VETNAMI KAHANYOON


























اٽڪل ساڍا چار سال اڳ مون هن مجموعي جي پهرين ڪهاڻي
”موٽڻ جنين ميهڻو“ جو ترجمو ڪيو هو ۽ ان جي مهاڳ ۾ لکيو هوم:
”جيئن انساني بدن جو مرڪز دل ۽ دماغ آهي تيئن سموريءَ ڌرتيءَ“ سموريءَ انسان ذات جا به ڪي مرڪز هوندا آهن. اهي وقت به وقت بدلبا رهندا آهن. سڄي دنيا مڃي ٿي ته اڄ سموري ڌرتيءَ،  سموري انسانيت جي دل ويٽنام آهي. ويٽنام اڄ روءِ زمين جي انساني نيڪي، ڏاهپ، مڙسيءَ، قربانيءَ سورهيائيءَ، سچائيءَ، سونهن ۽ پيار جو مرڪز آهي. ويٽنام انسانيت جي هزارين لکين سالن جي واڌاري جي اوچي ۾ اوچي منزل آهي. ويٽنام انسان ذات جي سڀني اڳين، پوين ۽ هاڻوڪن اعليٰ گڻن جو نچوڙ آهي.
جيڪڏهن اڄ سمورن اڳين، پوين  ۽ هاڻوڪن نيڪن، ڏاهن، شاعرن، فيلسوفن، سهڻن عاشقن، سورمن کان پڇي سگھجي ته ’توهان جنهن نيڪي، ڏاهپ، شاعري، فلسفي، سونهن عشق يا سورهيائيءَ جا گھورا آهيو تنهن جو ملڪ ڪهڙو؟‘ ته گھڻا يقيناً ويٽنام ڏانهن اشارو ڪري چوندا ”اهو!“
دنيا جي هر دور ۾ هر ملڪ ۾ دودا، دريا خان، هوشو ۽ هيمون پيدا ٿيندا رهندا آهن. انهن جي جذبي، جرئت ۽ جولان مان اڄ هر هنڌ، هر ملڪ ۾ وڌي ويجھي راڄ ٿي پيا آهن، پر ويٽنام سڄي جو سڄو دودا ۽ دريا خان آهي، سڄي جو سڄو هيمو ۽ هوشو آهي. ٻارڙا، جوان، ٻڍا، مرد، عورتون سڀ جا سڀ دودا ۽ دريا خان، سڀ جا سڀ هوشو ۽ هيمون، پر نه! حق جي ڳالهه ڪجي ته اها ڳالهه به اڃا سورنهن آنا صحيح ناهي. دودا ۽ دريا خان، هوشو ۽ هيمون سندن حياتيءَ جي ڪنهن هڪڙي پل، ڪنهن هڪڙيءَ گھڙيءَ، ڪنهن هڪڙيءَ يا ٻن چئن يا پنجن ڏهن ڪارنامن ڪري دودا ۽ دريا خان، هوشو ۽ هيمون سڏجن ٿا، پر ويٽنام جا سورهيه ٻار ۽ ٻڍا، مرد، عورتون، ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين حياتي جي هر پل ۽ هر گھڙيءَ ۽ هر ڏينهن ۽ هر رات جو، هر ڳالهه، هر ڪم، هر گڻ، هر هلت ۾ سڄي دنيا جا دودا ۽ دريا خان، هوشو ۽ هيمون آهن.
ويٽنام سدا ملوڪ سونهن جو گھر آهي. ويٽنام پيار جو وطن آهي. ويٽنام، سهڻين، سسين، ماروين ۽ موملن جو ديس آهي، پر ويٽنامي سُهڻيون ۽ سسيون، مارويون ۽ موملون سڄي دنيا جي اڳين پوين ۽ هاڻوڪين سهڻين ۽ سسين، ماروين ۽ موملن کان اور آهن. ويٽنام جو جھڙو حسن نرالو آهي، تهڙو پيار.
هيءَ ڪهاڻي ويٽنامي سونهن، پيار ۽ سورهيائيءَ جي ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ دفعو نه پر ٻه ٽي يا اڃا به گھڻا  ڀيرا پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي آهي، ياد ڪرڻ جھڙي ڪهاڻي آهي؛ ٻين کي ٻڌائڻ جھڙي ڪهاڻي آهي خاص ڪري پنهنجن  ٻارن ۽ ٻچن کي. ڪهڙي خبر سنڌ ۾ به ٿُو، لاليءَ، هيڪنگ، زيت ۽ پوڙهي ميٽ جھڙا ٻار، جوان، مرد، عورتون ۽ ٻڍا پيدا ٿي پون. ڪهڙي خبر هت به ڪڏهن ٿوُ ۽ لاليءَ جهڙو عشق، جنم وٺي وجھي! ڪهڙي خبر هتي به ڪڏهن ڪؤييت  جھڙا گاروڙيءَ انقلابي قومي ڪارڪن پيدا ٿي پون! ڪهڙي خبر سنڌ تي به ويٽنامي جي سڪ، سونهن، سچ ۽ سورهيائي جا ترورا پئجي وڃن....
ان کان ٻه سال پوءِ 1975ع جي بهار جي موسم ۾ ويٽنامي قوم انساني تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ظالم ۽ هيبتناڪ سامراجي طاقت، يعني آمريڪي سامراج کي دسي، سندس ڪنڌ مروڙي، سندس طاقت جي نسي، غرور ۽ تڪبر کي ڌوڙ ۾ گڏي، پنهنجي مڪمل آزادي حاصل ڪئي.
دنيا ۾ ڦورو ۽ ظالم ماڻهن، ٽُولن، طبقن ۽ قومن جي کوٽ ڪانه پئي رهي آهي، پر انساني تاريخ ۾ هن دور  جي يورپي- آمريڪي سرمائيدار سامراج کان وڌيڪ ڦورو، ظالم، طاقتور ۽ قهري سامراج انساني تاريخ ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيو. اٽڪل 5 سؤ سال ٿيا جو اهو سامراج دنيا تي ڇائنجڻ لڳو. اهو پنهنجي عروج  تي اوچي ۾ اوچي ڏاڪي تي تڏهن پهتو جڏهن اٽڪل 50 سال اڳ ان جي اڳواڻي آمريڪي سامراج ڪرڻ شروع ڪئي. آمريڪي سامراج گذريل ٻن مهاڀارين جنگين ۾ انساني خون چوسي، مچي ماڙا ٿي، دنيا جو سياسي سَانُ بنجي، ٽاڏيون ڏيڻ لڳو. سڄي دنيا جون قومون، خاص ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جون غلام قومون، يورپي- آمريڪي سرمائيداري سامراج خلاف سورهيائيءَ واري شاندار ڊگھي جدوجھد ڪنديون رهيون آهن، پر ڪيتريون صديون ماڻهن تي اهو عام تاثر هو ته گوري سرمائيدار سامراج سان ٽڪر کائڻ آهي، جبل سان ٽڪر هڻي، پنهنجو مٿو ڦاڙائڻ. سڄي دنيا  ۾ اهو وهم ويهي ويو ته، يورپي آمريڪي گورا سرمائيدار سامراجي ڄڻ هن ڌرتيءَ جا سياسي مالڪ، آقا ۽ خدا آهن، ۽ آفريڪي، ايشائي، ڏکڻ آمريڪي ڪارن ماڻهن جو ڪم آهي ته رڳو سندن فرمانبرداري، بندگي ۽ پوڄا ڪري، سندن قهر کان بچنِ ۽ سندن راضپو هٿ ڪنِ.
1905ع ۾ پهريون ڀيرو جڏهن هڪڙي ايشيائي ملڪ، يعني سرمائيدار جپان هڪڙي يورپي سامراجي قوت، يعني زارشاهي  روس کي فوجي شڪست ڏني، تڏهن ڄڻ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي پئي. سڄي دنيا ۾ رڙ پئجي ويئي ۽ ٿرٿلو مچي ويو. ٻي جنگ عظيم سوڀن کان پوءِ يورپي سامراجي ملڪ ڪافي ڪمزور ٿي ويا ۽ ڪيترن  غلام ملڪن کائن آزادي حاصل ڪئي. 1949ع ۾ چيني عوام آمريڪي ڇاڙتي چيانگ ڪائي شيڪ ٽولي کي شڪست ڏيئي شاندار فتح حاصل ڪئي. آمريڪا چيانگ ٽولي جي مدد ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو، پر چينين سندس هر هٿيار ۽ هر چال کي ناڪام بنائي ڇڏيو. 1951ع ۾ هڪڙي ايشيائي ملڪ ڪوريا جي ماڻهن دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي طاقت آمريڪا  سان دوبدو ٽڪر کاڌو. دنيا سمجھيو ٿي ته ننڍڙو ڪوريا اجھو ٿو هستيءَ جي صفحي تان ميٽجي، پر سالن جا سال ٽيهن ئي نسن جو زور لڳائڻ کان پُوءِ به آمريڪي ديو ڪوريائي جيتامڙي کي دسي نه سگھيو ۽ لاچار صلح ڪري جند ڇڏائڻ تي مجبور ٿيو.
انهن سوڀن کان پوءِ، انهن سوڀن جي مدد سان ويٽنامين هڪٻئي پويان فرينچ، جپاني ۽ آمريڪي سامراج کي لڳاتار ڀرپور، قطعي ۽ ڳاٽي ٽوڙ شڪستون ڏنيون. هنن جھڙي شاندار، تجليدار ۽ ڌرتي ڌوڏيندڙ سوڀ حاصل ڪئي، تنهن کان بهتر سوڀ جو مثال روءِ زمين جي انسانن جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ نٿو ملي. انساني تاريخ ۾ ڪنهن به ملڪ ۽ قوم هن کان گھڻن ۽ هن کان وڏن ۽ طاقتور دشمنن سان پلاند ته اٽڪايو، ڪنهن به هنن کان وڌيڪ ڊگھي، وڌيڪ سورهيائي، حرفت ۽ ڏاهپ واري ۽ وڌيڪ سڀ طرفي آزاديءَ جي ويڙهه نه ڪئي هوندي.
انهن حيرت انگيز سوڀن جو راز ڪهڙو آهي؟ ڇا ان جو اصل ڪارڻ رڳو اهو آهي ته هو غير معمولي دلير ۽ سورما آهن؟ نه. فقط اهوڪارڻ ناهي. اصل ڪارڻ ٻيا آهن. هو تاريخ جي اهڙي سوڀاري دور ۾ آزاديءَ جي ويڙهه وڙهيا، جڏهن سڄي دنيا ۾ طاقت جي ساهميءَ ۾ مظلوم طبقن ۽ قومن جو  پڙ آهستي آهستي وڌيڪ ڳرو ٿي ويو آهي. هو تاريخ جي سڀ کان ترقي پسند، دلير ۽ دانا طبقي، يعني پورهيت طبقي ۽ ان جي انقلابي پارٽي جي سوڀاري  اڳواڻي هيٺ وڙهيا. هنن پنهنجي ڊگھي  ويڙهه هن دور جي سڀ کان روشن ۽ ڪامياب سياسي نظريه جي روشنائي ۾ ڪئي. هنن ويڙهه جي اها هڪ ٽڪ حڪمت ڪتب آندي ۽ يگاني ڏاهپ واريون هوشياريون، گر ۽ اٽڪلون استعمال ڪيون جيڪي سڄيءَ دنيا جي انقلابين لکين جانين جون قربانيون ڏيئي، ايجاد ڪري، آزمائي، ڪامياب ثابت ڪيون هيون. تنهن کان سواءِ هنن رڳو نقل به نه ڪيو ۽ رڳو لڪير جا فقير به نه رهيا. هنن دنيا جي انقلابي دانائي جي خزاني کي وڏي سمجهه، عقل، ڪاريگريءَ ۽ ڏاهپ سان ڪتب آندو ۽ خود پنهنجي طرفان ان ۾ قيمتي وڌارا ڪري، ان کي وڌيڪ شاهوڪار ۽ مالا مال ڪيائون.
جرمن  قوم جي انقلابي فرزندن دنيا کي نئون انقلابي نظريو ۽ نئين انقلابي حڪمت عملي تيار ڪري ڏني. روسي انقلابين ان ۾ واڌارو ڪري، دنيا کي هڪ نيئن نموني جي انقلابي پارٽيءَ جو نمونو تيار ڪري ڏنو ۽ پهريون ڪامياب عظيم پورهيت انقلاب آڻي، سامراجي ڪوٽ جي ڪنگرن ۾ زلزلو وجھي ان جا بنياد ڌوڏي ڇڏيا. چينين اهڙو انقلاب آڻي ڏيکاريو جو جاگيرداريءَ ۽ سامراج جي ٻٽي پاڃاريءَ ۾ ڦاٿل هڪڙي مظلوم قوم يڪو ڇال ڏيئي، وڏيرڪيءَ ۽ سامراجي غلامي مان نڪري وڃي قومي آزاديءَ ۽ سوشلزم جي دور ۾ پهتي.
هن کان اڳ ائين ڪونه ٿيو هو. چيني انقلاب دنيا جي وڏي ۾ وڏي هاري قوم ۽ وڏي ۾ وڏي غلام قوم جو انقلاب هو. اهو وڏي ۾ وڏي ۽ ڊگھي ۾ ڊگھي فوجي ويڙهه وارو انقلاب هو. چيني انقلاب دنيا جي انقلابي عوام کي عوامي فوج تيار ڪرڻ، عوامي جنگ لڙڻ ۽ ويڙهه جي عوامي واٽ وٺڻ جا ڀرپور مثال قائم ڪري ڏنا. چيني انقلاب دنيا جي ٻهراڙين جي محڪومي ۽ مظلوميت ختم ڪرڻ جو ڏس ڏنو. ان سيکاريو ته دنيا جون مظلوم ٻهراڙيون، ڪيئن شهرن جي غريب عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، شهرن جو گھيرو ڪري، منجھن ديرو دمائي ويٺل رجعت پرستن جو نڪ ۾ دم ڪري، کين نيچو نوائي سگھن ٿيون.
ويٽنامين انهن سڀني انقلابي هٿيارن کي گھڙي سنواري، وڌيڪ تيز ۽ وڌيڪ اثرائتو بنايو. هنن پهريون ڀيرو دنيا کي ڏيکاريو ته هڪڙو ننڍو ملڪ، جنهن جي ٻاري ٻاري تي دشمن جو ظالم ۽ هيبتناڪ قبضو هجي ۽ جيڪو چوويهه ئي ڪلاڪ دشمن جي چنبي ۾ هجي سو ڪيئن دشمن جي گھيري اندر هوندي به اٽلو دشمن کي گھيري ۾ آڻي، ملڪ جي  ٻاري ٻاري تي، چوويهه ئي ڪلاڪ، دشمن سان ويڙهه ڪري سگھي ٿو. هنن سيکاريو ته صحيح معنيٰ ۾ سڄي جو سڄو عوام، سڄي جو سڄو ملڪ، ويڙهه ۾ شريڪ ڪيئن ٿي سگھي ٿو ۽ اها ڳالهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا طريقا ڪاميابيءَ سان ڪتب آڻي سگھجن ٿا. ويٽنامين دنيا جي انقلابي عوام کي روز مرهه جي سنهين ويڙهين ۽ ننڍين ننڍين بيشمار بغاوتن ذريعي آخري سوڀاري عام بغاوت ڪري، آزادي وٺڻ جو گر سيکاريو. ويٽنامين دنيا کي پهريون ڀيرو سياسي فوج ۽ خاص ڪري ”ڊگھن وارن واري فوج“ يعني، زناني سياسي فوج جو ۽ باقاعده رٿيل سياسي ويڙهه جو روپ تيار ڪري ڏنو. هنن دنيا جي انقلابي عوام کي گڏيل نفسياتي ۽ روحاني، ثقافتي ۽ نظرياتي، سياسي ۽ فوجي ويڙهه جي عظيم حڪمت عملي تيار ڪري ڏني. ويٽنامين دنيا کي سيکاريو ته حالتون کڻي ڪهڙيون به ناسازگار ۽ اڙانگيون هجن، دشمن کڻي ڇا به ڪري، ڪهڙا به هٿيار استعمال ڪري، هو کڻي ڪيترو به طاقتور ۽ فيل مست هجي، کڻي پاڻ کي ڪيترو به ”دانا بينا“، ”حاضر ناظر“ ۽ ڄڻ ’غيب جو علم‘ رکندڙ ليکي، تنهن هوندي به سندس گھيرو ٽوڙي، خود کيس گھيري ۾ آڻي، آخر کيس هڻي ڊاهي ناس ڪري سگھجي ٿو.
هنن ڪهاڻين ۾ حيرت انگيز دليرين ۽ سورهيائيءَ جي ڪارنامن جا داستان بيان ڪيل آهن، تن جو راز اهو ئي آهي ته ها سورهيائي ذاتي ناهي، گڏيل آهي. ڇڙوڇڙ يا اتفاقي ناهي، سڄي ملڪ لاءِ سڄي انقلابي دور لاءِ تيار ڪيل حڪمت عملي ۽ رٿابنديءَ پٽاندر آهي. فقط اڪيلا جوڌا نٿا وڙهن، پر انقلابي پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ سڄي قوم لڙي - ٻڍا، ٻار، زالون، مڙس، پوڙها، جوان، پڙهيل، اڻ پڙهيل، ڏاها، ڀورا، جابلو، شهري، ڳوٺاڻا سڀ رٿيل نموني گڏجي وڙهن ٿا. رڳي فوجي ويڙهه ناهي، سياسي به آهي، نظرياتي به آهي، اقتصادي، ثقافتي ۽ روحاني به آهي. رڳي سکڻي ويڙهه به ناهي- سمجھاڻي آهي، تعليم آهي، تبليغ آهي، دشمن جي فريب ۾ آيل پنهنجن کي ميڙ  منٿ، آزي تيزاري، شرمائڻ ۽ پرچائڻ به آهي. مطلب ته گھڻن طرفن، گھڻن هٿيارن، گھڻن طريقن، گھڻن ماڻهن، گھڻن علائقن ۽ گھڻن قسمن جي قوتن کي پاڻ ۾ ملائي، هڪ ڪري، هڪڙي اهڙي نرالي ۽ يگاني آزاديءَ جي جنگ لڙي ويئي، جنهن جھڙو مثال اڳي انسان ذات ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
اسان جي روح کي عام طرح جيڪي مجبورين ۽ بيوسين جا زنجير وڪوڙي ويٺا هوندا آهن سي هنن ڪهاڻين کي پڙهڻ سان هڪ ڀيرو سٽ ڏيو ٽُٽيو پون.
اسان غلام ماڻهن جي اندر ۾ جيڪا نا اميديءَ ۽ مايوسيءَ جي ازلي ۽ اوندهه آهي، تنهن جو سينو چيري، آسن ۽ اميدن جون نيون جوتيون جاڳيو پون. اسين تصور ۾ پاڻ کي هڪڙي نئين انسان، هڪڙي نئين طبقي، هڪڙي نئين قوم ۽ نئين ملڪ جي روپ ۾ ڏسڻ لڳون ٿا. اسين سوچڻ لڳون ٿا ته اسان جا ٻار به آيوئي  ۽ هينگ ٿي سگھن ٿا، اسان جون ڀيڻيون به ’لالي‘، ’زيت‘ ، ’ادي سوڪ‘ جھڙيون ٿي سگھن ٿيون. اسان ۾ به ’ٿُو‘ جھڙا جوڌا جوان ۽ چاچي ’ميٽ‘ جھڙا سورهيه پريا مڙس، ’ڪوبيت‘
جهڙا گاروڙي انقلابي ڪارڪن موجود ٿي سگھن ٿا. رڳو ويٽنام ۾ نه، ٻين هنڌن تي به ماڻهو گوريلا بنجي سگھن ٿا، ”ڳوٺاڻا انجنيئر ٿي“ سگھن ٿا، سڀڪجهه ٿي سگھن ٿا. ويٽنامين جي سونهاري سٿ ۾ دنيا جون ٻيون مظلوم قومون به شريڪ ٿي،  ان شاندار سوڀاري راهه تي هلي، پنهنجي منزل ماڻي سگھن ٿيون ۽ ماڻي رهيون آهن. عوامي ويڙهه جي سائنس ۽ فن ۾ نت نوان وڌارا اچي رهيا آهن ۽ نت نيون سوڀون حاصل ٿي رهيون آهن، ائين ئي ٿيڻو آهي ۽ اوس ائين ئي ٿيندو. اسين ماڻهو به پڪ آهي ته دنيا جي ڪنهن به قوم کان پوئتي نه رهنداسين.

رسول بخش پليجو

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 712
Kitab Jo Nalo : VETNAMI KAHANYOON

Compiled & translated by: Rasool Bux Palejo

First Edition © Roshni 2015
Pages : 264
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 250.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+  مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG