GULABAN JO KAFAN (Poetry)


































هي ڪتاب بس هڪ دل جي ڳالهه آهي!

مون کي پرائمريءَ ۾ منهنجي استاد (گمنام اديب) هڪ ڀيري ناجائز مار ڏني هئي! منهنجي جسم تي لٺين جا ايترا ته نشان جاڳيا هئا، جو آئون ڪجهه راتيون اونڌو سُمهي رات کٽائيندو هوس. امڙ آيوڊيڪس سان مالش ڪندي هئي، پوءِ جڏهن هاءِ اسڪول جي نائين ڪلاس ۾ پهتس ته ان گمنام اديب مون لاءِ پنهنجي لائبريري کولي ڇڏي، هن منهنجي شروعاتي شاعري ڏسي چيو: ”لکندو وڃ ۽ ڏهن سالن تائين پويان لئونـڻو نه هڻجان، ڏهن سالن کان پوءِ ترسي ڏسجان ته تون ڪٿي بيٺو آهين!؟“ هاڻ توڙي جو مون کي ڏهن سالن جو عرصو لکندي مڪمل ٿي چڪو آهي، پر مون پويان لئونڻو هڻي ڏسڻ جو ان ڪري به سوچيو ناهي، جو اڃان منهنجي هٿن ۾ درد جي شدت ۾ گهٽتائي ناهي آئي ۽ ٻيو اهو ته مون محسوس ڪيو آهي ته مون اڃان لکڻ جي ته شروعات ئي هاڻ ڪئي آهي! پاڻ لاءِ ڪنهن مقام جو تعين ڪرڻ هلڪڙن ماڻهن جو ڪم آهي، ڇو جو فيصلا ۽ يقين ڪرڻ ته تاريخ جي ذميواري آهي!
آئون جنگ جي زماني (1971ع) جو پيدا ٿيل ماڻهو آهيان، ته منهنجي لکڻ جو جنم به رَتَ ۽ باهه واري دؤر ۾ ٿيو آهي، ان ڪري منهنجون ڪوتائون به قوم پرستيءَ جي مهڪ کان آجيون ناهن، اهو پاسو مون وٽ لاشعوري به آهي ته شعوري به. آئون ڪنهن به خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه رهيو آهيان، مون کان ته رڳو بس پنهنجي روح جي عشق لکايو آهي. مون ٻن سببن جي ڪري لکيو آهي:
(1) آئون اسپين جي نامياري ناول نگار ڪاميلا جوزي سيلا جي انهن لفظن سان متفق آهيان ته: ”لکڻ هڪ ضرورت آهي، جيڪڏهن آئون پنهنجو پاڻ سان ۽ ٻين انسانن سان رابطو رکڻ گهران ٿو ته اهو لفظن وسيلي ئي ٿي سگهي ٿو.“
(2) ٻيو سبب هي آهي ته، امرجليل ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ اهو لکيو آهي ته: ”جيڪي سودائي گم ٿي ويا، انهن جو ڪهڙو ڏس! ڪهڙو پتو!؟ سڄو سمورو هڪ نسل پنهنجي ماحول، پنهنجي ملڪ، پنهنجي معاشري مان گم ٿي ويو آهي، لاپتا ٿي ويو آهي!“
مون به لاپتا ٿي وڃڻ وارن جي ڳولا ۾ هي لفظن جو پنڌ ڪيو آهي! مون ان ڪري لکيو آهي، جو مون جڏهن به محسوس ڪيو آهي ته اروڙ آلو ٿي ويو آهي ۽ موئن جي دڙي تي چانڊوڪي سُڏڪي پئي آهي، يا حُسن محبوبيت جون پوتيون پکيڙي ڇڏيون آهن ۽ خوشبو ساهن ۾ ڪنهن فاتح جي لشڪر وانگي ڪاهي پئي آهي، يا ٿوهر ڪنهن جي دل مٿان ڊهي پيو آهي، ڪٿي ڪو ڏيئو وسامي رهيو آهي، يا ڪا چُمي اڌ ۾ مري وئي آهي، يا ڪا دانهن ديبل ٽپي وئي آهي، ۽ امرڪوٽ جي رستن تي ڪفن پکڙجي ويا آهن، مِٺي اُڃ جو شهر ٿي وئي آهي ۽ ڪنهن محبوب جوانيءَ مٿان گلابن جو ڪفن آيو آهي، تڏهن مون لکيو آهي، ڇو جو مون کان منهنجي دل لکايو آهي، جڏهن به سرمد جي اگهاڙپ تي آڱر کڄي آهي مون لکيو آهي، جڏهن به مخدوم بلاول جي شهادت ياد آئي آهي مون لکيو آهي، ڪنهن زلف پکيڙِيا آهن مون لکيو آهي، ڪنهن ڌار ڪيو آهي مون لکيو آهي، ها ڪنهن تاڻيل سيني کي چنڊ جي چُميءَ مُرڪايو آهي مون لکيو آهي!
منهنجو خيال آهي ته فطرت ڪنهن به ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ هڪ خوبصورت تسلسل جوڙڻ جو سلسلو اهو به رکيو آهي ته، هو جنهن به ٻوليءَ کي بچائڻ چاهيندي آهي ته ان جي ڪِن فردن کي پنهنجي ان ٻوليءَ سان ايترو ته محبت ۾ محو ڪري ڇڏيندي آهي، جو هو ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪندا آهن، ائين صدين تائين اها ٻوليءَ جيئندي رهندي آهي! اها محبت مون کي به ورثي ۾ ملي آهي، باقي ٻوليءَ بچائڻ جي ذميواري انهن ادارن ۽ شاعرن تي ڇڏي آهي، جيڪي ”وڏا“ آهن، آئون هن ميدان ۾ فقط بانبڙا پائيندڙ ماڻهو آهيان، منهنجون ڪوتائون اڌوريون آهن، انهن عاشقين وانگي جيڪي اڀرنديون به اڌوريون آهن ته رهنديون به اڌوريون آهن. اهي اڌوريون ان ڪري به آهن، جو اهي هڪ ڪانئر سماج ۾ لکيون ويون آهن، مون ان سماج ۾ لفظن سان ياري رکي آهي، جنهن سماج ۾ اپاهج نياڻيون ان خوف کان ٻاهر ناهن نڪرنديون، جو سوچينديون آهن ته جيڪڏهن ٻاهر نڪتيون ته کين ڇتا ڪتا کائي ويندا. مون اهڙي سماج ۾ اڻپورا نظم لکيا آهن، جنهن ۾ رَت ڪا به گواهي ناهي ڏيندو! جنهن سماج ۾ ماني پچائڻ ۾ ٿوري دير ٿي وڃڻ تي سنڌ جهڙيون نياڻيون مارجي وينديون آهن، جنهن سماج ۾ چڪلي جي دلال جي ٽوپي، شاعر جي قلم کان وڌيڪ معتبر ۽ محترم رهي آهي، جنهن سماج ۾ چند نوٽن تي رقص ڪندڙ رقاصا کي ته پريس آسمان جي پريءَ ثابت ڪري وجهندي آهي، پر دقيانوسيءَ جي نظر ٿيل قلمڪارن جي حق ۾ ڪجهه ڪڇڻ کي ڪفر سمجهندي آهي!
”شاعري ٻوليءَ جو مورچو آهي“ اها چوڻي هاڻ اُن پراڻيِءَ رليءَ جهڙي ٿي وئي آهي، جنهن تي بي سمجهه ٻار سڄي رات پيشاب ڪندا آهن ۽ صبح جو ماءُ اها رلي اُس تي سڪائي ڇڏيندي آهي، پر حقيقت اِها آهي ته شاعري دل جي ڇانءَ آهي، شاعري بهار جو ٽهڪ آهي، شاعري خوشبوءَ جو اهو ٻيلو آهي، جنهن ۾ تازگيءَ جي وينگس جوڀن پسائيندي آهي! منهنجي آڏو خودڪشيءَ ڪرڻ کان شاعري ڪرڻ وڌيڪ بهتر عمل آهي! اهو به سچ آهي ته هن سماج کي شاعريءَ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو جو معاشري ۾ توازن موجود ناهي، جڏهن ته شاعريءَ ۾ توازن آهي، شاعري زندگيءَ جي معصوميت جو اصل جلوو آهي! شاعريءَ کي ته عجيب ڪنواريون اکيون ٿينديون آهن، جيڪي انهن ماڻهن کي ڪڏهن به نظر ناهن اينديون، جيڪي انسانن کي ويڙهائڻ کي پنهنجو ڌرم سمجهندا آهن. عشق، شاعريءَ، خوشبوءَ ۽ بارش جي وياڪلتا ۽ وشالتا کي ڪڏهن به ماپي نٿو سگهجي، شاعر جي دل ته مهاڻي جي ٻيڙيءَ جهڙي ٿيندي آهي، جيڪا لهر لهر سان لڙندي، لڏندي ۽ ڪُڏندي آهي!
ڪتاب جو نالو ’گلابن جو ڪفن‘ ان ڪري رکيو اٿم، جو هن سماج ۾ گلابن جي وڏي لتاڙ ٿيندي رهي آهي، جيڪو وڏو سانحو آهي! باغن جون اوڇنگارون، نوجوانن جو وهيل رَت ۽ حُسن جي بيحرمتي ٿيندي ڏسي اهو عنوان رکڻو پيو اٿم. هي ڪتاب ڪنهن به انقلاب جي علامت ناهي، هي ڪتاب ته بس هڪ دل جي ڳالهه آهي، هڪ دل جو شهر آهي. هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ به سماج جو ڪاروهنوار ساڳيو رهندو، هيروئن نوجوان ماريندي رهندي، ڪوڙ جا پرچارڪ ماڻهو ويڙهائيندا رهندا، مائون روئنديون رهنديون، جنگيون ٿينديون رهنديون، پرائيويٽ عورتن جي بازار گرم رهندي، ٻار قتل ٿيندا رهندا، ڪجهه نه بدلبو! پر پوءِ به پنهنجو هي پورهيو پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي اُڀ جيڏي سرهائي ٿو محسوس ڪريان.
منهنجي هن ڪتاب (پهرين شعري مجموعي) جو سڄو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کڻي، منهنجي بيحد پياري دوست سعيد سومري مڪمل ڪري وڏي پيار ۽ مانَ مان ڇپايو آهي، سعيد جي ذاتي ڪوششن سان هي ڪتاب ايترو جلدي پڌرو ٿيو آهي، نه ته شايد اڃان ڪو وقت، مون کي ڪتاب آڻڻ ۾ لڳي ها، آئون پياري سعيد سومري جي پيار جو ٿورائتو آهيان، ٿورائتو ڪنول پبليڪيشن جي سنگت سٿ جو به آهيان، جنهن هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ ذاتي تمام گهڻي دلچسپي ورتي آهي. سچ اهو آهي ته هن ڪتاب جو سڄو ڪريڊٽ سعيد سومرو ڏي ۽ ڪنول پبليڪيشن ڏي وڃي ٿو، جن جون محبتون نه وسارڻ جهڙيون آهن.

ايوب کوسو


Book No . 728
Kitab Jo Nalo : GULABAN JO KAFAN (Poetry)

Poet: Ayoub Khoso

Fourth Edition © Roshni 2015
Pages : 224
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 275.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG