KEEAN RAHAN JALAWATAN (Peotry)






























ڪائنات وڌو جيڪي ڪشڪول ۾...

پنهنجي شاعري ۾ ان جي محرڪن تي شاعر پاران لکڻ هڪ بي سبب ڳالهه آهي. هون به خود شاعري پاڻ پنهنجي شاعر جي دردن، اڌمن ۽ خيالن جو موثر اظهار آهي.
ڪنهن شاعر لاءِ هروڀرو اهو به ضروري ناهي ته ساڳئي وقت دانشور به هجي. خود شاعري به فلسفي کان جدا شي آهي جنهن جا پنهنجا متظق ۽ دليل آهن.
منهنجي شاعري تي منهنجي ڪابه. ذهني مالڪي ناهي منهنجي شاعري انهن سڀني جي ۽ انهن سڀني لاءِ آهي، جيڪي مون سان سياسي ۽ نظرياتي طرح مختلف هوندي منهنجي شاعري کي پنهنجو ٿا ڀائين ۽ ان ۾ پنهنجو درد ٿا ڳولين. جيئن هر مٺي آبشار تي هر پيئندڙ جو حق ٿئي ٿو.
جيئن هر تخليق ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجي دؤر ۽ ان دؤر جي ڪک مان جنم وٺندڙ سماجي ۽ فڪري محرڪن ڏانهن جوابدار رهي ٿي، ساڳي ريت منهنجي شاعري کي آئون جوابدار سمجهان ٿو پنهنجي ديس، ديس جي ماڻهن ۽ پنهنجي دؤر جي عالمي تاريخ ڏانهن. منهنجو ايمان آهي جيڪا تخليق ظلم ۽ ڏاڍائي سان نفرت ڪرڻ جي روش کان وانجهي آهي، اها ڪڏهن به هيڻي سان محبت ۽ ڪمزور جو ڀرجهلو ۽ طرفدار نٿي ٿي سگهي.
جيئن هر شاعر کي اظهار لاءِ ڪا خاص صنف ۽ ٽيڪنڪ وڌيڪ اپيل ڪندي آهي، تيئن مون کي به آزاد نظم وڌيڪ وڻندو آهي. ڇو ته شاعري نالو ئي اظهار جي هڪ مخصوص رويئي جو آهي ۽ اظهار جي جيڪا Relexation آزاد نظم ۾ رهي ٿي اها شاعري جي ٻي ڪنهن به پابند صنف ۾ گهُٽيل ۽ ٻوساٽيل رهجيو ٿي وڃي.
بقول ڪنول لهاڻي جي:
جيڪڏهين خيال ڪو مجروح ٿئي،
رديف ته ڇا، ڪافيا به ڀڃي سگهجن ٿا.
ساڳئي وقت ٻين نثري صنفن جي ابتڙ شاعري جو تاجي پيٽو صرف پنهنجي ڌرتي، ڪلچر ۽ ٻولي جي سرچشمن مان جنم ٿو وٺي، سو جيڪو به نظم يا شاعري پنهنجي ٻولي جي مٺاس، ڌرتي ۽ ڪلچر جي رس دار سرچشمن کان پالهو رهي ٿي سو ٻيو ته سڀ ٿي سگهي ٿو پر شاعري نه.
آخر ۾ آئون انهن سڀني دوستن جو دلي طرح ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب کي توهان جي هٿن تائين پهچائڻ لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪئي خصوصن ڊاڪٽر سارنگ ميمڻ، جنهن هن سڄي مواد کي سهيڙيو ۽ منهنجي شاعرانه سُستي تي وقت به وقت تنقيد ڪندو رهيو. عبدالحميد جوڻيجو جنهن ڪتاب کي پبلشنگ جي خوبصورتيءَ سان نوازيو، ڀاءُ خالد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر ايوب جروار، جن جي محبت ڀرئي اصرار ڪتاب ڇپرائڻ جي ڪم کي اڳتي کنيو ۽ مفيد مشورن لاءِ جناب نثار حسيني صاحب جو ۽ آخر ۾ دلي طرح ٿورائتو آهيان محترم مهربان جناب عبدالغفور ڪريمي صاحب جو جيڪو پنهنجو خلوص عنايت نه ڪري ها، ته جيڪر هي ڪتاب وقت سر توهان تائين نه پهچي سگهي ها.

آڪاش انصاري

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 714
Kitab Jo Nalo : KEEAN RAHAN JALAWATAN (Peotry)

Poet: Aakash Ansari

Sixth Edition © Roshni 2015
Pages : 175
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.250.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG