SADIQ FAQEER :TOKHAN THENDE DHAR


































صادق جي گيتن، آلاپن، آواز جي اثر ۽ موسيقيءَ ۾  هن جي ڪنٽريبيوشن تي ماڻهو ڳالهائيندا رهندا، سنڌ جي لوڪ ۽ جديد موسيقيءَ کي هم آهنگ بڻائي، هن نئين شاعريءَ جي مَڌ سان جيڪي دلڪش نشا آڇيا آهن، تن جا خمار پنهنجا آهن، ۽ سڀني کان منفرد به آهن. مون موجوده دور ۾ ڪنهن سنڌي راڳيءَ وٽ نه اهڙو آلاپ ٻڌو آهي، نه اهڙي صدا ڏٺي آهي. خاص طور درٻاريءَ ۾ هو جڏهن "آ ...... " ڪندو هو، ته هن جو آلاپ آسمانن سان ٽڪرائجندي محسوس ٿيندو هو. پر هن کي پنهنجي آواز، انفراديت، فن ۽ شهرت ڪڏهن به نه مغرور ڪيو، نه ڪنڌ ۾ ڪِلي وجهڻ ڏني. هو هميشه نمي کمي هلندو رهيو، ۽ خاموشيءَ سان دلين جا نوان نوان علائقا فتح ڪندو رهيو. هن ۾ راڳين واريون خونيون ته سڀ هيون، خرابي ڪابه نه هئي، نه عورت، نه شراب، نه ڏيکاءُ، نه ڪا ٻي عياشي ،منجس خوبيون ئي خوبيون هيون، خرابي ڪابه نه هئي. هن جي خاص ۽ شعوري ڪمائي، هن پاران هر قسم جي تنگ نظري، نفرت ۽ انتهاپسنديءَ کي رد ڏيڻ هو. اياز جيڪو ڪم شاعريءَ کان ورتو، صادق اهو موسيقيءَ کان ورتو. هن بنا تبليغ جي، بنا دعويٰ جي، بنا بيانن جي، خاموشيءَ سان هڪ تحريڪ وانگر پنهنجو ڪم سرانجام ڏنو. اهو ڪم  ڀٽائيءَ، سچل ۽ ڪبير جي پيغام کي گهر گهر، ور ور پهچائڻ جو هو... صاحب ميرا ايڪ هي..... ڪيَڙو مست پرينءَ جي ناز مونکي، وِسريو روزو، نه ياد نماز مونکي.... مان هان انسان جي پاسي.... هي خدا ۽ خوديءَ سان ٺڳي، اي نمازي ڇڏين ڪو نه ٿو....
اسان صادق کي جيترن ڪَلرس(colors) ۾ ڏٺو آهي، ايترا ڪَلر انڊلٺ ۾ نه هوندا آهن، مورَ جا پرَ انهن کي حسرت مان ڏسڻ لڳن، روهيڙي جي گلن کي به انهن تي پيار اچي وڃي- ۽ هن ِييري جڏهن صادق پنهنجا ساهَه مڪي مديني وارن وٽ ڇڏي، پنهنجي مٽي، پنهنجي وطن جي واريءَ سان هڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ايمبولينس ۾ ٿر جي ڀٽن منجهان ٿيندو، مٺيءَ تائين پهتو، ته روهيڙو پنهنجي ڦوهه جوڀن تي هيو... ۽ صادق جي ان واپسيءَ ۽ ماڻهن جي جذبن جي رنگن کي سمجهڻ ته روهيڙي جي وس جي ڳالهه به نه هئي... پر صادق جو روح يقينن خوش ٿيو هوندو، جڏهن مٺيءَ جي رستن تان سندس خاموش وجود کڻي گذرندڙ ايمبولينس مٿان مندرن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ گهرن تان گلاب سان گڏ روهيڙي جا گل به نڇاور ڪيا ٿي ويا....
صادق ٻڌائيندو هو، جڏهن استاد امانت علي خان گذاري ويو ته استاد فتح علي اڪيلو ڳائڻ لڳو. اڳ ۾ ته هر ڪو پنهنجو پنهنجو حصو ڳائيندو هو، پر بعد ۾ جڏهن ڀاءُ جو حصو به استاد فتح عليءَ کي پاڻ ڳائڻو پئجي ويو، ته ان کان پهرين ڳائڻ بند ڪري، ڇُلڪيل اکين ۽ سُڏڪي سان ڳوهيل آواز ۾ چوندو هو:  ايسي ميرا بهائي گاتا تها...
جڏهن سهڻي صادق جي وڃڻ کان پوءِ، مون سندس ٻن صالح، سمجهدار، سلڇڻن ۽ تمام گهڻي همت رکندڙ قابل فرزندن نزاڪت علي ۽ راحت عليءَ کي ٻڌو، ته سچ به منهنجي حالت استاد فتح عليءَ جهڙي ٿي وئي. خوشي ۽ ڏک هڪ ٻئي سان ڀاڪرين پئجي ويا، ۽ اهو ئي جملو منهنجيءَ دل مان به چِيرجي نڪتو..... " ايئن ته اسان جو ڀاءُ ڳائيندو هو... "
رات سارس ٻوليا، دريا مٿي دَنگ...

شال ڌڻي مٿن مهر ڪري، کين ڪوسو واءُ نه لڳي ، ۽ پنهنجي محبوب والد کي مليل مان ۽ محبتن جا امين ۽ سچا وارث بڻجن !

اسحاق سميجو

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 720
Kitab Jo Nalo : SADIQ FAQEER :TOKHAN THENDE DHAR

Compiled By: Ishaq Samejo

Firth Edition © Roshni 2015
Pages : 304
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.325.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG