GOONDAR VEENDA GUZRI (Poetry)


































ويهين صدي جون پويون اَڌُ ـ اُن جي چوٿي ڏهاڪي جي آخري سالن کان وٺي، اُن جون پنجون ڏهاڪو، اُن جو ڇهون ڏهاڪو، اُن جو ستون ڏهاڪو ۽ اُن جو اڄوڪو اٺون ڏهاڪو... اسان لاءِ زنجيرن ۾ ٻڌل جبل جي وڏي ڇِپَ وانگر گھِسڪندو ۽ گھِلجندو ئي رهيو ۽ اسين اُن جي اَڳ ۾ ڌڪبا ۽ ٿيلهبا، رتورت ٿيندا ۽ چيچلائبا ئي رهياسين. سماج ۾ بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي وانگر ڪنو ۽ ماضي جي ڀُوتُ اسان جي ڪنڌُ تي سُوار، اڙيون هنيون، مڳُ بڻيو، ويٺو رهيو. انگريز ناول نويس چارلس ڊڪنس (1812ـ70ع) پنهنجين ڪن اهڙن ئي ڏينهن کي ”ڏکيا ڏينهن“ سڏيو هو ۽ ان نالي سان پورو نالو لکي، پنهنجي ديس واسين لاءِ اُنهن جو نقشو چِٽيو هو. اسين ويهين صديءَ جي جي پنهنجي هن پوئين اڌ کي پاڻ لاءِ ڇا سڏيون! پر هن تان اونداهي مان اُهاءَ جو دؤر اسان کي به اسان جي اديبن ۽ اسان جي شاعرن ئي ڏيکاريو ۽ ڇو نه ائين نه هجي؟ سچن شاعرن ۽ اديبن جي ئي دلين ۾ پنهنجي وقت جا پڙاڏا گونجندا آهن، ۽ اهي ئي پهرئين، وقت جي زخمن جو رت رسندي ڏسندا آهن ۽ انهن کي چيٺڻ ڏانهن به اُنهن جو ئي ڌيان رهندو آهي، بلڪ اُن کي هي پنهنجي مخصوص ذميداري سمجھندا آهن.
پنجاھ، سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن واري عرصي ۾ وطن دوست ۽ قوم شناس ادب جي جيڪا نئين لهر اسان وٽ آئي، اُن ۾ اسان جي شاعرن ۽ نثر نويس ڇيهه ڪري ڇڏيا. ڇا ڇا نه هُنن اسان کي ڏنو، ڇا ڇا نه هُنن ان لاءِ سَٺو! اُن تي ويچارڻ ته ٻي ڳالهه ٿي.
وطن پاڪ سنڌ جي لاڙ جي سرزمين، جتان جي لهجي ۽ لغت کي اسان جي سدا جيئري لطيف سائينءَ پنهنجي پيغام سماويءَ جي خاص ذريعي جو شرف ڏنو، اُتان جي استاد محمد خان مجيديءَ، سرويچ سجاوليءَ ۽ منشي ابراهيم ۽ ٻين اسان جي درديلن شاعرن اسان جي ’ڏکين ڏينهن‘ جون ڇا ڇا نه اسان کي ڳالهيون ٻڌايون!
جيڪڏهن پنهنجي تخليقي لياقتن جو اظهار ۽ ترقي، قوم جو پهريون فرض آهي ـ ڇو ته قوم جي وجود جو دارومدار ۽ اُن جي سڄي مان ۽ مريادا جو اصل راز اهو آهي، ۽ جيڪڏهن اديبن ۽ عالمن جو ئي ڪم آهي، ته پوءِ قوم جي آڏو جيئڻ جو زوردار اُمنگ سدا تازو ۽ اُن جو مقصد سدا روشن رکن، ته ڪيڏي نه هيءَ وڏي ڳالهه آهي، ته هيءُ سڄو پهاڙ جھڙو اَڻانگو ۽ ڳرو دور جڏهن اسين محروميءَ ۽ مظلوميءَ ۽ مجبوريءَ جو شڪار رهياسين. (غلاميءَ کي ٻيا سڱ ڪونه ٿيندا آهن)، تڏهن اسان جي هن فقيراڻي اديبن سُگھڙن ـ ئي پنهنجي قوم پاران اُهو پهريون فرض به ادا ڪيو، علم ۽ ادب، سڀيتا ۽ ساڃاھ جي خاص سُرهي سَٿَ طور، سندن پنهنجي ذمي جيڪو ڪم هو, اُهو به پنهنجي وَسَ پڄُندي هنن پورو ڪيو. ائين به نه هو ته طاقتَ (Power)، طمع (Purse) ۽ طالعَ (Patronage ) جي جَوفِي جزُن، جيئن اڄ اسان جي آڏو اچي اسان مان ڪن جي صبر، حوصلي، همت ۽ غيرت کي آزمائش ۾ وڌو آهي ۽ ڪن ته بنهه جھل ئي نه ڏني، ڄڻ ترسيا ئي اُن چچڪار لاءِ ويٺا هئا، تيئن اهڙي ڪا صورت اڳي اسان وٽ ڪونه هئي، پر اديب عالم ۽ شاعر جو پنهجو هڪ ڪردارُ، هڪ رُتبو، ٿئي ٿو، اديبن، عالمن ۽ شاعرن هميشه اصولن سان وفا ڪئي آهي، نظريي سان نباهيو آهي، هو هميشه پنهنجي زبان، پنهنجي ادب ۽ تاريخ سان سچا رهيا آهن، سندن سڄو ڪم هڪ ئي احساس سان واسيل هوندو آهي، پنهنجي ماڻهن جي محبت سان ، انهيءَ سچائي ۽ انصاف ۾ پُختي يقين سان ته ظلم جو موجود چڪر ختم ٿيڻ تي آهي ۽ سندن ڌرتيءَ جو انسانُ هڪ نئين انقلابي رهت چاهي ٿو، انهيءَ پڪي ۽ سرگرم ارادي سان ته هو پنهنجي تخليق ڪاريءَ وسيلي پنهنجي ڏُتڙيل، مڪحوم سماج جي اُن مقصد جي تڪميل ڪندا. ۽ اسان جي قوم کي تاريخ جنهن صورتحال سان دوچار ڪيو هو، اُن ۾ مُنڍ کان ئي سنڌي عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سُگھڙن ۾ انهيءَ اُميد رکڻ جو هڪ ئي سبب هو، ته هو پنهنجي قومي مشاورت جي دل، اُن جو روح، بنجي ڪم ڪندا. اُهو روح جيڪو پنهنجي جنم ڀوميءَ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي جنم ڀوميءَ ڪاڻ لافاني پيار سان سرشار هجي، پنهنجن اُنهن ابن ڏاڏن تي فخر سان ٽمٽار هجي، جن سندن سامهون واقعي اڳتي وڌڻ لاءِ کُليل رستا ۽ اُنهن تي پنهنجي سُڄاڻ پيرن جا نشان ڇڏيا آهن، هڪ ئي ٻهڪندڙ خواهش سان روشن هجي ته سندن وطن جي پاڪ ڌرتي نه فقط پنهنجي، پر بني نوع انسان جي آدرش جي تڪميل ڏسي سگهي. اُها سندن ’پنهنجي ڌرتي‘ جيڪا شاعر جي ٻولي ۾ ”جيئن ڏسان ٿو ته به چمان ٿو، پر جيئن اُها اُميد پوري ٿيندي ته ٽي ڀيرا جُهڪي آءٌ چمندس!“
پنوهارن پاٻوهيو، ڪي واهوندن وَس،
عمر، اُنهي ڏيهه جا ڏوٿين ڏنم ڏسَ،
وَليون وڻ ڦُلاريا، لُلر نڱيا لَس،
آڻيو وجھي آهُرين، سدا ٽوهن ٽَس،
ميوا مَڃُر، ماکيون، سڀڪا چَکن چَسَ،
ماڙيءَ آهين مَسَ، ملير ويندينءَ مارئي! 
(شاھ)
هي هيرن جهڙي اَملهه ۽ موتين جھڙي ملوڪ ۽ اُوجل شاعري جيڪا هن مجموعي ”گُوندر ويندا گُذري“ ۾ اسان تي عطا ٿي رهي آهي، اُها اهڙن اسان جن عوام دوست، قوم شناس، سونهارن شاعرن جي صفِ اول جي هڪ فقير تن شاعر، ابراهيم منشي جي تخليق آهي. هو پنهنجي پَرِ جو هڪ کاهوڙي، هڪ لاهوتي آهي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ديس واسين لاءِ ڏونگر ڏوريندو رهيو آهي. ”خبر کاهوڙين، آهي لَکَ لاهوت جي.“ : اُها ’گُوندر ويندا گُذري‘ جي خوش خبر، پاڻ اسان کي هِتي ڏيڻ گُهري اٿن، پنهنجي ديس جي ڌرتي سان ۽ اُن جي حال سان سڃاڻپ جي خبر، اُٿي اُن جي ڪلياڻ لاءِ جاکوڙڻ جي خبر ۽ اُن لاءِ جيڪو خواب من ۾ کنيو، هو سڀ پنهنجا ڏينهن، سڄيءَ سنڌ واڪيندو ۽ واچيندو رهيو آهي، ان خواب جي خبر.
اسين جيڪي ”گُوندر ويندا گُذري“ جي اها خوش خبر پڙهنداسين، شاعر جي اُن خوش خبر جي ڪهڙي موٽ ٿا ڏيون، اُن جون سڀ واڌايون اسان لاءِ ۽ سڀ ميارون اسان تي آهن:
”هلو ته هلون ڏُٿ کي، ‘اُٿو اُٿو’ ڪن،
پاڻي پوتڙين ۾، ڪَندُرَ سِرُ ڪُلهن،
ڏؤنرا ڏور سجھن، وئي وهامي راتڙي!“
(شاھ)
هن مجموعي ۾، هِن ڏوٿيءَ، هن عطائيءَ، هن درياءَ دل راڳي شاعر، پنهنجن منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آهن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاهيون آهن، بشرطيڪ هُن جي اها ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنهنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آهي، پنهنجي ماروئن ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُها ٻُڌون... جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آهي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آهي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنهنجا سُتل مَن جاڳايون.
منشيءَ کي مون ’عطائي‘ سڏيو آهي، ’راڳي‘ سڏيو آهي. هائو، هو عطائي آهي، راڳي آهي. اسان جي قديم معاشري ۽ تاريخ ۾ عطائين ۽ راڳين جي موجود روايت جي عين مطابق ۽ سلسلي وارو هي عطائي ۽ راڳي: ٻيجل جي علامت آهي، جيئن حضرت شاهه عبداللطيف اُها علامت ڳائي وڄائي اسان کي عطا ڪئي آهي. مقصد جي تند تنواريندڙ، اُن لاءِ ”سک ۽ سُواد“ کان پاڻ پَلي، سر ـ دان جي ثواب جي موقعي ٻڌائيندڙ ۽ رستي پنڌ، کيٽ کري، گهر گهر ۽ اوطاقن آڏو بيهي هوڪي ڏيندڙ، جن منشي کي، هن ’درويش‘ شاعر کي هيٺ هن ڌرتي جي ماڻهن جي ”درن“ تي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي ”درن“ تي عام ۽ خاص معرڪن، گڏجاڻين ۽ جلسن ۾ هي صدا هڻندي ۽ اوچي گلي سان دانهيندي ۽ ڳائيندي ٻُڌو آهي، اُهي شاهدي ڏيندا ۽ چئي سگهندا ته ’منشي‘ اُهو عطائي آهي يا ٻيو ڪو. جو چوي ٿو، سرد دليون گرمائي ٿو ۽ وڏي آواز ڳائي ٿو:
ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
موتين کاڻ هي ملڪ سڄو آ، مارُن جو، ۽ مارُو مور!

عجب ڏٺوسين اچي ادا ڙي، دنيا جو دستور هتي، 
راهه رهڻ جي ڪائي ڪانهي، مسڪين لئه مور هتي.

ڪيڏي رات انڌاري آ، ڪيڏي رات انڌاري آ!
بڙڇي بم بندوق سان بيٺو، تڙ تڙ تي تاتاري آ-
ڪيڏي رات انڌاري آ!

’منشي‘ مُور نه ٻئي ڪنهن ماريو، ماريو ماروئڙن جي ماٺ، 
ڏيهَه سڄي ۾ ڏوٿين کي ڏس، ڪيئن نه ڏاري ڏاڍ جي ڏاٺ!
تن جي ڪارڻ جوڳي بنجي ڳايان، جڳ جاڳايان!
توکي ڪهڙا ڳيت ٻُڌايان، توکي ڪهڙا ڳيت ٻُڌايان!

مون پڪ سُڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌاڙين سان گڏ ڌاڙي ۾،
ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾.

مون رات گنجي ۾ گُجندي، ڪيڏا سنڌو جا سرواڻ ڏٺا،
ٿي ٻَهڪيا مُنهن ۽ ٻانهُن ٻَر، مون ٻلواڻن هٿ ٻاڻ ڏنا.
جھيڙي جي جھونجھار وو يار، پرکا آهي پِڙَ ۾!

نيئر ٽوڙي نڪري ويندي، ٿاريلي تو ٿاڻي مان،
دوکي جي اڄ ڌپ اچي ٿي، تنهنجي داڻي داڻي مان.

نه هونديون حويليون نه هوندا هي ٿاڻان،
مان هوندس نه هوندس، سو پاڻان نه ڄاڻان.

اجھا رات کُٽي ۽ باک ڦُٽي، انسان ازل کان آجو آ، 
ڪي غلام ڇُٽا، ڪي ويندا ڇُٽي، انسان ازل کان آجو آ!
۽ انهيءَ اسان جي آجائيءَ، قومن جي آجائيءَ، انسان جي آجائي جي ازلي حقيقت جي ياد هڪ ڀيرو ٻيهر، هتي ”گُوندر ويندا گُذري“ ۾ شاعر اسان کي ڏئي ٿو، ۽ سرـ دان جي عيوض اُن جي حاصلات جي ’خوش خبر‘ هو اسان کي ٻڌائي ٿو ۽ اهو ئي سندس ٿورو اسان تي ايڏو وڏو ٿورو آهي، جو سچ ته اسان جي لاهڻ جو نه آهي ۽ انسانن جي آجائي پنهنجي سِر پاڻ ته واقعي سِر دان گهري ٿي ـ جنهن لاءِ سيدنا حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليھ ’راءِ ڏياج‘ جي واتان چوايو آهي: 
مٿي اُتي منهنجي، جي ڪوڙين هون ڪپارَ،
ته واريو واريو وڍيان، سسيءَ کي سؤ وارَ،
ته پِڻ تندُ تنوارَ، تنهنجي مٿاهين مڱڻا!

محمد ابراهيم جويو


Book No . 44
Kitab Jo Nalo : GOONDAR VEENDA GUZRI (Poetry)

Poet: Ibrahim Munshi

Fourth Edition © Roshni 2015
Pages : 240
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG