HOO, JO SARAPA ISHQ HO









































ٽِمو مَ نيڻاهَه ...

* منهنجي زندگي ’مصروف‘ ۽ ’منتشر‘ رهي آهي. سٺ ساله زندگيءَ ۽ ’ٻائيتاليهه ساله ملازمت‘ ۾ آءٌ نه گهر ٺاهي سگهيو آهيان، ۽ نه ئي ڪو بئنڪ بيلنس! آءٌ جڏهن ڄائو هئس، تڏهن منهنجي وات ۾ چانديءَ جو چمچو نه هو، ۽ اڄ جڏهن رٽائر زندگيءَ سان منهان مُنهن آهيان، تڏهن به مون وٽ چانديءَ جو چمچو نه آهي. ڪالهه به مون کي خوددار هاري حاجي جويي جي ’آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ واري زندگي ڏاجَ ۾ ملي هئي، ۽ اڄ به مون وٽ مسواڙي گهر آهي ۽ هاريءَ پيءُ کان مليل اباڻا ڪکَ، ڳوٺ مجيد ڪيرئي ۾، منهنجو هڪ
’صالح شاگرد‘ قبضي ڪيو ويٺو آهي. مون، چاچس ۽ کيس پنهنجن ڪکن جي نظرداريءَ جي پارت ڪئي هئي، پر مون کي معلوم نه هو، ته ’ايڪسائيز ڊيوٽي‘ اوڳاڙيندڙ ’صالح شخص‘ منهنجن اباڻن ڪکن کي ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندو. مون کي ته اڃا ’پينشن‘ جا به پئسا نه مليا آهن، ڇو ته چون ٿا ته ’پينشن جا پئسا‘ وٺڻ ۽ ’پينشن جاري ڪرائڻ‘ لاءِ به ”پئسا“ ڏيڻا پوندا آهن، ۽ مون وٽ ’ايترا پئسا‘ نه آهن. آءٌ سڄي زندگي ’ماستر‘، ’قومي ڪارڪن‘ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اداري جو
’چوڪيدار‘ رهيو آهيان. آءُ سائين جي. ايم. سيد جو شاگرد آهيان، جنهن جي اُجرن ڪپڙن تي ڪڏهن به ڪو داغ نه رهيو، اُن ڪري
’ڪرپشن ۽ ڪُپت‘ سان سڄي ڄمار ياري رکي نه سگهيس. جتي به رهيس، ’فرض شناسيءَ‘ سان ’فرض ادائگي‘ ڪيم ۽ اُجوري جي طلب نه ڪيم؛ ڇو ته مُرشد لطيف درس ڏنو هو ته:
طلب جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا،
ڌِڪي ڪندءِ ڌار، ماڻڪ ڏئي مُٺِ ۾!
***
’سن جي سائينءَ‘ جي سفر واري واٽَ ۾ منهنجو مُکاميلو پاڻ جهڙي هڪ هاريءَ ۽ ٻڪرارَ جي پُٽَ سان ٿيو. مون کي هُن ۾ پنهنجو عڪس نظر آيو ۽ هن کي مون ۾ پنهنجو پرتوو! هُو ٿر جي چونئري ۾ ڄائو هو ۽ سندس آخري کٽ به ساڳئي چونئري مان نڪتي. هو ڀاڳوند هو، جو کيس ’چونئري نما گهر‘ ته هو، جيڪو چاچي جادي آريسر مرڻ ويلي کيس سونپيو هو ۽ هُن سڄي عمر اُن ’ڪکائين گهر‘ جي پت رکي، نه ’سون تي سيڻ مٽايا‘ ۽ نه محلن تي ’پکن جي پريت‘ کي مَٽيو. پر مون وٽ ته اُهو ’ڪکائون گهر‘ به نه آهي، خبر ناهي منهنجو ’آخري کٽولو‘ ڪهڙي گهر مان نڪرندو، ڇو ته مون وٽ پنهنجو ڪو گهر نه آهي؛
مون کي ڪوئي گهر نه آهي،
مون کي هُن جي گهر پهچايو!
***
مون 22 آڪٽوبر 1972ع کان ماستريءَ جي ملازمت ڪئي ۽ اُن وقت کان ڊائري لکڻ شروع ڪئي، پر منهنجي هر ڊائري ’اڌوري‘ رهي، ڇو ته جڏهن آءٌ ۽ آريسرُ، ’سيد جي ڪنڊائين واٽ‘ جا راهي ٿياسون ته سفر جي ڪيترين ’منزلن‘ کي ’قلمبند‘ ڪرڻ اسان لاءِ آسان نه هو، جو هيءَ واٽ سُواٽ نه هئي، ’ور ور تي واسينگ‘ موجود هئا، ۽ مُون لاءِ ممڪن نه هو، ته سفر جون سموريون وارتائون قلمبند ڪري سگهان. آءٌ جيل ۾ به رهيس، 1981ع جو سال هو، جيل ۾ مون باقاعدي ڊائري لکي ۽ وڏين مشڪلن سان، پنو پنو باحفاظت ٻاهر موڪليو هو، پر اُها ڊائري، مسواڙي گهرن مٽائيندي، ]چوندا آهن ته ٻلي ’ست گهر‘ مٽائيندي آهي، پر آءٌ هن وقت تائين چوڏهن گهر بدلائي چڪو آهيان[، ڪٿي گم ٿي وئي يا ناياب رسالن ۽ ڪتابن سان گڏ اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي وئي. تازو منير شاهه ذاڪريءَ جي اُن حجري واري اڱڻ ۾، ]جتي ’ڏکين گهڙين‘ ۾ آريسر ۽ آصف بالادي به اچي رهندا هئا، ۽ ’سيد جي سائيڪلو اسٽائيل مشين‘ تان تيار ٿيل مواد به اچي ٿَمائبو هو[، جڏهن نوجوان شاعر سائل پيرزادي جي ڪوتا- ڪتاب ’پکي پرڏيهه جا پنڇي‘ جي اڀياسي ويهڪ ٿي هئي، ته سيد منير شاهه مون کي منهنجا اُهي طويل ۽ مختصر خط ]اندازاً سؤ سوا صفحا[ ڏيکاريا هئا، جيڪي مون کيس جيل مان لکيا هئا، جن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن- آريسر، رسول بخش ٿيٻي، دودي مهيري، گل محمد دل، حفيظ قريشي ۽ ٻين کي ضياء شاهيءَ دوران لڳل ڪوڙن جو تفصيل به موجود هو. ياد رهي ته عبدالواحد آريسر، سنڌ توڙي پوري پاڪستان جو اهو واحد سياستدان هو، جنهن کي اُن زماني ۾ 10 ڪوڙا لڳا هئا، ۽ جلاد حڪمدادَ، جڏهن هن گُلن جي مُکڙين کان به نفيس شخصَ کي، سڄي رات تيلَ ۾ ڀنل چمڙي جا ڪوڙا هڻڻ شروع ڪيا هئا ته ستين ڪوڙي تي، سندس ڪوڙو ٽٽي پيو هو. حڪمداد جا ڪوڙا، سينٽرل جيل ۾ مشهور هوندا هئا، وڏا وڏا ڌاڙيل هڪ هڪ ڪوڙي تي ’الاڙي! بابا ڙي‘ جون دانهون ڪندا هئا. سانگهڙ جي هڪڙي هاٿيءَ جهڙي جسامت رکندڙ ڌاڙيل ’علي محمد ڏاهريءَ‘ کي جڏهن ڪوڙا لڳا هئا ته هن جون رڙيون اسان ’ڦاسي گهاٽ واري بئرڪ‘ ]جنهن ۾ اسان واڙيل هئاسون[ ۾ ٻُڌيون هيون. پر آريسرَ، دودي ۽ حفيظ قريشيءَ، ڪؤڙن لڳڻ ۽ ٽِڪٽڪيءَ تان لهڻ بعد ماتر ڀوميءَ کي جهُڪي سجدو ڪيو هو. هنن نِٻل انسانن ۾ اها ’سگهه‘
ڪٿان آئي، جو هنن کِلندي ڪوڙا کاڌا، ۽ ’وردي پوش سفاڪن‘ کي اهو چوڻ تي مجبور ڪيو ته: ”هي ته جهڙا بنگالي، جيڪي ٽڪٽڪين تان لهڻ وقت ائين ڌرتيءَ کي چُمندا هئا، جيئن هي سنڌي چُمي ۽ سجدو ڪري رهيا آهن.“
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان،
                                                                   مٽي ماٿي لايان!
***
اُنهيءَ دور ۾ آءٌ، دودو ۽ حفيظ قريشي، سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ هئاسون ۽ آريسر صاحب ۽ ٻيا دوست نارا جيل ۾ بند هئا. مون کي به هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ملي هئي، پر سمري ملٽري ڪورٽ جي سربراهه ميجر لسڪاڻيءَ، منهنجا ڪوڙا، ڊي. ايم. ايل. اي حيدرآباد سان ڪلاڪ کن جي مٿاڪٽ بعد معاف ڪرايا هئا ]ڇو ته ميجر جو چوڻ هو ته مون کي سزا ڏيندي، سندس ’ضمير مطمئن نه هو‘، پر سزا ڏيڻ لاءِ هو مجبور هو، جو مٿان جو اهڙو حڪم هو[. ميجر ’سرائيڪي ديس‘ جو هو ۽ کيس
’اُستاد‘ لفظ لاءِ وڏو احترام هو ۽ سمورن قيدين ۾ واحد آءٌ ’استاد‘ هئس ۽ آريسر واحد سياستدان هو، باقي سڀ گهڻو ڪري شاگرد هئا. مون کي ڪوڙا ته نه لڳا هئا، پر لطيف آباد نمبر 8 جي مين ٿاڻي تي، آءِ. بي جي سربراهه آغا سڪندر پٺاڻَ، ايف. آءِ. يُو جي سربراهه، انسپيڪٽر پوليس خليل باجوا ۽ ٻين جي موجودگيءَ ۾، مون کي الف ننگو ڪري، هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي، ديوار ۾ لڳل ڪِلين ۾ ٻانهن ڀر ٽنگي، ڏيڍ سؤ ’سچ پُترا‘ هڻايا هئا. ابتدائي ڏهن ’سچ پترن‘ تائين ته سخت ايذاءَ ۽ سُور جو احساس ٿيو هو، پر پوءِ چُتڙن جي چمڙي ڄڻ ته سُن ٿي وئي هئي، ۽ مون کي احساس ئي نه رهيو ته ڪو مون کي ’سچ پترا‘ به لڳي رهيا آهن. مُون، جنهن ڪڏهن به ڪنهن اُستاد جو هٿ تي ’رول‘ به نه کاڌو هو ۽ نه بابا ڪڏهن مون کي ڪا ڳل تي چماٽ هنئي هئي، اُن ڪمزور ماڻهوءَ، ڪيئن هيڏو ٽارچر برداشت ڪيو؟ آءٌ حيران آهيان. هڪ گهڙيءَ ته آءٌ ذري گهٽ حوصلو هاري ويٺو هئس، جڏهن هنن هڪ ناٽڪ رچايو هو. ٿيندو ائين آهي ته ٽارچر سيلن ۾، مار موچڙي کان اڳ، هر قيديءَ کان مڪمل معلومات ورتي ويندي آهي، جنهن ۾ والدين، ڀائرن ۽ ڀينرن جا تفصيل، روزگار ۽ ملڪيت جا انگ اکر وغيره شامل هوندا آهن. اها معلومات ڏيندي ڪوڙ ڳالهائڻ ممڪن نه هوندو آهي، ڇو ته اها خبر کين ٻين ذريعن سان به پئجي ويندي آهي. مون کي پهرين ته ڊيڄاريو ويو ته مون سان ڪامريڊ ’نذير عباسيءَ‘ وارو سلوڪ ڪيو ويندو؛ هيليڪاپٽر ۾ ٻڌي فضا ۾ ڦيرايو ويندو وغيره وغيره. جڏهن اهي ڌمڪيون، ڊپُ ۽ داٻا مون تي ڪو اثر نه ڪري سگهيا ته هنن هڪ نئون ناٽڪ رچايو. لطيف آباد ٿاڻي جي ’ٽارچر سيل‘ جي دروازي تي اوچتو هڪ ڊاٽسن اچي بيٺي ۽ اُن  جي زور سان بيهڻ جا گهرڙاٽ ٻُڌڻ ۾ آيا ۽ ڪنهن عورت جون رڙيون ڪنن تائين اچي پهتيون:
”مون کي ڇڏيو، مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو، مون کي اگهاڙو ڇو ٿا ڪريو! گهوڙا ڙي! بابا ڙي!“
-آءٌ الف ننگو، هٿڪڙين سان ڀتِ ۾ ٻڌو بيٺو هئس ته ٻه سپاهي سهڪندي سهڪندي اندرداخل ٿيا: ”سائين تاج جويي جي ڀيڻ زيب النساء کي ڏوڪريءَ مان وٺي آيا آهيون، کيس ٻاهر ننگو ڪري بيهاريو اٿئون، وڌيڪ جيڪو حڪم ٿئي!“ آغا سڪندرَ ۽ انسپيڪٽر باجوا، مون کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون ڏيندي چيو ته: ”سوئر جا پُٽ! هاڻي سڀ سچيون ڪندين، ڀيڻهين کي اگهاڙو ڪري تنهنجي آڏو ليٽايون ٿا، ڏسون ته ڪيئن نه ٿو ڀيڻ کي .......!“ منهنجا لڱَ ساهُه ڇڏي ويا، ’ايمان‘ مهمانُ ٿيڻ وارو ئي هو ته: اوچتو سائين جي. ايم. سيد ۽ آريسر صاحب جا چهرا منهنجي اکين آڏو زنده صورت ۾ اچي بيٺا- ۽ مون ۾ خبر ناهي ڪيئن سگهه ۽ همت موٽي آئي ۽ مون کين گار ڏئي چيو: ”حرامزادو! هاڻ ته حد ٿي وئي، پر ياد رکو! مون تي جيڪو به وڻيوَ تشدد ڪريو، جيڪي به وڻيوَ ناٽڪ رچايو، پر ايترو تشدد ڪجو، جيترو سڀاڻي اوهان به برداشت ڪري سگهو!“ پوءِ مون کي ٿڦڙن، جُوتن ۽ ٿُڏن سان ايترو ته ڪُٽيو ويو، جو آءٌ بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش ۾ آيس ته مون پاڻ کي لطيف آباد ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ ڏٺو، جتي مون سان گڏ واڙيل بالو قمبراڻي ]ٽندي باگي جو ڪائونسلر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد[ ۽ ڇوٽو نالي هڪ پٺاڻ ڇوڪرو ]جيڪو بشنگيريءَ جي الزام ۾ ٻڌجي آيو هو[ مون کي زور ڏئي رهيا هئا ۽ مون کي ليٽائي، گرم پاڻيءَ سان ڀريل شيشي سان منهنجن چُتڙن جي ٽاڪور ڪري رهيا هئا. ڇوٽوءَ اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي مون کي چيو: "سر جی! سچ پُترے تو مجھے لگنے چاہئیں، آپ تو اُستاد ہیں، ان بیغیرتوں کو آپ کو کوڑے لگاتے شرم نہیں آئی". هن معصوم نينگرَ جي اُنهن همدرديءَ ڀريل لفظن، مون کان سچ پترن جو سُور ۽ ايذاءُ وسارائي ڇڏيو ۽ منهنجي اکين مان شڪرگذاريءَ جا ڳوڙها ٽپڪي، لاڪ اپ جي فرش تي ڪري، اُن ۾ جذب ٿي ويا.
آريسر صاحب 1992ع واري آرمي ٽارچر جو داستان پنهنجي ڪتاب ”اسان جيئن جيئي ڪو“ ۾ بيان ڪندي لکيو آهي ته:
”تشدد جي مرحلن ۾ مون تي سنڌ جي محبت ڏاڍي مهرباني ڪئي.    سچ  پچ آءٌ سنڌ جي اُن ساٿ جو ٿورائتو آهيان، نه ته مون جهڙو ڪمزور ماڻهو ايتري عذاب مان گذري نه سگهي ها. پر سنڌ جي محبت هُئي، سو اُن اهڙو ڪم ڪري ڏيکاريو، جو بقول اياز:
آئي تنهنجي سار ته سپرين،
سوريءَ کي آسان ڪري وئي.“
 آريسر صاحب جو عشق ’فنا في السنڌ‘ جي مقام تي پهتل هو، پر آءٌ اڃا تصوف جي طريقت واري منزل ’فنافي الشيخ‘ يعني ’فنا في الآريسر‘
۽ ’فنا في السيد‘ واري منزل تائين مس پهتو هئس.
***
لاڪ اپ واري دور ۾، مون ’دنيا کی انقلابی عورتيں‘ ڪتاب پڙهيو هو ]جيڪو ڪتاب بعد ۾ مون سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ اڳتي هلي ان ڪتاب جا مختلف ادارن ڪيترائي ڇاپا شايع ڪيا هئا[، جنهن ۾ ويٽنام جي هڪ بهادر نياڻي ۽ انقلابي نينگريءَ ’نگوين ٿي چائو‘ جي ڪٿا بيان ڪيل هئي، جنهن کي ايذاءَ رسانيءَ جي تهه خاني ۾ واڙيو ويو  هو ۽ مٿس طرح طرح جو تشدد ڪيو ويو هو. کيس هڪ بينچ سان ٻڌي، سندس وات پٽي، لوهه جو هڪ ٽُڪر سندس ڏندن ۾ ڦاسايو ويندو هو ته جيئن هوءَ وات بند نه ڪري سگهي- ۽ صابڻ جو ڳارُ سندس پيٽ ۾ اوتيو ويندو هو. جڏهن صابڻ جو ڳار ڏوگهيندي هن جو پيٽ ڦوڪجي ويندو هو ته سندس پيٽ تي فوجي ڪتا چڙهي، اُن کي زور سان دٻائيندا هئا ۽ پاڻي گڙ گڙ ڪري ڦوهاري جيان هن جي مُنهن مان نڪرندو هو- پوءِ به سندس واتان هڪ ئي جواب نڪرندو هو: ”مون کي ڪابه خبر ناهي“. اُن بعد هن جي جسم کي بجليءَ جي اگهاڙين تارن سان ڇُهيو ويو، ۽ کيس بجليءَ جا تيز جهٽڪا ڏنا ويا ۽ اُهو عمل هڪ مهيني تائين روزانو دُهرايو ويو. ان کان پوءِ سندن ننهن ۾ سُيون چُڀايون ويون، کيس قسمين قسمين عذاب ڏنا ويا. سُور جي شدت کان ڦٿڪندي، هوءَ بيهوش ٿي ويندي هئي. موت کي ويجهو ڏسي، جسم جي سگهه گڏ ڪري، هوءَ پاڻ کي ڀت جي سهاري بيهاري، وارن جي پِن سان جسم مان رت ڪڍي، ديوار تي شعر لکندي هئي:
منهنجو ڳاٽ اوچو رهندو،
اڏول پهاڙ جيان اوچو!
اُهو ڪڏهن به نه جهڪندو!
منهنجا ڪپڙا رت ٻڏل آهن،
پر اُنهن هيٺان منهنجي دِل،
ساڳيءَ ريت پاڪ ۽ صاف آهي!
هوءَ مسلسل عذاب جو تاب نه سهي، وحشي فوجين کي جنسي گاريون ڏيندي هئي ۽ چوندي هئي ته: ”توهان جانورن کان به پري آهيو!“ هڪ ڏينهن هن جا هٿ پير ٻڌي، ڏهه ٻارهن وحشي کيس ڪُٽڻ ۽ مارڻ لڳا. کيس ايڏا ته ٿُڏا هنيا ويا، جو هن جا ننهن ڇِڄي پيا ۽ ڏند اُلڙي پيا....
جنهن کان پوءِ هن کي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جڏهن هڪ جيل ۾ ڪنهن کانئس سوال ڪيو ته: ”تو ايڏو تشدد ڪيئن برداشت ڪيو؟“ ته هن جو جواب هو ته: ”تشدد جي گهڙين ۾، منهنجي اکين آڏو منهنجي قومي رهنما ’هو چي منهه‘ جو مُهانڊو اُڀري ايندو هو ۽ هو بلڪل منهنجي ڀرسان بيهي، اٿاهه پاٻوهه مان ڏسي، مون کي چوندو هو: ”حوصلو! منهنجي ڌيءَ، پنهنجو ڳاٽ هميشه اوچو رک!“
***
-ته ائين هن سنڌ جي قومي سفر ۾ آريسر ۽ سندس ساٿين، آمريڪي وحشين ۽ نازي درندن جي حقيقي وارثن جا عذاب سٺا ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته: ”ماڻهوءَ جو ذهن ناقابلِ فتح آهي.... نصب العين ئي ماڻهوءَ کي اڏول ٿو رکي!“
***
عبدالواحد آريسر جي طبيعت ۾ ’آسمان ۽ زمين واريون خوبيون‘ هيون. وطن سنڌ جي دشمنن آڏو هو آسمان وانگر بلند هوندو هو، اوچو ۽ ناقابلِ تسخير- پر عام ماڻهن ۽ ڪارڪنن سان هن جو رويو، زمين جهڙو نهٺو ۽ نماڻو هوندو هو، ڀلي پيا لتاڙيوس- هو سهپ ۽ برداشت جو پيڪر هو. هن کي ڌارين جي الزامن ۽ تشدد ڪڏهن به هيڻو نه ڪيو، پر کيس پنهنجن جا ويڻ جهوري وجهندا هئا.
***
جڏهن آريسر صاحب جا ڪجهه ويجها ساٿي، فريدالدين عطار جي تصوراتي ’سيمرغ‘ جي تلاش دوران سَهنجن، لالچن ۽ مفادن جي ’سبزوادين‘
ڏانهن هليا ويا ۽ هن جي مرد دوستن ڄام صادق عليءَ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ عورت ساٿين ’ماتا هري‘ بنجڻ جي ڪوشش ڪئي، اُن ڏکئي وقت ۾ آءٌ، سندس چند سچن دوستن سان گڏ ساڻس هئس. مون هن کي اڪيلو نه ڇڏيو. هو مون کي پنهنجو ’ادبي استاد‘ سڏيندو هو، جڏهن ته سندس ادبي تخليقن آڏو منهنجون تحريرون ڦڪيون، ٻُسيون ۽ نصابي لڳنديون هيون. اِهو سچ آهي ته مون سندس اڪثر ڪتابَ اُتاريا هئا، انهن جون پئرائون ۽ ڪٿي ڪٿي يادگيريءَ جي بنياد تي لکيل ’حوالا‘ يا اڻپورا لکيل شعر مڪمل ڪيا هئا.
سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ساٿي، حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجو ’سياسي استاد‘ سڏيندو هو ۽ حشوءَ کيس 1965ع ۾ هڪ خط ۾ لکيو هو ته: ”آءٌ توهان جو ’ادبي استاد‘ ٿي سگهان ٿو، پر ’سياسي استاد‘ نه!“
اِئين مون آريسر کي هميشه پنهنجو ’سياسي استاد‘ سمجهيو ۽ هو مون کي ’ادبي استاد‘ سڏيندو رهيو- جڏهن ته سچ اهو آهي ته هو منهنجو
’سياسي استاد‘ به هو ته ’ادبي استاد‘ به. اِهو آريسر جو مون سان پيارُ هو، جو مون کي پنهنجو ’ادبي استاد‘ سڏيندو هو- آريسر ڪون سڏائي!
هُئان هوتَ پنهونءَ سين، مون جِئن ملاقات،
ٻانهن وجهي واتِ، هوند رڻن ۾ ريهون ڪِئان!
        (شاهه)
***
آريسر صاحب، جن نوجوان شاعرن کي هميشه پيار ڪيو، تن ۾ اياز گل، مختيار ملڪ، مظهر لغاري، زبير سومرو ۽ ٻيا ڪيترا شامل هئا.
’وائوڙيءَ جي واٽن‘ تي جڏهن پورنماس جو چنڊُ، آريسر جي مرقد کي چُمي ڏئي رهيو هو ته منهنجي ’اندر جي ڪنن‘ ٻُڌو پئي ته آريسرُ، نماڻي سنڌيءَ جو هي غزل جهونگاري رهيو هو:
اوهان جي اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي،
اسان جي ته هاڻي وڃڻ وير ٿي وئي.
***
مون کان ڪنهن پُڇيو ته: ”آريسر جي تڏي تي شاهه محمد شاهه، سيد غلام شاهه، پير خليل جان، قادر مگسي، رسول بخش پليجو، صنعان قريشي ۽ اياز لطيف پليجو آيا هئا؟“
مون کيس جواب ڏنو هو ته: ”سائين جي. ايم. سيد جو موڀي پٽ سيد امير حيدر شاهه، امداد محمد شاهه جا لائق پُٽ: سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد ضياءَ شاهه، سائين جي. ايم. سيد جو پڙپوٽو منير حيدر شاهه، مولا بخش لغاري، ڊاڪٽر خادم لاکير ۽ دودو مهيري آيا هئا!“
***
 مون 6 سيپٽمبر 2014ع تي رٽائرڪيو هو، ۽ اُن ڏينهن کان ٻيهر روزانو ڊائري لکڻ شروع ڪئي هئم. 3 مئي 2015ع تي منهنجي دل گهر ئي دوست عبدالواحد آريسر لاڏاڻو ڪيو، اڄ 28 مئي آهي، مون ڊائري نه لکي آهي. اُهي درد جون الائي ڪهڙيون ڪيفيتون آهن، جو رُنو ته ڏاڍو آهيان، پر پنهنجي يارَ بابت ڪجهه به لکي نه سگهيو آهيان. لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته لُڙڪ قلم تي ڪريو پون ٿا ۽ اکين آڏو ڌنڌ ڇانئجيو وڃي:
وڌو مَ وڻاهَه، اُونچا ڏونگر مَ ٿئو،
ٽِمو مَ نيڻاهَه، ته پيرُ نهاريان پِرينءَ جو!
   (شاهه)
آريسر صاحب تي هي تاثراتي مضمونن جو ڪتاب، ’هو، جيڪو سراپا عشق هو‘ سهيڙيندي ۽ اُن جو مهاڳ لکندي به پنهنجي ڪٿا لِکي ويٺو آهيان. شايد مون تي ’تو من شُدي، من تو شدي‘ ]’تُون‘، ’مان‘ آهيان، ’مان‘، ’تون‘ آهين[ واري ڪيفيت غالب ٿي وئي آهي!
هو عاشق هو، فطرت جو عاشق، ٿر جو عاشق، جتي فطرت پنهنجن ستن ئي رنگن سان موجود هوندي آهي؛ سيد جو عاشق، جنهن کيس فطرت ۽ سنڌ سان عشق سيکاريو. هو سنڌ جو عاشق هو، سنڌ جي آزاد ۽ حسين مستقبل جو عاشق هو ۽ عاشق هميشه زنده هوندا آهن، امر هوندا آهن.
ہرگز نہ ميرد آنکہ دلش زنده شد بہ عشق
ثبت است برجريدهء عالمِ دوام ما!
]اُهو هرگز نه مرندو، جنهن جي دل عشق زنده ڪئي آهي،
۽ عالم جي ڪتاب ۾ اسان جو دوام لکيل آهي[
***
آريسرَ سان مُنهنجو نينهَن جو ناتو هو، سنڌ جو ناتو هو، ۽ اُن ناتي جو جوڙڻهار سائين جي. ايم. سيد هو، جيڪو اسان ٻنهي جو رهبر هو، سُونهون هو!
ڪو جو اُٺو مينهُن، آريءَ جي اُڪيرَ جو،
ٻـاروچـاڻو نـيـنـهُن، مـنـان مــاٺـو نـه ٿـئـي،
-
جيڏيون! ڏسو ڪيَچُ، جو ڏيهه ٻاروچن جو،
پُـنـهـونءَ وڌم پــيــچُ، نسورو ئي نينهن جو!
          (شاهه)
 تاج جويو

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 729
Kitab Jo Nalo : HOO, JO SARAPA ISHQ HO

Compiled & Edited By: Taj Joyo

Firth Edition © Roshni 2015
Pages : 360
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.400.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG