DHARTI MAA’O ( Novel )






















هي ڪتاب ڌرتي ماءُ، زيب سنڌيءَ جو ترجمو ڪيل آهي. چنيگز اعتماتوف جو هي انقلابي ڪتاب ڪنهن به ريت پرل ايس بڪ جي ناول The Good Earth يا اروسڪن ڪالڊ ويل جي ناول This earth is mine کان گهٽ نه آهي، حالانڪ انهن کان پيجز ۾ تمام گهڻو ننڍو آهي. انقلابن جي دنيا جدوجهد جي دنيا ۽ ڏتڙيل غريب ۽ معاشري ۾ گهٽ پئسي يا بنهه غربت ۾ رهندڙ اربين انسانن جي زندگيءَ ۾ هر دم هر گهڙي جدوجهد جوئي احوال ملندو. ڀلي افريقي شيدين جا قصا هجن، جن کي زوريءَ غلام ڪري زنجيرن ۾ ٻڌي امريڪا جي بنيادن کي هنن جي رت ۽ هڏن تي قائم ڪيو ويو، جنهن جي نمائندگي جان اسٽين بيڪ جو ناول Grapes of wrath ۾ انڪل ٽامس ڪئبن ۽ How grean was my vellay جهڙا ڪئين عظيم ناول ملندا ته ٻئي طرف چين جي عظيم لانگ مارچ ۽ روس جي مزاحمتي ادب جا به اڻ ڳڻت ناول آهن، جن مان ڪي ته ترجمو ٿي انگريزي ٻولي ۽ اتان اردو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا پر اڃا به هڪ وڏو تعداد انساني جدوجهد ۽ ڏتڙيلن جي نوحن جو آهي، جيڪو پنهنجي ٻولين جي سرحدن ۾ ئي بند آهي. هي ننڍڙو ناول ’ڌرتي ماءُ‘، انهن مان هڪ لڳي ٿو، جنهن کي چونڊي زيب سنڌي پنهنجي ادبي پسند، انسان دوستي ۽ سچائيءَ سان پيار جو ثبوت ڏنو آهي.
هن ڪتاب جو ترجمو تُز سنڌيءَ ۾ نهايت روانيءَ سان ڪيل آهي، جيڪا هڪ اعليٰ ترجمه نگاريءَ جو مثال هئڻ گهرجي. ڪٿي ڪٿي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ ٿي ناول زيب جو ئي لکيل آهي، جو بعد ۾ هن جي نثري لکڻين، ناولن جي ٻوليءَ جو انداز به گهڻو تڻو اهڙو ئي آهي.
ناول جو شروعاتي پئراگراف ئي ترجمي جي خوبصورتي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
”ڏاڍو اڻ لَکي انداز سان مون کي ياد ٿو پوي ته، جڏهن مان ننڍڙي هيس ته لاباري جي وقت مون کي ٻار جي پاڇي ۾ وهاريو ويندو هو ۽ ڀرسان مانيءَ جو هڪ ٽڪر رکي ڇڏيو ويندو هو“
هن پئراگراف کي ڏسي ۽ ان کانپوءِ وارن حصن جي حسن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. هن ڪتاب جي ترجمي مان ڪي ٽڪرا ڏجن ٿا جيڪي ترجمي جي خوبين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
”جيتوڻيڪ مون وٽ ريشمي ڪپڙا نه هئا، پر وڏي ٿي مان ڏاڍي منهن مهانڊي واري ٿي پيس، مون کي پنهنجو پاڇو به ڏاڍو چڱو لڳندو هو.“
”پوءِ هڪ چانڊوڪي رات آئي، اهڙي سهائي رات وري شايد ڪڏهن به دنيا ۾ نه اچي.“
”انهيءَ سال قهر جي گرمي ٿي، اسان جي ساٿين مان ڪونه ڪو روز جنگ تي ويندو هو ۽ اسان جو ڪم وڌي ويندو هو. تکي اُس ۾ ڪم- رات جو لڪ لڳندي ڪم، لڳاتار ڪم.“
”انهيءَ ڏينهن کان مون سندرو کڻي ٻڌو ۽ ٽيم ليڊر جا فرض سنڀالي ورتم. اهو ڪم اڄ به سؤلو ناهي، پر ويڙهه جي ڏينهن ۾ اڃان اوکو هو.“
”اسان جي زندگيءَ جو ڍنگ بدلجي ويو، اسان کي بکيو رهڻ جي عادت پئجي وئي پر اسان ڪنهن نه ڪنهن نموني پنهنجو گڏيل فارم هلائيندا رهياسين.“
”اڄ به اها ريل ڪڙڪا ڪندي منهنجي دماغ مان لنگهندي آهي ۽ ڦيٿن جي کڙکڙ منهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي آهي.“
”هر ڳالهه جي هڪ محل هوندي آهي، ڪابه ڳالهه جيڪڏهن وقت سر چئي ٿي وڃي ته ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي. مهل کان پوءِ ان جو اثر ختم ٿي ويندو آهي، پر دل تي اڻ چيل لفظن جو ڳرو بار رهجي ويندو آهي.“
”پنهنجي پاڙيسرڻ عائشه سان مون جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو تاحيات نه وسرندو. عائشه جو مڙس جيڪو جنگ کان اڳ رضا ڪري چڪو هو ۽ هاڻي پنهنجي پٽ بيڪتاش کانسواءِ سندس ڪوبه نه هو.“
”مون کي بهار جي اُها مند سدائين ياد رهندي جڏهن اسان جي سوڀ ٿي ۽ جڏهن سڄي ڳوٺ مورچي تان موٽندڙن جي آجيان ڪئي.“
”اڄ جڏهن مان انهيءَ وقت بابت سوچيان ٿي، ته مون کي احساس ٿو ٿئي، ته جيڪڏهن سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجين نيڪ خواهشن ۾ انهيءَ نموني متحد ٿي وڃن، جيئن ان وقت اسان پنهنجي ڀائرن، ڀينرن ۽ مڙسن لاءِ گڏجي دعا گهري رهيا هئاسين، ته دنيا ۾ وري ڪڏهن جنگ جو ڀنڀٽ نه ٻري.
ٻار ڄمڻ جي موقعي تي چيل لفظن جو ترجمو، ”الله وڌائيس، وڏي ڄمار ماڻي. پٽ تنهنجا به لک لائق، تو مون کي اها چڱي خبر ٻڌائي.“
هي چند مثال ئي هن ڪتاب جي ترجمي جي خوبي ۽ ٻوليءَ جي تُز استعمال جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪافي آهن.
زيب سنڌيءَ جي هڪ سٺي مترجم هجڻ جو وڏو ثبوت سندس ڪتابن جي چونڊ به آهي. هن پنهنجي هڪ مخصوص پسند قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ انقلابي ۽ فڪري لکڻين کي هن سنڌيءَ ۾ منتقل ڪرڻ جو سوچيو آهي. ليليٰ خالد ۽ خليل جبران جا ترجما سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽيگور ۽ شرت چندر جي بنگالي لکڻين کان گهٽ ناهن، جن جديد سنڌي ادب تي تمام وڏو اثر وڌو هو. مون کي پنهنجو ئي تجربو آهي، جو آءٌ فڪشن يعني ناول ۽ افساني کي گهڻو پسند ڪندو آهيان. ڪئين ڏهاڪا اڳ سنڌ جي نهايت وڏي نقاد ۽ دانشور رسول بخش پليجي جن مون کي هڪ ويتنامي ناول A narrow strip of land ۽ ڊاڪٽر نجم عباسي کي Red lentren ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهي ڪتاب به پاڻ اسان کي ڏنائين، جيڪي ان وقت چيني انقلاب ۽ ويٽنام ۾ امريڪي ڏاڍاين جو مقابلو ڪندڙن جي باري ۾ هئا ۽ ڏاڍا مقبول هئا. خود مون کي به اهي ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ايندو هو، ليڪن ان وقت مون ان ڪتاب جي بدران دوستووسڪي جو ناول The gambler (جواري) ترجمو ڪرڻ پسند ڪيو ۽ ان کان اڳ البرڪامئو جو ناول The fall (زوال) پيري لوئيءَ جو Aefrodite (سونهن جي ديوي) جميز هلٽن جو ناول Good by to mr. chips (مسٽر چپس کي سلام) ۽ سارتر جو طويل ناوليٽ Intimacy (پيار) ترجمو ڪيا. اهڙيءَ طرح مراد علي مرزا پنهنجي سوچ جي معيار تي لهندڙ ناول ترجمو ڪيا ته ولي رام پنهنجي پسند جا اردو، هندي ۽ انگريزي ڪتاب ترجمو ڪيا. هن دور جي ترجمن ۾ ٽيگور، ڪرشن چندر، قرة العين حيدر، سارتر ۽ ڪامئو جا ڪتاب شامل آهن.
هيءَ هڪ ليکڪ/ترجمه نگار جي خاص خوبي آهي ته هو ڪنهن صنف سان خاص سڃاتو وڃي ۽ زيب سنڌي هڪ مترجم جي حيثيت سان پنهنجي وطن پرستي ۽ رومانوي پسند جو اظهار جيئن ڪتابن جي چونڊ ۾ ڪيو آهي، اها سندس خاص خوبي آهي.

قاضي خادم

https://www.facebook.com/RoshniPublication

Book No . 689
Kitab Jo Nalo : DHARTI MAA’O ( Novel )

by: Chingiz Aitmatov
Sindhi translation by: Zaib Sindhi

Second Edition © Roshni 2015
Pages : 120
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs.130.00

Contact: 022-2780908
http://www.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh.

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد. ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

Comments

Popular posts from this blog

WATAYO FAQEER

KHAT’A AEEN KHAYAL

GORILA JANG