WAHI KHATAY JA PANNA ( Autobiography )





































وهي کاتي جا پنا سنڌي ادب جي هڪ منفرد، بلڪه مان چوندس ته UNIQUE آتم ڪٿا آهي، جنهن جو مثال ملڻ محال آهي. آتم ڪٿا هڪ فن آهي بلڪ ڏکيو فن آهي، جنهن جي حدن جي تعين ڪرڻ، ڪا سوکي ڳالهه ناهي. ليکڪ جي پنهنجي احساسن ،تجربن، مشاهدن جو پوتا ميل آهي. هر آتم ڪٿا جي ليکڪ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿو ٿي پوي ته هو ڇا لکي ؟۽ ڇا نه لکي؟ڇا ٻڌائي ؟۽ ڇا نه ٻڌائي؟ گهريلو مجبوريون، سماجي مجبوريون مٽيون مائٽيون ،دوستيون ،ياريون ڪٿي بندُ ٻڌي؟ ۽ ڪٿي لوڙهي ڇڏي؟ته ڪٿي ڇوڙ ڪري؟ ڪٿي ڇڙواڳ ٿئي ؟۽ ڪٿي پابند؟ پر صنف ۽ فن جي تقاضا آهي ته سچ هجي ۽ سچ لکي.
سوانح نگاري تاريخ جي هڪ شاخ آهي، پر ڪن خاصيتن سببان ان کي ادب جي هڪ صنف جي باقائده حيثيت حاصل ٿي وئي آهي. هاڻي سوانح فقط انسان جي پيدائش ،ڪٽنب،تعليم، زندگيءَ جي مسئلن ۽ گذاري وڃڻ کي بيان ڪرڻ ئي ناهي، بلڪه ڪنهن شخص جي ظاهر ۽ باطن، اٿڻي ويهڻي، عادتن، اخلاق ۽ معاشرت، وراثت ۽ نفسياتي ڪيفيتن ۽ سندس حياتي جي لاهن چاڙهن جو داستان بڻجي وئي آهي. هاڻي سوانح نگاريءَ لاءِ اهي سڀئي ڳالهيو ن دلچسپيءَ جو باعث آهن، جن سان شخصيت جي اڏاوت، ۽ هڪ مڪمل چٽ چٽڻ ۾ مدد ملي ٿي، ان ۾ سطحي واقعن ۽ ظاهري حالت بيان ڪرڻ کان وڌيڪ اندر جي اڌمن، نفسياتي ڇڪتاڻ،ذهني ارتقا، لاڙن، خوبين ۽ خامين کي ڏيکارڻ مقصد هوندو آهي، ته جيئن هڪ واضع چٽ پڙهندڙ اڳيان اڀري اچي.
هاڻي انسان کي فقط نيڪي ۽ شرافت جو مجسمو يا وڏماڻهپائي ۽ بدڪار ظاهر ڪرڻ مدي خارج ٿي چڪو آهي.هاڻي زندگي جي رمزن کي واضع ڪرڻ ۾ جديد سماجي علمن کان مدد ورتي وڃي ٿي، فقط واقعن کي ترتيب سان بيان ڪرڻ، فني اعتبار کان ڪافي نٿو سمجهيو وڃي ، بلڪه واقعن جي چونڊ ۽ معمولي ڳالهين تائين پهچڻ ضروري ٿي ويو آهي.
بيان جي اظهار ۾ هڪ مخصوص سگهڙائپ ۽ واقعن جي تدوين ۽ ترتيب جو حسن، اهم ۽ بنيادي عنصر آهن.
زندگي جي اٺين ڏهاڪي جي عمر واري نوجوان جي يادگيرين ۽ انهن کي موهيندڙ انداز ۾ باريڪ بيني سان بيان ڪرڻ تي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ سندس صحت اجازت نه ڏيندي هئي ،تنهن هوندي به دوستن جي زور ڀرڻ تي لکندو رهندو هو، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي اڇن ڪارڻ، توڙي هند ۽ سنڌ جي تاريخ جي انهن تاريڪ گوشن کي سنڌ جي پڙهندڙن تائين پهچائيندو رهيو جن کي پڙهي گهڻن جي من ۾ لکڻ ته ڪن جي من ۾ آتم ڪٿا لکڻ جي خواهش ڪر کڻندي آهي. ڪن مهربانن اِهو لکيو ته لڇمڻ کي اهي ڪوڙ ۽ گشا نه لکڻ گهرجن، ڪن کيس لڇو لٻاڙي جو لقب ڏنو، هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ظرف آهي، ڪنهن تي معيار ڪونهي.
سنڌي ٻولي ۾ مرزا قليچ بيگ ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ڊاڪٽر دائود پوٽي ،”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب “ لکي سنڌي ٻولي ۾ آتم ڪهاڻين جي عمارت جي هڪ سگهاري پيڙه رکي آهي، جنهن تي ڪيترا عالم ،اديب ۽ ٻيا عمارت کڙي ڪندا. ان جي شروعات لڇمڻ ڪومل ڪئي آهي. لڇمڻ هڪ سلجهيل ۽ تجربيڪار رازو آهي، جيڪو نه فقط عمارت سازي جي فن جو ڄاڻو آهي، بلڪ چٽسالي جي فن جو پڻ ماهر آهي، هن زندگي جا جيڪي جيئرا جاڳندا نقش چٽيا آهن سي پڙهندڙن لاءِ لڳاتار دلچسپيءَ جو سامان مهيا ڪن ٿا.
لڇمڻ وٽ سندس زندگيءِ جي وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ واقعن جو هڪ نه کٽندڙ ڀنڊار آهي، جنهن مان هر واقعو، پنهنجي اندر ۾ هڪ ڪشش رکي ٿو، بلڪ ايئن چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته هن وٽ واقعن جو هڪ گهاٽو ٻيلو آهي، جنهن مان واقعن جي چونڊ ڪرڻ شايد لڇمڻ لاءِ به ڏکيو ٿيندو هوندو، ته ڪهڙو واقعو بيان ڪري ۽ ڪهڙي کي ڇڏي ڏيئي .پهرين ٽن جلدن کي پڙهڻ سان ان احساس کي هٿي به ملي ٿي.
آتم ڪهاڻيءَ جي وصف موجب، جيڪا انسائڪلو پيڊئا برٽانيڪا ۾ ڏنل آهي.”آتم ڪهاڻيءَ جو سوانح نگاريءَ سان گهرو تعلق آهي ، اها ڪنهن فرد يا شخص جي حياتيءَ جي واقعن تي ٻڌل هوندي آهي، جيڪا هو پاڻ لکي ٿو، ان ڪري اها مڪمل نه هوندي آهي.“
مٿين وصف موجب” وهي کاتي جا پنا “ هميشه اڻ پورا رهندا، ڀلي لڇمڻ لکي لکي ٿڪجي ڇو نه پوي ها!
” وهي کاتي جا پنا“ جي جيڪا بنيادي خوبي آهي سا ان جو افسانوي انداز بيان آهي، جيتوڻيڪ لڇمڻ بنيادي طور تي شاعر آهي، پر هن پنهنجي آتم ڪٿا جي واقعن کي افسانوي رنگ ۾ پيش ڪري ان ۾ فنڪاراڻو حسن پيدا ڪيو آهي ۽ ڪن مرحلن تي پنهنجي ذات کي ڌار ڪري افسانوي ڪردارن ذريعي پنهنجي زندگيءَ جو احوال پيش ڪيو اٿس.
هن اهڙن افسانوي واقعن کي بيان ڪندي مثالي منظر نگاريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، جن کي پڙهندي ، پڙهندڙ جو تجسس نه فقط وڌي ٿو، بلڪه هڪ تعجب ۽ معنيٰ خيز ماحول به جنم وٺي ٿو.
ايڪهٺين پني جي شروعات ڪجهه هن ريت ڪئي اٿس :
بمبئي جي امير ترين علاقي پيڊرو روڊ تي لتا منگيشڪر جي گهر ”پرڀو ڪُنج “جي سامهون پراڻي طرز جي وسيع عمارت آهي،جنهن تي سالن کان ڪو رنگ روغن ٿيل نه آهي. ان بلڊنگ جي چوٿين ماڙيءَ جي هڪ فليٽ ۾ هندستان جي عالمي شهرت واري ستار نواز پنڊت روي شنڪر جي پهرين پتني انپورڻا گذريل پنجاه سالن کان به وڌيڪ عرصي کان اتي اڪيلي رهندي آهي. فليٽ جي در جي ٻاهران پراڻي سيمينٽ جا چاپوڙا لڳل آهن، ۽ ان مٿا ڪاري تختي لڳل آهي، جنهن تي هن قسم جون هدايتون چنباڙيل آهن:
”در جي گهنٽي وڄائڻ کا پهرين ڄاڻي وٺو ته سومر ۽ وسپت ڏينهن ڪير به هي در نه کوليندو“
”ٻين ڏينهن تي به رڳو ٽي ڀيرا گهنٽي دٻايو، جي ڪو به جواب نه ملي ته ٻاهران رکيل پيتي ۾ پرزو ڇڏي وڃو. جنهن تي توهان جو نالو ۽اچڻ جو مقصد ڄاڻايل هجي تعاون لاءِ توهان جي مهرباني.“
آتم ڪهاڻي جو هڪ لازمي عنصر صداقت يا سچائي آهي، اها سچائي واقعن جي ترڪيب کان وٺي ان جي پيش ڪش تائين لازمي هوندي آهي، البت ان ۾ تخليقي رنگ ته ڀري سگهجي ٿو،ڪوڙ نه!
لڇمڻ جي آتم ڪٿا ۾ جنهن بيباڪي سان هن زندگيءَ جي حقيقتن کي بيان ڪيو آهي تنهن تي گهڻن کي شايد اعتراض به آهن، ۽ سندس چواڻي، جڏهين ڀاڄائي گوپيءَ تائين سندس اهي حقيقتون پهچن ٿيون ته ساڻس ڪهڙي جُٺ ٿئي ٿي، تنهن جو اندازو کيس چڱيءَ ريت هو، پر هاڻي لڇمڻ به پڪو ٿي ويو هو ، ۽ من موهيندڙکان مساج ڪرائي ڪٿا کي اڃا به دلچسپ ۽ حقيقت پسند بنائڻ ۾ رڌل رهيو.” وهي کاتي جا پنا “۾ موج ۽ مستي شايد ان مساج ۽ مالش جو ڪرشمو آهي.
جوش مليح آبادي پنهنجي آتم ڪٿا ”يادون ڪي بارات“ ۾ کليل لفظن ۾ اها ڳالهه چئي آهي ”ته مان معاشري جي هٿ ٺوڪين روايتن، ڪوڙ ۽ رياڪاريءَ تي عمل نه ڪندو آهيان، ۽ پنهنجي جلوت ۽ خلوت جي سڀني مشغلن کي سڀني آڏو بنا ڪنهن هٻڪ جي بيان ڪندو آهيان.“
لڇمڻ ڪومل ۾ هٻڪ نالي ڪا شيءَ موجود ڪونهي. هو زندگيءَ جي وهندڙ وهڪري کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي وهائڻ جو قائل هو، کيس رياڪاري کان واقفيت ڪانهي، نتيجي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي پڙهندڙ سندس ان تخليقي پورهئي کي فحاشيءَ جي زمري ۾ آڻين ٿا. ڀارت جهڙي سيڪيولر ملڪ ۾ جتي گهڻن ئي قسمن جو آزاديون حاصل آهن، ان قسم جا واقعا، سوچ ۽ فڪر، ڪا خاص اهميت ڪون ٿا رکن ، پر اسان جنهن ملڪ جا رهواسي آهيون، جتي منافقت جي بازار گرم آهي، ڪوڙ ۽ ڪروڌ جو دور دوران آهي، ۽ ڪو اهو ٻڌائڻ لاءِ به تيار ڪونهي ته هو ”پيئندڙ“ آهي، يقيناً انهن کي لڇمڻ جون ڪي ڳالهيون ڳريون لڳيو هونديون.هڪ ٻئي عالم جو خيال آهي ته، ”آتم ڪٿا نه تاريخ آهي نه وري ڪهاڻِي ، بلڪ ها تاريخ جي بيوقت سچائي ۽ ڪهاڻي جي غير حقيقي زندگيءَ جي وچ واري ڪاشيءَ آهي.“
مٿين راءِ جي روشني ۾ جيڪڏهن لڇمڻ جي آتم ڪٿا کي پرکجي ٿو ته ”وهي کاتي جا پنا “ هڪ مڪمل ۽ مستند تاريخ آهن، جنهن مان اسان ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائي گهڻو ڪجهه ڏسي سگهون ٿا: ورهاڱي وقت ٿيل ڏاڍ ڏمر، ڌرتي ڌڪاڻو ٿيڻ ! ۽ گهڻو ڪجهه اسان کي ان تاريخ ۽ افساني ۾ ملي ٿو.
حقيقت ۾ لڇمڻ ڪومل آتم ڪٿا جي رسمي ۽ روايتي فارم کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن وهي کاتي جي هر پني جي پڄاڻي سان نئين شروعات ڪئي آهي. سندس تجربا تاريخي طور تي بيان ٿيل ناهن، بلڪ اهي وقت سان گڏوگڏ بدلجندا رهن ٿا. وٽس ڪا ترتيب به ڪانهي. هو جيڪي من ۾ اچيس ٿو تنهن کي بيان ڪري ٿو .سندس اهو رويو ۽ انداز پڙهندڙ کي دلچسپي جو سامان مهيا ڪندو رهي ٿوءَ مان سمجهان ٿو ته ”وهي کاتي جا پنا “ سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙو مقام ماڻيو آهي جو ايندڙ نسلُ ان مان لاڀ پرائيندا رهندا.

پروفيسر محمد سليم ميمڻ

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 713
Kitab Jo Nalo : WAHI KHATAY JA PANNA ( Autobiography )

by: Lachman Komal

First Edition © Roshni 2015
Pages : 736
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.900.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG