KHALEFE NABI BUX `QASIM` GEE MASNAVI






























مثنويءَ بابت

خليفي نبي بخش ’قاسم‘ تي Ph.D ڪرڻ دؤران مونکي خليفي
’قاسم‘ جي سرائڪي ٻوليءَ ۾ لکيل مثنويءَ جي گهڻي ضرورت محسوس ٿي. گهڻي پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جي باوجود ڪٿان به دستياب ٿي نه سگهي. هر جاءِ تان نا اميد ٿيڻو پيو.  هڪ ڏينهن خوشقسمتيءَ سان پنهنجي ئي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ ريڙهيءَ تي پيل رديءَ جي ڪتابن کي ڦلهوريندي هٿ اچي وئي. هن مثنويءَ جي ڪتاب جا ابتدائي صفحا کُٽل هئا، ان کانسواءِ لفظن ۾ ڇپائيءَ جون غلطيون به هيون، تنهنڪري مذڪوره ڪتاب مان آئون مطمئن نه پئي ٿيس.
آخرڪار پڇائون ڪندي فقير بشير احمد لغاري، دونهائي لغاري ڊگهڙيءَ طرفان، مونکي هڪ قلمي نسخو دستياب ٿيو. انهن ٻنهي نسخن کي ڀيٽڻ بعد مون ان مواد کي سهيڙي موجوده ڪتابي شڪل ڏيئي اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو آهي.
مون هن مثنويءَ ۾ استعمال ٿيل مشڪل الفاظن جون آخر ۾  معنائون ڏيئي، ان کي وڌيڪ آسان بنائي پيش ڪيو آهي، انهي لاءِ ته خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي شاعرانه شعور، فن ۽ فڪر کي سمجهڻ ۾  سهوليت پيدا ٿئي.
هيءَ مثنوي خليفي نبي بخش ’قاسم‘ پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهَن ۾ لکي پوري ڪئي هئي. جنهن جو مون ايندڙ صفحن ۾ ذڪر ڪيو آهي. هن مثنويءَ جي اندر خليفي ’قاسم‘ پنهنجي جملي حياتيءَ جو جوهر سمايو آهي. بدلجندڙ وقت، حالات ۽ اردگرد جي ماحول جي پوري عڪاسي ڪئي آهي. مثنويءَ ۾ موجود ڪردارن جي وفائن، جفائن، چالبازين، چالاڪين، خوبين توڙي خامين کي اُپٽارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿس.
مون ڪوشش ڪري مذڪوره مثنويءَ جي ابتدا ۾ خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي زندگيءَ جي مختصر احوال (خليفي نبي بخش ’قاسم‘ 1195هه (1776ع) ڌاري تعلقي بدين،  ڪڍڻ طرف ڍوري پُراڻ جي لڳ ”مٺي ٿري“ ۾ جنم ورتو، هن جي والد جو نالو بالاچ خان ۽ ڏاڏي جو نالو مرزا علي هو. خليفو نبي بخش ’قاسم‘ ذات جو لغاري بلوچ هو. هو بالاچي پاڙي جي سيرڪاڻي شاخ مان هو.
خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جا وڏا، ڪلهوڙا حڪمرانن جي زماني ۾ ديري غازي خان مان لڏي لاڙ، ضلعي بدين جي مذڪوره جاءِ تي اچي مستقل سڪون پذير ٿيا. مرزا علي خان کي ڪلهوڙن پنهنجي حڪومت ۾ خاص سردار ڪري چونڊيو هو. ڪلهوڙن مرزا علي خان کي سندس خدمتن ۽ وفادارين جي عيوض ٽي ديهون مٺي، نوتيار ۽ ستيارو انعام طور ڏنيون هيون.
جڏهن ڪلهوڙن کان ٽالپرن سنڌ جون واڳون ورتيون، تڏهن خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي عمر ست سال هئي، ۽ سندس والد بالاچ خان، ٽالپر حڪمرانن وٽ هڪ نامور سردار جي حيثيت سان مقرر ٿيل هو. الغرض ته هيءُ خاندان پنهنجي راهي ۽ رسائيءَ جي ڪري گهڻو مقبول ۽ شان شوڪت وارو سمجهيو ويندو هو. تنهنڪري هنن جا وڏا پهريائين ڪلهوڙن ۽ بعد ۾ ٽالپر حڪمرانن وٽ نامور سردار جي حيثيت ۾ مقرر ٿيا هئا. ) سان گڏ، سندس سرائڪي شاعريءَ تي پڻ روشني وڌي آهي، ان لاءِ ته جيئن خليفي ’قاسم‘ جي هن مجازي رنگ ۾ رتل داستانِ محبت جي زبان ۽ شعر ۾ خيال جي پختگيءَ کي سمجهي سگهجي.
هن محنت طلب ڪم کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائڻ ۾ سندم نياڻي ناهيد مگسيءَ جو ساٿ به شامل رهيو،  جنهن جي لڳاتار ڪوششن سان هيءُ اهم ڪم پنهنجي اختتام تي پهتو آهي. انکانسواءِ پروف ريڊنگ جي سلسلي ۾ سندم سهڻي ڀاءُ/دوست آسي محمود زمينيءَ جي پروف ڏسڻ جي معاونت لاءِ پڻ احسانمند آهيان. آسيءَ جون سُهڻائيون ڳڻيندي خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جون  هي سِٽون ذهن تي اُڀري بيهَن ٿيون:

ٻُور ٻالاپڻ نينهَنَ، سِرجندي ئي سکيو،
رمي راتو ڏينهَن، پريان سندي پنڌ ۾.

مونکي پوري پڪ آهي ته خليفي نبي بخش ’قاسم‘ جي شاعريءَ سان شغف رکندڙ عالم، اديب ۽ شاعر منهنجي هن پيار ڀريي پورهيي کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي، هن غير معمولي ڪوشش کي سنڌي ادب ۾ اهم واڌارو سمجهندا.

پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش مگسي

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 701
Kitab Jo Nalo : KHALEFE NABI BUX `QASIM` GEE MASNAVI

research by: Prof. Dr. Qadir Bux Magsi

First Edition © Roshni 2015
Pages : 312
Size : Royal
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 400.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG