا هيءَ سٽ ڏسو:
’جتي دولت، علم جي بيوسيءَ تي
ٽهڪ نه ڏيندي هجي!‘
يا وري هيءَ ته:
’قيد انسان جي مرضيءَ جي خاتمي جو نالو آهي‘
جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ سندس هڪ پياري وائي به شامل آهي ۽ اهابه ڏاڍي شاندار انداز ۾ لکيل آهي، جهڙوڪ هي سٽون:
قاسم آباد ۾ ڪولهڻيون، الا پنن گهر گهر!
ٿر جي رات ٺري پئي!
ڦاسيءَ سودو سستو، سنڌ ملي جيڪر!
ٿر جي رات ٺري پئي!
ڳاتو، ڄاتو، روپلا، توکي آريسر!
ٿر جي رات ٺري پئي!
هي ڪمال وائي آهي، جيڪا روايتي موضوع کان هٽي ڪري لکيل آهي. ٿر جي پسمنظر ۾ هي، سندس منظوم شاعريءَ جو ڪمال آهي، جيڪو ان ڳالهه جي مهر لڳائڻ لاءِ ڪافي آهي ته هو پابند شاعري ڪري پئي سگهيو: پر آزاديءَ جي سفر تي نڪتل سنڌ جي هن سهڻي روح کي پنهنجي ڳالهه ڪرڻ لاءِ مڪمل اظهار جي آزادي گهربي ٿي، جيڪا کيس شاعريءَ جي جديد صنف نثري نظم ۾ ئي ملي. ايندڙ وقت ۾ ادبي نقادن کي ٻين ڳالهين سان گڏ سائين عبدالواحد آريسر جي ان فيصلي تي به ڳالهائڻو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل ٻين شاعرن جي چونڊ شعرن، جيڪي لازما‌‌ً سندس پسنديده شعر رهيا آهن: قولن، ڪتابن ۽ تقريرن مان ورتل حوالن ۽ ذڪر ڪرڻ جهڙن واقعن تي مون ڪابه ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ مناسب نه ڄاتي آهي، ڇاڪاڻ ته اها سائين آريسر جي پسند آهي ۽ هو اسان کي هميشه پسند رهيو آهي، سو سندس پسند کي ناپسند ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
سائين آريسرَ جي شاعريءَ جا موضوع ۽ محرڪ، اُهي ئي آهن، جيڪي سندس تقريرن جا پئي رهيا آهن: جن ۾ سنڌ هميشه جيان سندس محور رهي آهي. هن سياست ۽ ان جي بي رحميءَ جو به ڪافي ذڪر ڪيو آهي، دوستن ۽ ساٿين طرفان کيس نظر انداز ڪرڻ جي شڪايت به سندس ڪجهه نظمن ۾ نظر اچي ٿي. هن شيخ اياز ۽ ان جي دعائن لکڻ تي سنڌ ۾ ٿيندڙ تنقيد جي حوالي سان به ڪافي اهم ڳالهه ڪئي آهي، سندس شاعري اهو به احساس ڏياري ٿي ته جيڪر هو سياست جي بي رحم رستي تي نه هجي ها ته هڪ شاعر ئي هجي ها، آجپي جي خواب جي ساڀيان جو تصور به هن جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو ملي ٿو.
شهيد امين فقير جي ياد ۾ لکيل سندس نظم ’مٽيءَ جي خوشبوءِ‘ ۾ شهيدن جي باري ۾ سندس چيل هي سٽون ڇا ته ڪمال جون آهن:
اهي ماڻهو ڌرتيءَ جا سج ۽ چنڊ هوندا آهن
۽ سج ۽ چنڊ جي ڪٿي به قبر نه هوندي آهي!
سج ۽ چنڊ جي قبر جو تصور نرالو ۽ نئون آهي. اهڙا خيال هن جي شاعريءَ کي هڪ نئين نهج تي پهچائين ٿا. وطن پرستيءَ جي ڳالهه ڪندي هو نعرن جو سهارو وٺڻ بدران پنهنجي خوبصورت انداز کان ڪم وٺي ٿو.
تاريخ جي ڳوڙهن سان ڀرپور سندس هي نظم، شاعراڻي معراج تي پهتل نظر اچي ٿو. هن نظم ۾ هو تحرير جي اهڙي مٿانهينءَ منزل تي پهتل آهي، جتي ڪابه ڳالهه ڳجهه نه هوندي آهي:
منهنجي گهر تي ڪوبه سڃاڻپ نمبر ناهي
پوريءَ سنڌ ۾ اهڙا هزارين گهر آهن
جن جي دروازن تي
ڪوبه سڃاڻپ نمبر ناهي،
۽ انهن گهرن ڏانهن ويندڙ رستن جا ڪي نالا ۽ نشان نه آهن.
بي نمبر گهر ۽ بي نام رستا سڀ منهنجا آهن.
انهن سڀني گهرن ۽ رستن تي
نمبر ۽ نالا هئا،
پر هن ڌرتيءَ جي
تاريخ جي ڳوڙهن سڀ مٽائي ڇڏيا!
’تاريخ جي ڳوڙهن‘ مان شاعري جي مراد ڇا آهي؟ هو انهن ڳوڙهن جو ذميوار ڪنهن کي سمجهي ٿو؟ هو تاريخ جي ڳوڙهن جي نتيجي ۾ وطن ۽ اُن جي ماڳ مڪان جي بي نشان بڻجڻ جو ذڪر ڪرڻ وقت، تاريخ جي ان ستم ظريفيءَ جو ذڪر ڪري رهيو آهي، جنهن سنڌ جي ماڻهن کان انهن جي اصل سڃاڻپ ڦري ورتي آهي، هر دور جي ڦورن، لٽيرن، ارغونن، ترخانن ۽ مددخانن سان پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ذڪر، هن انتهائي غير سياسي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ڪيو آهي. سندس تقريرن ۾ به وڏيون وڏيون ڳالهيون سادي، انداز ۾ انساني زندگيءَ سان سلهاڙيل واقعن ۽ لقائن جي مدد سان بيان ڪيل هونديون هيون. اهو ساڳيو انداز هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ به چونڊيو آهي.
سائين آريسر جو سنڌ مان ورهاڱي وقت لڏي ويل سنڌياڻين جي حوالي سان لکيل نظم به ڪمال جو آهي، پر شيخ مجيب جي مارجي وڃڻ واري واقعني تي لکيل سندس نظم ته تاريخ جي اُن اهم واقعي جي اهڙي تصوير ڪشي ڪئي آهي، جيڪا لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. اهو مجيب سان سندس سياسي پيار جو شاعراڻو اظهار آهي.
هڪ نظم ۾ هو پنهنجي ’محبوبا ۽ آزادي‘ ۾ فرق نه ڪري سگهڻ واريءَ ڪيفيت ۾ ورتل نظر اچي ٿو ۽ پڇاڙيءَ ۾ چيل سندس هي سٽون، اُن ابهام کي اڃا به وڌائي ڇڏين ٿيون.
تون نه ملينءَ
شايد عمر ڀر
آءٌ تنهنجي ڳولا
۽ ڳالهيون ڪندو رهندس
ها اهو منهنجو مقدر آهي!
محبوبا ۽ آزاديءَ مان هن کي وڌيڪ پيار ڪنهن سان هو، ان جو جواب هو ڏيڻ نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي سان هن کي بي پناهه پيار آهي. هو اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ته ڪنهن کي وڌ ۽ ڪنهن کي گهٽ ڪريان. اها ڪيفيت ڪمال جي آهي، هو عمر ڀر ان جي ڪيفيت ۾ رهيو، شايد کيس اها ڪيفيت پسند هئي.
هي سٽون مٿينءَ ڳالهه کي واضح ڪن ٿيون:
تون منهنجي محبت آهين
توتان منهنجو سڀ ڪجهه قربان،
پر اي منهنجي ماڪ جي ڦڙن جهڙي مقدس محبت
تون به سنڌ تان قربان!
سائين آريسرُ، سدائين پنهنجي ماڻهن کي همٿ ڏياريندڙ مقرر طور سڃاتو وڃي ٿو، پر هتي هو ڪجهه مختلف به نظر اچي رهيو آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن مايوسيءَ جي انتهائي مٿانهين ڪيفيت ۾ به پهچي وڃي ٿو.
درياهه ٽٽي پوي ته
ان کي بند ٻڌي سگهجي ٿو،
پر منهنجي جهريل جيءَ لاءِ
ڪوئي بند ڪونهي!
هُو ان کانسواءِ ڪجهه ٻين نظمن ۾ به پنهنجي ڪجهه ويجهن دوستن ۽ ساٿين جي روين مان ناراض نظر اچي ٿو، جن جا نالا وٺي، هو ان جو اظهار به ڪري ٿو. اڃا به ڪمال ڳالهه آهي ته انهن نظمن مان هڪ نظم هن سائين تاج جويي تي به لکيو آهي، جنهن کي سائين تاج وڏي فراخدليءَ سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.
تاج! پاڻ گڏجي ڪم ان لاءِ ڪيو هو،
ته تنهنجي چنڊ جهڙي پيشانيءَ تي
خوشامند جو داغ لڳي!
سائين آريسر ڪجهه ان قسم جي ناراضگيءَ جو اظهار نياز همايونيءَ جي باري ۾ به ڪيو آهي، جيڪو سنڌ جو ناليوارو شاعر آهي ۽ جنهن کي هو هميشه سنڌ جي ’تاريخ ۽ تهذيب‘ جو شاعر سڏيندو رهيو. اهڙيءَ ريت هن ڪتاب ۾ مير عالم مري، ڊاڪٽر علي احمد ۽ رياض چانڊيي جا نالا وٺي به ڪي ڳالهيون ڪيون آهن، جن آريسر جي فوجي ٽارچر ۾ گهاريل ڏينهن دوران خاموشي اختيار ڪئي هئي. ان کانسواءِ هو هڪ جاءِ تي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تي به ڪاوڙيل نظر اچي ٿو ۽ اها شڪايت ڪري ٿو ته انهن مشڪل وقت ۾ سندس ساٿ نه ڏنو. هي سائين آريسر جي شخصيت جو بلڪل منفرد ۽ مختلف انداز نظر آيو. هي سندس ذاتي رايا آهن، ذاتي احساس ۽ ڪيفيتون آهن، جن کي هو بيان ڪري ٿو ۽ ان ڪيفيت ۾ پاڻ کي ڀريءَ بازار ۾ اڪيلو محسوس ڪندڙ ماڻهوءَ وانگر لڳي ٿو.
هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ سان بي پناهه پيار ڪندڙ ۽ ان کي دل سان مڃيندڙ به لڳي ٿو. ان حوالي سان هي ٽارچر سيل ۾ هڪ نوجوان جي گفتگو جو به حوالو ڏنو آهي، جيڪا ڀٽائيءَ سان ئي منسلڪ آهي، جنهن ۾ اهو نوجوان چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڀٽائي خدا ۾ يقين رکي ٿو ته مان به رکان ٿو. ڇاڪاڻ ته ڀٽائي غلط ڳالهه ڪيئن ٿو ڪري سگهي!“ سائين آريسر جو چوڻ آهي ته، مون خدا ۾ يقين جي حوالي اڳ ۾ اهڙو دليل ڪنهن دانشور کان به ڪڏهن نه ٻڌو آهي.
سائين آريسر علم ۽ ادراڪ جي باري ۾ تمام ڀلي ڳالهه لکي آهي ته ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ ۾ فرق آهي:
گهڻو ڄاڻندڙ ضروري نه آهي ته 
گهڻو سمجهيو هجي،
اهو فرق آهي علم ۽ ادراڪ ۾!
سنڌ ۾ ڄاڻ جي دعوي ٰته گهڻائي ڪن ٿا، پر پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ وارو معاملو هميشه ئي رهيو آهي. جن قومن جا پڙهيل ماڻهو ڪڙهڻ جو مرحلو به پار ڪري ويندا آهن، اهي قومون سندن ادراڪ مان فائدو وٺندي اڳيان وڌنديون ۽ ترقي ڪنديون آهن.
اهڙيءَ ريت شخصيت سازيءَ جي حوالي سان آريسر جون هي سٽون ڪيتريون نه ڪارائيتون آهن، ان مان ليکڪ جي سوچن جي اڏام جو اندازو به ڪري سگهي ٿو:
لمحي جي تبديلي
ماڻهوءَ جي ڪردار کي
بدلائي ڇڏيندي آهي.
سنڌ ويجهڙ وارن سالن ۾ ان قسم جا ڪيئي لمحا ڏٺا آهن، جتي ’هيرو‘ کي ’زيرو‘ ٿيندي ڏٺو ويو آهي، جتي قوم جي امانتن سان دغا ٿيندي ڏٺي وئي آهي، جتي ماڻهن جي مينڊيٽ، ووٽن توڙي دلين جي مينڊيٽ سان دوکا ٿيندي ڏٺا ويا آهن.
ساڳيءَ ڪيفيت ۾ لکيل سندس هي سٽون به سماجي پستيءَ ڏانهن نشاندهي ڪن ٿيون. اسان پنهنجا قدر ڪيئن وڃائي رهيا آهيون، ان جو انداز هيٺين سٽن مان ڪري سگهجي ٿو.
لفظ وڏا آهن
پر معنيٰ ڪانهي،
پاڇا وڌي ويا آهن
قد ننڍا ٿي ويا آهن،
دعوائون وڏيون ٿي ويون آهن،
عمل ڪونهي،
مشهوري وڌي وئي آهي
پر انسانيت ڪانهي!
اهو ٿي نه ٿو سگهي ته سائين آريسر لکي ۽ شيخ اياز جو ذڪر نه اچي. هن ڪتاب ۾ هن اياز ۽ چليءَ جي شاعر پئبلو نرودا جي علمي انداز ۾ خوبصورت ڀيٽ ڪئي آهي. هن ٻنهي جي شاعريءَ جي حوالو ڏئي سمجهايو آهي ته شاعريءَ جي منچ تي ٻئي ڪٿي بيٺا آهن. آريسر صاحب سنڌ ۾ گهڻو پڙهيل ماڻهو ته مڃيو ئي ويندو آهي، پر ادب ڏانهن سندس گهريءَ نظر جو انداز هن ڀيٽ مان ڪري سگهجي ٿو. ساڳي ريت شيخ اياز جي لکيل دعائن کان وٺي، جيڪو تڪرار اڀريو هو، ان حوالي سان سائين آريسر ڇا ٿو سوچي ۽ چوي، اچو ته لفظن ۾ پڙهون:
اي اياز!
اي سنڌي ادب جا ڪعبا!
مون کي تنهنجي دعائن ۽ مذهبي ٿيڻ تي
ڪابه ارهائي نه آهي،
پر ڪاش! تنهنجون دعائون
شيخ ڀرڪيي جي دعائن جهڙيون دعائون
۽ تنهنجو مذهبي پڻو،
مخدوم بلاول جي مذهبي پڻي جهڙو هجي!
ايندڙ وقت ۾ اياز جي دعائن سان گڏ سائين آريسر جي ان خيال تي به ضرور ڳالهايو ويندو.
سائين آريسرُ خود شاعريءَ جي باري ۾ ڇا ٿو چوي، اها ڳالهه ان ڪري به اهم آهي، جو هي سندس شاعريءَ جو ڪتاب آهي. هو شاعريءَ کي سياست کان به مٿانهون سمجهي ٿو ۽ ڪجهه هن ريت به ان جي اهميت بيان ڪري ٿو:
جڏهن سياست پنهنجي عروج تي هوندي آهي،
ته اها شاعري بنجي ويندي آهي!
پڇاڙيءَ ۾ مان سائين آريسرءَ تي لکيل پنهنجو نثري نظم هتي شامل ڪريان ٿو، جيڪو مون ان زماني ۾ لکيو هو، جڏهن هو ٽارچر سيل ۾ هو ۽ سندس زندهه واپس موتڻ جي اميد گهٽجڻ لڳي هئي. اها هڪ ڪيفيت هئي، جيڪا ان وقت سڄيءَ سنڌ جي سيني ۾ ڌڙڪي رهي هئي. اهو ٻيانوي وارو سال هو. اهو نثري نظم مون ڪڏهن به ڪٿي به شايع نه ڪرايو. شايد ان کي هن ڪتاب ۾ ئي شامل ٿيڻو هو، جنهن ڪري ڪٿي به شايع ٿيڻ کان رهجي ويو:
ٽارچر ڪيمپ جي
قيد جي جهيڻي روشني
هن کان
نالو پڇي ٿي.
هو ورنديءَ ۾،
سگريٽ جي ڦلي جيان
ڪِرندو رهي ٿو،
۽ اٿندو رهي ٿو
پنهنجي حوصلي سان‘
مان قوم جي تقدير جو سوڙهو نظم
هن جي پيشاني تان پڙهي وٺان ٿو.
هو گهڻائي ڀيرا، نٽاءَ لاءِ
پنهنجي روايتي مرڪ وکيري ٿو.
جيتوڻيڪ هو مڻڪي جي کِل جي
معنيٰ به ڄاڻي ٿو،
پر پوءِ به ڄامشوري جي سينڌ لاءِ
پنهنجو رت آڇي ٿو.
ڦِڪو چنڊ آسمان ۾ ترڻ باوجود
هن جو پيڇو نه ٿو ڪري سگهي.
قوم، سياري اچڻ کان اڳ ئي
سوڙ ۾ سوڙهي ٿيندي وڃي ٿي.
هر ڪو هتي
رڳو ڪتابي کل کلي ٿو.
لائبريريءَ مان
’ڪيپ سائلينس جو بورڊ‘
چورائي اچان ٿو.
امرڪوٽ جو هڪڙو چونئرو
بيواهه جي اکين ۾
پنهنجي تاريخ لکي ٿو.
ڇرڪ جي موسم مان نڪري
مان ان قيدءَ جي خيال ڏانهن ڏسان ٿو. 
ڇانوَ پنهنجو نالو اسڪول جي وڻ تي ڇڏي
گهر هلي وڃي ٿو.
هو ٽارچر سيل ۾ اذيت لاءِ لٽڪايل 
اڪيلي بلب ۾ گهوري،
پنهنجي دين جا غدار ڳولي ٿو.
واندڪائي مون وٽان چورائجي وڃي ٿي،
هو پنهنجي تقرير کي
عمل جو اوور ڪوٽ پهرائي ٿو،
جيتوڻيڪ قيد ۾ ايتري سردي به ڪانهي.
شاعر ملاقات تي هن کي 
پنهنجا ٻه ٽي نظم ارپي اچن ٿا،
هو پنهنجي چهري تي ڦهليل مسڪراهٽ جيان
معنيٰ خيز آهي.
هو هارائڻ ۽ کٽڻ کان
گهڻو مٿانهون آهي،
هن وٽ سفر جاري رکڻ
سڀ کان اهم ۽ پوتل عمل آهي....!

اظهار سومرو


Book No .741
Kitab Jo Nalo : INDALATH REKHAOON

Poetry & Diary notes by: Abdul Wahid Areser
Selection & compilation by: Taj Joyo

First Edition © Roshni 2015
Pages : 152
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 180.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG